ٻاراڻو ادب

پکراج پري

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون دلچسپ پيرائيءَ ۾ ٻارڙن لاءِ لکيل هيءُ ڪھاڻيون فقط انوکيون ڪونھن پر دلچسپ هئڻ سان گڏ سبق آموز ۽ اصلاحي پڻ آهن. ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي آھي

Title Cover of book پکراج پري

سپوٽ نينگر

ٻارو! هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ڪاٺير رهندو هو. کيس هڪ ئي پٽ هو. ان جو نالو ڪمال رکيو هئائين ڪمال گهڻو سمجهدار، فھميدو ۽ سپوٽ نينگر هو. ڳوٺ جي اسڪول مان اٺون درجو پڙهي پاس ڪيائين تہ سندس پيءُ لقمان سو چيو تہ، هاڻي آئون ٻڍو ٿي ويو آهيان منھنجو پٽ پڙهي لکي جيڪڏهن شھر وڃي نوڪري ڪندو تہ بہ اسان کان تہ پري ٿي ويندو سو ڪاٺين ڪٽڻ ۾ ڪھڙو عيب آهي اهو تہ سان جو ابن ڏاڏن جو ڪم آهي کيس بہ ساڳئي ڪم تي لڳايان باقي سو علم حاصل ڪيو اٿس تہ اهو وڃائي ڪونہ ڏيندو. رات جي ماني کائڻ مھل ڪمال کي چيائين تہ، ”پٽ! هيڏي اچ مون کي توسان ڪجهہ ڳالھائڻو آهي“. ڪمال فرمانبرداريءَ سان اچي سندس پاسو ورتو، لقمان ڳالھہ شروع ڪئي. ”پٽ ڏس! آئون هاڻي ڪراڙو ٿي ويو آهيان مون کان ڪھاڙي نٿي کڄي هيستائين هِن ڪھاڙيءَ سان ڪاٺيون ڪري شھر وڪڻي آئون گهر جي پورت ڪندو آيس توهان جي والدہ کي سکيو رکيم پر هاڻي آئون چاهيان ٿو تہ، تون اهو ڪم ڪر تہ جيئن آئون ٻہ ٽي ڏينھن آرام ڪريان“.
ڪمال تہ حيران ٿي ويو هُن جو ڏاڍو شوق هو تہ مئٽرڪ ڪري ۽ اڳيان پڙهي پر پيءُ جو حڪم ٻڌي چپ ٿي ويو اکر نہ اُڪليس جو جواب کڻي ڏي. سندس منھن جو پنو ئي لھي ويو ماءُ ڏي نھاريائين پر ان جي منھن ۾ پڻ ساڳي پيءُ جي رضا ڏٺائين ڪجهہ چوڻ جي همٿ ڪونہ ٿيس پنھنجي منھن چپ ٿي ويو. ٻئي ڏينھن نہ ڪاٺيون ڪرڻ ويو نہ ئي اسڪول اهڙيءَ ريت ٽي ڏينھن گذري ويا. روز لقمان کيس ڏسي فڪر ڪندو هو ۽ سوچيندو هو تہ ڪمال کي ڪاٺيون ڪرڻ نٿيون وڻن پر وٽس نہ اسڪول ۾ وڌيڪ پڙهائڻ جا پئسا هئا ۽ نہ ئي ڪي سفارشون هيون جو اڳيان کيس ڪا نوڪري ڏياري، ان ڪري هُن جيڪي پٽ کي چيو هو ان تي قائم رهندي انتظار ڪرڻ لڳو. چوٿين ڏينھن زال کي چيائين تہ تون پنھنجي پٽ کي راضي ڪر ۽ ڪاٺين ڪٽڻ تي موڪل. ڪمال جي ماءُ صبح جو سوير اچي ڪمال کي جاڳايو ۽ کيس ڪاٺيون ڪٽڻ لاءِ موڪلڻ تي گهڻو اصرار ڪرڻ لڳي.
نيٺ ڪمال منھن ڌوئي ناشتو ڪري ڪھاڙي ۽ رسو کڻي جهنگ ڏانھن ويو جتي سندس پيءُ کيس ٻڌايو هو اُتي پھچي ڏٺائين تمام گهاٽا گهڻا ئي وڻ موجود هئا جن جون لامون هيٺ جهڪيل هيون سوچيائين پھرين ڪنھن هڪ وڻ جون شاخون ڪٽيان آهستي آهستي سڄو وڻ ٻن ٽن ڏينھن ۾ ڪٽجي ويندو جيئن ڪھاڙي مٿي ڪري تہ جهرڪين جي اڏامڻ جو آواز ٻڌائين کڻي اکيون مٿي ڪيائين تہ ”مار! هڪ وڏو آکيرو هن وڻ ۾ جهرڪين ٺاهيو هو. جنھن ۾ ٻہ ٽي ننڍا ٻچا موجود هئا کيس ڏاڍو ترس آيو سو وڻ کي ڪٽڻ بدران زمين تي ويھي رهيو هن وڻ ڪٽڻ جو ارادو ختم ڪري ڇڏيو ۽ ائين سوچيندي سوچيندي کيس شام ٿي وئي ۽ هو بنا ڪاٺيون ڪٽڻ جي ڪھاڙو ۽ رسي ڪلھي تي رکي بکايل واپس گهر آيو. پيءُ هڪدم رڙ ڪري پڇيو تہ، ”ڪمال، ڪاٺيون شھر وڪڻي آئين! ڪيترا پئسا مليا“؟
ڪمال ڪنڌ هيٺ ڪري جواب ڏنو تہ وڻ تي جهرڪين جو آکيرو ڏسي هن انھن جهرڪين کي بي گهر ڪرڻ ڪو نہ چاهيو سندس پيءُ کي ڪاوڙ اچي ويئي ۽ ڪمال کي بد شد ڳالھائڻ لڳو. ماڻس ڳالھہ کي سنڀاليو ۽ کيس تسلي ڏيڻ لڳي تہ، ”نوجوان ٻار آهي ڪاوڙ نہ ڪر پاڻيھي سمجهي ويندو.“
ٻئي ڏينھن ڪمال وري ڪھاڙو ۽ رسو کڻي، جهنگ ڏي روانو ٿيو، کيس پل پل پنھنجو اسڪول ياد اچي رهيو هو. پر دل مظبوط ڪري وڻن وٽ پھچي ويو پر اڄ جن وڻن وٽ پھتو هو اهي ميويدار هئا. هن جيئن ڪھاڙو هنيو تہ وڻ مان هڪ وڏو ميوو هيٺ ڪريو جو صوف کان وڏو ۽ گدري کان ننڍو هو. جهنگ جو اهو ميوو ڏسي کيس ياد اچڻ لڳو تہ پاڙي ۾ اهو ڪنھن جي گهر ۾ ڀاڄيءَ طور پچائيندي ڏٺو هئائين، سوچڻ لڳو تہ هيءُ تہ ڪارائتو وڻ آهي الائي ڪيترن غريبن جي بک ٿو مٽائي ۽ ڪيترو نہ ڇانو ڏيندڙ آهي ان جا وڏا وڏا پن ۽ ٽاريون ايترا تہ پکڙيل آهن جو ڪيترا ماڻھو هن وڻ جي هيٺ ويھي گرميءَ کان بچي آرام ڪري سگهن ٿا، تہ پکي پکڻ پڻ انھن شاخن جي ڇانو ۾ سک وٺي سگهن ٿا ڀلا آئون اهڙي وڻ کي ڇو ڪٽيان؟ جو انسان ذات کي فائدو ڏيئي رهيو آهي هن ڪتابن ۾ پڙهيو هو تہ ڀلو ڪريو تہ توهان سان ڀلائي ٿيندي ۽ نيڪيءَ جو بدلو نيڪي آهي نيڪي ڪڏهن بہ ضايع نہ ٿيندي پنھنجي پيٽ جي پورت لاءِ انسانن، جانورن ۽ پکين جو سک وڃائڻ ڪٿي جي دانشمندي آهي؟
انھيءَ ٻڏتر ۾ ڪمال کي شام ٿي ويئي، اڄ صبح جو هُو گهران بہ ڪجهہ کائي ڪونہ نڪتو هو، پر هاڻي تہ کيس خوف ٿيڻ لڳو تہ بابو بہ ضرور رنج ٿيندو ۽ گهر ۾ بہ ڪجهہ ڪو نہ ملندو. پر تہ بہ وڻ ڪٽڻ تي سندس دل چيو ڪونہ ڪيو ۽ آهستي آهستي پير کڻندو گهر ڏي روانو ٿيو. جئين ئي گهر ۾ داخل ٿيو، لقمان ساڳيو مطالبو ڪيو تہ، ”پئسا آندا آهن؟“ ڪمال جي خاموشيءَ تي کيس ڪاوڙ آئي ۽ پئسا نہ ڏسي ڏنڊو کڻي اچي پنھنجي سڪيلڌي پٽ کي مار ڏنائين ۽ کيس گهران ڪڍي ڇڏيائين، ڪمال روئيندو روئيندو هڪ بنگلي وٽ ساڻو ٿي ڪري پيو. مٿس بيھوشي طاري ٿي ويئي
چند ڏينھن ٿي ويا ڪمال جو ڪو پتونہ پيو، سندس ماءُ ڪمال لاءِ روئي روئي بي حال ٿي ويئي ۽ پڻس بہ پنھنجي ڪيل زيادتيءَ تي پريشان هو پاڻ ۾ ڏک ونڊي رهيا هئا تہ سندن دروازي تي ٺڪاءُ ٿيو. ٻاهر نڪرڻ تي هڪ چوڪيدار بيٺل هو، جنھن کين چيو تہ، ”توهان کي وڏيري امير عليءَ گهرايو آهي“، ٻئي ڄڻا جلدي وڏيري جي حڪم تي حويليءَ ڏانھن هليا. دروازي تي پھچي، ڇا ڏسن تہ ڪمال بھترين ڪپڙن ۾ حويليءَ جي باغ ۾ بيٺو آهي کين پيرن پئي مليو تيستائين وڏيرو امير علي بہ حويليءَ مان ٻاهر باغ ۾ آيو، اچي لقمان کي چيائين تہ، ”تنھنجو پٽ تمام سٺو ڇوڪرو آهي. هيءُ ٻہ ٽي ڏينھن اڳ اسان جي حويليءَ جي دروازي تي بيھوش ٿيو پيو هو، مون حڪيم گهرايو جنھن کيس هوش ۾ آندو ۽ کاڌو کارايو. پڇڻ تي خبر پئي تہ کيس جانورن، پکين، وڻن ۽ ٻوٽن سان ڏاڍو پيار آهي ۽ انھن کي سرسبز ۽ آباد ڏسڻ چاهي ٿو انھيءَ ڪري ڪاٺيون بہ ڪٽي نہ سگهيو ۽ ٻيو تہ پڙهيل لکيل پڻ آهي. هن نيڪ نيت ڇوڪري کي آئون پنھنجي ڪم لاءِ رکان ٿو. منھنجو باغ بہ سنڀاليندو ۽ مالھيءَ جو پگهار بہ ڏيندس تہ گڏ آئون کيس اسڪول ۾ بہ پڙهائيندس اڳيان هلي کيس پنھنجو منشي ڪري رکندس“. ڪاٺير ۽ ان جي زال جي اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ اچي ويا هو وڏيري امير عليءَ جي پيرن ۾ ڪري پيا. اميرعليءَ کين ڪجهہ پئسا ڏيئي ماني کارائي عزت سان گهر روانو ڪيو ۽ ڪمال وڏيري جي نگرانيءَ ۾ سندس عاليشان باغ کي سنڀالڻ سان گڏ تعليم حاصل ڪرڻ لڳو.پيارا ٻارو! گل ٻوٽا ۽ وڻ خدا پاڪ جون پيدا ڪيل نعمتون آهن جن مان اسان کي کاڌو ملي ٿو تہ وڏي ڳالھہ ساھہ کڻڻ لاءِ صاف هوا (آڪسيجن) پڻ ملي ٿي. انڪري اچو تہ سپوٽ ڪمال وانگر وڻ بچايون ۽ هن ڌرتيءَ کي سنواريون.