ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

ڀڃ ڊاھہ

احسان آڪاش جي نثري ٽُڪرن ۾،  زندگيءَ جي ڪِٿي نہ ڪِٿي ڪا عرق ـ سازي آھي، ڀاڳ اَڀاڳ جي وَرق ـ گراني آھي، دَورَ جي ڪُک مان سڀاڳ ڳولڻ جو سعيو آھي. مُقدرَ جي جهيڻي روشنيءَ جي شڪايت آھي. نفرتن خلاف احتجاج آھي. مُحبّتن جي ميراث آھي. ڪنزيومر سوسائٽيءَ جي بي ـ حِسيءَ جو ڏُکُ آھي. احسان آڪاش جي نثري ٽڪرن مان، زندگيءَ جي تلخيءَ جي باوجود، زندگيءَ سان سِڪَ، مُحبّت پيار، نرملتا ۽ نفيس ـپَڻي جا خوبصورت عڪسَ پَسي سگهجن ٿا.

Title Cover of book ڀڃ ڊاھہ

احساسن جو ڏيئو وساميو ڪٿي آ؟: خالدہ سحر

انسان ڇا آهي؟ ڪيفيتن احساسن جذبن ۽ ٻنڌڻن جو محتاج جيڪو انھن کي ساڻ کڻي جيئڻ لئہ جاکوڙيندو رهندو آهي۔ ان مسافري دوران جڏهن انھن مان ڪا هڪ شيءَ بہ راھہ ڀٽڪي وڃي تہ ان جي ڳولا اڪيلي وجود کي ٿڪائي ڇڏيندي آهي ڪڏهن احساس وڃائجو وڃن تہ ڪڏهن ڪيفيتون رستا مٽائينديون رهن ٿيون ڪڏهن جذبن جو گهر ڊهي پوندو آهي تہ ڪڏهن ٻنڌڻ منھن مٽائي ويندا هن۔ جڏهن وجود جي تارازيءَ جو هڪ پاسو ڳرو ۽ ٻيو هلڪو هوندو تہ غير متوازن حالت جنم وٺندي۔ ۽ انسان منجهہ دل ۽ دماغ ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿي پوندو جڏهن ٽڪراءُ ٿيندو تہ ڪيفيتن احساسن جذبن ۽ ٻنڌڻن ۾ زلزلو برپا ٿي پوندو جنھن کان پوء ڀڃ ڊاھہ جو نہ کٽندڙ سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو۔
احسان آڪاش جو ڪتاب ڀڃ ڊاھہ بہ اهڙن ئي احساسن جو مجموعو آهي جيڪو پنھنجي وجود سان ويڙھہ ڪندو نظر اچي ٿو۔ جڏهن وجود سماج کان الڳ ٿي هڪ ٻي راھہ ڏانھن گامزن ٿيڻ چاهي ۽ دماغ ان کي سماج ڏانھن ڌڪي رهيو هجي تہ انسان جي اندران باغي ۽ ڇڙواڳ جذبا جنم وٺن ٿا جن کي ليکاري لفظن جو روپ ڏيئي درد جو هڪ گلدستو سجائي ان کي ڀڃ ڊاھہ جو نالو ڏيئي ڇڏي ٿو ۔
ادب ۾ انشارطرازي هڪ اهڙي نثري لکت يا تحرير هجي ٿي جيڪا مختصر پر پراثر هجي ٿي انشاءطراز مڪمل آزاد ٿي پنھنجي تحرير قاريءَ آڏو پيش ڪري ٿو جنھن ۾ ان جي وجود ۽ هستيءَ جو عڪس يا ان سان لاڳاپيل ڪو پاسو نظر اچي ان جي بدلجندڙ ڪيفيتن جو ذڪر هجي ان جي اندر جي اڌمن جو نگارو وڄندو محسوس ٿيندو هجي ان جي احساسن جو رقص هجي۔ جنھن کي هو ڪٿان بہ شروع ڪري ۽ ڪٿي بہ ختم ڪري سگهي ٿو ان جي لکڻي ڪنھن بہ نتيجي جي نہ پابند هجي ٿي نہ ئي محتاج اها سواءِ ڪنھن خاص نتيجي جي پڄاڻي کي پھچي ٿي۔ يا اهو پڙهندڙ تي آهي اهو پاڻ ئي ان تحرير جو نتيجو اخذ ڪري۔ اهڙي لکڻي مضمون وانگي ڊگهي بہ ٿي سگهي ٿي تہ مختصر کان بہ مختصر ترين بہ۔ پر ان کي مضمون نٿو چئي سگهجي۔
اسان وٽ عام فھم زبان ۾ نثري ٽڪرا چيو وڃي ٿو پر ان جي لغوي معني عبارت آهي۔ انشاء پردازي جا ڪجهہ ماهر ليکاري بہ گذريا آهن جن جون باڪمال لکڻيون تاريخ جو اڻ مٽ حصو بڻجي چڪيون آهن۔ سرسيد احمد خان، ابوالڪلام آزاد، پطرس بخاري، خواجہ حسن نظامي ۽ ابن انشاء ۽ شيخ اياز انھن ۾ سر فھرست آهن۔
مجموعي طور ڀڃ ڊاھہ جيڪو 80 پيجن تي مشتمل آهي. هڪ بھترين ڪتاب آهي ان جي هر هڪ عبارت پڙهندر هر عام ماڻھوء کي پنھنجي ئي ڳالھہ محسوس ٿيندي بھترين ليکاري آهي بہ اهو ئي جنھن جي لکڻين ۾ موجودہ دور جو عڪس بہ نظر اچي تہ سماج جي اڻ برابريءَ واري روين جو بہ ڏيک پسي سگهجي۔ سندس جا سمورا نثراڻا احساس هڪ مالھا جا پويل موتي محسوس ٿين پيا۔ پڙهندي پڙهندي لڳي پيو ڄڻ لفظن جو هڪ سمنڊ هجي جنھن ۾ قاري آهستي آهستي لھندو وڃي ٿو ۽ لفظ ڪنھن ڀنور وانگي ان جي چؤگرد ڦرندا رهن ٿا۔
پيشي جي لحاظ کان هڪ استاد خيرپور ناٿن شاھہ جي ڳوٺ چؤ ٻار شريف ۾ جنم وٺندڙ احسان رضا جنھن جو ادبي نانء احسان آڪاش آهي۔ ڪنھن بہ تعارف جو محتاج ناهي۔ ادبي ڏانء سندس کي سنڌ ۾ هڪ خاص مقام عطا ڪيو آهي۔ نہ فقط ادبي ڏانء پر ٻين تخليقڪارن جي تخليقن کي ڇپائي پڌرو ڪرڻ لئہ هن احساس مئگزين ۽ احساس پبليڪيشن جو قيام وجود ۾ آڻي ڪيترن ئي ليکارين جي لکڻين کي محفوظ بڻائي سڀني جي دلين ۾ عزت ۽ احترام وارو رشتو پيدا ڪري ڇڏيو آهي۔ سندس ڪيترن ئي ڪتابن کي ڇپائي پڌرو ڪيو اٿن جن ۾ سنڌي توڙي اردو ڪتاب پڻ آهن. عڪسِ جانان هم، شاعريء جو آڪاش، احساس نگر، نظمن جو ديس وغيره نمايا آهن۔