ڏاڏي حليمان
هن دفعي عمر کيس گهڻو زور ڀريو تہ، ”ٻارڙا چون ٿا تہ توهين ڪراچيءَ اچو“، سو هوءَ پڻ وڏي شوق سان ٻارڙن معيز، معاذ ۽ نور فاطمہ لاءِ بيسڻ ۽ سڪي ميوي جي خوراڪ ۽ قتل جا لڏون شوق سان ٺاهي اچي ڪراچيءَ پھتي، ڏاڏي ڏسي ٻار خوش ٿي نچڻ ٽپڻ لڳا. عابدہ جيڪا عمر جي گهرواري ۽ سندس ڀائيٽي هئي تنھن سھڻو آڌرڀاءُ ڪيس، کيس ڪراچيءَ ۾ راحت اچڻ لڳي.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ 12 ربيع الاول جو ڏينھن اچڻ وارو هو عمر کي ٻارن اچي ورايو تہ اسان سان گڏ بازار هلو ۽ عيد ميلادالنبيءَ جي جشن جي تياري ڪرڻي آهي. هُو ڇنڇر جي ڏينھن کين وٺي بازار ويو. واپسيءَ ۾ ٻارڙن اچي سڀ شيون ڏاڏيءَ کي ڏيکاريون ۽ هوءَ عجب سان سڀني شين کي ڏسندي رهي ٻئي ڏينھن آچر تي عمر ۽ ٻار سڄي گهر کي سينگارڻ ۾ لڳي ويا، حليمان پنھنجي ننھن کان پڇڻ شروع ڪيو تہ، ”هيءُ سڀ ڇا آهي؟“ عابدہ ٻڌائڻ لڳيس تہ، ”هتي 12 ربيع الاول وڏي ڌوم ڌام سان ملھائي ويندي آهي. سڄي شھر جي وڏين عمارتن، مسجدن، گهرن، روڊن ۽ رستن کي سينگاريو ويندو آهي ۽ ايئن رسول پاڪصه جن جا عاشق پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪندا آهن“. ڏاڏيءَ حليمان کي اها ڳالھہ ٻڌي حيرت ٿي. سندس ڳوٺ ۾ ان ريت ڪونہ ٿيندو هو. هوءَ سوچيندي ئي رهجي وئي تہ اسان جي قوم کان ڪيتري نہ غلطي ٿي رهي آهي هو عمل جي بدران ڏيکاءُ ۾ پورا آهن؟.
عيد ميلادالنبي جو ڏينھن اچي لنگهي ويو پر ڏاڏيءَ هڪ فيصلو ڪري ورتو اهو فيصلو هو سڄي گهر کي اسلامي طور طريقا سيکارڻ جو ۽ پياري نبيءَ سڳوري جي سنتن تي عمل ڪرڻ جو، هوءَ جڏهن ڪنھن کي ڪوبہ ڪم ڪندي ڏسندي هئي تہ انھيءَ کي دين جي طريقي سان ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي هئي. پاڻيءَ کي ٽن ساهن ۾ پيئڻ، مانيءَ کي آهستي چٻاڙي کائڻ، ”بسم ﷲ“ پڙهڻ ۽ ختم ڪرڻ تي ”شڪر الحمد ﷲ“ چوڻ، گهر ۾ داخل ٿيڻ مھل سڀني کي سلام ڪرڻ ۽ ٻيون ننڍيون ننڍيون ڳالھيون سيکارڻ سان گڏ، نماز پڙهڻ مھل کين پاڻ سان گڏ بيھاري نماز پڙهائڻ، قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ مھل سندن قرآن شريف ٻڌڻ اهڙيءَ طرح ڏاڏيءَ ڇھہ مھينا ڪراچيءَ ۾ رهڻ سان عمر جي اولاد ۾ نماز ۽ قرآن پاڪ پڙهڻ جي پختي عادت وڌي تہ منجهن سنتن تي عمل ڪرڻ جي عادت پڻ پئي، گڏ ڏاڏي کين رات جو حديثون ۽ نيڪ ڳالھيون ٻڌائيندي هئي. ڏاڏيءَ پنھنجي پوٽن ۽ پوٽيءَ کي اهو چڱيءَ طرح بانور ڪرايو تہ رسول پاڪ حضرت محمد ﷺ جن سان سچي محبت ايمان جو حصو آهي ۽ اها سچي محبت ماڻھوءَ کي تڏهن حاصل ٿيندي جڏهن هو سندن ڏنل حڪمن تي عمل ڪندو.