روشن ڏيئو
خالد هڪ غريب ۽ محنتي شاگرد هو سندس پيءُ هڪ ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪندو هو. هڪ دفعي ڊرائيور جي غلطيءَ سان ٽرڪ هيٺ اچي حادثي ۾ فوت ٿي ويو. خالد جي ماءُ مُريم وڏيءَ مشڪل سان اوڙي پاڙي جا ڪپڙا سبي محنت ڪري بہ کيس هڪ خانگي اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي، مريم کي ٻيو ڪو بہ اولاد ڪونہ هو، سڄي توجھہ خالد تي ڏيئي گهر جو گاڏو مشين جي سلائيءَ مان هلائيندي هئي. سندس خواهش هئي تہ جيئن خالد پڙهي لکي وڏو آفيسر ٿيئي پر مھانگائيءَ جي ڪري خرچن جي پورائي ۾ سندس هٿ اڪثر تنگ رهندو هو. اڄ بہ هوءَ ڏاڍي پريشان هئي، تہ خالد اسڪول مان اداس موٽيو، سمجهيائين تہ ضرور فيءَ جي ڳالھہ هوندي ۽ ٿيو بہ ايئن. خالد کيس ٻڌايو تہ، ”هيڊ ماستر چيو آهي تہ صبح ڪنھن بہ حالت ۾ فيس کڻي اچجان نہ تہ تنھنجو نالو اسڪول مان ڪٽجي ويندو“ سوچ ۾ پئجي ويئي کيس تہ تسلي ڏنائين پر پاڻ سمجهيائين پئي تہ صبح بہ فيءَ جو بندوبست ڪونہ ٿي سگهندو. پاڙي جي هڪ ساهيڙيءَ وٽ وئي پر کيس پئسا ملي نہ سگهيا. صبح جو خالد اسڪول وڃڻ کان اڳ وري فيءَ جي ڳالھہ ڪئي کيس تسلي ڏيندي چيائين تہ، ”پُٽ اڄ تون اسڪول وڃ ﷲ ڪندو صجاڻي تائين فييءَ جو بندوبست ٿي ويندو، اڄ تہ گهر ۾ صفا چند روپيا آهن، فيس پوري ڪونہ ٿي سگهندي“.
خالد کي الاهي صدمو ٿيو دل ۾ سوچڻ لڳو تہ آئون تہ يتيم ٻار آهيان منھنجي ماءُ سلائيءَ مان ڪيترو منھنجي پڙهائي جو خرچ ڀري سگهندي؟ موزون اهو آهي تہ آئون پڙهائي ڇڏي ڪٿي موٽر مڪينڪ جي دوڪان تي مزدوري ڪريان پنھنجي ماءُ کي بہ پورهئي کان بچايان ۽ خود بہ شرمندگيءَ کان بچي وڃان، وري جڏهن اسڪول جي ويجهو آيو تڏهن کيس خيال آيو تہ، ”ھھڙو سٺو اسڪول، دوست، يار ۽ پڙهائي ڪيئن ڇڏيان؟ ڇا ڪريان؟“ انھن ئي خيالن ۾ پور پچائيندو، هو ڪلاس ۾ پھتو، سڄو وقت سندس ڌيان پڙهائيءَ ۾ لڳي نہ سگهيو ۽ فيءَ جي فڪر ۽ هيڊ ماستر جي سڏ جي سوچ ۾ رهيو. سندس دل تيز تيز هلندي رهي تہ اجهو ٿو هيڊماستر جو کيس سڏ اچي ۽ ٿوري دير ۾ اسڪول مان خارج ٿيڻ جو ليٽر ٿو ملي. پر هُن کي موڪل تائين ڪنھن بہ نہ سڏيو، حيران پڻ ٿيو تہ خوش پڻ، تہ شڪر اڄ جان ڇُٽي ۽ ايئن ٻيو ڏينھن، ٽيون ڏينھن، بلڪہ پورو هفتو ۽ پوءِ مھينو گذري ويو، هيڊماستر کيس نہ گهرايو، هن سمجهيو تہ پَڪَ ڪا غيبي مدد ٿي آهي يا تہ هيڊماستر کي گهڻي ڪم ۾ سندس فيس وسري ويئي آهي پر اها ناممڪن ڳالھہ هئي ڇو تہ هيءُ هڪ خانگي اسڪول هو جنھن ۾ ظاهر آهي في ڏيڻ لازمي هئي. خالد کي همٿ نہ ٿي تہ ڪنھن کان پڇي بہ سگهي تہ هيڊماستر کانئس وري في ڇو نہ گهري آهي.
هڪ ڏينھن خالد ڪنھن ڪم سان هيڊماستر صاحب جي آفيس جي ٻاهران گذريو پنھنجو نالو ٻڌي بيھي رهيو. هو آفيس جي دروازي تي بيھي رهيو کيس لڳو تہ هيڊماستر سائين خالق ڏنو سندس فيس بابت ڳالھائي رهيو هو ۽ کيس سيٺ ڪريم جو آواز پڻ ٻڌڻ ۾ آيو جو هيڊماستر صاحب سان خالد جي تعليمي خرچن بابت ڳالھائي رهيو هو. خالد کان صبر ٿي نہ سگهيو، هو آفيس جي ڪمري ۾ اندر گهڙي ويو ۽ سلام ڪري چوڻ لڳو تہ،
”سر! مون کي معاف ڪجو آئون ڪمري جي ٻاهران گذري رهيو هئس پنھنجو نالو ٻڌي بيھي رهيس ۽ فيءَ جي خرچ جي ڳالھہ ٿي رهي هئي، توهان مھرباني ڪري مون کي حقيقت ٻڌايو!
سائين خالق ڏني کيس ويھڻ جو چيو ۽ ڪجهہ دير کان پوءِ چيائين تہ، ”بابا! جنھن ڏينھن مون توکي في ڏيڻ لاءِ گهڻو چيو هو ان ڏينھن سيٺ ڪريم هتي موجود هو، هُو تنھنجي والد کي سڃاڻي ٿو ۽ کيس سندس فوت ٿي وڃڻ جي خبر آهي ۽ انھيءَ مھل مون کي چيو هئائين تہ، ”هن شاگرد جي تعليم جو خرچ آئون کڻندس پر اهو بہ چيائين تہ، اها خبر ڪنھن کي بہ نہ پوي آئون اهو سڀ ﷲ تعالى جي رضا لاءِ ڪري رهيو آهيان، ڪنھن تي بہ ڪو احسان ڪونھي” پر جيئن تہ اڄ توهان سڄي ڳالھہ ٻڌي ڇڏي آهي انھيءَ ڪري وڌيڪ لڪائي نٿو سگهجي ۽ تنھن ڪري سڄي ڳالھہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏي اٿم.“ ايئن چئي هيڊماستر خالق ڏنو سيٺ ڪريم ڏي نھارڻ لڳو، خالد جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا ۽ شڪر گذاريءَ سان پنھنجي محسن سيٺ ڪريم ڏي ڏٺائين، جنھن مٿس هيڏو وڏو احسان ڪيو هو، سيٺ ڪريم اُٿي هن يتيم ٻار کي ڀاڪر پاتو ۽ چيائين،
”بابا رو نہ! محنت کان ڪم وٺ ڪاميابي يقيناً تنھنجا پير چمندي، جنھن جو ڪير نہ هوندو آهي تنھن جو ﷲ هوندو آهي. حالتون ڪيتريون بہ ڪٺن ڇو نہ هجن انسان لاءِ هڪ رستو ضرور کليل هجي ٿو. شرط اهو آهي تہ تنھنجي مَنَ ۾ جستجو، شوق ۽ سچائيءَ سان گڏ محنت جو مادو هجي، پنھنجي تعليم تي توجه ڏي، انشاءَﷲ هڪ ڏينھن تون ضروروڏو ماڻھو ٿيندين پر منھنجي اها ڳالھ ياد رکج پاڻ کان هيڻي جي مدد ضرور ڪج اهو ئي ڪنھن جي ڀلائيءَ جو بدلو آهي.“
سيٺ ڪريم جي پيار، محنت ۽ همٿ ڏيارڻ خالد ۾ هڪ نئون اُتساھ، شوق ۽ جذبو جاڳايو. هاڻي هو ڏينھن رات هڪ ڪري وڌيڪ محنت ڪري ڪلاس ۾ پھريون نمبر اچڻ لڳو. مئٽرڪ جو امتحان پوزيشن سان پاس ڪيائين. سندس تعليمي خرچ وڌڻ لڳو ۽ والدہ بہ بيمار رهڻ لڳي ان ڪري شام جو ٻين ٻارن کي ٽيوشن پڙهائڻ لڳو جنھن سان خالد جي پنھنجي علم ۾ پڻ اضافو ٿيندو رهيو ۽ هُو شام جو وقت بہ ضايع ڪرڻ کان بچي ويو، صبح جو ڪاليج ويندو هو ۽ شام جو ٽيوشن ڏيندو هو. ان ريت بي.اي ڪيائين کيس چٽاڀيٽيءَ جي امتحان ۾ ويھڻ جو شوق جاڳيو، آخرڪار وڏيءَ محنت سان ٻہ دفعا رهجي وڃڻ کان پوءِ هو ٽيئن دفعي ۾ امتيازي نمبرن سان پاس ٿي اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي لڳو.
اهڙيءَ ريت اڳيان وڌندو رهيو پر جڏهن بہ سندس ڪنن ۾ سيٺ ڪريم جا لفظ ٻُرندا هئا ۽ اُن جو چهرو اکين اڳيان ايندو هو تڏهن کيس شدت سان احساس ٿيندو هو تہ ڪنھن نموني پنھنجي انھيءَ همدرد کي ڳولھي لھان جنھن مٿس هيڏو وڏو احسان ڪيو هو. نيٺ ڳولا کان پوءِ کيس خبر پئي تہ سيٺ ڪريم وفات ڪري ويو آهي، هُو سندس قبر تي حاضري ڀرڻ ويو ۽ عھد ڪيائين تہ غريب ٻارن لاءِ هڪ معياري اسڪول بنا ڪنھن فيءَ جي کوليان جنھن مان ڪيترائي مون جھڙا بي پھچ ٻار پڙهي سگهن ۽ اڄ سندس قائم ڪيل اهو ”ڪريم سڪينڊري اسڪول“ شان مان سان قائم آهي جنھن جي سنڀال خالد سرڪاري وڏي عھدي تي هئڻ ۽ مصروفيت جي باوجود پڻ پاڻ ڪندو آهي.
ٻارو! سياڻن بلڪل صحيح چيو آهي تہ نيڪيءَ جو بدلو نيڪي آهي ۽ ڪنھن تي ڪيل ٿورو ڪڏهن بہ ضايع نٿو ٿيئي تحقيق علم اهو روشن ڏيئو آهي جنھن جي روشني سج ۽ چنڊ جيان هر وقت جرڪي ٿي.