ٻاراڻو ادب

پکراج پري

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون دلچسپ پيرائيءَ ۾ ٻارڙن لاءِ لکيل هيءُ ڪھاڻيون فقط انوکيون ڪونھن پر دلچسپ هئڻ سان گڏ سبق آموز ۽ اصلاحي پڻ آهن. ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي آھي

Title Cover of book پکراج پري

ٻاراڻي ادب جو چمڪندڙ ستارو، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ....!

کنياسين نئين نسل خاطر هي پيرا روشني بڻبا،
اسان جي سگهہ، سھپ ڏسجو، انڌيرا روشني بڻبا!

اچو اُڀ تان هٽايون پيڙ جا پاڇا نجات ڪارا،
اسان جي جستجو سان دل جا ديرا روشني بڻبا
( پنھل)

پروين موسيٰ ميمڻ ٿر جي علمي ۽ ادبي طور زرخيز زمين تي هڪ ننڍي ڳوٺ ڏيپلي (هاڻي شھر) ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ ٻارن جي عالمي ڏينھن 20 نومبر تي جنم ورتو، سندس جي باري ۾ مليل معلومات مطابق پاڻ هڪ ذهين، هاڪاري سوچ رکندڙ، جفاڪش عورت آهي، جنھن تعليم توڻي ادب جي ميدان ۾ وڏيءَ محنت سان پاڻ ملھايو آهي.
ڊاڪٽر پروين لکڻ جي شروعات 1980ع کان هڪ افساني معرفت ڪئي ۽ اڄ تائين سوين مضمون، مقالا، افسانا، ڪالم، ٻالڪ ادب جون آکاڻيون لکي چڪي آهي، چاليھارو کن ڪتاب مڪمل ٿي ويا اٿس، جنھن مان ٽيويھہ ڪتاب ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن، سندن فن تي ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن، نثر نگار طور هن تحقيق تنقيد، لطيف شناسي، افسانا نويسي، ادبي تاريخ ۽ ٻالڪ ادب ۾ خاص طور لکيو آهي، ڳچ وقت کان سنڌ جي ٻالڪن جي حقن ۽ تعليم بابت سجاڳي ڏيڻ لاءِ لکي رهي آهي، پيارن گلن جھڙن نازڪ سنڌي ٻالڪن لاءِ هن نہ فقط معلوماتي ۽ ادبي مضمون لکيا آهن پر سندن دلچسپي ۽ وندر ورونھن ۽ اخلاق جي سڌاري لاءِ بھترين ڪھاڻيون لکيون آهن، سندس چواڻيءَ تہ هن ٽي سئو ڪھاڻيون ٻارن لاءِ لکيون آهن، جي روزاني ”هلال پاڪستان“ ۽ ”سنڌ ايڪسپريس“ جي ٻارن جي صفحن تي ۽ رسالن ” گل ڦل“، ”ساٿي“ ۾ ڇپيون آهن. ٻالڪ ادب ۾ ڊاڪٽر پروين جي پھرين تحرير هڪ مضمون آهي، جو سنڌ ايڪسپريس روزاني اخبار ۾ ڇپيو ۽ پوءِ هن چاليھارو کن مضمون ”علم جي افاديت“، ”استادن جو ادب“، ”شاگردن جا فرض“، ” والدين جي عزت ۽ احترام“، ”سٺي دوستيءَ جا فائدا“، ”ڪتابن جي اهميت“، ”سادگي“، ” سچائي“، ”ڪفايت شعاري“ ۽ ٻين سماجي ۽ اخلاقي موضوعن تي ڇپرايا جن مان 29 مضمونن جو ڪتاب ” اخلاقي قدر“ جي عنوان سان 2010ع ۾ شايع ٿيو، ڪتاب بي حد ڪامياب ٿيو،”اخلاقي قدر“جو ٻيو ڇاپو 2015ع ۽ ٽيون 2020ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ مضمون ڏهن کان سورنھن سالن جي عمر جي ٻارن لاءِ لکيل آهن تہ جيئن کين پنھنجي شخصيت کي سنوارڻ ۾ مدد ملي سگهي ۽ کين علمي طور مضمون لکڻ جو ڏانءُ بہ اچي. ولي رام ولڀ هن مضمونن جي ڳٽڪي بابت لکيو آهي تہ، ”هن ڪتاب ۾ اخلاقيات جي موضوع جي حوالي سان جيترو مواد پيش ڪيو ويو آهي، ان ۾ موضوع جي جيترن پھلوئن جو احاطو ڪيو ويو آهي، اهو پنھنجي جاءِ تي تمام اهميت جو حامل آهي“.
ڊاڪٽر پروين جو ٻارن جي لاءِ ٻيو ڪتاب ” ٽي تحفا“ (ڪھاڻيون) آهي، جنھن جي ارپنا هن پنھنجي پٽن، پوٽن ۽ ڏوهٽن جي نانءُ ڪئي آهي، ڪھاڻين ۾ ”پشيماني“، ” روشني“، ” ٽي تحفا“، ” خود غرضي“، ”وڻ پوکيو ثواب ڪمايو“ شامل آهن، هي ڪھاڻيون ڳوٺن جي ماحول جون بہ آهن تہ شھري ماحول جون بہ جن ۾ ٻارن لاءِ دلچسپيءَ جا نظارا بہ آهن تہ نصيحتن جا نڪتا پڻ طريقي سان ڏنل آهن، خلق جي خدمت ۾ ڀلائي، ظلم خلاف احتجاج، ماحوليات جو بچاءُ، محنت جو ڦل مٺو ۽ ٻيا عملي زندگيءَ جا سھڻا اشارا آهن، جيڪي ٻارن کي صحتمند ۽ سوڀارن ڪمن ڏي راغب ڪن ٿا.
اياز گل هن ڪتاب بابت لکيو آهي تہ ” ڊاڪٽر پروين موسيٰ ادب ۾ بنيادي طور تي تحقيق جي شعبي سان لاڳاپيل رهي آهي، پر گڏوگڏ هن ادب جي ٻين شعبن سان بہ لکڻ جو ناتو ڳنڍيل رکيو آهي، هن ٻارن لاءِ ڪھاڻين جو ڪتاب لکي ٻارن سان پنھنجي پيار جو اظھار ڪيو آهي، جنھن کي پيار سان ئي قبول ڪري سگهجي ٿو“.
ٽي تحفا ڪتاب کان پوءِ ڊاڪٽر صاحبہ ٻالڪ ادب ۾ وڌيڪ لکڻ لڳي چار ٻيا ڪھاڻين جا ڪتاب 2022ع ۽ 2023ع ۾ شايع ٿيس، ”شرارتي جن“ ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ انوکيون ۽ بلڪل نيون ڪھاڻيون آهن، جو مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور وارن شايع ڪيو ۽ بي حد مقبول ٿيو آهي، هن ڪتاب جي ارپنا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نالي ٿيل آهي، شرارتي جن ۾ آيل ڪھاڻيون ”قسمت جو ڦيرو“، ”سچ ٿيو سوڀارو“، ”شرارتي جن“، ”سچي محبت“، ”چڱا ڪن چڱايون“، ”قيدي سردار“، ۽ ”مھربان جي مھرباني“ شامل آهن، هيءُ ڪھاڻيون فقط انوکيون ڪونھن پر دلچسپ هئڻ سان گڏ سبق آموز ۽ اصلاحي پڻ آهن، هنن ڪھاڻين ۾ ٻارن کي بھادر ٿيڻ، خوف مان نڪرڻ، پنھنجي حفاظت ڪرڻ، اڻ واقف ماڻھوءَ کان بچڻ، تعليم کي پنھنجي حياتيءَ جو محفوظ هٿيار سمجهڻ ۽ ٻيا موضوع دوستاڻي رويي وارين ڪھاڻي معرفت سمجهايا ويا آهن جن سان کين بري ۽ ڀلي جي سمجهہ اچي، بدسلوڪي، بي ڌياني ۽ تشدد کان بچي سگهن، پنھنجي حقن جي ۽ فرضن جي ڄاڻ رکڻ، هنن ڪھاڻين کي جيڪڏهن استاد ۽ والدين پڙهن تہ کين ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ نفسيات سمجهڻ ۾ وڏي آساني ٿي پوي، ساڳيءَ ريت سندن ڪتاب ”شھزادي ماھہ نور“، ۾ آيل ڪھاڻيون جيئن ” غرور جو انجام“، ” امتحان جو فارم“، ” سمجهدار نياڻي“، ”ڪاميابيءَ جو راز“، ” ضدي ڇوڪرو“ ڪجهہ اهڙيون ڪھاڻيون آهن جي اسان جي موجودہ سماج جي حالتن جو مڪمل عڪس پيش ڪن ٿيون، ٻارن جا مسئلا بيان ڪندي انھن ڪھاڻين ۾ کين انھن مسئلن جا حل پڻ ٻڌايا ويا آهن، ليکڪا جو بياني اسلوب ڄاڻائي پيو تہ هن ٻارن جي ذهني سطح کي پنھنجي ذهن ۾ رکي ۽ پاڻ انھيءَ تائين پھچي پوءِ انھن ڪھاڻين کي لکڻ شروع ڪيو آهي.
تڏهن عبدالحئي ڀٽو جون سٽون معني خيز آهن.

سنڌي ٻاراڻي ادب جو ستارو آهي پروين موسيٰ،
علم ۽ ادب جو تارو آهي پروين موسيٰ،
اها هميشہ سھڻيون ڪھاڻي لکندي رهي ٿي،
ٿر وارن ٻالڪن جو ساھہ سارو آهي پروين موسيٰ.

ڳوٺن ۽ شھرن جي هلندڙ ماحول جي عڪاسيءَ سان گڏ هن اسڪول جو ماحول، شاگردن جو پاڻ ۾ ورتاءُ ۽ استادن جي ٻارن جي مسئلن ۾ دلچسپي جھڙا روز مره جا موضوع دلپذير انداز سان پيش ڪيا آهن، هيءُ نراليون ۽ نڪور موضوعن واريون ڪھاڻيون يقينن اڄ جي جديد دور ۾ سنڌي ٻالڪ ادب جي اهم ضرورت آهن.

”پوپٽ ۽ گلاب“کي ٻالڪ ادب جي نامياري ليکڪ ڊاڪٽر مصطفيٰ سولنگي ”نرالو ٻالڪ ڪھاڻي“ ڪتاب سڏيو آهي، ڊاڪٽر لکي ٿو تہ، ” پوپٽ ۽ گلاب جي ڪھاڻين ۾ فطرت سان محبت ۽ قربت، انسان دوستي، دردمندي ۽ ٻيا ڪيترائي رنگ ۽ روپ ۽ نرالا خيال چمڪندڙ موتين وانگر وکريا پيا آهن، گڏوگڏ ڊاڪٽر صاحبہ جي گهري نظر ۽ مشاهدي جا اهڙا پاسا بہ پڌرا پيا آهن جيڪي ڪنھن وسيع نظر ڪھاڻيڪار جي فن ۾ هڪ لازوال چمڪ پيدا ڪري سگهندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو سندس هن مجموعي ۾ شامل ڪھاڻيون ٻارڙن ۾ فطرت ۽ زندگيءَ جو شعور پيدا ڪن ٿيون ۽ شعور بہ وري اهڙو جيڪو اسان جي سماج جو اصل روح ۽ اسان جي تھذيبي قدرن جي بنھہ ويجهڙو آهي“.تڏهن تہ سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز هيٺين ريت لکيو آهي تہ :
يارب!
مون کي پوپٽ جا پر ڏي تہ ٻار جي ننڊ ۾ تري وڃان!
ٻار جي ننڊ جا ڪؤثر ۽ تسنيم جي نھر وانگر هوندي آهي.
يارب!
مون کي ڀئَور جي گنجار ڏي،
جا خوشبوءَ جي پينگهہ ۾ لڏي.
۽ ڪيئي گل ان کي جهوٽا ڏين.
يارب!
مان تنھنجو!
پنھنجيءَ چانئٽ کان مون کي پري نہ ڪر.
جنھن کان منھنجا چپ هٽي نہ ٿا هٽڻ.

هيءُ ڪتاب خاص طور جانورن، پکين ۽ فطرت جي نظارن بابت ڪھاڻين تي مشتمل آهي، ڪھاڻين ۾ ”هرڻ جي چوري“، ”اڇي ڪبوتري“ ” ڪاري مڇي“، ”ڪوئل“، ”بيوقوف جهرڪو“، ”ٻليءَ جي دوستي“، ” گابڙو شاهد“ ۽ ٻين کي پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ کي خدا آگاهي، سچائي، صداقت ۽ همدرديءَ جھڙن جذبن جي ڄاڻ ملي ٿي، کين اها معلومات ملي ٿي تہ ڪھڙا جانور دوستاڻي رويي جا آهن. ڪتو وفادار جانور آهي تہ ڪبوتر امن جو پکي آهي، نازڪ پوپٽن کي جهلڻ نہ گهرجي کين آزاد ڇڏجي تہ ڀلي گلن جو رس چوسين، گل، وڻ ٽڻ ساوڪون پکي پکڻ ۽ جانور ڌرتيءَ جو حُسن ۽ ضرورت آهن، هيءُ هڪ بلڪل نرالو ۽ دلپذير ڪتاب آهي، جنھن جون سترنھن ئي ڪھاڻيون واقعي انوکيون ۽ دلچسپ آهن.
”ثاقب جي آئيسڪريم“ ڪتاب ۾ ” زهرہ جو روزو“، ” ڏاڍو گهر“، ”سونو ڪڪڙ“، ”پھرين تاريخ ۽ پڪوڙا“، ” استاد اسلم،، ” شرارت ۽ شيطاني“ ڪل ٻارنھن ڪھاڻيون آيل آهن، نامياري محقق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ”ثاقب جي آئيسڪريم منھنجي نظر ۾ “ جي عنوان سان لکيل مھاڳ ۾ لکيو آهي تہ، ” هي ڪتاب ٻاراڻي ادب جي شاهڪار ڪتابن مان هڪ ڪتاب آهي، هن ڪتاب جي هر هڪ ڪھاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر پروين عقل ۽ ڏاهپ جا ٻڪ ڀري وڌا آهن، ھھڙا ڪتاب ٻارن جي هٿن ۾ ايندا تہ ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق جاڳندو ۽ اهو شوق کين علم جي دروازي تي وٺي ويندو“.
تحقيق علم هڪ اهڙو زيور آهي جو ٻارن جي فطري ذهانت ۽ جسماني صلاحيتن کي اُڀاري کين سماج ۾ هڪ آزاد ۽ امن پسند شھري ٺاهي ٿو، چوهٺ صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب پڙهڻ ۽ لطف اندوز ٿيڻ جھڙو آهي.
ڊاڪٽر پروين جي ”سھڻا سخن“ ڪتاب جا پنج باب آهن پھريون ۽ ٻيو باب اخلاقيات جي موضوع تي قرآن پاڪ جي آيتن جا ترجما ۽ حديثون آهن تہ ٽئين باب ۾ خلفاءِ راشدين جا قول ۽ چوٿين ۾ دنيا جي عالمن، اديبن ۽ وڏين شخصيتن جا قول آهن، پنجين باب ۾ سنڌي ادب جا اهم سخن ڏنا اٿن، ٻارن لاءِ لکيل سھڻا سخن ڪتاب 92 صفحن تي مشتمل پنھنجو مٽ پاڻ آهي، محمود مغل هن ڪتاب جي خوبصورت مھاڳ ۾ کين ”سدا بھار ليکڪا“ سڏيو آهي.
”سونيون اشرفيون“ ڪتاب ۾ تيرهن ڪھاڻيون آهن، جنھن جو خوبصورت مھاڳ ٻالڪ ادب جي نامور ليکڪ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لکيو آهي،”ارباب جي هوشياري“۾ چوڏهن ڪھاڻيون آهن، جنھن تي مھاڳ ۽ ٻہ اکر آپا مريم مجيدي ۽ ٻالڪ ادب جي ليکڪ بيخود بلوچ لکيا آهن،” ارباب جي هوشياري“، ”احسانمندي“، ” پاڻي نعمت آهي“، ” فرحان جي عقلمندي“، ”اچو تہ وڻ بچايون“ ۽ ٻيون بھترين ڪھاڻيون آهن، جي نہ فقط سبق آموز پر سنڌي سماج جي موجودہ حالتن سان ٺهڪندڙ ۽ هلندڙ دور جون جديد انداز جون ڪھاڻيون شمار ڪري سگهجن ٿيون.
”امر انسان“ سوانحي مضمونن تي آڌاريل آهي، جنھن ۾ ڊاڪٽر پروين اسلام جي نامور شخصيتن ۽ ٻين نالي وارن دنيا جي فردن بابت مضمون لکيا آهن، هن ڪتاب جو مھاڳ شاعر مرحوم سرور نواز ٻگهيو لکيو آهي. ”انوکو رازو“ ۾ ڊاڪٽر صاحبہ اردو ادب تان چونڊ ڪھاڻيون ترجمو ڪيون آهن جيئن ”انوکو رازو“، ”پريما ڪماري“، ”غيبي مدد“، ” چوٿون چور“، ۽ ٻيون آهن، ”اچوڙي ٻارو، راند جو وارو، اڪ جي ڪاٺي نم جا پاوا“ ٻاراڻي بيت مان عنوان چونڊي ڊاڪٽر پروين دِل وندرائيندڙ خوبصورت ڪھاڻيون ”اچوڙي ٻارو“، ”يتيم ڇوڪرو“، ”آخري اسٽيشن“، ”انٽرويو“، ”نڀاڳ ۽ سڀاڳ“، ”هنر بادشاھہ آهي“، لکيون آهن، هيءُ ڪتاب منفرد ڪھاڻين تي مشتمل آهي.
”معلومات جو خزانو“ ڊاڪٽر صاحبہ پنجن بابن تي مشتمل ترتيب ڏنو آهي، جنھن جي بابن ۾ ”دين جي معلومات“، ” دنيا جي معلومات“ سائنسي معلومات ۽ ٻيا موضوع آهن.
”حڪايتون“ ڪتاب ۾ مشھور شخصيتن ، جيئن شيخ سعدي، خليفو هارون رشيد، مالڪ بن دينار، شاھہ عبدالطيف، وتايو ولي ۽ ٻين جون حڪايتون شامل آهن.
ان کانسواءِ ”ڀت تي جهرڪي“، ”پکراج پري“ ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب سندن قلم جي جنبش هيٺ مڪمل ٿيڻ لاءِ موجود آهن، ڊاڪٽر پروين هڪ اهڙي قلمڪارا آهي، جنھن قلم سان سچائيءَ ۽ بي لوث محبت جو رشتو قائم رکيو آهي، سندس سفر جاري ۽ ساري آهي. اھڙن ادب پرورن لاءِ سنڌ جو عوامي شاعر ڪجهہ هن ريت پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو آهي تہ :
جي درد دل اُماس ڪري، روشني ڪجي،
سِڪ، سونھن لاءِ لاٽ سچي، زندگي ڪجي.
ٿو دوستيءَ جو دنگ وڏو دائرو رکي،
هر درد مند سان وڌي دوستي ڪجي.
(استاد بخاري)

فقير محمد سنڌي