ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

ڀڃ ڊاھہ

احسان آڪاش جي نثري ٽُڪرن ۾،  زندگيءَ جي ڪِٿي نہ ڪِٿي ڪا عرق ـ سازي آھي، ڀاڳ اَڀاڳ جي وَرق ـ گراني آھي، دَورَ جي ڪُک مان سڀاڳ ڳولڻ جو سعيو آھي. مُقدرَ جي جهيڻي روشنيءَ جي شڪايت آھي. نفرتن خلاف احتجاج آھي. مُحبّتن جي ميراث آھي. ڪنزيومر سوسائٽيءَ جي بي ـ حِسيءَ جو ڏُکُ آھي. احسان آڪاش جي نثري ٽڪرن مان، زندگيءَ جي تلخيءَ جي باوجود، زندگيءَ سان سِڪَ، مُحبّت پيار، نرملتا ۽ نفيس ـپَڻي جا خوبصورت عڪسَ پَسي سگهجن ٿا.

Title Cover of book ڀڃ ڊاھہ

مھاڳ: احسان آڪاش جي نثري ٽڪرن جو تخليقي ڪٿا کان تخليقي نڪتہ نظر تائين جو سفر !

نثري ٽُڪرن جي ھيئت، نثري نظم کان مختلف ٿئي ٿي، نثري نظم جي ڪا سِٽَ، نثري ٽُڪري جھڙي ٿي سگهي ٿي، ڪِن ڪھاڻين جا ڪي مڪالما، نج نثري ٽُڪرن جھڙا ٿين ٿا، نثري ٽُڪرن ۾ فرد جي اندر جي ڪائنات، جڏھن موجون ھَڻي ٿي ۽ اُن جو اظھار دل ـ لُڀائيندڙ آھي تہ پڙھندڙ لاءِ اُھو وڏو پُرڪشش بَڻجي پَوي ٿو. ڪِن نثري ٽُڪرن ۾ وقت جي چھري تان نقابَ ھَٽن ٿا ۽ مختصر ٿيندي، ھڪ ئي جُملي ۾ اُھي نثري ٽُڪرا، پڙھندڙَ کي اتھاس جو آئينو ڏِيکاري ! ڇڏين ٿا، جيئنءَ احسان آڪاش جا ھيءُ نثري ٽُڪرا آھن:
”تاريخ جي سيني ۾ اڄ بہ طوائفن جي ڪوٺن تان سرجيل بھترين غزل دفن آھن“
” روئڻ زندگيءَ جي علامت آھي“
”وقت جي ڪشڪول مان منھنجي عمر جا 39 کوٽا سِڪا ڪِري پيا آھن “
احسان آڪاش جي نثري ٽُڪرن ۾، زندگيءَ جي ڪِٿي نہ ڪِٿي ڪا عرق ـ سازي آھي، ڀاڳ اَڀاڳ جي وَرق ـ گراني آھي، دَورَ جي ڪُک مان سڀاڳ ڳولڻ جو سعيو آھي. مُقدرَ جي جهيڻي روشنيءَ جي شڪايت آھي. نفرتن خلاف احتجاج آھي. مُحبّتن جي ميراث آھي. ڪنزيومر سوسائٽيءَ جي بي ـ حِسيءَ جو ڏُکُ آھي. پيسي، دولت تي ٻڌل، غير انساني روين واري سماج خلاف فريادُ آھي.
احسان آڪاش وٽ اظھاريت جي تلخي بہ آھي، پر زندگيءَ جي زھر کي نرم لفظيات جو لباس تہ نٿو پارائي سگهجي:
اڪيلائي:
” اڪيلائي ” ڪُتيءَ جيان ھوندي آھي، جيڪا اڪثر مون کي کائيندي رھندي آھي“
احسان آڪاش جي نثري ٽڪرن مان، زندگيءَ جي تلخيءَ جي باوجود، زندگيءَ سان سِڪَ، مُحبّت پيار، نرملتا ۽ نفيس ـپَڻي جا خوبصورت عڪسَ پَسي سگهجن ٿا:
پھرين چُمي:
تنھنجي طرفان ڏنل پھرين چُمي، جنھن ۾ ڪائنات جا سمورا رنگ ۽ احساس سمايل ھئا، انھيءَ چُميءَ جو لمس اڄ بہ مون کي ڪڏھن ڪڏھن محسوس ٿيندو آھي“
خواب:
”خواب جو تعلق ننڊ سان آھي ۽ مان صدين کان اوجاڳن جو مسافر آھيان“
شيون:
”جيڪي شيون اوھان جي ھٿ وس آھن اھي حقيقت آھن ۽ جيڪي شيون اوھان جي ھٿ وس ناھن، اھي صرف خواب آھن“
احسان آڪاشَ وٽ، نثري ٽُڪرن ۾ سماج جا ڪئَين رنگ روپ اظھاريل آھن، ھُن وٽ ھڪ ئي جُملي جي ساختَ ۾ سنڌي سماج جي بُکَ جون ڪَئَين تصويرون آھن، جن ۾ لفظَ استعارا بڻجي، تخليقي ڪينواس جو سُڀاءُ بخشين ٿا، سندس نثري ٽُڪرن جي ٻاھرين معنوي لباس کان ھَٽي ڪري، ڏِسجي تہ معنويت جي تَھن ۾ سندس خيالَ درد ونڊيندي نظر ايندا، جيئنءَ ھيءُ نثري ٽُڪرو بُک کي ”لعنتن“ جي استعاري ۾ پيش ڪري، سماج تي زبردست چٿرَ ڪري ٿو:
لعنت:
”بُکَ سڀني لعنتن جي ماءُ آھي“
احسان آڪاش جا نثري ٽُڪرا مختصر روپَ ۾ زندگيءَ ۽ سماج جو ڳُوڙھو فلسفو پيش ڪن ٿا. سنڌي سماج جي وڃايل قدرن جا عڪس ـ نگار آھن. لاشعوري سمتن جو درُ کُوليندڙَ آھن، ھُن جي اندر جي زخمي ـ اکين ۾ جڏھن بہ سُيون ٽُنبجڻ جو احساس ڪُرُ موڙي ٿو تہ اُھو لفظن جي ميتن ۾ اوتجي جذب ٿي وڃي ٿو، پوسٽ ماڊرن دَور ۾ جڏھن بد صورتي بہ خوبصورتيءَ ۾ لڪائي پئي وڃي، جڏھن جيت ۽ ھارَ جا فرق مِٽجي رھيا آھن تنھن پوسٽ ماڊرن دَور ۾ ھُن جي نثري ٽُڪرن ۾ خوبصورتيءَ ۽ ڪوجهائپ جي وچ واري فرق کي چِٽي ڪرڻ جا سنيھو موجود آھي. احسان آڪاش جي نثري ٽُڪرن وارا خيالَ، فضيلت جي سجادہ نشيني ڳوليندي، ماڻھپي جي منزل جا متلاشي بڻيل آھن. ھنن نثري ٽُڪرن ۾ دنيا جي وشال پڌر تي، انساني پتڪڙي وجود جي، ساڃھہ ۽ ماھيت جي ڪَٿَ ڪرڻ جي، ڪوشش پڌري پٽ نظر ايندي!
احسان آڪاش جي نثري ٽُڪرن ۾ زندگيءَ جا خواب، سمونڊ جي سِپين جھڙا پسايا ويا آھن، ھُن خلوص کي دعا قرار ڏنو آھي. ھُو زندگيءَ جي مھانگن سبقن کي سَستن ماڻھن ۾ ڳولڻ جو ڏَس ڏيئي ٿو، ڏُکين حالتن ۾ اڪيلي وڙھڻ جو، درس ڏيئي ٿو، سندس خيالَن موجب، اُھا ئي ھِن دَور جي فڪري ـ مضبوطي آھي.
احسان آڪاش ھِنن نثري ٽُڪرن ۾ زندگيءَ جي اونداھي پاسن کي بہ نروار ڪري ٿو، مايوسين کي لِڪائيندي بہ ھُو لِڪائي نہ سگهيو آھي، ڇو تہ مايوسي بہ زندگيءَ جو حصو آھي، پر ھُو پنھنجي تخليقي سَنيھي ۾ رُوشن راھن جو متقاضي ضرور آھي. ناڪاري روين جي موجودگيءَ کان، سندس نثري ٽُڪرا فراريت اختيار ڪري ئي نٿا سگهن، ڇو تہ خود تخليقڪارُ بہ اسان جيان، پُٺتي پيل سَماج جي اڻ ـ ٽر اثرن کان محفوط رھي نٿو سگهي، پر ھِنن نثري ٽُڪرن ۾ ھُن خيالن جي اوڀر واري دريءَ بہ کُولي آھي، جتان تخيلاتي سطح تي، تازي ھَوا گهلي ٿي. جتان سج جا ڪِرڻا، پڙھندڙن جي ذھنن کي روشني ڪن ٿا. ھُن پنھنجي تخليقيت جي عڪسن ۾ پنھنجي ئي برف ٿيل، روين کي ساروڻين جي گهلندڙ ھيرَ تي، گرمائڻ جا جتن بہ ڪيا آھن تہ جيئنءَ زندگيءَ سان ڪيل لڳاءَ، ڪشش، ڇھاءَ، ۽ شوق جي ھمعصري سان نڀاءُ بہ قبوليت ـ جوڳو بڻائي سگهجي!
احسان آڪاش جي نثري ٽُڪرن کي جيڪڏھن تخليقي ڪسوٽيءَ تي پرکيون ٿا تہ ڪِٿي سندس نثري ٽُڪرا، مون کي نثري نظمن جا ٽڙيل وجود ڀائنجن ٿا، ڪِٿي سندس نثري ٽڪرا، پاڻَ ۾ ڪھاڻين جون لڪل صورتگريون عڪسيندي نظر اچن ٿا، ڪِٿي ھي نثري ٽُڪرا فليش فڪشن جھڙا آھن، سرجڻھار جو اندر جو سُتل ڪھاڻيڪارُ بہ سندس نثري ٽُڪرن مان ليئا پائيندي نظر اچي ٿو، سندس ڪي نثري ٽُڪرا، سندس ڊائريءَ جا ورق لڳن ٿا، ڪِن نثري ٽُڪرن جي طوالت، سندس تخليقيت ۾ ڊيگهہ جي صورت ۾، خوامخواه ايراضي والاري ٿي، ڪٿي مخاطب سان مخطوب جي اجائي مِٽي مائٽي، سندس خوبصورت نثري ٽُڪرن جي سُونھن کي بي رونق ڪري ورتو آھي، ڪِٿي خيالَ ورجاءُ جو شڪار بہ آھن، پر تنھن ھوندي بہ سندس نثري ٽُڪرا ھڪ تخليقي ذھن جا زندگيءَ ۽ سماج بابت نڪتہ ـ نظرَ آھن، جنھن ڪري احترام لائق آھن، ھنن نثري ٽُڪرن ۾ زندگيءَ جي حقيقي ڪٿائون پُر ڪشش آھن، ڪِن نثري ٽڪرن ۾ ليکڪ جي آتم ـ ڪٿا جا ڇُھاءَ آھن، جن مان، سندس تخليقي ڪائنات آتم ـ ڪٿا لِکڻ لاءِ بہ تڙپندي نظر اچي ٿي، ادب ھونئنءَ بہ ماڻھوءَ جي سوانح ـ نگاري ئي تہ آھي، تخليقي ادب پنھنجي ئي تجربن، مشاھدن ۽ ادراڪ جو عڪس ـ ڪارُ ئي تہ آھي!
مُنھنجي خيال ۾ ھِنن نثري ٽُڪرن ۾ احسان آڪاشَ، پنھنجي زندگيءَ جي آئيڊلزم کي سموئڻ جي ھڪ ڪوشش ڪئي آھي. ھُن سماج جي بُک، بدحاليءَ، بيروزگاريءَ، بيوسيءَ، لاچاريءَ، ڪسمپرسيءَ ۽ طبقاتي جبر کي ھنن نثري ٽُڪرن ۾ پُوئيو بہ آھي ۽ سنڌي سماج جي مجموعي نفسيات جا اولڙا بہ سندس نثري نظمن ۾ چِٽي طرح ڏِسي سگهجن ٿا. سندس درد سماج جو درد ئي آھي، آئيڊلزم نفيس، نرمل، ڪومل سڦلتائن کي سانڍڻ جا سپنا ساري سنڌ جي اتھاس جي ئي سينڌ سنوارڻ جي ڪوشش لڳي ٿو. اسان سڀني چنتائن جي باوجود، سندس تخليقي جنم ـ آستان مان جمالُ، حظ، لطف، سرور، فڪر ۽ سُھائيءَ جو سفر ڳوليندڙ آھيون!

خليق ٻگهيو
20 جنوري 2021ع
(رات جا 12:15)