هي ڪتاب هڪ دانھن آهي، هڪ ميار آهي: عين سحر
نثراڻا ٽڪرا نصيحت ۽ وصيت جھڙا هوندا آهن، اقوال زرين وانگي هوندا آهن. لکندڙ جي تجرن ۽ مشاهدن کان پوءِ جا سندس سوچن جا گوهر هوندا آهن.
احسان آڪاش هي ڪتاب ڀرپور احساسن سان لکي ڄڻ تہ بي حِس ماڻھن تي مقدمو هلايو آهي ۽ وقت کي جج بڻايو آهي. ڪي ماڻھو سچ ۾ تہ ان لائق هوندا آهن تہ انھن تي مقدمو هلائجي، فريادي ٿجي، پر ڪيئي مجبوريون ۽ اخلاقي تقضائون ايئن ڪرڻ ناهن ڏينديون ۽ وقت جيڪو ڪمن ڪارن ڪرڻ لاءِ ئي گهٽ آهي. جهيڙي ۾ ڇو وڃائجي، درگذر جو رستو ئي بھترين عمل آهي. سو احسان آڪاش بہ پنھنجي واٽ وٺي ڪم ۾ جُنبي وڃي ٿو.
هي ڪتاب هڪ دانھن آهي، هڪ ميار آهي جيڪي روين جي ساڙيندڙ ڄڀي، ماڻھن جي ٻہ اکيائي، معاشي بدحالي سھندي، ناانصافيون ڏسندي، معاشي اڻ برابري ۽ دل جي تنھائي ۾ دل مان نڪري ٿي. پيٽ ڀرائي وارن جون ڦوڪون برداشت ڪرڻ ۽ پوءِ پنھنجي حصي جي ڪم کي ڪندو رهڻ سولو ناهي.
احسان پنھنجي سڃاڻپ لاءِ مسلسل پنڌ ڪري ٿو پيرن سان ئي نہ روح سان. سوچن جي اڻ کُٽ قافلن سان پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو. ”مثبت“ عنوان سان هن ڪتاب ۾ احسان جو لکيل نثراڻو ٽڪرو تہ سندس گفتگو جو حصو رهيو آهي. جڏهن ماڻھو جا تجربا، مشاهدا دنگ ڪن تڏهن ماڻھو جي گفتگو Motivational هوندي آهي ۽ هونئن بہ نثراڻا ٽڪرا تجربن ۽ مشاهدن جي بيان جو اختصار هوندا آهن.
احسان جو ادب سان پيار ۽ دلي لڳاءُ ڪڏهن جُڙيو سا تہ خبر ناهي پر ڪيڏو مضبوط جُڙيو سا سندس گفتگو ۽ جستجو مان خبر پوي ٿي. هن ڪتاب ۾ احسان پٿرائن پيچرن تي هلڻ جو گس ٻڌائي ٿو. هو پاڻ ڪڏهن پيرن سان پٿرن کي ٿُڏي ٿو تہ ڪڏهن پٿر کڻڻ جو ڪشت ڪري پٿر پاسائتا ڪري ٿو. هونئن بہ اهڙن رستن تي هلڻ ڏکيو هوندو آهي پر الميو اهو جو انھن تي هلڻو ئي نہ پر ڊڪڻو پوندو آهي ۽ هلندي هلندي همسفر بہ ٺاهڻا پوندا آهن تہ همقدم بہ ۽ اعتبار ڌڪيل هجڻ جي ڪري اهو ڪم بہ سولو ناهي هوندو.
احسان بہ اهڙن ڀوڳنائن کي ڀوڳيندو رهي ٿو. تماشبين جي ميڙ ۾ پنھنجي خلاف سُس پُس ٻڌندو رهي ٿو پر ان ڏک ۾ سفر نہ فقط جاري رکي ٿو پر ڏکن کي محرڪ بڻائي ٿو. ثابت قدمي ۽ استقامت ان شيءَ جو نالو آهي. جيڪا انسان کي ٻين انسانن کان جدا بڻائي ٿي ۽ انسان پنھنجو حوصلو پاڻ ٿئي ٿو. احسان بہ حوصلو ڪري، پاڻ سان واعدا وچن ڪري پنڌ پَٽي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ان سڀ جهنجهٽ کان پاسائتو ٿي لوڪ کان نظر بچائي پنھنجي محبوبہ سان پيارا انگل آرا بہ ڪري ٿو ۽ کيس مٺيون ميارون بہ ڏئي ٿو.
احسان جون رولاڪيون ۽ زندگي جي بقا جي جنگ جو احساس نثراڻن ٽڪرن مان ڀلي ڀت ٿئي ٿو. احسان سِٽ سِٽ ۾ ساھہ ڀريندي ڪشڪول عنوان سان لکي ٿو تہ ”وقت جي ڪشڪول مان منھنجي عمر جا 39 کوٽا سِڪا ڪِري پيا آهن“ ويندڙ عمر تي سندس ڏک ان هڪڙي ئي سِٽ ۾ ناڪامين ۽ محرومين جي ڊڪ ڊوڙ جي مڪمل عڪاسي آهي. گهڙي جي عنوان سان لڳم تہ زندگي اکين مان بيوسي جو ڳوڙهو بڻجي وهي ٿي. پالڻھار جي عنوان سان ٽڪرو پڙهي دل ڀرجي اچي ٿي. سپنا عنوان سان لکيل سِٽن ۾ اڻپورن سپنن کي سمنڊ ڪناري پيل سِپين سان تشبيھہ ڏني وئي آهي جيڪا دل کي ڇُھي وٺي ٿي. سسئي ۽ صدا ۾ سکي جي ماٺار ۽ بي رُخي جو ذڪر آهي. ان جي سسئي جي ننڊ سان تشبيھہ بہ وڻندڙ آهي.