ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

ڀڃ ڊاھہ

احسان آڪاش جي نثري ٽُڪرن ۾،  زندگيءَ جي ڪِٿي نہ ڪِٿي ڪا عرق ـ سازي آھي، ڀاڳ اَڀاڳ جي وَرق ـ گراني آھي، دَورَ جي ڪُک مان سڀاڳ ڳولڻ جو سعيو آھي. مُقدرَ جي جهيڻي روشنيءَ جي شڪايت آھي. نفرتن خلاف احتجاج آھي. مُحبّتن جي ميراث آھي. ڪنزيومر سوسائٽيءَ جي بي ـ حِسيءَ جو ڏُکُ آھي. احسان آڪاش جي نثري ٽڪرن مان، زندگيءَ جي تلخيءَ جي باوجود، زندگيءَ سان سِڪَ، مُحبّت پيار، نرملتا ۽ نفيس ـپَڻي جا خوبصورت عڪسَ پَسي سگهجن ٿا.

Title Cover of book ڀڃ ڊاھہ

احسان آڪاش جو قلمي سفر: ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ

نثر ۽ نظم ادب جون ٻہ اهم شاخون آهن. نظم ۾ لفظن جا پويل موتي گوهر جيان آهن تہ نثر جو جلوو ۽ جمال سون وانگر آهي. نثري صنفن ۾ بيان ۽ موضوع جي چٽائي ۽ مواد جي موضوع سان موافقت اهم آهي. هنن گفتن ۽ سريلن، سھڻن لفظن جو استعمال نثر جي اولين ضرورت آهي.
موجودہ ڪتاب جنھن تي هي تاثر لکي رهي آهيان سو ادا احسان آڪاش جو نثري ٽڪرن تي مشتمل آهي. جو جنوري 2021ع جو نئون تحفو ٿي سنڌي ميدان جي نثر ۾ لٿو آهي.
احسان رضا 27 جنوري 1982ع خيرپور ناٿن شاھہ ۾ غلام رضا گاڏهي جي گهر ۾ جنم ورتو. ڪِرت طور استاد جي مقدس پيشي سان لاڳاپيل احسان آڪاش شاعر پڻ آهي تہ نثرنگار پڻ. گڏوگڏ پنھنجي قائم ڪيل پبليڪيشن احساس معرفت سنڌي ادب جي خدمتگار طور ڪتاب شايع ڪرڻ ۽ ”احساس مئگزين“ ذريعي ڪيترن ئي ليکڪن جو پورهيو اسان جي اڳيان آڻي رهيو آهي. هيسيتائين احساس مئگزين جا 24 شمارا شايع ڪري چڪو آهي تہ تقريباً ٽيھارو کن ڪتاب پڻ پنھنجي ڇپائي جي اداري مان شايع ڪرائي پڙهندڙن تائين پھچايا اٿس.
”ڀڃ ڊاھہ“ ڪتاب نثري ٽڪرن تي مشتمل آهي. جن جا موضوع ”زندگي، خواب، سياست، هُڳاءُ، سگهہ، ننڊ، پيسو، خواهش، حرص ۽ مفاد، تصويرِ زندگي، مايا، هڪ سوچ، دوست ۽ فنڪار، لفظ، ذهني غربت، ماڻھن جو هڪڙو قسم هي بہ آهي، ڀڃ ڊاھہ، ياد، محبت، فطرت، مثبت سوچ ٻيا آهن. “ جي انساني روين، عملن، خواهشن ۽ سوچن بابت ليکڪ جا ويچار آهن.
مثبت رُخ يا هاڪاري سوچ بابت ليکڪ لکي ٿو تہ: ” هڪ سِڌي ۽ مثبت رُخ ۾ اوهان جو ڪيل ڪم هڪ نہ هڪ ڏينھن ضرور سڦلتا ماڻيندو. سامھون واري جي ڪم ۾ ڪيترا نقص آهن؟ ان ۾ ڪھڙا گُڻ آهن؟ اهڙي سوچ کي نندي ڪري صرف پنھنجي حصي جي ڪم تي ڌيان ڏئي اڳيان وڌندڙ پنھنجي منزلِ مقصود تي ضرور رسندا آهن. مسلسل محنت، جاکوڙ ۽ سچائي جي جذبي تحت ڪم ڪرڻ سان اوهان سماج ۾ هڪ سٺي ۽ معياري ساک ضرور بڻائيندا. . . “
لفظ جي اهميت ڳالھائڻ ۾ ڪيتري آهي اهو هرڪو سمجهي ٿو پر احسان آڪاش فقط ٻن سٽن ۾ اهو نڪتو هن ريت ڄاڻايو آهي. ”لفظ هميشہ مٺا ڳالھايو، جيڪڏهن اهي لفظ اوهان کي ڪڏهن واپس وٺڻا پون تہ ڪَڙا نہ لڳن . . . . !“
احسان جو لکڻ جو سفر جاري آهي. هن ڪتاب کان اڳ هو ست ڪتاب گڏيل شاعري ۽ ڪھاڻين جا ترتيب ڏئي چڪو آهي. دعا آهي تہ رب پاڪ کيس سندس قلمي سفر ۾ ڪاميابيون عطا ڪري. آمين