ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

ڀڃ ڊاھہ

احسان آڪاش جي نثري ٽُڪرن ۾،  زندگيءَ جي ڪِٿي نہ ڪِٿي ڪا عرق ـ سازي آھي، ڀاڳ اَڀاڳ جي وَرق ـ گراني آھي، دَورَ جي ڪُک مان سڀاڳ ڳولڻ جو سعيو آھي. مُقدرَ جي جهيڻي روشنيءَ جي شڪايت آھي. نفرتن خلاف احتجاج آھي. مُحبّتن جي ميراث آھي. ڪنزيومر سوسائٽيءَ جي بي ـ حِسيءَ جو ڏُکُ آھي. احسان آڪاش جي نثري ٽڪرن مان، زندگيءَ جي تلخيءَ جي باوجود، زندگيءَ سان سِڪَ، مُحبّت پيار، نرملتا ۽ نفيس ـپَڻي جا خوبصورت عڪسَ پَسي سگهجن ٿا.

Title Cover of book ڀڃ ڊاھہ

هي ڀڃ ڊاھہ معنى ۽ مقصد ڳولھي ٿي ڏي: زاهدہ تاج ابڙو

انسان زندگي ڪيئن گذاري؟ جيئن هو پاڻ چاهي يا وري ان طرح سان گذاري جيئن هي سماج چاهي، جيئن هي ماڻھو چاهن! نيٺ ڇا ڪرڻ گهرجي، دل جي مڃجي يا دنيا وارن جي. اها سوچ منھنجي ڪيترين مقصدن کي وچ تي آڻي بيھاري ڇڏيندي آهي پر مان سمجهان ٿي اها سوچن جي ويڙھہ صرف منھنجي من ۾ نہ هوندي آهي پر ٻيا بہ اهڙا ڪيترا انسان آهن جيڪي مون جيان ان فڪري عنصر مان گذرن ٿا ۽ پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا. جڏهن بہ منھنجي اڳيان ڪو مسئلو آيو آهي تہ مان چٽو حتمي حل نہ ڳولھي سگهندي آهيان تہ مان ان معاملي کي فل اسٽاپ ڏئي هڪ هنڌ بيھاري ڇڏيندي آهيان. مون کي ان تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ وقت گهربو آهي ۽ پوءِ مان ڪيترن ڏاهن اهلِ علم اڪابرن جا قول پڙهڻ شروع ڪندي آهيان جيڪي منھنجي ذهن کي Energy ڏئي، Boost ڪندا آهن ۽ مون کي همٿائي Upward ڪندا آهن.
اڄ جڏهن ادا احسان آڪاش جو هي ننڍڙو ڪتاب ”ڀڃ ڊاھہ“ ڏٺم تہ هُن اندر جي ڀڃ ڊاھہ کي ڪھڙي نہ ڀانت ڀانت جي مفھومن سان ڪيئن نہ جوڙي راس ڪيو آهي. ڀڃ ڊاھہ جا هي نثري احساس سمجهہ جي نوعيت سان فلسفي جي مڪمل سگهہ سان ڪيترن ئي ذهني بنيادن کي لوڏي رهيا آهن. هي احساس تہ من جي جوڙجڪ ڪن ٿا. مان سو سيڪڙو يقين سان اهو چئي سگهان ٿي تہ جڏهن بہ ڪنھن جي اندر ۾ ڪا ڀڃ ڊاھہ ٿئي، ان فرد کي احسان آڪاش جو هي ڪتاب هٿ ۾ کڻي شعور جي تسلسل واري نڪتي نظر سان هنن نثراڻن احساسن جو اونھو اڀياس ڪري اندر جي ڀڃ ڊاھہ، اڪيلائي، مانڌاڻ ۽ تڙپ جو باقاعدہ معنى فھم مقصد ڳولھي لھندو.
ادا حسان آڪاش جو هي ڪتاب عقل، شعور ۽ مفھوم تي ٻڌل نثري ڪتاب ڪو عام رواجي هرگز ناهي هيMotivational Thoughts آهن. جيڪي وري وري پڙهيا ويندا. هي ڪتاب هڪ ڀيرو پڙهي ڪٻٽ ۾ رکڻ جھڙو نہ ٿيندو بلڪہ بار بار پڙهيو ويندو. هي ڪتاب دل، دماغ ۽ سوچن جي سرگرمين ۾ گهمندو رهندو. جيڪڏهن اسان منزل جو ڪو مول حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا جي عظيم ماڻھن جا اقوال پڙهون ٿا، پوءِ اهي فلاسافر هجن يا عالم، بزرگ هجن. سڀني جو مقصد زندگي جو مقصد ۽ منزلون آسان ڪرڻ جا اپاءُ ڏيڻ هيو.
ادا حسان آڪاش جو هي ڪتاب بہ انتھائي دلچسپ آهي ۽ مون کي لڳي ٿو تہ هن ڪتاب ۾ لکيل ڪيترائي ئي احساس سندن شخصيت جو حصو رهيا هوندا. ڪي سندن مشاهدا هوندا تہ ڪي وري تجربا هوندا. پنھنجا تجربا ۽ مشاهدا ڪيترا ڀيرا ٻين لاءِ ڪاميابي جي حاصلات جو سبب ٺھي پوندا آهن. ڪو بہ انسان تيسيتائين ڪامياب ڪين ٿي سگهندو آهي جيسين کيس پنھنجي منزل جي خبر نہ هجي ۽ هر منزل جي رستي ۾ ڪنڊا ۽ روڙا تہ ملندا ئي آهن پر شاباس هجي ادا احسان کي جنھن ڪيترن ئي راتين ۾ ويهي پنا لکي، ڪيترن کي منزل جي اونداهين رستن تي ڏيئا ٻاري ڏنا آهن. سندن لکيل هي نثراڻا احساس اونداهين سوچن ۾ روشني ڏيندا.
ادا احسان جو هي انمول تحفو سنڌي ادب ۾ بھترين واڌارو آهي. اللھ پاڪ کين وڏي حياتي ڏي. سدائين سُکيا هجن. آمين.