ڳاڙھا دَٻا
”توکي نہ دنيا جي ڳڻتي، نہ آخرت جو فڪر. . . . رڳو اٽي تي چٽي. . .“
بابا مونکي ”اٽي تي چٽي“ تہ اڪثر چوندو آھي. پر اڄ پھريون ڀيرو ”نہ آخرت جو فڪر” چيائين تہ ٿورو ڇرڪي پيس. ان ڪري نہ تہ مون کي آخرت جو فڪر ڪو ايڏو پريشان ڪيو. پر بابا اھو جملو اڳ ڪڏھن نہ استعمال ڪيو ھيو. ھونئن تہ گهڻو وقت اڳ بہ بابا جڏھن ڪا اھڙي ڳالھہ چوندو ھيو تہ ڪاوڙجي گهر ۾ ماني نہ کائيندو ھيس، پر ان ڏينھن بابا خوش ٿيندو ھيو تہ بيڪار ماڻھوءَ ماني جو ويلو ٽاريو. وري ڪوشش ڪندو ھيو تہ ٻئي ويلي اھا پاروٿي ماني مون کي ملي. جڏھن بابا جي اھا ’سازش‘ سمجهي ويو ھيس تہ ڪاوڙ ڪرڻ ڇڏي ڏني ھيم.
پر اڄ بابا آخرت جو طعنو بہ ڏنو تہ نہ رهي سگهيس.
ڇو بابا تبليغ تي وڃو پيا ڇا؟
اڄ آخرت ياد پيو ڪرين؟
”اڙي تنھنجي افعالن کي ڏسي تہ دنيا کان وڃڻ کپي“
چڙي جواب ڏنائين، ڪو جواب ڏيڻ بدران ماني جو آخري گرھہ بہ ’پيٽ ڀيڙو‘ ڪري اٿيس، گهر کان ٻاھر نڪرڻ لڳس تہ بابا رڙ ڪئي،
”اڙي جي شرم ھجئي تہ پنھنجي ھم عمر ڇوڪرن کان سبق پراءِ. . . ٻاھر ڏس تہ ھو ڇا، ڇا پيا ڪن!؟“
بيھي پڇيم ”ڪنھن وري ڇا ڪيو؟“
”ڏسجانءِ تہ قلندر بخش جي پٽ ڇا ڪيو آ؟ جو ھرڪو وتي ان جي تعريف ڪندو“
”بابا. . . جي ھو قلندر بخش جو پٽ آ تہ مان بہ سچل جو پٽ آھيان. . .
ڪڏھن نہ ڪڏھن تہ توھان بہ مون تي فخر ڪندؤ. . . “
بابا کي دلجاءِ ڏيڻ چاھيم.
”پر الائي ڪڏھن. . . “ دروازي کان نڪرندي نڪرندي بابا جو آواز ٻڌم.
آءٌ گهٽيءَ ۾ بيھي ھيڏي ھوڏي ڏسڻ لڳس تہ قلندر بخش جي پٽ مظھر ڪھڙو ڪارنامو انجام ڏنو آھي، مون کي نہ تہ ڪا نئين بلڊنگ ٺھيل نظر آئي، نہ ڪو اھڙو ڪو ٻيو ڪم، جنھن جي ڪري بابا قلندر بخش جي پٽ جي ھروڀرو تعريف پيو ڪري.
”درَ جي اڳيان ڇو بيٺو آھين ڇورا؟“
آواز ٻڌي ڇرڪي ڏٺم تھ، ماسي نصيبان پنھنجي در اڳيان بيٺي مون کي شڪ ڀري نگاھن سان ڏسي رھي ھئي.
غير شادي شدہ ماڻھو، نالي ۾ بدنام، سو جلديءَ ۾ چيم،
”ڪجهہ بہ نہ ماسي“ ايئن چئي اڳتي وڌيس تہ پاڙي جا ٻہ چار ماڻھو ھڪ ھنڌ بيٺل ڏٺم، ويجهو پھتس تہ ھو پاڻ ۾ چئي رھيا ھئا،
”ڀاؤ واھہ جو ڪم ڪيائين“ پئي چيو
”ھائو سائين ان شئي جي ضرورت بہ ھئي، “
”ٽئين چيو ”الله اجر ڏيندس. “
مان بہ ويجهو اچي چڪو ھيس ڏٺم تہ ڀت ۾ ھڪ ڳاڙھي رنگ جو ننڍو دٻو لڳل ھو. جنھن مٿان اڇي رنگ سان لکيل ھو.
”اخبارن رسالن ۾ ڇپيل قرآني آيتن کي بيحرمتي کان بچايو، ھن دٻي ۾ قرآني آيتون وجهو. “
اسان جي پاڙي ۾ پھريون ڀيرو اھي دٻا لڳا ھئا. مون اتي بيٺلن کان پڇيو،
”سائين ھي ڪھڙي تنظيم وارن ھنيا آھن؟“
ھڪڙي ڪراڙي ماڻھوءَ چيو،
”ابا تنظيم وري ڪھڙي، شاباس آھي قلندر بخش واري پٽ مظھر کي. . . “
ٿڌو ساھہ ڀريم، سمجهي ويس تہ صبح سان بابا قلندر بخش جي پٽ جي تعريف ڇو پئي ڪئي. سچ پڇو تہ ان وقت مون کي بابا تي ۽ ھنن ماڻھن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ڀلا ھي ڪو ايڏو وڏو ڪم ھو جو ايتري قدر هُن جي تعريف ڪن پيا.
نظر ڦيرايم تہ گهٽيءَ ۾ پري تائين ٻہ ٽي ٻيا بہ اھڙا دٻا نظر آيا، مون کي حيرت ٿي تہ هر وقت ڪو نہ ڪو ڪتاب ھٿ ۾ کڻي، نظر وارو چشمو لڳل پنھنجي خيالن ۾ گم رھندڙ مظھر کي ھنن ”نيڪي وارا دٻا“ لڳائڻ جو خيال ڪيئن آيو؟
مظھر منھنجي پاڙي جو ھو پر منھنجي ساڻس ڪا خاص دوستي ڪانہ ھئي. ھو سدائين پنھنجي خيالن ۾ گم رھندڙ ۽ تنھائي پسند محسوس ٿيندو ھو. ھڪ دوست تہ ھڪ ڀيري ٻڌايو ھو تہ مظھر عيد تي ڪپڙا وٺن بدران پروين شاڪر جو مجموعو ”خوشبو“ ورتو ھو، ان ڳالھہ تي ڏاڍو کليا ھياسين. وري ڏٺوسين تہ مظھر نمازي بہ ٿيو آھي. ڏاڙھي تہ ڪانہ رکي ھيائين پر نماز تي باقاعدہ ويندي نظر ايندو ھيو.
ھو اسان وانگر ڪرڪيٽ کيڏندي، ھوٽل تي وي سي آر ڏسندي نظر نہ ايندو ھيو پر ڪتاب پڙھندي ڪراڙن ماڻھن سان ۽ ننڍن ٻارڙن سان ڪچھريون ڪندي نظر ايندو ھو.
”کڏ ۾ پوي“
مظھر بابت خيالن کان جان ڇڏائڻ لاءِ چيم ۽ پنھنجي پاڙي مان نڪري آيس. ايئن ڪافي ڏينھن تائين پاڙي ۾ مظھر جي لڳايل ڳاڙھن دٻن جو ڪافي چرچو ٿيندو رھيو.
مان ۽ مون جھڙا ٻيا نوجوان آزار ۾ پئجي ويا ھئاسين، وڏي عمر وارا اٿندي ويھندي اسان کي مظھر جو مثال ڏيڻ لڳا ھئا.
ھڪڙي ڀيري گهٽي ۾ مظھر ملي ويو، آھستي آواز ۾ ”لاحول“ پڙھيم پر ھو شيطان وانگر ڀڳو نہ پر منھنجي سامھون اچي زور سان اسلام عليڪم چيائين. وعليڪم چئي ھٿ ملايم تہ پنھنجو چشمو ٺاھيندي چوڻ لڳو:
”سائين ھڪ عرض ڪرڻو ھيم. . . “
”سائين حڪم ڪريو“ زبردستي چپن تي مرڪ آڻيندي چيم.
”سائين گهٽي ۾ اھڙا ڪجهہ ٻيا بہ دٻا لڳائڻا ھيا. . . اوھان مھرباني ڪري ھڪ دٻي جي ذميواري کڻو. . . “ ھن چيو.
”گهڻا پيسا. . . “ چوڻ چاھيم تہ منھنجي ڳالھہ ڪٽيندي ڪنن تي ھٿ لائيندي چيائين،
”نہ سائين نہ. . . پيسا نہ کپن. . . بس ھڪ دٻو توھان ٺھرائي ڏيو. . . “
مون واعدو ڪيو تہ ھڪ دٻو ضرور ٺھرائي ڏيندس. ھو تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ مھرباني چوندي ھليو ويو.
دل ۾ سوچيم تہ ايڏو سٺو تہ نہ آھيان جو دٻي تي خرچ ڪيان پر ھن جنھن اميد ۾ نماڻي انداز سان چيو، تنھن ڪري دل تي پٿر رکي ھڪ دٻو ٺھرائي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھيم. ڪجهہ ڏينھن وڌيڪ گذريا تہ رستي ۾ ويندي مظھر مون کي دٻو ٺھرائي ڏيڻ وارو واعدو ياد ڏياريو. مون کيس يقين ڏياريو تہ مون کي ياد آھي ۽ آءٌ جلد کيس ھڪ دٻو ٺھرائي ڏيندس. اصل ۾ بابا کي چيو ھيم تہ ڪجهہ ڪتاب وٺڻا آھن پيسا ڏيو، مون سوچيو ھيو تہ اتان ڪجهہ پيسا بچائي مظھر کي ھڪ دٻو ٺھرائي ڏيندس.
ھڪ ڏينھن جيئن دوستن سان گهمڻ ڦرڻ کان پوءِ، گرمي جي ڪري پگهر ۾ ڳڙندو، گهر ۾ داخل ٿيس تہ بابا ڪجهہ پيسا ڏيندي چيو
”مٿي ۾ سور آھي، ميڊيڪل اسٽور تان ڪا ٽيبليٽ وٺي اچ. . . “
اتان موٽيم. گهر کان ٻاھر نڪتس تہ ڪجهہ قدم ھلڻ کانپوءِ جيئن نرڙ تي آيل پگهر کي آڱر سان اگهي زمين تي اڇلايم تہ زمين تي ڪنھن اخبار جو ٽڪرو نظر آيو، سوچيم تہ متان ڪا آيت نہ لکيل ھجي سو جهڪي کنيم تہ واقعي ڪي پاڪ نالا لکيل ھئا. ڪجهہ قدم اڳتي ھلي مظھر جي لڳايل ڳاڙھي دٻي تي نظر پئي. اخبار جو اھو ٽڪرو دٻي ۾ احترام سان رکيم تہ دٻي اندر ڪنھن ڀريل لفافي جي ھجڻ جو احساس ٿيو. غير ارادي طور ان کي کڻي ڪڍيم. اھو خاڪي لفافو ھيو. غير ارادي طور کوليم تہ ھڪ وڏو خط ھو، پڙھڻ لڳم:
”ڊيئر فرحانہ-سلام محبت
حيرت ۽ افسوس آھي جو توکي اڃا منھنجي محبت جو يقين نہ ٿو ٿئي، تنھنجي ڪري تنھنجي پيءُ سان گڏ نماز پڙھڻ شروع ڪيم. تنھنجن ننڍن ڀائرن سان دوستي رکيم. تنھنجي خطن لاءِ سھولت خاطر گهٽيءَ ۾ ڳاڙھا دٻا لڳايم تہ جيئن تون خط آساني سان ان ۾ وجهي سگهين. . . “
خط ڊگهو ھو صرف آخري سٽ پڙھيم تہ لکيل ھو،
’فقط تنھنجو. . . مظھر. . . ‘
**