ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

ڀڃ ڊاھہ

احسان آڪاش جي نثري ٽُڪرن ۾،  زندگيءَ جي ڪِٿي نہ ڪِٿي ڪا عرق ـ سازي آھي، ڀاڳ اَڀاڳ جي وَرق ـ گراني آھي، دَورَ جي ڪُک مان سڀاڳ ڳولڻ جو سعيو آھي. مُقدرَ جي جهيڻي روشنيءَ جي شڪايت آھي. نفرتن خلاف احتجاج آھي. مُحبّتن جي ميراث آھي. ڪنزيومر سوسائٽيءَ جي بي ـ حِسيءَ جو ڏُکُ آھي. احسان آڪاش جي نثري ٽڪرن مان، زندگيءَ جي تلخيءَ جي باوجود، زندگيءَ سان سِڪَ، مُحبّت پيار، نرملتا ۽ نفيس ـپَڻي جا خوبصورت عڪسَ پَسي سگهجن ٿا.

Title Cover of book ڀڃ ڊاھہ

اَمھاڳ: احساسن جي تشريح

ڪٿان کان شروع ڪريان ۽ ڪٿي ختم ڪريان؟ ڪا سُوجهہ ٻُوجهہ ناهي. . . . قدرت طرفان عطا ڪيل زندگي جتي هڪ خوبصورت تحفو آهي تہ اُتي ڌرتي جي وشال سيني تي پيرين اگهاڙا، ننگا ٻار ۽ انھن ٻارن جي بُک جي شدت کان دانھن جو نالو بہ زندگي آهي، جيڪا شايد لفظ بدصورتي جي خانا بہ پوري نہ ٿي ڪري. . . . !!! هِن زندگي ۽ هُن زندگي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.
منھنجو هي ڪتاب لکڻ جو مقصد ڇا هيو؟ مون کي ڪا ڄاڻ ناهي پر ها ايترو ضرور چوندم تہ جيڪر مان هي ڪتاب نہ لکان ها تہ شايد منھنجي اندر ۾ گهڻو ڪجهہ ڀڃي ڀورا ڀورا ٿي وڃي ها، ۽ انھن ذرن کي سميٽڻ مون جھڙي هڪ اڻ گهڙيل ماڻھو لاءِ انتھائي ڏکيو ٿي پوي ها. مان پنھنجي اندرجو بوجهہ ڪنھن حد تائين هي ڪتاب شايع ڪري لاهي ڇڏيو آهي. پر تنھن هوندي بہ ڪا چڻنگ اڃان بہ ڄڻ دُکي رهي آهي. اڃان بہ اندر ۾ گهڻو ڪجهہ آهي جيڪو لکڻو آهي. زندگي جو ساٿ رهيو تہ ضرور اهي احساس بہ ڪنھن ڪتاب جي صورت ۾ آڻي وٺبا. في الحال پنھنجي طرفان ادب ۾ هي مختصر حصو ڳنڍڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي آهي.
احساس هر انسان وٽ پلجندا رهبا آهن، هر ساھہ کڻندڙ وجود احساس رکي ٿو. اندر جي ڪيفيتن جو نالو احساس آهي . ڪي انھي معاملي ۾ ڪافي حد تائين حساس هوندا آهن تہ ڪي وري انتھائي سخت هوندا آهن. مان انھي معاملي ۾ شايد حساسيت واري درجي ۾ پاڻ کي وڌيڪ ڀانيان ٿو ڇو تہ مون وٽ احساسن جي هڪ الڳ تشريح آهي، سو اهڙي ريت مون وٽ گذريل ڪافي ڏينھن کان، ڪافي سالن کان ڪجهہ احساس پلجي رهيا هئا، سوچيم تہ انھن احساسن کي ائين ڇڏي ڏيندس تہ ٿي سگهي منھنجو ڪيل ڪم، پورهيو، احساس سواءِ ڊسٽ بن جي مقدر جي ٻيو ڪجهہ حاصل نہ ڪري سگهن. سو انھي سوچ کي پاڻي ڏيندي ڪيئي سالن کان ٽڙيل پکڙيل احساس گڏ ڪرڻ ۾ جُنبي ويس. . . . ۽ ائين ڪجهہ ڏينھن جي محنت پڄاڻان ڪتابي شڪل ۾ منھنجا هي احساس محفوظ ٿي ويا.
هن ڪتاب ۾ مون زندگي جا اهي رنگ چِٽيا آهن جيڪي مون محسوس ڪيا آهن، مشاهدي هيٺ آندا آهن، مطالعي هيٺ ڪجهہ احساس رهيا آهن، پيڙائون، ڀوڳنائون، خواب، احساسِ محرومي، سماجي اڻ برابري، اوڻايون، مطلب تہ ڪجهہ وڻندڙ ۽ ڪجهہ اڻوڻندڙ احساس پڻ لکيا آهن. هي ڪتاب منھنجي اندر جو ڪمزور ۽ مختصر آواز ئي سھي پر گهڻي هُل ۾ مان بہ رڙ ڪرڻ جي هڪ ننڍي ڪوشش ڪئي آهي. شايع ٿيڻ تہ منھنجي شاعري جو ڪتاب گهرجي ها پر مان هي نثراڻن احساسن تي مشتمل ڪتاب اتفافي طور آندو آهي.
مان پنھنجي ادبي شروعات سن 2002ع کان پڻ نثر کان ڪئي هئي سو انھي روايت کي پڻ برقرار رکندي مان هي پنھنجو پھريون ڪتاب بہ نثر ۾ آندو آهي.
جيون سوين رُخ بدلائيندو آهي. سو منھنجي جيون بہ کوڙ ساريون شڪليون بدلايون آهن، جن مان مون کي ڀؤ بہ ٿيو هوندو. ڪن شڪلين کي مان ڀاڪر وڌندا هوندا ۽ ڪن شڪلين سان مان سمجهوتو ڪيو هوندو. . . . . . مطلب ڪڏهن ڪھڙي شڪل ۾ تہ ڪڏهن ڪھڙي شڪل ۾ مان پنھنجي جيون سان مليو آهيان !؟ پر في الوقت جيڪا زندگي جي شڪل آهي اها وڻندڙ آهي. . . . !!! انھي وڻندڙ ڪيفيت ۾ مان هي پنھنجو پھريون پورهيو اوهان مانوارن جي هٿن تائين پھچائي سگهيو آهيان.
ڪتاب ”ڀڃ ڊاھہ“ جنھن کي نثري ٽڪرا، نثراڻا ٽڪرا چئجي تہ بہ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو پر مون وٽ هي احساس آهن نہ ڪي ٽڪرا آهن. ادب ۾ نثري ٽڪرن جو رجحان ڪو نئون نہ آهي، مون کان اڳ ادب ۾ ڪافي ٻين پڻ نثري ٽڪرا لکيا آهن جنھن ۾ شيخ اياز، ايوب کوسو، ماهتاب محبوب، خليل جبران، سعيد سومرو ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا. . نثري ٽڪرن جي ادب ۾ ڪيتري اهميت آهي اهي وقت جا ناقد ئي ٻڌائي سگهن ٿا تہ ادب ۾ هي احساس ڪيتري جڳھہ ولارين ٿا. . . . !!!؟؟؟
مون هن ڪتاب ۾ جيڪي موضوع زيرِ بحث آندا آهن سڀني کي ڇڏي ڪري مان هتي ڪجهہ موضوعن تي ذڪر ڪرڻ چاهيندس. . .
اُڀ جي ڇاتي: هي احساس منھنجي وجود جو هڪ مڪمل مبھم احساس آهي، جيڪو منھنجي اندر ۾ مسلسل پلجي رهيو آهي. اُڀ جي ڇاتي چيرڻ مطلب اُڀ تي جيڪو مٿي ويٺو آهي ان ڏانھن پنھنجي وجود جون دانھون پھچائڻ آهي تہ هو ڇو نہ ٿو سڏ ٻڌي، ڇو نہ ٿو منھنجي دانھن ورنائي. . .؟ ۽ مان انھي ڪوشش ۾ پنھنجا هٿ وڍائڻ مطلب هڪ ناڪام ڪوشش ڏانھن اشارو آهي.
ڊوڙ: هي احساس منھنجي 39 سالن جي پنھنجي شناخت کي تلاش ڪرڻ جي ڊوڙ متعلق آهي، مون کي گمنام موت هرگز نہ گهرجي، مان ائين هرگز مرڻ نہ ٿو چاهيان. . . . !
هُڳاءُ: مون کي پنھنجي ڌرتي جا ڳوٺ، واهڻ، ٻهراڙي تمام گهڻي پسند آهي. مون کي اهڙن فطري نظارن سان تمام گهڻو لڳاءُ آهي. هي احساس منھنجي انھي فطري لڳاءُ جي پوري نہ ٿيڻ بابت آهي. مون کي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو اٿم تہ شھر جون سڀئي رونقون ڇڏي ڪري وڃي ٻهراڙي وسايان جتي منھنجو گهر ڪچو هجي، ان گهر جو آڳر ڪچو هجي، شام جي پھر ۾ مان پنھنجي گهر جي آڳر تي کٽ رکي وشال آڪاس کي ڏسان، فطرت کي چمي سگهان، ۽ پنھنجي هٿن سان پنھنجي انھي ڪچي آڳر تي ڇنڪار ڪيان ۽ انھي مان اٿندڙ مٽي جي خوشبو جو واس وٺان. . . . !!!!
اڪيلائي: هي لفظ ”ڪُتي“ . . . شايد هضم ڪرڻ جھڙو نہ هجي پر مان هتي لفظ ”ڪُتي“ کي ان لاءِ استعمال ڪيو آهي، جو ڪتو يا ڪُتي هڪ خوف جي علامت پڻ آهي، جنھن مان اڪثر ماڻھو خوف کائيندا آهن، سو مون وٽ بہ اڪيلائي جو اهڙو ئي تصور آهي جنھن مان مون کي ڪڏهن ڪڏهن خوف ٿيڻ لڳندو آهي.
ڀاڳ: هي احساس لکڻ جو مقصد هي آهي تہ هڪ ڏينھن منھنجي پياري دوست سليم چنا مون کي ڪنھن دوست جو مثال ڏيندي چيو هو تہ: ”يار فلاڻو ڀاڳ وارو آهي، ڏس هن جا ڪم هن ريت پيا ٿين. . . . وغيره وغيره“ سو ان جي ڳالھہ ٻُڌي مون کي حيرت سان گڏوگڏ کِل بہ آئي تہ ادب لاءِ ڪم ڪرڻ واسطي ڀاڳ جو هجڻ يا نہ هجڻ جو ڪو لاجڪ ئي نہ ٿو جڙي. . . . منھنجو ڪم ئي مون لاءِ ڀاڳ آهي. چاهي منھنجو وجود ڀل اڀاڳو هجي.
ڪُن فيڪون: ڪڏهن ڪڏهن اوهان جا احساس ۽ خواب بہ خودڪش بمبار جيان ڦاٽي پوندا آهن ۽ اوهان جي اندر ۾ گهڻو ڪجهہ تباھہ ڪري ڇڏيندا آهن.
ڪوجهائپ: اسان جي اردگرد اهڙا کوڙ ڪردار آهن جيڪي اوهان جي اميج، اسٽيٽس، تعليم، ڏاهپ، صلاحيت، قابليت کان بنھہ اڻ ڄاڻ هوندا آهن يا وري ڄاڻڻ ئي نہ چاهيندا آهن. هي احساس اهڙن ماڻھن جي لاءِ جيڪي منھنجي نظر ۾ ڪوجها ماڻھو آهن.
نظر: هي ويڙھہ آهي هڪ انسان جي پنھنجي اندر جي انسان سان. . . . هي ويڙھہ آهي سماج جي اهڙي فرد سان جنھن کي هٿ وٺي اوهان اڳتي آندو ويو پر هو پنھنجي اوقات وساري ويٺو، هي ويڙھہ آهي اڻ برابري جي. . . . !!!!
هڪ سوچ: هي احساس آهي انھن لاءِ جيڪي هميشہ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي چڪر ۾ شناس بہ وڃائي ويھندا آهن.
علامت: جڏهن ڪو نئون ٻار ڄمندو آهي تہ والدين ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌڻ لاءِ پريشان هوندا آهن جيڪڏهن ٻار نہ روئندو آهي تہ والدين جي پريشاني وڌي ويندي آهي تہ ڪٿي ٻار مئل تہ نہ ڄائو آهي. . . !؟ پر جي ٻار وڏي آواز ۾ روئڻ شروع ڪندو آهي تہ والدين خوش ٿي هڪٻئي کي مبارڪباد ڏيندا آهن تہ ٻار زنده آهي. . . . . . بعد ۾ اهيو روئڻ عذاب بڻجي ٿو پوي اهو الڳ آهي.
تصويرِ زندگي ! هن نثراڻي احساس ۾ مون اهڙن چھرن کي واضع ڪيو آهي جيڪي هن خوبصورت ڌرتي تي رت وهائڻ جا عادي آهن. حساس ماڻھن کي ڏکوئيندڙ هوندا آهن. ٻين کي هميشہ تڪيلف ۽ ڏک ڏيندڙ هوندا آهن. سڄي عمر شيطان جيان پاڻ کي امر سمجهڻ وارا، فرعونيت کي فروغ ڏيڻ وارا هوندا آهن اهيو نہ سوچيندا آهن هڪ نہ هڪ ڏينھن اسان کي بہ مرڻو ضرور آهي.

آخر ۾ ڪتاب جي نالي سان احساس ”ڀڃ ڊاھہ” ۾ آهي تہ
”مان ٽُٽي رهيو آهيان، ڀڄي رهيو آهيان.
منھنجي وجود جا سوين ٽڪرا ٿي پيا هجن، جن کي ميڙڻ کان هر ساھہ رکندڙ وجود قاصر آهي. مون روڊ، رستن، خالي گهرن، ديوارن ۽ زمينن سان پيار آهي. پر اهي سڀ شيون هاڻي مون ڊيڄاري رهيون آهن، مون کي ڀؤ ٿو ٿئي انھن سڀني شين کان، مان چاهيان ٿو تہ مان هڪ وڏي ڊڪ ڊُڪان- ايترو ڊُڪان جو ٿڪجي بي ساهو ٿي روڊ تي ڊَهي پوان ۽ روڊ پنھنجون ٻانھون کولي مون کي پنھنجي آغوش ۾ ڀري وٺي- مون کي صرف فطرت گهرجي، ڌرتي گهرجي، مينھوڳي کانپوءِ مٽيءَ جو هڳاءُ گهرجي. . . ! مون کي پيسا ناهن ڪمائڻا، منھنجو وجود ان لاءِ آهي ئي نه- مون کي ان جهنجهٽ مان ٻاهر ڪڍي ڇو نہ ٿا ڇڏيو؟
مان هڪ الڳ وجود رکندڙ آهيان، مون کي ڇڏيو تہ مان پاڻ سان مِلان - مون کي هن زهريلي سماج مان ٻاهر ڪڍو جتي منھنجو دم ٿو گهُٽجي- ساھہ ٿو نڪري- پر . . . . هي سماج ڇتو ڪتو آهي جنھن مون کي ڏاڙهي وڌو آهي ۽ مان مسلسل زيرِ علاج آهيان. . . !!!“
هن نثراڻي احساس ۾ منھنجي اندروني ڪيفتين جي سموري وارتا بيان ڪيل آهي. مان ڇا آهيان، ڇو آهيان، ڇا ٿو ڪرڻ چاهيان؟ منھنجي ڪيفيت، منھنجي سوچ، منھنجا احساس ڇا آهن انھن مان گهڻو ڪجهہ مون هن نثراڻي احساس ۾ سموئي ڇڏيا آهن. ڇو تہ مون هن ڪتاب ۾ بناوٽي لھجي کان هٽي ڪري بلڪل نيوٽرل ٿي لکيو آهي، محسوسات کي لفظن جو روپ اوڍايو آهي. هروڀرو جي وڌاءُ کان پاسو ڪيو آهي. صرف احساس آهن جيڪي منھنجي گهر جي ڀاتي جيان مون کي بي حد پيارا آهن. اميد آهي تہ منھنجي هي ڪاوش اوهان کي ضرور پسند ايندي.

ٿورائتو آهيان:
- پنھنجي پرين پياري دوست، ڀاءُ ۽ محسن خاڪي جاني جو جنھن هن ڪتاب لاءِ خوبصورت بئڪ ٽائيٽل لکي موڪليو.
- مانواري سائين خليق ٻگهيي جو جنھن مختصر وقت ۾ هن ڪتاب لاءِ مھاڳ لکي موڪليو.
- سنڌي جي نالي واري ليکڪہ ادي پروين موسى ميمڻ جو جنھن ڪتاب لاءِ تاثر لکي موڪليو.
- نامياري ڪھاڻيڪارہ، ناولسٽ ڀيڻ زاهدہ تاج ابڙو جو جنھن پنھنجي مصروف وقت مان وقت ڪڍي ڪتاب لاءِ تاثر لکي ڏنو.
- هڪ ئي وقت سنڌي ادب جي هڪ سٺي شاعرہ، ڪھاڻيڪارہ عين سحر جو جنھن ڪتاب رايو لکي موڪليو.
- ڀيڻ خالدہ سحر جو جيڪا هڪ سٺي شاعرہ، نثر نويس ۽ ڪالم نگار آهي، ان پڻ ڪتاب لاءِ پنھنجو تاثر لکي موڪليو.
- سنڌ جي اڀرندڙ نئي ٽهي جي هڪ سڃاڻ ليکڪہ مخدوم آسيہ قريشي جو جنھن هن ڪتاب لاءِ پنھنجو رايو لکيو موڪيلو.
- آخر ۾ پنھنجي وني، پنھنجي جيون ساٿياڻي سپنا گل جو جنھن محبت ۽ پاٻوھہ مان هن ڪتاب لاءِ پنھنجا قيمتي لفظ لکي ڏنا.
-
احسان آڪاش
شمشاد چيمبر-آفيس نمبر: 13 ٿرڊ فلور
گاڏي کاتو حيدرآباد سنڌ