ٻاراڻو ادب

پکراج پري

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون دلچسپ پيرائيءَ ۾ ٻارڙن لاءِ لکيل هيءُ ڪھاڻيون فقط انوکيون ڪونھن پر دلچسپ هئڻ سان گڏ سبق آموز ۽ اصلاحي پڻ آهن. ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي آھي

Title Cover of book پکراج پري

پُکراج پري

هڪ خوبصورت ۽ ننڍي پري پُکراج پنھنجي والدين سان ضد ڪرڻ لڳي تہ ” آئون هيٺ زمين تي گهمڻ چاهيان ٿي“ سندس ماءُ کيس سمجهايو تہ ”راڻي! زمين جيتري حسين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ايتري حقيقت ۾ ناهي، تون هڪ نازڪ ۽ نفيس پري آهين، اُتي وڃي بيمار ٿي پوندينءِ“ پر پريءَ جو هڪڙو ئي ضد هو ته”مون کي هڪوار تہ وڃڻ ڏيو جي ڌرتي ڏسي خوش نہ ٿيس تہ، ٻيهر ڪانہ وينديس“ آخر هن جي گهڻي اصرار تي کيس اجازت ملي وئي. هوءَ پنھنجي نوڪرياڻيءَ سان گڏ هڪ سھڻي گاڏيءَ ۾ (جا گلن جي ٺهيل هئي ۽ ان کي چاليھہ پرستان جا پوپٽ ڇڪي رهيا هئا) ڌرتي گهمڻ لاءِ آسمان جي وسعتن مان هيٺانھين ڏي لھڻ لڳي،
”پوپٽ گاڏي“ انسانن جي وسنديءَ جي ويجهو پھتي تہ، وڻ، ٽڻ، دريا، جبل ۽ ماڻھو ڏسجڻ ۾ آيا. سندن گاڏي هڪ باغ ۾ اچي لٿي، جتي هڪ ننڍي مسجد پڻ هئي، جيئن ئي پکراج زمين تي پير رکيو مسجد مان ”ﷲ اڪبر“ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. فجر جي ٻانگ پئي لڳي، پريءَ کي ڏاڍو مزو آيو هن هيٺ پھچي پنھنجي نوڪرياڻيءَ جي مدد سان پنھنجي پوپٽ گاڏيءَ کي وڻ هيٺ لاٿو ۽ ان کي کوليو ٿوريءَ ئي دير ۾ سڀ پوپٽ باغ تي پيل ماڪ چوسي گلن جو رس پيئڻ لڳا، جلد ئي تازا توانا ٿي پنھنجي گاڏيءَ وٽ پھچي ويا.
صبح جو سوجهرو نروار ٿي چڪو هو، باغ ۾ ٻيا پوپٽ بہ اچي گلن تي ويٺا. آسماني پوپٽن انھن سان دوستي ڪئي سڀ گڏجي پاڻ ۾ رانديون ڪرڻ لڳا، پکراج باغ جي هڪ ڪنڊ ۾ موجود مسجد مان نمازين کي نڪرندي ڏسڻ لڳي، جن کي پريءَ جيان پر بہ ڪونہ هئا ۽ هُو کانئس تمام وڏا ۽ طاقتور پڻ ڏسڻ ۾ آيا پئي، پر هر ڪنھن کي ڪا جلدي هئي سڀ تڪڙا تڪڙا مسجد مان نڪري باغ مان ٻاهر وڃڻ لڳا، پکراج چپ ڌيان سان سڄو لقاءُ پئي ڏٺو، سوچڻ لڳي تہ هي سڀ رب پاڪ جي عبادت ڪرڻ آيا آهن؟ پر ايتري تڪڙ ڇو پيا ڪن کين ڪيڏانھن وڃڻو آهي؟ هتي لڳي ٿو سڀني کي ڏاڍي تڪڙ آهي، تيستائين هڪ ماڻھوءَ کي آهستي آهستي بالٽي کڻي ايندو ڏٺائين. هو انھيءَ بالٽيءَ مان ڇَلَ پاڻيءَ جي ڀري گلن تي ڇنڊڪار ڪرڻ لڳو، پر اهو ايترو تہ گندو ۽ اُٻَ وارو پاڻي هو جو گلن کي کنگهہ ٿيڻ لڳي پريءَ اهو ڏسي رڙ ڪئي، ”اهو پاڻي نہ ڇنڊڪار هيءُ گل مري ويندا! هيءُ گل مري ويندا!“ پر انھيءَ ماڻھوءَ پکراج جو آواز ئي ڪونہ ٻڌو. هُن بس ڪونہ ڪئي وڏي آواز سان رڙ ڪندي چيائين”هي گل ڪومائجي ويندا“
اهو ماڻھو حيران ٿي ويو تہ هن کان سواءِ تہ باغ ۾ ڪير ڪونھي اهو آواز ڪٿان پيو اچي؟ آسي پاسي ڏٺائين تہ کيس اوچتو پري ڏسڻ ۾ اچي وئي اها ٻي مخلوق ڏسي هُو ڊپ ۾ بيھوش ٿي ويو، ٿوري دير ۾ ان ماڻھو کي هوش اچي ويو، وڻ جي پويان پکراج پريءَ چيس، ”مون کان نہ ڊڄ، آئون پرستان جي پري آهيان، هتي زمين تي گهمڻ آئي آهيان، پھرين ئي هِنَ باغ ۾ پھتيس پر توهان کي ڪنو بدبودار پاڻي گلن کي ڏيندو ڏسي مون کي ڏک ٿيو، ان ڪري مون اوهان کي روڪڻ لاءِ رڙيون ڪيون“
هاڻي انھيءَ ماڻھوءَ جو ڊپ ڪجهہ گهٽ ٿيو، چيائين، ”پياري معصوم پري، تون ڀلي سامھون اچي هُن بئنچ تي ويھہ، آئون تنھنجي ڪھڙي خدمت ڪريان؟ تون هتي گهمڻ تہ آئي آهين پر توکي ڇا ٻڌايان اسين انسان خود هتي پريشان آهيون. آئون هڪ مالھي آهيان منھنجو نالو احسان آهي، منھنجو ڪم باغ جي سنڀال آهي“، پري چوڻ لڳي، ”پر بابا احسان، تون تہ هنن گلن کي گدلي ۽ بلڪل خراب برتن ۾ پاڻي ڏيئي رهيو آهين، ڇا توکي هنن معصوم گلن جو آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي؟“
احسان مالھيءَ ورندي ڏنس، ”اسين انھن معصوم گلن جو آواز نٿا ٻڌي سگهون پياري پري، ان ڪري اسان کي سندن تڪليف جو پڻ احساس ڪونھي، درحقيقت اسين خود پڻ اهو خراب پاڻي پيئڻ تي مجبور آهيون، اسان جي ئي غلطين جي سبب سان هتي دونھن ۽ ڪِنو ماحول آهي، کائڻ پيئڻ جون شيون، ايتريقدر ميوا ۽ ڀاڄيون پڻ صاف ۽ سٺا ناهن هتي ڪا بہ شيءِ خالص ڪونھي ﷲ تعاليٰ اسان کي عقل ڏنو تہ جيئن اسين کري ۽ کوٽي جي وچ ۾ فرق سڃاڻون برو ۽ ڀلو سمجهون پر اسان هر شيءِ جو غلط استعمال ڪري پنھنجي لاءِ تباهيءَ جو رستو چونڊيو آهي، اسان جا ٻار پڻ ناقص کاڌي جو شڪار ٿي سست ۽ ٽوٽي ٿي رهيا آهن، نہ اهي محنت ٿاڪن ۽ نہ ئي باغ ۾ سير ڪرڻ ٿا اچن، اتفاق سان جيڪڏهن اچن ٿا تہ گلن کي ٽوڙي موڙي تباھہ ٿا ڪن ۽ پوپٽن پٺيان ڊوڙي انھن جي نرم ۽ نازڪ پرن کي نقصان پھچائي پنھنجي مُٺ ۾ ٿا رکن، جنھن ڪري اهي ساھہ گهٽجڻ سان مري ٿاوڃن، آئون انھن کي روڪيندو آهيان، پر منھنجي تہ ذري بہ نٿا ٻڌن، پياري پري تون ﷲ تعاليٰ کان دُعا گهر تہ اسان انسانن ۾ هڪٻئي لاءِ پيار، محبت ۽ ٻڌي پيدا ٿئي. اسان وٽ ماڻھو محنت کان پاسو نہ ڪن پاڻ ۾ لڙائيون نہ ڪن، قدرت جي نيمن تي هلن ڪٿي ايئن نہ ٿئي تہ ڌڻي سڳورو اسان کان ناراض ٿي پنھنجون نعمتون کسي ڇڏي!!“.
پکراج پريءَ جڏهن احسان بابا کان زمين تي رهڻ وارن ۽ هتان جي ٻارن بابت ٻڌو تڏهن کيس سخت افسوس ٿيو. تہ هتان جي رهندڙ انسانن قدرت جي ڏنل اڻ ملھہ نعمتن جي قدر شناسي ڪانہ ڪئي آهي، هر هنڌ ڪچري جا ڍڳ پيا آهن. صاف ۽ شفاق مٺو پاڻي پڻ زهريلو ۽ ڪڙو ٿي رهيو آهي، جنھن سان بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن،ايتري قدر جو خراب پاڻيءَ جي ڪري انسان سان گڏ جانور ۽ پکي پکڻ پڻ بيمار ٿي ويا آهن، پيارا پيارا خوبصورت گل ڦل باغن ۾ بد رنگ ٿي ڪومائجي ويا آهن تہ وڻ پڻ بي زيبا پيا ٿين، مطلب تہ هر جاندار صاف پاڻيءَ ۽ هوا جي نہ هئڻ ڪري پريشان ۽ بي حال آهي.
پکراج پريءَ احسان بابا کي چيو”احسان بابا! سج نڪري چڪو آهي، هاڻي گرمي وڌنڌي جا منھنجي ۽ منھنجي پوپٽن لاءِ ڏکي ثابت ٿيندي انھيءَ ڪري آئون موڪلايان ٿي توهان جي وڏي مھرباني توهان مون کي زميني حالتن متعلق معلومات ڏني، ﷲ تعاليٰ جي ذات ۾ اميد اٿم تہ اهو اسان سڀني جي حال تي رحم فرمائي“
جيئن جيئن ڏينھن جي روشني پئي نروار ٿي رستن تي گاڏيون هلڻ شروع ٿيون، هر هنڌ ايئر ڪنڊيشنڊ هلڻ لڳا هوا ۾ ٻوسٽ محسوس ڪري، پکراج پريءَ ۽ سندس پوپٽن جو ساھہ سوڙهو ٿي منجهڻ لڳو هن احسان مالھيءَ ڏي منھن ڪندي چيو تہ، ”آئون هتي سير ڪرڻ ۽ سھڻن سھڻن ٻارن سان ملڻ آئي هيس منھنجو پيغام کين پھچائجو تہ آئون تمام سِڪَ سان ساڻن ملڻ لاءِ آيس پر مون کي سخت افسوس آهي تہ بنا ملڻ جي موڪلايان پئي منھنجو ٻارن سان واعدو آهي تہ جڏهن هو پنھنجي ڌرتيءَ کي سنواريندا نکاريندا، وڻ ۽ ٻوٽا پوکيندا، صاف هوائون هونديون چوطرف ساوڪ، گل ڦل ۽ ميوا هوندا آئون ضرور اينديس، آئون هاڻي وڃان پئي پر هڪ دفعو هن زمين جي سونھن ڏسڻ لاءِ بلڪل اينديس، خدا حافظ“
ايئن چئي پکراج پري پنھنجي پوپٽ گاڏيءَ مٿي ويھي هٿ لوڏي رواني ٿي وئي.