انوکو هيرو
قادر بخش جي نياڻيءَ عارفہ جي شادي اچي مٿي تي بيٺي، هن جيڪي چار پئسا بچت ڪيا هئا سي تہ شاديءَ جو سامان وٺڻ ۾ صحيح ڪتب آيا پر اڃابہ ڪي خرچ هئا. کيس پئسي جي وڏي گهرج هئي خميس جي ڏينھن شام جو جڏهن جلدي سڀ ڪاريگر هليا ويا (ٻئي ڏينھن جمعي جي ڪري دوڪان بند رهڻو هو) قادر بخش اچي عمران سوناري جو پاسو ورتو چيائين، ”سائين هڪ لک رپيا اڌارا کپن ٿا ڀلي منھنجي پگهار مان قسطون ڪري ڪٽي وٺجو پر منھنجي نياڻيءَ جي شادي آهي، منھنجي مھل ملھايو“. عمران منھن ۾ گهُنڊ وجهي چوڻ لڳو، ”توکي خبر آهي تہ آئون ڪنھن بہ نوڪر کي گهرو مسئلن يا بيماري سيماريءَ ۾ ڪا بہ ايڊوانس ڪونہ ڏيندو آهيان پنھنجي پگهار مان بچت ڪري پورت ڪيو“.
قادر بخش گهڻيئي منٿون ڪيس پنھنجي ڪاريگريءَ جو احساس ڏياريائين پر هُن کي اثر ڪونہ ٿيو.
هفتي کانپوءِ قادر هڪ اڇو خوبصورت ناياب ۽ انوکو هيرو کڻي وٽس ويٺو چوڻ لڳو، ”عمران صاحب هيءُ هيرو منھنجي وڏن جي نشاني آهي مون سالن کان سانڍي رکيو هو انھيءَ کي وڪڻڻ تي منھنجي دل نٿو چاهي ٻن ٽن لکن جوآهي پر آئون توهان وٽ گروي ٿو رکايان مون کي لک رپيا اڌارا ڏيو آئون آهستي آهستي اُهي پگهار مان ڪٽرائيندس جيئن ئي پئسا آجا ٿيندا آئون پنھنجو هيءُ قيمتي پٿر توهان کان کڻي ويندس“.
عمران کي ڳالھہ صحيح لڳي هن هڪ شيشي جي ننڍيءَ برنيءَ ۾ کيس اهو پٿر رکڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ کانئس کڻي ٽجوڙيءَ ۾ رکي قادر بخش کي هڪ لک رپيا ڏنائين.
ان ريت قادر بخش پنھنجي ضرورت جو پورائو ڪري خير خوبيءَ سان نياڻيءَ جي شاديءَ جي فرض مان سبڪدوش ٿيو ۽ وٽس نوڪري پڻ ڪندو رهيو ٽن سالن ۾ سڀ پئسا آجا ٿي ويا.
جڏهن پئسا مڪمل لھي ويا تڏهن قادر بخش سوناري کي چيو تہ هاڻي منھنجو قيمتي پٿر مون کي واپس ڪيو مون واعدي مطابق توهان جا پئسا پگهار مان لاهي ڇڏيا آهن. سيٺ عمران اُٿي ٽجوڙي کولي کيس اهو ناياب هيرو آڻي ڏنو، قادر بخش هڪ پاڻيءَ جو پيالو کڻي ان ۾ اهو اڇو هيرو وڌو ۽ پوءِ ان کي لوڏڻ لڳو ٿوريءَ دير ۾ اهو هيرو پاڻيءَ ۾ ڳري ويو. سونارو حيران ٿي ڏانھس ڏسڻ لڳو. قادر بخش چيس، عمران سائين اهو هيرو (ڊائمنڊ) ڪونھي اهو تہ مصريءَ جو ڳنڍو آهي. جنھن کي مون پنھنجي هٿ جي صفائيءَ سان اهڙو تہ خوبصورتيءَ سان ڇلي تيار ڪيو جو توهان پن دوکو کائي ويا تہ اهو اصلي هيرو آهي انھيءَ ۾ ڪمال منھنجي فن جو آهي، آئون هيرا تراشڻ وارو ڪاريگر آهيان ۽ توهان کي ذاتي خبر آهي تہ هن علائقي ۾ مون جھڙو ڪوبہ هوشيار ڪاريگر ڪونھي مون کي ڏک انھيءَ جو آهي تہ مون کي پنھنجي قدر ۽ قيمت جي خبر هئي پر مون توهان جھڙي بي قدر ماڻھوءَ وٽ حياتي دان ڪئي. توهان منھنجي صلاحيتن تي اعتبار ڪونہ ڪيو ٻن روپين جي مصريءَ جي ڳنڍي تي ڀروسو ڪيو افسوس اهڙي ناقدرشناس وٽ آئون وڌيڪ ڪم نٿو ڪري سگهان. ايئن چوڻ کان پوءِ قادر بخش سوناري عمران کي حيران ۽ پريشان ڇڏي اطمينان سان دوڪان جي دروازي مان نڪري ويو.