ٻاراڻو ادب

پکراج پري

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون دلچسپ پيرائيءَ ۾ ٻارڙن لاءِ لکيل هيءُ ڪھاڻيون فقط انوکيون ڪونھن پر دلچسپ هئڻ سان گڏ سبق آموز ۽ اصلاحي پڻ آهن. ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي آھي

Title Cover of book پکراج پري

محنت ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي

اقبال ۽ عزيز ٻئي ڀائر هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. سندس والد هڪ ٻنيءَ جو ٽڪر وفات مھل ڇڏي ويو هو. ماءُ اڳ ئي وفات ڪري ويئي هئي. باقي هي ٻئي ڀائر ٻني کيڙيندا هئا. سندن ٻنيءَ جو ٽڪر ننڍو پر آباد هو، جتي کين مزو ايندو هو. هڪڙي مينھن پڻ هئن جنھن جو کير ٻنھي ڄڻن جي ضرورت کان گهڻو هو. انھيءَ مان باقي بچيل کير پنھنجي والدين جي نالي خيرات ڪندا هئا. ”ڀوري“ مينھن کين گهڻي پسند هئي ان کي کاڌو کارائڻ، وهنجارڻ، کير ڏهڻ سڀ ڪم شوق سان ڪندا هئا. جڏهن تہ وٽن ڪمدار پڻ هو پر هن مينھن سان سندن دِل گهڻي هئي. ڀوري مينھن پڻ عزيز ۽ اقبال کان سواءِ ڪنھن کي کير ڏُهڻ نہ ڏيندي هئي، سندن پيار کان واقف هئي.
هن ڳوٺ ۾ ٻنھي ڀائرن جو ڪو بہ مائيٽ هڪ ٻئي کان سواءِ ڪونہ هو، پنھنجي زندگيءَ جو سڄو ڏک سور زمين جي انھيءَ آباد ٽڪر تي وڃي وساري ويھندا هئا. جتي ساون چھچ پنن وارا وڻ ۽ پکين جي چڻ ڀڻ جا سُر، ساوڪ سان جهنجهيل زمين جي ٿڌي نشيلي هوا، هر طرف وسعت جو خوشگوار احساس ڏيندي هئي، ڪشادي آسمان هيٺ مختصر زمين جو اهو ٽڪرو سندن لاءِ حسين جنت وانگر هو.
قدرت جي ڪرڻي اهڙي ٿي ٻہ سال لاڳيتو ڏڪار ٿيو، فصل صفا سڙي ويو، سنڌو درياھہ جي سُڪي وڃڻ ڪري، سندن واٽرن مان پاڻيءَ جو ڦڙو بہ ٻنيءَ تائين نہ پھچڻ تي حالتون خراب ٿي ويون. اهڙيءَ ريت ٻنھي ڀائرن پريشانيءَ ۾ اهو فيصلو ڪيو تہ ٻني ۽ مينھن وڪڻي هلي شھر ۾ ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪريون. انھن حالتن ۾ کين ڪو گهڻو پئسو تہ ڪونہ مليو پر وري بہ چڱا پئسا ٿي ويا. اهي کڻي شھر لاءِ نڪتا.
جڏهن قدرت طرفان آزمائش لکيل هجي ٿي، تڏهن هڪٻئي پويان ئي تڪليفون اينديون رهنديون آهن. هتي بہ ان ريت ٿيو، اڳيان هليا تہ رستي ۾ ڦورو ڦري آيا ۽ کانئن سڀ پئسا کڻي روانا ٿيا، هنن جون تہ، ”ٻہ بہ ويون ڇھ بہ ويون“، پر هاڻي تہ ڳوٺ وڃڻ بہ مشڪل هو سو پنڌ کي ڇڪيائون اچي شھر پھتا. ٻئي ڏينھن ڪنھن مسافر خاني ۾ رهيا. اقبال، عزيز کي چيو تہ، ”پاڻ کي ڪنھن ماڻھوءَ کان مدد گهرڻ گهرجي“. جيئن تہ عزيز وڌيڪ خوددار هو هن وراڻيو تہ، ”پاڻ محنت ۽ مزدوري ڪنداسين ڪنھن کان پئسو ڪونہ کڻنداسين“.
انھيءَ تي ٻنھي ڀائرن ۾ جهڳڙو ٿي پيو. نيٺ هڪٻئي کان جدا ٿي پيا. ڪجهہ وقت کان پوءِ اقبال کي عزيز بازار ۾ مليو، عزيز پڇيس تہ، ”تنھنجو ڪھڙو حال آهي“؟ اقبال چيس، ”ٺٺ لڳا پيا آهن روز خيرات لاءِ چوڪَ تي ويھندو آهيان ٻہ هزار ملي ويندا آهن“، عزيز کي ڏک ٿيو چيائين تہ، ”ادا پنڻ تہ حرام رزق آهي“. اقبال بي پرواهيءَ سان جواب ڏنس، ”ڪھڙو حرام رزق ڪھڙو حلال رزق؟ تون اچ توکي بہ جام پئسا ملي ويندا“. عزيز کي الاهي صدمو ٿيو ڀاءُ کي ڪجهہ ڪونہ چيائين ڪاوڙجي کانئس روانو ٿي ويو، ايترو سو ٻڌايائين تہ، ”آئون بوٽ پالش ڪندو آهيان، مون کي روز ٽي سَوَ ملندا آهن، پرشڪر الحمدﷲ پنھنجي هٿ جي محنت کاوان ٿو“.
اهڙيءَ ريت عزيز محنت ڪندو رهيو، سندس مالڪ پڻ انھيءَ مان گهڻو خوش هو، جنھن پوءِ سڄو دوڪان عزيز جي ايمانداريءَ جي ڪري ان جي حوالي ڪري ڇڏيو،
هُو جتين پالش ڪرڻ سان گڏ بوٽ ۽ سئنڊلون پڻ ٺاهڻ لڳو، جن مان سٺي آمدني ٿيڻ لڳي ۽ هن پوءِ پنھنجو هڪ الڳ دوڪان بہ وٺي ڇڏيو. هڪ ڏينھن کيس پنھنجي گهر لاءِ نوڪر جي ضرورت هئي ۽ اخبار ۾ اشتھار ڏنائين تہ ٻن ڏينھن کان پوءِ سندس گهر تي گهنٽي وڳي دروازي تي بيٺل سندس ڀاءُ اقبال هو، عزيز ڏسي حيران ٿي ويو جنھن کيس سڃاتو ۽ سڄي پنھنجي حقيقت ٻڌائي عزيز کي گهڻو ڏک ٿيو کيس اندر ويھاريائين ۽ سمجهايائين تہ هُو اچي ساڻس گڏ ڪم ڪري هاڻي هن الڳ دوڪان بہ کوليو آهي جنھن تي کيس مدد لاءِ ماڻھوءَ جي ضرورت بہ آهي. اچي ان تي هٿ ونڊائي. محنت سان ۽ دل سان ڪم ڪري جيئن هن پاڻ ڪيو آهي. اڳيان ضرور رب پاڪ انھيءَ محنت جو صلو ڏيندو.
اقبال، عزيز کان عمر ۾ ننڍو هو، پنھنجي غلطين ۽ چيو نہ مڃڻ جون معافيون گهريائين. ان کان پوءَ ٻئي ڀائر گڏجي ميٺ محبت سان رهڻ لڳا، اقبال پڻ دِل سان ڀاءُ سان گڏ محنت سان ڪم ڪري حلال رزق ڪمائڻ لڳو.