ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

ڀڃ ڊاھہ

احسان آڪاش جي نثري ٽُڪرن ۾،  زندگيءَ جي ڪِٿي نہ ڪِٿي ڪا عرق ـ سازي آھي، ڀاڳ اَڀاڳ جي وَرق ـ گراني آھي، دَورَ جي ڪُک مان سڀاڳ ڳولڻ جو سعيو آھي. مُقدرَ جي جهيڻي روشنيءَ جي شڪايت آھي. نفرتن خلاف احتجاج آھي. مُحبّتن جي ميراث آھي. ڪنزيومر سوسائٽيءَ جي بي ـ حِسيءَ جو ڏُکُ آھي. احسان آڪاش جي نثري ٽڪرن مان، زندگيءَ جي تلخيءَ جي باوجود، زندگيءَ سان سِڪَ، مُحبّت پيار، نرملتا ۽ نفيس ـپَڻي جا خوبصورت عڪسَ پَسي سگهجن ٿا.

Title Cover of book ڀڃ ڊاھہ

نثراڻا احساس (ڀڃ ڊاھہ)

- تصويرِ زندگي !
زندگي قدرت طرفان هڪ انمول تحفو آهي. هي جيون انتھائي خوبصورت جيون آهي، کوڙ ساريون رنگينيون هن جيون سان جُڙيل هونديون آهن. پر بدقسمتيءَ سان هڪ تلخ حقيقت اهيا بہ آهي تہ اسان توهان کي هتي هميشہ ناهي رهڻو، سڀ ڪجهہ ڇڏي وڃڻو آهي. هڪ ڏينھن اسان توهان کي مرڻو آهي جڏهن هڪ ڏينھن مري وڃڻو آهي تہ پوءِ اسان توهان ۾ هي اجائي هوڏ، وڏائي، تڪبر، تعصب، حسد، بغض، ساڙ، ڪدورت، ڪينو، لالچ، لوڀ ڇو ۽ ڇا لاءِ آهي!؟
ان باري ۾ ڪير ڇو نہ ٿو ڌيان ڌري؟ ڪير ڇو نہ ٿو سوچي تہ اسان وٽ وڏائي جي لاءِ ڪجهہ ناهي رهڻو؟ چاهي امير هجي يا فقير، هر ڪنھن کي صرف 6 فوٽن جي ڌرتي نصيب ٿيڻي آهي، ڪٿي ڪٿي تہ زندگي جي تصوير پنھنجي رُخ بدلائيندي آهي تہ پوءِ موت بہ اسان کي آسان طريقي سان نصيب ناهي ٿي سگهندو، ڪٿي ٻُڏندا آهيون، ڪٿي سڙي ڀسم ٿي ويندا آهيون، ڪٿي حادثن جي منھن ۾ پوندا آهيون، ڪٿي گولين جو کاڄ ٿي ويندا آهيون، ڪٿي ڪيئن تہ ڪٿي ڪيئن، پر پوءِ بہ مري ضرور ويندا آهيون، ڌرتي جو نصيب ٿيڻ بہ غنيمت آهي. مرڻ کانپوءِ اوهان جا پونئر اوهان جي قبر تي ڪيترا ڏينھن لڙي ايندا؟ ڪير بہ نہ ٿو ڄاڻي؟ ڇو تہ هن دنيا کي مري ويلن جي نہ بلڪہ زنده زندگين جي ضرورت آهي.
ڪنھن کي بہ هتي ناهي رهڻو، آدم واري دور کان جيڪي مري ويا اهي بہ اڃان سُتا پيا آهن، اڃان بہ ان کان وڌ عرصو اسان توهان کي سمھڻو آهي، هڪ ابدي ننڊ اسان جي حصي ۾ بہ اچڻي آهي.


- لڳاءُ

هر انسان وٽ پنھنجو پنھنجو لڳاءُ هوندو آهي. لڳاءُ مطلب ڪشش، چھٽاءُ، وابستگي، شوق، نسبت، انسيت، واسطو وغيره. ڪنھن کي شراب سان تہ ڪنھن کي شباب سان لڳاءُ، ڪنھن کي سُٺن ڪپڙن سان تہ ڪنھن کي شاپنگ سان لڳاءُ، ڪنھن کي تصويرون ڪڍڻ ۾ تہ ڪنھن کي سير و سفر سان لڳاءُ، ڪنھن کي جانور پالڻ سان لڳاءُ، ڪنھن کي جوا سان تہ ڪنھن کي جھان سان لڳاءُ، ڪنھن کي شين سان لڳاءُ، ڪنھن کي عورت سان تہ ڪنھن کي مرد سان لڳاءُ، ڪنھن کي فطرت سان لڳاءُ، ڪنھن کي پڙهڻ سان لڳاءُ، ڪنھن کي لکڻ سان لڳاءُ، ڪنھن کي راندين سان تہ ڪنھن فلمن سان لڳاءُ، ڪنھن کي تعليم سان تہ ڪنھن کي پنھنجي نوڪري سان لڳاءُ، ڪنھن کي ٻين جي خدمت ڪرڻ سان لڳاءُ. . . . . !!!
علي بابا کي دريا سان بي حد لڳاءُ هيو. حسن درس کي وري سمنڊ سان لڳاءُ هيو، شيخ اياز بادل، مينھن سان لڳاءُ رکندڙ هيو. سعادت حسن منٽو کي شراب سان لڳاءُ هيو. منٽو چوي ٿو تہ “جڏهن ڏينھن مان شراب نہ پيئندو آهيان تہ مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ اڄ مان ڪپڙا نہ پاتا آهن”. سقراط کي سھڻن ڇوڪرن سان لڳاءُ هيو. هو پنھنجي اردگرد سھڻا ڇوڪرا رکندو هيو.
مطلب تہ هر ٻئي ماڻھو کي ڪو نہ ڪو لڳاءُ زندگي ۾ ضرور آهي. ڪنھن کي وري پيسي گڏ ڪرڻ جو لڳاءُ هوندو آهي. اڄ جي هن دور ۾ اهڙو(پيسن جو ميڙڻ) لڳاءُ هر ٻئي ماڻھو وٽ تمام گهڻو پلجي رهيو آهي.
سو اهڙي ريت مون کي بہ لڳاءُ آهي ۽ اهو لڳاءُ صرف ادب سان آهي، پنھنجي ٻولي سان آهي. ڇو تہ سنڌي ٻولي جي خدمت عين عبادتن مان هڪ عبادت پڻ آهي. مان پنھنجي ادبي خدمتن کي عين عبادت سمجهان ٿو، پوءِ انھي خدمتن ۾ منھنجي ٻچن جي روزي پڻ سلھاڙيل آهي. مان سمجهان ٿو تہ ادب ئي اهو آئينو آهي جنھن سان اوهان سماج جا مڪروح چھرا ڏسي سگهو ٿا. اهو لڳاءُ منھنجي خاندان کي ڇا ڏيندو يا نہ ڏيندو؟ ان سوچ کي رد ڪندي مان صرف اهيو ٿو چوان تہ مون لاءِ ادب آڪسيجن مثل آهي. هر ماڻھو کي پنھنجي منشا مطابق جيئڻ جو حق حاصل آهي سو منھنجي جيئڻ جي منشا پڻ ادب ۾ مبھم آهي.


- ذهني غربت:
ٻهراڙين ۾، ننڍن وڏن شھرن ۾ عموماً اسان سٺيون شيون مسئلاً (سُٺا ٿانوَ، گلاس، ڪوپ، هنڌ، بسترا، ويھاڻا وغيره) پنھنجي پنھنجي الماڙين ۾، صندوقن ۾، پيتين ۾ لڪائي رکندا آهيون. جڏهن ڪو مهمان وغيره ايندو آهي تہ پوءِ اسين اهي شيون ڪڍندا آهيون، پر پنھنجي ٻارن کي يا پاڻ کي انھن کان هميشہ محروم رکندا آهيون. جڏهن تہ هر سال نيون شيون مارڪيٽ ۾ اچن ٿيون ۽ انھن پراڻين شين جو مُلھہ روز بہ روز ڪرندو پڻ وڃي ٿو. جڏهن وري اچانڪ ڪنھن شادي هال جي دعوت تي يا سٺي ريسٽورنٽ ۾ فيملي سان وڃڻ ٿيندو آهي تہ اُتي پيش ٿيل جديد طرز جي نَون ٿانوَن کي Judge بہ نہ ڪري سگهندا آهيون تہ انھن ٿانون مان ڪھڙي ٿانوَ ۾ ڪھڙيون شيون کڻي سگهجن ٿيون؟ سچ تہ ان وقت صحيح معنى ۾ انھن ٿانون ۾ اسان کي ۽ ٻارن کي کائڻ بہ نہ ايندو آهي ڇو تہ اسان اهڙيون شيون پاڻ کان هميشہ پري جو رکيون آهن. شيون پراڻيون ڪري استعمال ۾ نہ آڻڻ آسودگي نہ بلڪہ هڪ ذهني غربت جي نشاني آهي.



- ماڻھن جو هڪڙو قسم هي بہ آهي:
دنيا تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪندي، اڳتي وکون وڌائيندي پئي وڃي، پر اسان جي ماڻھن جي سُئي صرف (ٻئي کي برداشت نہ ڪرڻ) تي اٽڪي پئي هوندي آهي. برداشت بہ ڇو ڪيان؟ مون کان ڇا ۾ ڀلو آهي؟ فلان شخص کي تہ اچي ئي ڪجهہ ڪو نہ ٿو؟ اسان ڏاڏي آدم جي دور کان سکيل آهيون هي ويچارو فلان ابن فلان تہ اڃان سيکڙاٽ آهي، ڄاڻو ئي نہ آهي. . . . . ياد رهي جائز ڪم ڪرڻ دوران اوهان کي ناجائز طريقي سان پريشان پڻ ڪندا، اوهان جي ڪم ۾ رُخنو وجهندا، اوهان کي ڪم عقل پاڻ کي اڪابر سمجهندا، اوهان تي ٺٺوليون ڪندا، اوهان جي ڪم مان ڪيڙا ڪڍندا وغيره وغيره. . . . ان قسم جا سوال، تاثر، منفي سلوڪ ۽ ڳالھيون اوهان کي تڏهن ٻڌڻ ۾ اينديون آهن جڏهن اوهان انھن جي وچ ۾ پنھنجي قد سان اوچا بيٺا هوندا آهيو. ڇو تہ سائين جي ايم سيد چوي ٿو تہ: “هر ماڻھو تي پنھنجي پنھنجي نالي جو اثر بہ ٿيندو آهي. جڏهن اوهان ۾ ٻين جي نسبت ۾ ڪا خاص خاصيت ۽ خوبي نمايان ٿيڻ لڳندي آهي ته، پوءِ انھيءَ صفت کان ڊڄي ڪري وڏا وڏا نالا بہ اوهان جي مخالفت تي لھي ايندا آهن. “



- ادب:
اهو ادب ئي آهي جيڪو انسان کي انسان بڻائي ٿو. ادب ئي آهي جيڪو هڪ سڃاڻ رُخ مھيا ڪري ٿو تہ اوهان پنھنجي زندگي ڪھڙي رُخ ۾ گذاريو؟ ادب ئي آهي جيڪو اوهان جي اوگڻن کي ختم ڪري اوهان جي اندر ۾ ڪيئي نوان گُڻ پيدا ڪري ٿو. ادب ئي آهي جنھن تحت اسان هڪٻئي سان بنا ڪنھن ڄاڻ سڄاڻ جي هڪ رابطي ۾ آهيون. اهو ادب ئي آهي جنھن سان هر عام و خاص ماڻھو تائين ڌرتي جي دانھن، درد، هڳاءُ پھچي ٿو. ادب ئي آهي جيڪو اوهان کي ٻين هزارن جي موجودگي ۾ هڪ الڳ مقام ۽ معيار مھيا ڪري ٿو. ادب ئي آهي جيڪو اوهان ۾ ڪجهہ ڪرڻ جي سگهہ پيدا ڪري ٿو. ادب ئي آهي جيڪو اوهان ۾ نواڻ ۽ جدت پيدا ڪري ٿو.



- ڀڃ ڊاھہ
دل تي هڪ بوجهہ آهي، هڪ وزن آهي جيڪو لاهي بہ نہ ٿو سگهان، هڪ اڻڄاڻ درد حاوي آهي دل تي، جنھن مان آجو بہ نہ ٿو، ٿي سگهان- ڪجهہ آهي جيڪو بيقرار ڪري رهيو آهي. ڪجهہ آهي جيڪو سڀ ڪجهہ ڀڃي رهيو آهي، ڊاهي رهيو آهي. اُڻ تُڻ متل آهي. زندگي ۾ ساھہ ئي نہ رهيو آهي. جيون بي ساهو ٿي پيو آهي. منھنجي وقت جا پير انتھائي زخمي آهن، جنھن جو مرهم هن بي ساهي جيون ۾ ڪڏهن بہ ملي نہ سگهندو. خوشين جي جهرمر جهرمر لاٽ جو تعلق مونسان ڪڏهن ڪين رهيو آهي. شعور، خودداري ۽ خوامخواه جي انا جي پنڌ تي هلندي منھنجا پير پٿون آهن.
درد جي ڇاتي هميشہ مون لاءِ آتي رهي ٿي.
آفريڪا جي ان نپل ٻار وانگي جيڪو بُک جي شدت ۾
پنھنجي مئل ماءُ جي ٺوٺ ڇاتي سان چُھٽجي ويندو آهي.
مان بہ درد جي ڇاتيءَ سان ائين چُھٽجي ويو آهيان.
مان محسوس ڪيان ٿو تہ مان ڀُري رهيو آهيان،
ٽُٽي رهيو آهيان،
ڀڃي رهيو آهيان.
منھنجي وجود جا سوين ٽڪرا ٿي پيا هجن، جن کي ميڙڻ کان هر ساھہ رکندڙ وجود قاصر آهي.
مون روڊ، رستن، خالي گهرن، ديوارن ۽ زمينن سان پيار آهي. پر اهي سڀ شيون هاڻي مون ڊيڄاري رهيون آهن،
مون کي ڀؤ ٿو ٿئي انھن سڀني شين کان،
مان چاهيان ٿو تہ مان هڪ وڏي ڊڪ ڊُڪان-
ايترو ڊُڪان جو ٿڪجي بي ساهو ٿي روڊ تي ڊهي پوان ۽ روڊ پنھنجون ٻانھون کولي مون کي پنھنجي آغوش ۾ ڀري وٺي-
مون کي صرف فطرت گهرجي،
ڌرتي گهرجي
مينھوڳي کانپوءِ مٽيءَ جو هڳاءُ گهرجي. . . !
مون کي پيسا ناهن ڪمائڻا، منھنجو وجود ان لاءِ آهي ئي نه-
مون کي ان جهنجهٽ مان ٻاهر ڪڍي ڇو نہ ٿا ڇڏيو؟
مان هڪ الڳ وجود رکندڙ آهيان،
مون کي ڇڏيو تہ مان پاڻ سان مِلان - مون کي هن زهريلي سماج مان ٻاهر ڪڍو جتي منھنجو دم ٿو گهُٽجي- ساه ٿو نڪري-
پر هي سماج ڇتو ڪتو آهي جنھن مون کي ڏاڙهي وڌو آهي ۽ مان مسلسل زيرِ علاج آهيان. . . !!!


- محبت:
محبت ئي انسان جو حقيقي معيار ۽ معمار آهي. محبت درس ڏيئي ٿي زندگي جو، ۽ زندگي گذارڻ جو. محبت انسان کي نمايان بڻائي ٿي ۽ محبت انسانيت جي مفھوم کان چڱي ريت واقف ڪري ٿي. بقول خليل جبران جي تہ: ” بھشت ثوابن جي دنيا نہ پر محبت سان ٽمٽار دل جو ٻيو نالو آهي، ۽ دوزخ عذابن جو گهر نہ بلڪہ محبت کان خالي دل جو ٻيو نالو آهي“ انسانيت جنمي ئي محبت مان ٿي. ماءُ جي قدمن هيٺيان جنت ان لاءِ آهي تہ هُن پنھنجي من ۾ رڳو محبتون پاليون آهن. ماءُ محبت جو سرچشمو ۽ شاهڪار نمونو آهي. اچو تہ پنھنجي دل مان نفرتن کي تڙي ڪڍون هڪ دل کان ٻئي دل تائين رڳو محبتون پکيڙيون، محبتون ورهايون. . . . . پنھنجا من محبت جي آب سان ڌوئي اڇا اُجرا ڪيون معاشري ۾ محبت جون بھارون آڻيون پنھنجي دل ۾ محبتن جا چراغ روشن ڪيون . . . . . ڇو تہ ٻئي جي چپن تان درد جون دانھون وٺي محبت جي مرڪ ڏيڻ ئي دراصل هڪ انسانيت آهي. . . . !!!!!


- حرامي:
جڏهن هي سماج اوهان جي هر اُٿڻي ويھڻي کي صرف پيسي، دولت، وڏي رُتبي سان ماپڻ ۽ تورڻ لڳي تہ پوءِ پڪ ڄاڻي وٺو تہ اوهان جا جائز، ڪومل، نرمل، ڪونپل، نفيس، اڇا اُجرا، چاهتن ڀريا احساس اهڙن حرامين لاءِ وات جو زهر آهن.


- ٿورائتو:
مون هميشہ انھن ماڻھن مان پرايو آهي جيڪي مون سان، منھنجي ڪم سان، منھنجي شخصيت سان، منھنجي وجود سان، منھنجي قابليت سان، منھنجي هر ڳالھہ سان عداوت، ڪروڌ، ساڙ، بغض، حسد، نفرت، ناپسنديدگي ۽ ٻيا اهڙا ئي خراب جذبا پنھنجي دل ۾ رکندا آهن. ڇو تہ اهڙن ماڻھن مون کي هميشہ اڃان وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. وڌيڪ بُردبار ڪيو آهي، وڌيڪ محنت لاءِ اُتساهيو آهي. وڌيڪ همت ۽ جرئت پيدا ڪيو آهي. سو پنھنجي حلقهءِ احباب ۾ اهڙن ماڻھن جو ٿورائتو آهيان.



زندگي ! هڪ رولو ڪُتو . . .
زندگي ڄڻ رولو ڪُتي جيان
هيڏانھن کان هوڏانھن ڀٽڪندي ٿي وتي،
روڊن تي هر طرف هڏا پکڙيل آهن
۽ ڪُتن جي هڪ مخصوص
لوڌ انھن تي جامد آهي،
ڪُتو وفادار جانور آهي
پر هي ڪُتا وفا جي دار کان
گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهن،
هنن ۾ هاڻي نہ دار آهي ۽ نہ وفا
صرف لوسائپ آهي،
هي سماج جا لوسي ڪتا آهن،
جيڪي صرف اُڇلايل هڏن تي
پنھنجو پُڇ لوڏيندا آهن.
۽ هي صرف ڪُتا ئي آهن
۽ ڪُتن جي وچ ۾ گذاريندي
زندگي ڄڻ رولو ڪُتي جيان بڻجي پئي آهي. . . !!!