سڀ ڪجهه ساڳيو
”بابا جو برش ان جي زندگي وانگر ڄڻ بي رنگ ۽ پراڻو آھي. وڏي ڀاءَ جو برش ان جي مزاج مطابق ئي تيز رنگ جو ۽ ننڍڙي ڪڪي جو برش ٻن يا ٽن رنگن ۾ آھي. ڀر ۾ ٽي ڪجهہ پراڻا ٽوٿ برش ايئن بيڪار پيا ھئا ڄڻ زندگي جي ڪمن ڪارن کان رٽائرڊ ڪجهہ ماڻھو ”اولڊ ھائوس“ م پيا ھجن. “
ھو سوچيندو بہ رھيو ۽ وھنجندو بہ رھيو. جڏھن ٻاھر نڪري آيو تہ ڪمري ۾ رکيل ٽيبل تي جنھن جون ٽي ڄنگهون ٺيڪ ھيون ۽ چوٿين ڀڳل ھئي، جنھن کي ھن سروٽن جي ٽيڪ سان بيھاريو ھيو. ان مٿان سندس ڀاڄائي ماني رکي چڪي ھئي، ڀر ۾ اسٽول رکي ويھي ماني کائڻ لڳي ٿو. ماڻي کائڻ کانپوءِ آئيني آڏو بيھي ڦڻي ڏيڻ کان پوءِ ماءَ کان موڪلائي ٿو.
”ڪراڙي آءٌ ھلان پيو. “ ھو ماءَ کي ڄاڻي واڻي ڪراڙي چوندو ھيو.
”ھا ابا الله واھر. “ ماءَ کيس مرڪي دعا ڏني. گهر کان نڪري وڏي روڊ تي آيو.
ڪافي دڪان کلي چڪا ھئا، درزي، حجم، ڏھي، کير وارو، مانڊ ٻيا کوڙ دڪان، دڪانن کان ساڳيو شور ٻڌندو ھلندو رھيو.
”تنھنجي ياد جي. . . . “ ڪٿي سرمد سنڌيءَ جو گيت ھلي پيو.
”گهونگهٽ ڪي آڙ سي. . . “
”ڳاڙھو وڳو ڳاڙھو وڳو. . . “
”تجهي ديکھا تو . . . “
روز ھلندڙ ساڳيا گانا، دڪان تي ڪم ڪندڙ ڇوڪرا صفائي ڪندي بار بار، روڊ تي ويندڙ اسڪولي ڇوڪرين کي بہ ڏسن ٿا.
ھو ٿورو مرڪي ٿو.
اڳتي وڌندي ھن سوچيو،
”ھن ساڳئي رستي تي اکيون بند ڪري بہ ھلان تہ شايد بنا ڪنھن تڪليف جي پنھنجي منزل تي پھچي وڃان. . . شايد بار بار اچڻ وڃڻ جي ڪري رستا بہ دوست ٿي پوندا آھن ۽ اسان جي قدمن کي ڏاند وانگر ھلائيندا رھندا آھن. جڏھن ماڻھو رستي کان توجهہ ھٽائن ٿا تہ رستو بہ ڪنھن دوست جيان توجهہ ھٽائي ٿو ۽ نتيجي طور ماڻھوءَ کي ٺوڪر لڳندي آھي. . . “
چپن تي ھلڪي مرڪ تري اچيس ٿي. چند لمحن ۾ ئي ھڪ ڏھھ، ٻارنھن سالن جي ڇوڪري ھن جي ڀرسان گذرندي، معمول موجب ھن ڏانھن ھڪ نظر نھاي ٿي. ھن ڇوڪريءَ جي چھري تي ڪي بہ تاثر محسوس نہ ٿيندا آھن. پر ھو پاڻ مرادو ٿورو مرڪي ٿو ۽ روز جيان سوچي ٿو:
”ڇوڪريءَ ۾ وڏي ڪشش آھي. “
وري ڄڻ پاڻ ئي پاڻ کي ٽوڪي ٿو،
”ھوءَ ننڍي آھي. . . مون کي ھن جي باري ۾ ايئن نھ، سوچڻ کپي. “
پر پوءِ بہ الائي ڇو آءٌ روز ھن کي ڏسي ايئن سوچيندو آھيان. . . شايد مرد جي فطرت ئي اھڙي آھي. “
”ڇا وڏي عمر جون عورتون بہ ننڍن ڇوڪرن بابت ايئن سوچينديون آھن؟“
ھو سوچي ٿو ۽ پاڻ مرادو کلي ٿو، سندس نطرون اڃا بہ پري ويندڙ ان ڇوڪريءَ ۾ کُتل آھن.
”ڪجهہ بہ ھجي. . . پر ھوءَ ننڍي آھي. . . ننڍي ڀيڻ جيتري. “
”نہ . . . محبوبہ جي ننڍپڻ جيتري. “
”نہ. . . ڀيڻ جيتري. . . “
ھن جي ذھن ۾ جملن جي جنگ لڳي ٿي. ايستائين جو اھا ڇوڪري ٻئي رستي کان مڙي نظرن کان غائب ٿي وڃي ٿي.
ھو بہ روز جيان ٿڌو ساھہ کڻي سوچي ٿو:
”شايد سڀاڻي بہ مونکي اھي ئي خيال اچن ۽ جيڪڏھن معمول ايئن ئي رھيا تہ اھا ڇوڪري ھڪ ڏينھن وڏي ٿي ويندي ۽ ڪاليج ۾ داخلا وٺي ٻئي رستي سان اچڻ وڃڻ شروع ڪندي. “
”سائين اسلام عليڪم“ ريڙھي تي بيھہ کپائڻ وارو روز جيان کيس سلام ٿو ڪري. جواب ڏئي ھو ڪجهہ قدم اڳتي وڌي ٿو. روز جيان نوجوان ڊاڪٽر ھن جي سامھون اچي ٿو وڃي ۽ گهري دوستي يا پراڻي واقفيت نہ ھجڻ باوجود ڄڻ ھو ھڪ ٻئي سان وڏي خلوص سان سلام دعا ڪن ٿا. ھو سوچي ٿو.
”انسانن وچ ۾ ڪھڙا ڪھڙا نہ رشتا آھن. . . رت جا رشتا. . . دوستي جا رشتا ۽ ايئن روز رستي تي ايندي ويندي سلام دعا جا رشتا. . . “
ايئن ھو ھڪ پرائيويٽ اسڪول جي ڀرسان گذري ٿو. ان اسڪول ۽ بين اسڪولن جا ٻار پنھنجي پنھنجي اسڪول طرفان مقرر ڪيل رنگ برنگي ڪپڙا يونيفارم پاتل اچي وڃي رھيا ھئا.
ھو سوچي ٿو ”شايد پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکڻ جي خواھش انسان جي فطرت ۾ شامل آھي نہ تہ ھڪ ئي شھر جا ٻار. . . پنھنجي پنھنجي والدين کي ھڪ جيترا ئي پيارا. . . ھڪجھڙو ئي مقصد کڻي گهران نڪرندڙ ٻار. . . پر انهن جا يونيفارم جدا جدا. . . “ ھو وڌيڪ سوچڻ ڇڏي سامھون ايندڙ ٽانگي کي چتائ يڏسي ٿو، جنھن جي اڳين سيٽن تي ٻہ ٽي ٻار ۽ پوئين حصي ۾ ڪاري برقعي ۾ ٻہ عورتون، جن بابت ھن کي پڪ آھي تہ ڀر واري پرائيويٽ اسڪول جون ٽيچر آھن.
اھو ٽانگو بہ تقريباً روز ھن جي ڀر مان گذري ٿو پر نہ تہ منھن پوئتي ورائي انھن عورتن کي ڏسي ٿو ۽ نہ ئي ڪنھن بھاني بيھي ٿو. ھو تہ روز فقط انھن ٽيچرس مان کٻي ھٿ ڏانھن ويٺل ڇوڪريءَ جي صرف خوبصورت آڱرين کي ئي ڏسندو آھي، جيڪي ٽانگي جي لوھي پٽي مٿان رکيل ھونديون آھن.
ڪيترو نہ عجيب اتفاق آھي جو اھا ڇوڪري ھر روز ان ئي پاسي تي ويھندي آھي. ڪافي ڏور تائين اھي آڱريون ھن جي نظر اڳيان ڄڻ ڄمي بيھنديون آھن.
ڪجهہ اڳتي ھلي، ھو ھوريان ھوريان ھلڻ لڳي ٿو. ڇو تہ اھو ٽائيم ھوندو آھي، سامھون ھڪ ڪنڊ ۾ ڪراچي کان ايندڙ گاڏي جي بيھڻ جو. ھو سامھون ڏسندو آھي، گاڏيءَ مان لھندڙ ماڻھن کي.
اڪثر ھن جون نظرون مايوس نہ موٽنديون آھن. گاڏيءَ مان لھندڙ ڪنھن خوبصورت چھري تي نظر پوندي ڄڻ ھو مقصد حاصل ٿو ڪري وٺي. جسم ۾ ھڪ نئين توانائي محسوس ڪندي ھن جا پير وري تڪڙو ھلڻ لڳندا آھن.
جلدي ھو ھڪ ھوٽل م داخل ٿو ٿئي. معمول موجب ھو ٽي وي جي ڀر واري ڪرسين مان ھڪ تي ويھي ٿو. ھن کان اڳ ۾ ڪجهہ ماڻھو ويٺا ھوندا آھن. تمام ٿورا اڻ واقف، باقي گهڻا ھن وانگر روز ايندڙ ويندڙ. . .
ھو جڏھن ويھندو آھي، ان وقت اڪثر ٽي وي تي پراڻا گانا ھلندا ھوندا آھن ۽ ھڪ ڪراڙو وڏي دلچسپيءَ سان اھي گانا ڏسندو آھي.
ھوٽل جو بيرو ان وقت صرف ان جي چوڻ تي ئي پراڻن گانن وارو چينل ھلائيندو آھي.
”واھہ سائين واھھ. . . “ ڪراڙو پروگرام ختم ٿيڻ تي چوندو آھي. ”ڪيڏا نہ خوبصورت گانا آھن. . . پراڻا. . . ٻڌڻ سان روح خوش ٿو ٿئي. “
ھو بہ سندس دل رکڻ خاطر ”ھا، ھا“ چئي ٿو. چانھہ آڻي رکي بيرو ٽي وي جو چينل مٽائي ٿو. خبرون ھلڻ لڳنديوون آھن.
صبح شام، حڪومت ڪنھن جي بہ ھجي پر ساڳيو ئي مزدوري ڪرڻ وارو ھوٽل جوبيرو خبرن تي تبصرا شروع ٿو ڪري. ان وچ ۾ ھو ڪائونٽر کان کڻي آيل اخبار جو اندريون صفحو کولي ٿو. ھو ايئن ڪندو آھي. . . ھر روز. . . اخبارن ۾ خبرون پڙھڻ کان اڳ اندريون صفحو کوليندو آھي. جتي اڪثر ڪري ”قسم نامو“ جي عنوان سان گهران نڪري عدالت ۾ شادي ڪندڙ ڇوڪرين جي حوالي سان اشتھار ھوندا آھن.
ھاڻي ھو اتي ڇپيل ڇوڪرين جون تصويرون ڏسندو آھي. هر روز صرف تصويرون تبديل هونديون آهن، باقي مواد ڄڻ ھن کي نماز جي ضروري آيتن جيان ياد ھوندا آھن.
غير مسلم ڇوڪري اڪثر ڪري ڪنھن پير، مرشد جي ھٿان اسلام ۾ داخل ٿيندي آھي. سڀني جو نالو فاطمھ رکيو ويندو آھي ۽ مسلم ڇوڪري ھوندي آھي تہ ڄاڻائيندي آھي آءٌ ماءَ پيءُ جي گهران فقط ٽن ڪپڙن ۾ نڪتي آھيان. جنھن تي ھو اڪثر سوچيندو آھي تہ سردي جي موسم ۾ نڪرندڙ ڇوڪرين کي تہ سوئٽر بہ پاتل ھوندو، ھو چار ڪپڙا ڇونہ لکرائينديون آھن.؟
اوچتو پيرن جي ڀرسان کوڙ سارن ڪاغذ جي ٽڪرن تي نطر پويس ٿي.
اندازو ٿئيس ٿو تہ ڪنھن خط ڦاڙيو آھي. ڀر واري ڪرسي تي ويٺل نوجوان تي نظر ٿو وجهي، ھو نوجوان سگريٽ پيئندي ڪجهہ سوچي رھيو ھو. ھو کلي دل ۾ سوچي ٿو.
”شايد. . . ھن نوجوان. . . سڄي رات سوچيندي، محبوبہ کي خط لکيو ھوندو. . . پر صبح جو ڏيڻ جي ھمٿ نہ ساري، ھت ھوٽل ۾ ويھي، چانھہ ۽ سگريٽ پيئندي خط ڦاڙي ڇڏيو ھوندائين. . . “
چانھہ جو ڪوپ خالي ڪري، ھو اٿي ٿو ۽ پيسا ڏئي ٿو، اڳتي وڌي گهٽي مان ٿيندي پرائيويٽ اسڪول ۾ اچي ٿو. جتي ھو پڙھائيندو آھي. ساڳين استادن سان ھيلو ھاءِ ڪري ھو پنھنجي ڪلاس ۾ اچي ٿو.
جڏھن حاضري وٺڻ کانپوءِ ھو پڙھائڻ لڳي ٿو تہ باقي سڀ ڳالھيون وسارڻ جي ڪوشش ڪندي معمول موجب ساڳيا سوال، ساڳيا جواب، ساڳيا ئي ڪجهہ ذھين ٻار، ساڳيا ئي ڪجهہ جڏا ٻار. ھن کي ٿوري دير لاءِ ايئن ٿو لڳي، ڄڻ ھن کي ڪنھن ڪلاس روم ۾ پڙھائيندي صديون گذري ويون آھن. ان احساس کي رسيس لاءِ وڄندڙ گهنڊ جو آواز ٽوڙي ٿو. ڄڻ ھو ڪنھن خواب مان جاڳي ٿو. پر مختصر وقت کان پوءِ وري ساڳيو ڪلاس. . .
۽ نيٺ موڪل. . .
اسڪول کان واپسي ۾ رستا ساڳيا پر ڪيفيت ڪجهہ مختلف.
ٿورو بک جو احساس، رستن تي مختلف اسڪولن جا ٻار، مختلف رنگن جي يونيفارم ۾، ڪجهہ وڻندڙ منظر، ڪجهہ گوڙ جي ڪري بوريت اھا پڪ ھوندي بہ تہ اھي ليڊي ٽيچرس ھن مھل نظر نہ اينديون پوءِ بہ اتان گذرندي انھن جون يادگيريون.
گهر پھچندي ساڳئ يڀڳل ٽيبل تي ڀاڄائي ماني رکيس ٿي.
ماني کائڻ کانپوءِ ننڊ جي خواھش ۽ سمھي ٿو پوي. شام جو تيار ٿي دوستن سان گڏ نڪري ٿو پوي. دوست بہ ساڳيا.
گهمڻ ۽ پوءِ ٿڪجي ھوٽل تي ويھڻ ۽ ساڳيا ئي ڀوڳ چرچا، رات جو دير سان سڀني کان آخر ۾ گهر ۾ داخل ٿئي ٿو. سڀ گهر ڀاتي ننڊ پيا ھوندا آھن. ماني کائي. کٽ تي سڌو سمھي آسمان ڏانھن ڏسڻ لڳي ٿو، تارن کي ڏسندي وري ذھن تي صبح کان وٺي گذريل وقت ڪنھن فلم جيان ذھن جي پردي تي ھلي ٿي. سوچي ٿو.
”سڀاڻي بہ صبح جو اٿندس تہ باٿ روم ۾ ساڳيا برش پيل ھوندا، رستي تي ويندي دڪان کان ساڳيا گانا ٻڌڻ ۾ ايندا. اڳتي وڌندس، اھا ئي ننڍي ڇوڪري نظر ايندي. . . وري اڳتي ٽانگي تي اھي ماسترياڻيون. . . انھن مان ھن جون خوبصورت آڱريون. . . وري ھوٽل تي ماضيءَ کي ياد ڪندي ڪراڙو. . . وري اسڪول. . . واپسي. . . رات دير تائين گهمڻ ۽ وري اچي کٽ تي سمھي تارن کي تڪڻ.
”تارا“ ھو آسمان کي وري غور سان تڪي ٿو. کيس تارا بہ واقف لڳا.
”ھو ستارو. . . وڌيڪ روشن. . . ھو ستارو. . . جاويد جي گهر واري سائيڊ وارو ڪجهہ گهٽ روشن. . . ستارا. . . “
ھو ٿڌو ساھہ کڻي اندر ڪمري ڏانھن اچي ٿو.
اوچتو سامھون لڳل آئيني ۾ نطر پيس. ھن ڏٺو تہ آئيني ۾ ھن بدران ڪو ’روبوٽ‘ بيٺو ھيو! جنهن ۾ صبح کان رات تائين جا سمورا ڪم، سمورا پروگرام آٽو تي رکيل هيا.
**