ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

ڀڃ ڊاھہ

احسان آڪاش جي نثري ٽُڪرن ۾،  زندگيءَ جي ڪِٿي نہ ڪِٿي ڪا عرق ـ سازي آھي، ڀاڳ اَڀاڳ جي وَرق ـ گراني آھي، دَورَ جي ڪُک مان سڀاڳ ڳولڻ جو سعيو آھي. مُقدرَ جي جهيڻي روشنيءَ جي شڪايت آھي. نفرتن خلاف احتجاج آھي. مُحبّتن جي ميراث آھي. ڪنزيومر سوسائٽيءَ جي بي ـ حِسيءَ جو ڏُکُ آھي. احسان آڪاش جي نثري ٽڪرن مان، زندگيءَ جي تلخيءَ جي باوجود، زندگيءَ سان سِڪَ، مُحبّت پيار، نرملتا ۽ نفيس ـپَڻي جا خوبصورت عڪسَ پَسي سگهجن ٿا.

Title Cover of book ڀڃ ڊاھہ

ارپنا

هي اسان جون اکيون نہ بلڪہ ٻين جون اکيون آهن، جيڪو اسان کي برباد ڪنديون آهن، جيڪڏهن سواءِ منھنجي دنيا جا تمام ماڻھو انڌا هجن ها تہ مان ڪڏهن بہ عمدي لباس ۽ خوش نما سامان جي پرواھہ نہ ڪريان ها !

(بينجمن فرينڪلن)