رهنمائي
سندس اهو ايمان هو تہ ﷲ پاڪ پنھنجي ذڪر سان گڏ دنيا کي ترڪ ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو. ان ڪري خلق جي خدمت ۾ رب پاڪ جي وڏي خوشنودي آهي. ڪنھن کان بہ ڪو ٽڪو پئسو کڻڻ ڪڏهن بہ پسند ڪونہ ڪيائين، ڪنھن جي مدد ڪيائين تہ بہ پنھنجي ڌڻيءَ سڳوري جي درٻار ۾ قبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ.
پنھنجي عمر جي آخري حصي ۾ هو شاهي درٻار ۾ بہ وڃڻ لڳو تہ جيئن کيس خبر پئي تہ هتي ڇا وهي واپري پيو. ڪنھن سان ڪا ناانصافي تہ ڪونہ پئي ٿئي.
شيراز شھر مان ڪي علم جا طالبو ساڻس ملاقات لاءِ آيا جڏهن شاهي محل جي ويجهو پھتا تڏهن بزرگ جي رهائش جي ڄاڻ ورتائون، خبر پين تہ هو شاهي درٻار ۾ آهي پاڻ ۾ هڪڙي شاگرد ٻئي کي چيو تہ ”سمجهہ ۾ ڪو نہ ٿو اچي تہ، هيءَ ڪھڙو بزرگ آهي؟ هيءَ ڪھڙي درويشي آهي؟ جو بابا سائين تہ شاهي درٻار پيو گهمي اسان تہ سمجهيو تہ هُو بلڪل بي نياز طبيعت جو آهي!“ عام طور اهو ئي سمجهيو ويندو آهي تہ شاهي درٻار جي جيڪو غلامي ٿو ڪري ۽ اتي پنڌ ٿو ڪري يقينن اهو ماڻھو بادشاهن کي ويجهو ٿي فائدا وٺڻ ٿو چاهي سوهنن جي دل ۾ بہ اچي اهڙا خيال پيدا ٿيا تڏهن بہ ٻيو شاگرد چوڻ لڳو تہ ”غيب جو علم ڌڻيءَ سڳوري وٽ آهي اسان ڪنھن جي لاءِ ڪجهہ بہ چئي نٿا سگهون جيستائين حقيقت تان پردو کڄي“.
ٻنھي پاڻ ۾ مشورو ڪيو تہ هاڻي انھيءَ درويش جو انتظار ڪٿي ڪريون اهو سوچي وقت گذارڻ لاءِ شھر جو ڦيرو ڏيڻ ويا. رستي ۾ هڪ درزيءَ جو دوڪان آيو هڪڙي ٻئي کي چيو هتي اندر هلي ويھون ٿا. منھنجو کيسو ڦاٽل آهي. آئون اهو بہ سبرائي وٺان ايئن چئي هو دڪان ۾ داخل ٿيا درزي واندو ويٺو هو. هن مسافر جو جُبو کڻي سبڻ لاءِ مشين تي رکيو قينچي ڳولھيائين جا کيس نہ ملي. هن جي دل ۾ اچي شڪ جاڳيو تہ هي نوان ماڻھو آهن ڪھڙي خبر انھن کنئي هجي ٻنھي کان پڇيائين” توهان منھنجي قينچي تہ ڪونہ ڏٺي؟“ اوچتو اهڙو غير متوقع سوال ٻڌي هو ٻئي حيران ۽ پريشان ٿي ويا. کيس ڪاوڙ ۾ چيائون ”اسين تنھنجي سامھون هاڻي دوڪان ۾ داخل ٿيا آهيون. ڪپڙو سبڻ کان اڳ ۾ تون اسان تي بي سبب چوري پيو هڻين“
درزي بہ ضد ۾ اچي ويو تہ، ”چوري بلڪل توهان ڪئي آهي اوهان سان گڏ ٽيون شخص بہ آيو هوندو جنھن کي توهان مون کان اک بچائي قينچي ڏني هوندي ٻيو تہ صبح کان ڪير آيو ئي ڪونھي“.
ان ريت بحث بخيلائي ۾ مٽجڻ لڳو درزيءَ جي بدگمانيءَ هڻي وڃي هنڌ ڪيو. بس چوي تہ سپاهي ٿو گهرايان هُو ڪيتريون بہ منٿون ڪن، صفايون پيش ڪن پر درزي اهڙو نٺر جو ڳالھہ تان لھي ئي نہ، هنن جون تہ، ”ٻہ بہ ويون تہ ڇھہ بہ ويون“، اُهي شھر ۾ نوان داخل ٿيا هئا ڪجهہ وڌيڪ ڪڇي بہ نہ سگهن ڪاوڙ ۾ بس ايترو چيائون تہ ”وڃي سپاهي ۽ پوليس گهرائي اسان نڪو چوري ڪئي آهي ۽ نہ ئي اسان وٽ قينچي آهي. باقي تون جي جُبو زوريءَ رکڻ ٿو چاهين تہ تنھنجي مرضي“.
نيٺ سپاهي اچي انھن کي درزيءَ سميت بادشاھہ جي درٻار ۾ پھچايو. جتي اهو بزرگ درويش موجود هو. کيس پنھنجي روحانيت سبب انھن جي اچڻ جي خبر پئجي چڪي هئي. هنن ٻنھي کي چيائين” آئون توهان کي ٻڌايان تہ آئون بادشاھہ جي درٻار ۾ ڇو ايندو ويندو آهيان؟“
انھن پريشان ٿي چيو”پھرين تہ اسان کي هن مصيبت مان ڇوٽڪارو ملي پوءِ توهان کي ڪجهہ عرض ڪريون“ بزرگ درويش بادشاھہ کان پڇيو تہ ”منھنجي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟“ آئون سچو آهيان يا ڪوڙو؟“
بادشاھہ چيو تہ ”تون هڪ نيڪ درويش آهين ۽ بلڪل سچو آهين“ چيائين”هي ٻئي جوان علم جا طالبو مون سان ديني مسئلن تي مشاورت ڪرڻ آيا آهن. پر مٿن بي سبب چوريءَ جو الزام لڳو آهي“ ان وچ ۾ درزيءَ کي دوڪان تان اچي هن جو پٽ ٻڌائي ويو تہ، ”قينچي ملي وئي آهي“. هاڻي هو خوفزدہ هو. بزرگ پڇيس ٻڌائي”تنھنجي قينچي هنن چوري ڪئي آهي؟“ هن شرمندو ٿي ناڪار ڪئي ۽ قينچيءَ جي لڀجڻ جي ڳالھہ پڻ ڪئي ۽ اهو بہ اظھار ڪيائين، ”آئون تمام ڏک سان چوان ٿو تہ مون بدگماني ڪئي ۽ غلطي منھنجي آهي“. درزيءَ ٻنھي جوانن کان معافي گهري جُبو جو کيسي جي سبڻ لاءِ ڏنل هو دوڪان تان سبرائي واپس ڪيو ۽ اُجرت بہ ڪونہ ورتي. بزرگ درويش جوان شاگردن کي چيو” توهان کي هاڻي خبر پئي تہ آئون درٻار ۾ ڇو ايندو آهيان اڄ جيڪڏهن آئون شاهي درٻار ۾ نہ هجان ها تہ توهان سان نہ ڄاڻ ڪھڙو سلوڪ ٿئي ها!“
ٻنھي کانئس پنھنجي غلط انومان جي معافي گهري ۽ سندس گهر وڃي ديني درس وٺي رهنمائي حاصل ڪئي.