احسان آڪاش هڪ حساس ليکڪ ! : سپنا گل
هي ڪتاب نثراڻن احساسن تي مشتمل هڪ خوبصورت ڪتاب آهي. احسان آڪاش جي هن ڪتاب ۾ پڙهندڙن کي هر رنگ ملندو، زندگي سان سلھاڙيل، هر واٽ تي مشڪلن جو حل ۽ ذهنن ۾ جيڪي رهجي ويل سوال هوندا آهن انھن جا اڪثر جواب ملندا، ايئن کڻي چئجي تہ نئون نسل هن ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ يقينن هڪ بھتر فرد ۽ مثبت سوچ سان ڀرپور انسان ٿي اُڀرندو. . . .
ڪتاب ڀڃ ڊاھہ ۾ احسان آڪاش جي زندگي ۾ جيڪا ڀڃ ڊاھہ ٿي آهي سي سڀ هن ڪتاب ۾ جھڙو ڪ قلمبند آهن. هن ڪتاب ۾ اهي سمورا موضوع آهن جيڪي اسان جي هن معاشري جا ڪي وڻندڙ ۽ اڻ وڻندڙ عڪس آهن. اهي واقعا اسان سڀني سان مختلف وقتن تي پيش ٿيندا اچن ٿا. پر اسان ڪڏهن ڄاڻي واڻي يا وري ڪڏهن اڻڄاڻائي ۾ اهڙن موضوعن، واقعن کان ڪن لاٽار ڪندا رهندا آهيون ۽ اهي موضوع ڪنھن ٻئي شخص جي ذميواري سمجهي نظر انداز ڪندا رهندا آهيون.
احسان آڪاش نھايت حساس طبعيت جو انسان آهي. هن پنھنجي ڪتاب ۾ معاشري جو رنگ روپ جيڪو ٻٻر جي تيز، نوڪيلن ڪنڊن جيان آهي ۽ سماج جي ڪوجهائپ ڏسڻ جي هڪ مڪمل ڪوشش ڪئي آهي. سماج جو اهي حقيقتون بيان ڪيون آهن جيڪي لکڻ ۽ انھن کي گهرائي سان سمجهڻ دل گردي جو ڪم آهي. هڪ اديب جي حيثيت سان هن پنھنجي قلم سان ڪنھن حد تائين چڱي ريت نڀاءُ ڪيو آهي مان سمجهان ٿي احسان آڪاش جي هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ انسان جي سوچ ۽ ڪردار تي هاڪاري اثر پوندا. آئون هن کي شاھہ سائين جي هن وانگر ڏسندي ۽ سمجهندي آهيان.
ڪيئن ڦاٿي ڪيوڙا، ٻٽ ٻَٻرُ سين ٻيلھه،
پن تنھنجا پَشم ڙا، سامھون جَهلين سيلھہَ،
عقل جا اَڻ ويلھہ، ڪيئن ڦاٿي ڪم ذات سان. (شاھہ)