زندگي جو نچوڙ _ ڀڃ ڊاھہ : مخدوم آسيہ قريشي
ڇلرَ جي چوئين، تن سانکوٽا ۽ سُتيون.
جيڪي ماڻھو ادب ۽ ٻوليءَ لاء پاڻَ کي وقف ڪري ڇڏين. سي محلن ۾ رهن يا ڪچن گهرن ۾ اهي عظيم ئي هوندا آهن. محترم احسان آڪاش انھن منجهان هڪ آهي. هڪ ئي وقت پبلڪيشن سنڀالڻ ماهوار رسالو ڪڍڻ علاوه ادبي سرگرميون ڪرڻ ڪو سَوَلو ڪم ناهي. جس هجي اوهان کي. ٻوليءَ سان لڳاءُ جو ذڪر پاڻ هن ڪتاب ۾ ڪيو اٿائون. ”علي بابا کي درياء سان بيحد لڳاءُ هو، حسن درس کي وري سمنڊ سان لڳاءُ هو، شيخ اياز بادل، مينھن سان لڳاءُ کندڙ هو ۽ اهڙيءَ طرح مو کي بہ لڳاءُ آهي ۽ اهو لڳاءُ صرف ادب سان آهي. “
هن ڪتابَ جي خوبصورتي اهڙا نثري ٽڪرا آهن جيڪي پنھنجي اندر ۾ ڪئين ڪھاڻيون رکن ٿا. اهي ڪھاڻيون جيڪي گهڻن کان لکڻ رهجي ويون آهن.
”منھنجي زندگيءَ جون اکيون زخمي آهن. انھن اکين ۾ وقت جي ويرين سُيون ٽنبي ڇڏيون آهن“
”بک سڀني لعنتن جي ماءُ آهي. “
”زندگيء جا سمورا مھانگا سبق هميشا سستا ماڻھو ئي سيکاريندا آهن، اهڙن سستن ماڻھن جو پنھنجي حياتيءَ ۾ قدر ڪريو. “
هيءُ نثراڻا احساس، سچ تہ هن معاشري جي عڪاسي آهن ۽ اسان سڀني جي زندگيءَ جو نچوڙُ بہ، ڪٿي ڪٿي تہ ايئن ٿو لڳي ڄڻ هيءُ سٽون اسان پاڻَ لکيون هجن. اصل تخليقڪار ليکبو ئي تڏهن آهي جڏهن انھيءَ جا لفظ عام ماڻھوءَ جي دل جي ترجماني ڪن. دل تائين پھچن، ڪجهہ سوچڻ تي مجبور ڪن.
هيءُ ڪتاب جنھن جو نالو ”ڀڃ ڊاھَہ“ آهي. سو پنھنجي منفرد ۽ خوبصورت ٽائٽل سان، اسان جي ادب ۾ نئون ۽ خوبصورت اضافو آهي. معزز احسان آڪاش لاء نيڪ تمنائون
“تون اڪثر مونکان پڇندي آهين تہ منھنجي هر لکڻي اڌوري ڇو هوندي آهي!!؟؟ ڇو تہ منھنجي زندگيءَ جي لکڻي اڃا اڌوري آهي. “