هُن جو چيل آخري جُملو
هن اڳ بہ . . . . . ڪيئي سال اڳ بہ منهنجي باري ۾ ڪجهہ سوچيو هو.
آءٌ تہ ان ڏينھن کي بہ نہ وساري سگهندس، جڏھن سامھون ميڊيڪل اسٽور واري نويد رڙ ڪئي ھئي.
”سليم. . . تنھنجي لاءِ فون. . . “
مون ھٿ ۾ پڪڙيل گهڙيءَ کان نظرون ھٽائي ھن ڏانھن ڏٺو، مون کي اعتبار ڪونہ پئي آيو، ڇو تہ ھو اڪثر اھي شرارتون ڪندو آھي. جڏھن آءٌ ھن جي دڪان ۾ ويندو آھيان تہ قميص جي ڪالر مان پڪڙي چوندو آھي ”چانھہ پيار. . . “
مجبوراً قميض کي بچائڻ جي اداڪاري ڪندي ھن جي ملازم کي چانھہ جا پيسا ڏيندو آھيان.
”سليم. . . جلدي اچ. . . فون“
ھن ٻيھر رڙ ڪئي، مونکي پڪ ڏيارڻ لاءِ ٻارن وانگر اکين تي ھٿ رکي ڄڻ قسم کنيائين. . .
گهڙي ٺاھڻ ڇڏي، کلندي ھن جي دڪان تي پھتس. . . فون جو رسيور الڳ رکيل ھيو. چانھہ پيارڻ جي چٽيءَ کان بچڻ لاءِ آءٌ ھن کان ٿورو پري ٿي بيٺس. . .
”خدا جو قسم. . . فون ٿي. . . “ ھن آھستي چيو.
مون بي اعتباريءَ سان رسيور کنيو ۽ ”ھيلو“ چيو.
”ھيلو. . . “ ٻئي پاسي کان آيل ڪنھن عورت جو آواز ٻڌي ھڪ لمحي لاءِ وائڙو ٿي پيس. . . سوچيم شايد نويد جي گهر مان نويد لاءِ فون آھي پر مون کي تنگ پيو ڪري.
”ھيلو. . . “ عورت وري چيو ”ڪير. . . !!؟“
”توھان کي ڪير کپي؟“ مون وري پڪ ڪرڻ خاطر پڇيو.
”کپي؟ ڇا مطلب؟“ ھن تيزي سان پڇيو. . .
”کپي. . . مطلب. . . مطلب تہ ڪنھن سان ڳالھائڻو اٿوَ؟“ مان واقعي وائڙو ٿي ويو ھيس. . .
”سليم صاحب سان. . . “
پڪ ٿيم تہ فون مون لاءِ ئي آھي تہ دل ۾ چيم نويد کي ٻڌايان تہ. . . ٻڌ. . . تون رڳو منھنجي عزت نہ ڪندو آھين، باقي پرائي مائي بہ مون کي ”صاحب“ ٿي چئي. . .
”جي سليم پيو عرض ڪيان. . . “ پاڻ کي سنڀالي چيم. ھڪ لمحي لاءِ ھوءَ خاموش رھي.
”ٻڌو آ تہ اڄ ڪلھہ اوھان مون تي ڏاڍي تنقيد پيا ڪيو. . .؟“ ھن جو جملو بي وزن ھيو پر ان جملي مون کي ھڪ لمحي جي ھزارين حصي ۾ ٻڌايو تہ ھوءَ ڪير ٿي سگهي ٿي. پر پڪائي ڪندي پڇيم،
”محترمھ. . . تعارف تہ ڪرايو. “ شايد ھاڻ ھوءَ وائڙي ٿي وئي ھئي. . . گهبراھٽ مان چيائين،
”مان. . . مان ندا پئي ڳالھايان. . . “
”ندا مصطفيٰ؟“ پڪ ڪرڻ لاءِ ورجائيم.
”جي ھا. . . “
”ھاڻ چئو. . . اوھان ڇا پيا چئو؟“ مون پڇيو.
”مون ٻڌو آ تہ اوھان مون تي ڏاڍي تنقيد پيا ڪريو. . . “ ھن جملو دھرايو پر سندس لھجي ۾ پھرين واري ڪاوڙ ڪونہ ھئي.
”آءٌ اوھان تي تنقيد پيو ڪريان؟“ حيرت ظاھر ڪيم.
”ھا“
”قسم سان. . مون ڪنھن کي بہ ايئن ڪونہ چيو آھي تہ اوھان جو نڪ ننڍو آھي. . . يا اوھان جون اکيون خراب آھن. . . “
ھن حيرت مان چيو ”ڇا مطلب؟“
”اوھان تي تہ ايئن ئي تنقيد ٿي سگهي ٿي نہ؟“
ھڪ لمحي لاءِ شايد ھن ڪجهہ سوچيو ھيو، وري ٽھڪ ڏئي چيائين
”منھنجو مطلب اھو نہ آھي تہ اوھان منھنجي ذات تي تنقيد پيا ڪريو. . . مطلب تہ ادبي تنقيد. . . “
”تہ ڇا ادبي تنقيد نہ ڪرڻ کپي؟“ مون پڇيو.
”ڪو سبب تہ ھجي نہ؟“
”اوھان جا ”سڪ جا ڀائر“ اوھان کي تنقيد تہ ٻڌائن ٿا پر ان جا سبب نہ ٻڌائيندا آھن ڇا؟“ منھنجي لھجي ۾ ٿورو طنز ھيو.
”ڇا مطلب؟“ ھن حيرت مان چيو.
”مطلب تہ ھر عورت ليکڪا جا ڪيئي سڪ جا ڀائر پيدا ٿيندا آھن، جيڪي ھن جي در جو طواف ڪندا آھن ۽ پنھنجا ”نمبر“ وڌائڻ لاءِ الاءِ تہ ڇا ڇا چوندا ۽ ڪندا آھن. . . اوھان جي چؤگرد بہ اھڙا ماڻھو آھن. . . “
مون کيس سمجهائڻ چاھيو.
”مطلب تہ ٻيا غلط ۽ اوھان صحيح آھيو؟“
ھن ٽوڪ واري انداز ۾ چيو.
”اوھان جي تحريرن جي تنقيد جي حوالي سان تہ يقينن مان صحيح آھيان. . . “
”پر ڪنھن جي تحرير جو اوھان ايڏو اثر ڇو ٿا وٺو؟“ ھن چڙندي چيو.
”ندا صاحبھ. . . ڪجهہ ڏينھن اڳ شيخ اياز جي قبر تي ويو ھيس، اتي ھوش وڃايل ھڪ نوجوان ڏٺو ھيم. . . خبر پئي تہ شيخ اياز جي وفات تي ھو ذھني طور مفلوج ٿي ويو ھو. . . توھان ٻڌايو تہ اياز جي وفات تي سندس مٽ مائٽ يا اولاد مان ڪو چريو ڇونہ ٿيو؟ ان ڪري تہ ھن نوجوان تي اياز جي تحريرن جو ايڏو اثر ھيو. . . جي لفظن جو ايڏو اثر ٿي سگهي ٿو تہ پوءِ ھر ليکڪ کي لفظن جي تقدس جو خيال رکڻو پوندو. . . “
مان جذباتي ٿي ويو ھيس. ھوءَ ڪافي دير تائين خاموش رھي. ٽيليفون جي رسيور مان صرف ھلڪو شور ٻڌندو رھيس. . .
”بحرحال. . . جي اوھان پاڻ کي صحيح ٿا سمجهو تہ ايئن ئي سھي. . . “
ھن چيو ۽ لائين ڪٽجي وئي. . . مون بہ آھستي رسيور رکي ڇڏيو. ھن جي آخري جملي مان محسوس ڪيو ھيم تہ ھن جي دل مون ڏانھن اڃا صاف نہ ٿي ھئي.
”ڪير ھئي؟“ نويد بي تابي منجهان پڇيو.
”ھڪ ليکڪا ۽ سماجي ورڪر. . . “
”ڇا پئي چئي؟“
”ڇڏ يار بور نہ ڪر. . . “ مون نويد تي ڪوڙي ڪاوڙ ظاھر ڪندي چيو
”ڇوڪري ھئي. . . لکندي بہ آھي، ان حوالي سان ڳالھايائين. . . ٻيو ڪو مطلب نہ وٺ. . . “
”ٻيو مطلب نہ وٺان تہ پوءِ ادب تي ڳالھائڻ لاءِ صرف تون ئي ھڪ تہ سُريلو نہ آھين؟ ھن کي تنھنجي نمبر جي خبر ڪيئن پئي؟
نويد جي آخري جملي تي غور ڪيم تہ مون کان ٽھڪ نڪري ويو.
”تو جھڙي سڪ واري ٻڌايو ھوندس نمبر. . . “
ان ڏينھن آءٌ ندا جي باري ۾ سوچيندو رھيو ھيس تہ ڪيئن ڪجهہ ادبي دوستن ھن کي ڪي ابتيون سبتيون ٻڌايون ھونديون! پاڻ سامھون ڳالھائڻ بجاءِ، ھنن ندا کي وچ ۾ آندو ھيو.
ندا کي ڪن ادبي سماجي پروگرام ۾ مون ڏٺو ضرور ھيو پر ساڻس ڪڏھن بہ ڪا ڳالھہ ٻولھہ ڪانہ ٿي ھئي. پنھنجي طبيعت مطابق مون ان ڳالھہ کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي پر اھو سوچي ڇڏيم تہ ٻيھر ندا جي سڪ جي ڀائرن اڳيان احتياط سان ڳالھائيندس.
ان ڳالھہ کي شايد ٻہ چار ڏينھن گذريا ھوندا، ھڪ ڏينھن دڪان تي ويٺو ڪو ڪم ڪري رھيو ھيس تہ دڪان ۾ ھڪ ڏھہ ٻارنھن سالن جو ڇوڪريو آيو.
”سليم صاحب توھان آھيو؟“ ھن ايندي ئي پڇيو.
منھنجي ”ھا“ ڪرڻ تي ھڪ وڏو خاڪي لفافو ڏيندي چيائين:
”ھي ادي ندا ڏنو. . . “
پاڻ کي مضبوط سمجهڻ باوجود ھڪ لمحي لاءِ اندران ڏڪي ويو ھيس. . . ڳرو لفافو وٺندي چيم، ”ويھو. . . چانھہ پيئو“
مھرباني چئي ھليو ويو.
لفافو ڏسي دل ئي دل ۾ پاڻ کي چيم پٽ سليم. . . مري وئين. . . يا تہ تنقيد ڪرڻ تي گاريون ھوندئي. . . يا جواب ۾ تنھنجي تحريرن جو ستياناس ٿيل ھوندو. . .
ھڪ لمحي لاءِ پڇتاءَ بہ ٿيو تہ ھڪ عورت جي تحريرن تي تنقيد ڇو ڪيم. . .؟ لکيو ھوندائين ”مئا ماريا. . . پنھنجي ماءَ ڀيڻ جي تحريرن تي تنقيد ڇو نٿو ڪرين؟“
پوءِ ياد آيو تہ منھنجي مڀينرون تہ لکنديون ئي ڪونہ آھن تہ تنقيد ڇا ڪيان؟ پنهنجي سوچ تي پاڻ ئي ٽهڪ ڏنم.
لفافو تہ کولڻو ھيو. کوليم اندر ندا جون ٻہ تحريرون ۽ ھڪ ننڍڙو خط لکيل ھيو. خط ۾ لکيو ھيائين.
”سليم صاحب! اوھان جي اھا ڳالھہ شايد صحيح آھي تہ اوھان کان مون تائين ايندي ڳالھيون الاءِ ڇا مان ڇا ٿي وڃن ٿيون، ان ڪري سڌو سنئون اوھان ڏي ٻہ تحريرون موڪليان پئي. . . ھنن مان غلطين جي نشاندهي ڪندا. . . “
خط پڙھي کلي پيس سوچيم ”مائي سڳوري آزمائڻ ٿي چاھي. “ خط، ڪھاڻيون وري لفافي ۾ وجهي رکي ڇڏيم. . . سوچيم جواب ڏيندو مانس تہ ”مائي سڳوري. . . مون کان ”اڳ شايد علطي ٿي ھئي ھاڻ توبھہ ڪيم تنقيد کان. . . مون کي معاف ڪر. . . “
ندا جو فون نمبر سندس ڪنھن بہ سڪ واري ڀاءَ کان حاصل ڪري سگهان پيو پر مون کي پڪ ھئي تہ ھوءَ پاڻ رابطو ڪندي. ان ڪري پاڻ کي پرسڪون رکي پنھنجو ڪم ڪندو رھيس.
ٻئي ڏينھن ڪم پئي ڪيم تہ سامھون ميڊيڪل اسٽور تان نويد رڙ ڪئي، ”سليم. . . فون. . . “
ان جي چھري جي تاثرات مان سمجهي ويو ھيس تہ واقعي فون آھي، ڪير؟ ”يقينن ندا ھوندي“ پنھنجو پاڻ سوال جواب سوچيندي اچي رسيور کنيم.
”ھيلو. . . “
”سليم صاحب“ يقينن ندا ھئي.
”جي. . . “
”ندا پئي ڳالھايان. . . منھنجون تحريرون مليون اٿوَ؟“
”مليون تہ آھن پر پڙھيون ڪونہ آھن. . . “ مون چيو.
”ڇو؟“ ھن جي لھجي ۾ حيرت ھئي. شايد ھن سوچيو ھيو تہ مان ٻيا ڪم ڇڏي پھريون ان جون تحريرون پڙھندس.
”محترمھ. . . شايد اوھان مون کي آزمائڻ ٿيون چاھيو. . . ۽ آءٌ ڪنھن آزمائش جي ذريعي پاڻ کي معتبر ثابت ڪرڻ نٿو چاھيان. . . “
منھنجو لھجو شايد تيز ٿي ويو ھو، ھوءَ ڪجهہ دير خاموش رھي، ”پر يقين ڪيو مون آزمائش لاءِ تحريرون ڪونہ موڪليون آھن“
ھن آھستي چيو.
سوچ ۾ پئجي ويس. . .
”ڪنھن وڏي ليکڪ. . . “ چوڻ لڳم تہ منھنجي ڳالھہ ڪٽيندي چيائين: ”وڏن ليکڪن وٽ اسان لاءِ ٽائيم ناھي. . . “
”مھرباني. . . “ وري منھنجي ڳالھہ ڪٽيندي چيائين.
”ٺيڪ آھي. . . سڀاڻي توھان کي تحريرن بابت ٻڌائيندس. . . “
”توھان پاڻ ٻڌائيندؤ. . .؟“
”ھا“ بي خيالي ۾ چئي ويٺس.
”منھنجي نمبر جي خبر اٿوَ. . .؟“ حيرت مان پڇيائين.
ھڪ لمحي لاءِ ڇرڪجي ويس.
کلي چيم ”توھان جي ڪنھن بہ سڪ جي ڀاءَ کان پڇي وٺندس. . .“
”منھنجي ڀائرن سان ساڙ ٿا ڪيو؟“ پڇيائين.
”توھان جي ڀائرن کان نھ، سڪ جي ڀائرن کان خوف ٿيندو اٿم. . . “ کلندي پنھنجو نمبر ٻڌائي فون بند ڪيائين.
ان رات مون ٻئي تحريرون پڙھيون ۽ جتي ضرورت سمجهيم اصلاح ڪري ڇڏيم. ٻہ ڏينھن بعد ساڳيو ڇوڪريو آيو ۽ تحريرون واپس کڻي ويو.
ايئن ڪافي ڏينھن بعد ڇوڪري ھٿان ھڪ تحرير وري موڪليائين، اصلاح ڪري ڇوڪري کي ڏنم تہ شام جو پاڻ فون ڪري مھرباني چيائين.
پر ان کان بعد ھن ڪا تحرير نہ موڪلي ھئي نہ ڪو رابطو ڪيائين. . . پڪ ٿيڻ لڳي تہ ھن صرف آزمائڻ پئي چاھيو.
ھوءَ ڪافي حد تائين مون کان وسري وئي ھئي جو ھڪ ڏينھن ھڪ سماجي تنظيم طرفان پروگرام جو دعوت نامو مليو. ندا ان تنطيم لاءِ ڪم ڪندي ھئي ۽ دعوت نامي تي ندا جا ھٿ اکر ھيا. پروگرام عورتن جي مسئلن جي حوالي سان ھو. سوچيم تہ عورتن جي پروگرام ۾ ڇا وڃي ڪندس، ”نہ ويندم“ فيصلو ڪيم.
پر وري ندا جو خيال آيو تہ ھن دعوت نامو موڪليو آھي تہ ھن کان معذرت ڪجي. رات جو ھڪ دوست جي پي سي او تان فون ڪيم. فون ڪنھن ڇوڪريءَ کنئي، پنھنجو نالو ٻڌايم تہ کلندي چيائين، ”ادا سليم. . . ادي ندا سان ڳالھائيندؤ نہ؟“
ھوءَ شايد سندس ننڍي ڀيڻ ھئي ڇو تہ ھن جو لھجو ۽ آواز ندا سان ملندڙ ھيو. مون کيس چيڙائڻ لاءِ چيو
”نہ ندا سان نہ پر توھان سان ڳالھائڻو ھيم. . . “
”سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. . . “ کلندي چيائين ”مونکي تہ محسوس ٿيندو آھي تہ ٽيليفون ايجاد ندا لاءِ ٿي آھي. . . “
مان سمجهي ويس تہ ندا جا سڪ جا ڀائر گهڻو فون تي ڳالھائيندا ھوندا.
کلندي چيم ”توھان جا سڪ جا ڀائر نہ آھن ڇا؟“
ھوءَ کلي پئي ھئي ايتري ۾ شايد ھن کان ندا رسيور کسيو ھيو.
”جي ڪير؟“ ندا پڇيو.
”سليم. . . “
”توھان؟“ ھن کي شايد حيرت ٿي ھئي، ”ڪٿان پيا ڳالھايو؟“
”دل جلي ھائوس مان. . . “
”ڇا مطلب؟“ حيرت مان پڇيائين.
”مطلب تہ پي سي او مان“
”ھو دل جلي ھائوس ڪيئن ٿيو؟“
”ندا توھان کي شايد خبر نہ ھوندي تہ پي سي او مان توھان جي سڪ وارن ڀائرن جھڙا الاءِ تہ ڪيترا دل جليا ڳالھائيندا آھن. ان ڪري آءٌ ھن کي پي سي او نہ پر دل جلي ھائوس چوندو آھيان. . . “
مون وضاحت ڪئي.
کلندي چيائين ”ڪيئن ياد ڪيو اٿو؟“
”توھان جي پروگرام ۾ نہ اچڻ لاءِ اڳواٽ معذرت ڪرڻ پيو چاھيان.“
”ڇو نہ ٿا اچو؟“
”عورتن جي حوالي سان ۽ عورتن لاءِ آھي. . . آءٌ ڪنفيوز رھندس. . . “ سچ ٻڌايومانس.
”ڪجهہ مرد بہ ھوندا“ کلندي چيائين ”توھان کي ضرور اچڻو پوندو. “ آءٌ انڪار ڪندو رھيس پر ھن آخر اقرار ڪرايو.
”ٺيڪ آھي. . . ايندس“
آءٌ پروگرام ۾ ويو ھيس. . . پروگرام جي آخر ۾ ھوءَ ۽ ھن کان ٻہ ٽي سال ننڍي ڀيڻ مليون. بيٺي بيٺي ڪجهہ دير ادب تي بحث ڪيائين. ھن بابت عام ڇوڪريءَ وارو منھنجو تصور نہ رھيو ھيو پر ھوءَ مون کي ڪافي سنجيدہ محسوس ٿي ھئي. ان کان بعد ھوءَ اڪثر پنھنجون لکڻيون موڪليندي رھي ۽ فون تي انھن بابت بحث ڪندي رھي پر ان کان بعد مون ڪڏھن بہ ھن کي فون نہ ڪئي. ھوءَ بہ سمجهي وئي ھئي تہ آءٌ سندس سڪ جي ڀائرن کان ڪجهہ مختلف طبيعت جو آھيان.
ھڪ ڀيري ھڪ ڪھاڻي موڪليائين، جنھن جي مرڪزي ڪردار جون ٻہ شاديون ٿيل ھونديون آھن، فون تي ڳالھائيندي ان ڪردار بابت ڳالھايائين تہ کلي چيم.
”ندا گذريل ڏھن سالن کان ھڪ زال ۽ ٽن ٻارن جو تجربو اٿم، ٻن شادين بابت ڇا ٻڌايان؟“
”اوھان جي شادي ٿيل آھي؟“ ڏاڍي حيرت مان پڇيائين.
”ھا. . . ھڪ شادي تہ ٿيل آ. . . ٻي بہ جلدي ڪندس. . . “ کلي چيو ھيم.
جڏھن ھن ڪافي دير تائين ڪجهہ بہ نہ ڳالھايو تہ مون کي الائي ڇو خوف وڪوڙي ويو، ڪٿي ھن مون بابت ڪجهہ سوچيو تہ نہ ھيو؟
سموري سگهہ گڏ ڪري کلندي چيم.
”ندا. . . ڪٿي رواجي ڇوڪرين وانگر ڪجهہ سوچيو تہ نہ ھيئي؟؟“ محسوس ڪيم تہ ڇرڪي پر ڏاڍي اعتماد سان چيائين،
”مسٽر. . . ڪٿي توھان بہ رواجي مردن وانگر تہ نہ پيا سوچيو. . . سڪ جي ڀائرن وانگر. . . “
اسان ٻنھي ٽھڪ ڏنو ھيو.
”حيرت ان ڪري ٿئي ھئي تہ اوھان ايڏي عمر جا نہ پيا لڳو. “
ھن وضاحت ڪئي.
”تڏھن تہ بي شادي بہ ڪرڻ پيو چاھيان. . . “
”واقعي. . . ٻي شادي ڪندؤ؟“ ھن کي ڄڻ اعتبار نہ پئي آيو.
”ھا، پر ڪنھن ليڊي ڊاڪٽر سان يا سروس واري عورت سان. “
کلندي چيو ھيم.
”سروس واري سان ڇو؟“
”ھن مھانگائيءَ جي دؤر ۾ ڏکي سکيءَ ۾ جيئن ڪم اچي. “
”ڪنھن ليڊي ڊاڪٽر يا سروس واري جي مت مئل ھوندي جو اديب سان شادي ڪندي. “ کلندي چيائين.
”مطلب تہ ليکڪن سان شادي ھوش واري عورت تہ نہ ڪندي؟“
”بلڪل. . . “ جلدي ۾ چيائين.
”پوءِ بہ خير آ. . . منھنجي شادي تہ وري بہ ٿيل آھي. . . اھو مشورو باقي غير شادي شده ليکڪ ۽ ”ليکڪائن“ کي ڏجو. “
مون لفظ ”ليکڪائن“ تي زور ڏئي چيو تہ ھوءَ کلي پئي ۽ چيائين ”ڏاڍا. . . اُھي آھيو. . . “
”ھو، ڇا؟“ پڇيم.
ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ کلندي رھي، آخر چائين:
”چڱو آءٌ اوھان جي ٻي شادي لاءِ دعا ڪنديس. . . “
”دعا ڪجانءِ پر. . . ليڊي ڊاڪٽر يا سروس واريءَ لاءِ. “
مون کيس ياد ڏياريو، ھن کلندي رسيور رکيو.
ان کان پوءِ ھن ڳالھين ڳالھين ۾ ڪافي ڀيرا منھنجي گهر واريءَ بابت پڇيو، ٻارن بابت پڇيو، ھڪ ڀيري پڇيائين:
”ڀلا توھان جي گهر واري شڪل ۾ ڪيئن آھي؟“
”گهٽ ۾ گهٽ ڏائڻ نہ آھي. “
”پوءِ ڀلا ٻي شادي ڇو ٿا ڪرڻ چاھيو؟“
”ٻي شاديءَ جو تعلق منھنجي گهر واريءَ جي خوبصورت ھجڻ يا نہ ھجڻ سان ناھي. . . ٻئي شادي صرف ليڊي ڊاڪٽر يا سروس واريءَ سان. . . نہ تہ ٻئي شادي نہ ڪندُس. “ آءٌ ڄڻ پنهنجي مذاق تي بيٺو رهيس.
ھن ڳالھہ ٽارڻ خاطر ٻيون ڳالھيون شروع ڪيون.
وقت گذرندو رھيو، مون محسوس ڪيو تہ ندا لکڻ کان وڌيڪ سماجي ڪمن ڏي ڌيان ڏئي رھي آھي. ھڪ پروگرام ۾ ملياسين، تہ مون کيس چيو، ”ندا. . . تو لکڻ ڇو ڇڏيو؟“
”بس. . . وقت ٿورو پيو ملي. . . “ اڳ ھو مون سان گهڻو وقت بيھي ڳالھائيندي ھئي پر ان ڏينھن ھوءَ جلد اتان ھلي وئي. . . صرف ھڪ لمحي لاءِ ڏک ٿيم. پر وري رواجي مرد واري طبيعت جو پنھنجو پاڻ کي طعنو ڏئي ڏک کي اڏاري ڇڏيم.
گهڻي وقت بعد ھن جي ڪنھن سڪ جي ڀاءَ کان خبر پئي تہ ھوءَ ڪنھن ڳالھہ کان پريشان آھي ۽ ڪنھن جو فون بہ اٽينڊ نٿي ڪري.
گهڻي ڪوشش باوجود رھي نہ سگهيس. ھن کي فون ڪيم. فون ندا جي ننڍي ڀيڻ کنئي. ڳالھايم تہ سڃاتائين. ندا جو پڇيم تہ ھڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي چيائين:
”ادي تہ. . . ڪجهہ مصروف آھي. . . “
”نہ آھي“ نہ چئي سگهي ھئي.
”فضيلھ. . . مون ٻڌو آھي تہ ھوءَ پريشان آھي. . . ڇو؟“
ڪجهہ گهڙيون خاموش رھي، ڄڻ فيصلو ڪيائين،
”ادا سچي ٻڌايانوَ؟“
”ھا“ ڌڙڪندڙ دل سان پڇيم.
”ندا جي مڱڻي ڪرڻ جون ڪوششون ٿين پيون“ ھن ٻڌايو.
الاءِ ڇو ڪجهہ گهڙيون ڳالھائي نہ سگهيو ھيس.
”چري اھا تہ خوشيءَ جھڙي ڳالھہ آھي. “ محسوس ڪيم کيس دلاسو ڏئي رھيو ھيس.
”ھا پر ادي انڪار پئي ڪري. “
”ڇو؟“ حيرت مان پڇيم.
”خبر نہ آھي تہ ڇو؟ . . . بس چوي پئي تہ في الحال شادي نہ ڪنديئس. . . “
”ڪٿي. . ٻئي ھنڌ. . .؟“ سوال اڌورو ڇڏيم سمجهي وئي.
”ڪا خاص ڳالھہ زبان سان چوي بہ نہ پئي. . . “ ھن ٻڌايو، مان خاموش ٿي ويس. . . سمجهہ ۾ نہ پئي ايو تہ ڇا چوان.
””ادا، ھڪڙي ڳالھہ چوان. . .؟؟“ فضيلھ جي آواز تي ڇرڪيو ھيم.
”ھا. . . “
”توھان. . . ندا سان شادي ڇو نٿا ڪريو؟“ ھن اٽڪي اٽڪي چيو. ايئن لڳو ڄن ڪو جبل منھنجي مٿان ڪري پيو ھجي.
ان سوال تي، ان خيال کي ڪيئي ڀيرا رواجي مرد وارو خيال چئي پاڻ تي ڏاڍو کليو ھيس. . . خبر نہ ھئي تہ ھڪ ڏينھن اھو رواجي سوال ايئن سامھون ايندو.
”ھيلو. . .؟“ فضيلھ جي آواز تي خيالن مان نڪري آيس.
”پر فضيلھ. . . آءٌ شادي شده آھيان؟“
”منھنجي خيال ۾. . . ندا کي اعتراض نہ ھوندو. “ فضيلھ لفظ خيال استعمال ڪيو پر مان سمجهي ويس تہ ھن کي پڪ ھئي.
”پر فضيلھ مون کي مناسب نہ پيو. . . “ منھنجو جملو اڌ ۾ رھجي ويو، ڇو تہ محسوس ڪيم تہ فضيلھ ڪنھن کي ڪجهہ چوڻ واري ھئي تہ ھن کان رسيور کسي ڪنھن رکي ڇڏيو.
مون کي پڪ ٿي تہ ندا ھن جي ڀرسان اچي وئي ھئي ۽ ان ئي رسيور وٺي رکي ڇڏيو.
مون بہ وڏو ساھہ کڻندي رسيور رکيو تہ پي سي او جي مالڪ ٽھڪ ڏئي چيو، ”آخر ٿئين تون بہ ”دل جليو“ ٻين تي ٽوڪون ڪندو ھئين. . . “
صرف بي وسيءَ واري مرڪ سان کيس ڏٺم.
ان رات ندا بابت ڏاڍو سوچيم. ڪيڏو ناز ھيو، مون کي پاڻ تي تہ آءٌ رواجي مرد نہ آھيان. پر يقين ٿيم تہ انسان جبل جيڏو مضبوط پاڻ کي سمجهي پر خواھشون ڪو خواب کاٽ ھڻي ضرور اينديون آھن.
ان رات فيصلو ڪيم تہ ندا سان ڪنھن بہ قسم جو رابطو نہ رکندس. ڪجهہ ھوءَ بہ پري ٿيندي پئي وڃي. ڪجهہ مون بہ ساڻس ڪو رابطو نہ رکڻ چاھيو. ايئن سالن تائين آءٌ ھن کان لاتعلق ۽ بي خبر رھيس. ڪجهہ ڄاڻي واڻي ڪجهہ حالتن بہ مون کي ٻيو ڪجهہ سوچڻ جو موقعو نہ ڏنو. ڪاروبار گهٽ ھجڻ سان گڏوگڏ منھنجي ننڍڙي ڪڪي بيمار ٿي تہ ڄڻ پريشانين ۾ اچي ويس. پنھنجي وس کان ڳالھہ چڙھي ھلي تہ ڏاڍو دوستن کان اوڌر، امداد وغيره بہ ورتم. پر ڊاڪٽر جو چوڻ ھو تہ گهڻا پيسا ھٿ ڪيان تہ جيئن ڪورس دوائن ۾ ھلائي ننڍڙي جو مڪمل علاج ڪجي.
پنھنجي ڪنھن ڪھاڻيءَ جي ڪردار جيان پاڻ کي ڦاٿل محسوس ڪيم. ھڪ ڏينھن ڊاڪٽر جي پرائيويٽ ڪلينڪ جي ورتل روم ۾ ننڍڙيءَ جي ڀرسان ويٺو ھيس. امان ڀر واري روم ۾ ڪنھن بيمار مائي سان ڳالھائي رھي ھئي.
مان ننڍڙيءَ جو معصوم چھريو تڪي ڪجهہ سوچي رھيو ھيس تہ روم جو در کڙڪيو، ”اچو“ چئي منھن ڦيرائي ڏٺم تہ حيرت مان اٿي بيٺس.
”ندا. . . تون؟“
توھان اڄ ڪلھہ ڪم تي نہ ٿا وڃو ڇا؟“ ڄڻ ھن کي منھنجي اتي ھجڻ جي اميد نہ ھئي.
”توسان ملاقات جو ٿيڻي ھئي. . . “ ڪيئي سالن بعد پنھنجي لھجي ۾ شوخي محسوس ڪيم.
ھوءَ ٿورو مرڪي پئي، پر محسوس ڪيم تہ سندس سڄو وجود مرڪ سميت ٿڪيل آھي.
”ندا ھتي ڪيئن آئي آھين؟“
”توھان جي ڌيءُ کي ڏسڻ آيس“ ھن چيو
آءٌ حيران ٿيس، مطلب تہ ھوءَ مون بابت خبر رکي ٿي.
ھوءَ اڳتي وڌي ۽ ننڍڙيءَ جي پيشاني چميائين.
”ندا چانھہ. . . “
”نہ جلدي اٿم. . . “ چئي ھن پرس مان ڪيئي وڏا نوٽ ڪڍي اکيون بند ڪيل ننڍڙيءَ جي ھٿ تي رکيا.
”ندا. . . “ مون کيس پيسا ڏيڻ کان روڪڻ چاھيو.
”توھان لاءِ نہ. . . پر ھن جي خرچي آھي. “
مون ڏٺو جيتري رقم کي ھوءَ ”خرچي“ چئي رھي ھئي، ايتري ڪو مونکي اوڌر بہ نہ ڏئي ھا.
ھوءَ وڌيڪ ڪجهہ چوڻ بنا وڃڻ لڳي. مان بہ ڪمري کان ٻاھر نڪري آيس.
”ندا. . . تو شادي ڇونہ ڪئي؟“ مان رھي نہ سگهيس.
ھن صرف مرڪي مون ڏانھن ڏٺو ۽ وڃڻ لڳي.
مون کيس وري سڏ ڪيو، ھوءَ بيھي رھي.
”ندا. . . “ ڄڻ ھڪ لمحي ۾ فيصلو ڪيم،
”مان توسان شادي ڪرڻ چاھيان. . . . “
”پر مان ليڊي ڊاڪٽر نہ آھيان، نہ ئي ڪا پَڪي سروس اٿم. . . “
ھن جي لھجي ۾ ٽوڪ ھئي يا ڏک، نہ سمجهي سگهيس.
”تون جيئن آھين. . . “ چوڻ چاھيم.
”پر مان تنهنجا خواب ٽوڙڻ نٿي چاهيان. . . تون اڃا جوان آهين زندگي ۾ اڳتي هلي ڪا سروس واري، ڪا ليڊي ڊاڪٽر توکي ملي سگهي ٿي. “
منهنجي مذاق کي هن ڪيڏي نہ سنجيدگيءَ سان ورتو.
مون کي ايئن لڳو ڄڻ سڄي دنيا آڏو ننگو ٿيو ھجان.
**