غيبي مدد
هڪ غريب عورت پنھنجي نياڻيءَ سان گڏ ننڍي گهر ۾ رهندڙ هئي. سندس گهر تي ڪنھن فقير اچي صدا هنئي تہ، ”ڪجهہ کائڻ لاءِ ڏيو“ هن جي ڌيءَ ٻاهر نڪري فقير کي چيو تہ، ”بادشاھہ سخت ناراض ٿيندو مون کي سزا ملندي نہ تہ مون وٽ ٻہ اڦراٽا ڍڪيا پيا آهن، پر ڊپ ۾ توکي ڏيئي نٿي سگهان“ فقير بک ۾ صفا پاھہ پئي ٿيو، اچي آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳو تہ ، ”ڪنھن کي بہ خبر ڪونہ پوندي مون کي مھرباني ڪري ڪجهہ کائڻ لاءِ ڏيو، ”ڇوڪري نرم دل هئي هوءَ اهي ڪپڙي ۾ ويڙهيل اڦراٽا کڻي آئي ۽ اچي دَرَ تي فقير کي ڏنائين، فقير خوش تي کيس دُعائون ڏنيون ان ئي وقت اتفاق سان ڪو واٽهڙو اُتان لنگهيو جنھن اهو لقاءُ ڏٺو ۽ وڃي ڪنھن ٻئي سان ڳالھہ ڪيائين ان ريت خبر بادشاھہ تائين پھتي هن کي انھيءَ تي سخت ڪاوڙ آئي تہ سندس رعايا بادشاھہ جي حڪم عدولي ڪري رهي آهي، ماڻھو موڪلي انھيءَ ڇوڪريءَ جا هٿ ڪٽرائي ڇڏيائين. ويچاري غريب جو تہ نڪو اوهي نہ ڪو واهي سو ڇوڪري حسنا ۽ ان جي ماءُ روئي رڙي چپ ڪري لکيو لوڙڻ لڳيون.
بادشاھہ ٽي شاديون ڪيون هيون پر هُو اولاد جي نعمت کان محروم هو هڪ ڏينھن پنھنجي ماءُ کي چيائين، ”آئون شادي ڪرڻ چاهيان ٿو شادي فقط اولاد ڪاڻ ڪريان ٿو پر تہ بہ جيڪا راڻي هجي سا تمام حسين ۽ جميل هجي صورت جي من موهڻي هجي“، ماءُ وراڻيس پنھنجي ئي ملڪ ۾ هڪ غريب ڇوڪريءَ جي حُسن ۽ شرافت جو مون چرچو ٻڌو هو پر انھيءَ جا هٿ تنھنجي چوڻ تي وزيرن ڪٽائي ڇڏيا جو هن فقير کي خيرات ڏني هئي. بادشاھہ کي بہ يادگيري اچي وئي ڪجهہ ڦڪو بہ ٿيو پر شاهي رعب موجب تاڙي وڄائي وزير کي گهرائي چيائين ته” اها ڇوڪري حسنا هتي حاضر ڪئي وڃي“. حسنا ۽ انھيءَ جي ماءُ کي ڪلاڪ ۾ بادشاھہ وٽ حاضر ڪيو ويو. ڇوڪريءَ جو حسن ۽ جمال ڏسي بادشاھہ حيران ٿي ويو. هن ڇوڪريءَ کان سڌو سنئون پڇيو تہ، ” ڇا تون مون سان شادي ڪندينءِ“ حسنا کي بادشاھہ کان نفرت تہ گهڻي هئي پر سوچڻ لڳي جي جواب ناڪار ۾ ڏينديس تہ هيءُ ظالم مون کي مارائي ڇڏيندو ۽ منھنجي ماءُ بہ رُلي ويندي سو ڊپ ۾ هائوڪار ڪيائين. بادشاھہ ۽ حسنا جي شادي ڌوم ڌام سان ٿي ٻئي خوش رهڻ لڳا هو پنھنجي ٻين ٽنھي راڻين کان وڌيڪ حسنا کي وقت ڏيندو هو ساڻس شاهي سواريءَ تي سير ڪرڻ بہ ويندو هو. ٻيون راڻيون حسنا کان سڙڻ لڳيون. انھن گڏجي اٽڪلون سوچڻ شروع ڪيون تہ جيئن بادشاھہ جي دِل تان حسنا راڻيءَ کي لاهي سگهجي. هڪ جوڳيءَ کي چار پئسا ڏيئي راضي ڪيو، تہ ”شاهي محلات ۾ اچي صدا هڻج ۽ حسنا راڻيءَ کان خيرات کڻڻ جو سوال ڪجانءِ، خيرات ۾ بادشاھہ جو هار گهرجانءِ“.
بادشاھہ ٽن ڏينھن لاءِ پنھنجي وزيرن سان گڏ جهنگ ۾ شڪار تي ويل هو هن جو نو لکو حسين هار جو فقط درٻار مھل پائيندو هو گهر ڇڏي ويو. سٽيل سازش مطابق ٻين راڻين انھيءَ هار کي رک مان لوئي اهڙو ڪري ڇڏيو جو اهو هڪ پراڻي هار جو ڏيک ڏيڻ لڳو ۽ سندن اٽڪل مطابق بادشاھہ ۽ ٻين وزيرن جي غير موجودگيءَ ۾ اهو فقير صدا هڻڻ آيو ۽ اهو ئي ضد ڪيائين تہ راڻي حسنا کان خيرات وٺندس حسنا جڏهن محل جي در وٽ آئي کيس چيائين” توکي ﷲ خوبصورت پٽ عطا ڪندو تنھنجا هٿ بہ ٺيڪ ٿي ويندا مون کي اهو هار ڏي جو بادشاھہ جي سينگار ميز جي خاني ۾ آهي“ راڻي حسنا چيس، ”اول تہ بادشاھہ خيرات کان سڄي ملڪ کي جهليو آهي ٻيو تون ڪٿان آيو آهين؟ ڇو هتي پنھنجو سِرِ وڃائين ٿو؟“ فقير مرڪي چيس، ” آئون عام فقير ڪونہ آهيان درويش آهيان ﷲ جي حڪم سان آيو آهيان مون کي ڪجهہ بہ ڪونہ ٿيندو بلڪہ تون مون کي جي هار ڏيندينءِ تہ هميشہ خوش ۽ آباد رهندينءِ“ راڻي حسنا وڃي سينگار ميز ڏٺي انھيءَ ۾ اهو هار پيو هو جيڪو انھيءَ وقت تہ مٽيءَ ۾ ٻڏل بدزيبو پئي لڳو سوچيائين، ”بادشاھہ هن کي ڇا ڪندو اهو تہ پراڻو ٿي ويو آهي، هن فقير کي ڏيڻ سان مون کي دُعا ملندي ۽ پٽ جو اولاد ٿيندو تہ پاڻ بادشاھہ پنھنجو وارث ڏسي خوش ٿيندو هوءَ پورن مھينن سان هئي سو بادشاھہ جي ئي خوشيءَ ڪاڻ اهو هار فقير کي ڏئي ڇڏيائين. فقير تہ هار کڻي رَمَندو رهيو.
راڻي حسنا کيس هار ڏيئي، مطمئن ٿي ويئي ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ بادشاھہ شڪار کان واپس آيو، درٻار ۾ وڃڻ کان اڳ پنھنجو هار ڳوليائين پر هٿ ڪونہ آيس، نيٺ معلوم ڪرڻ سان خبر پيس تہ اهو ڏوھہ راڻي حسنا جو آهي وري کيس اُن مٿي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هن جي موت جي سزا جو حڪم ڏيڻ لڳو پر پوءِ سڀني جي مشورن سان کيس ملڪ نيڪالي ڏنائين. راڻي حسنا جي امڙ بہ ڇھہ مھينا اڳ وفات ڪري وئي هئي هاڻي هن وٽ ڪو بہ وسيلو ڪونہ هو. هوءَ روئندي روئندي ملڪ مان نڪتي. سپاهي کيس انھيءَ ملڪ جي سرحد تي ڇڏي آيا. هلندي هلندي هڪ ٻئي ملڪ جي ويجهو پھچڻ تي هئي جو کيس ويم جا سور اچي ٿيا. سامھون کان ٻہ جوان ايندا ڏسڻ ۾ آيس انھن اچي سلام ڪيو ۽ چوڻ لڳا، ”اي معزز عورت ڇا اسين توهان جي ڪا مدد ڪري سگهون ٿا“ هن پنھنجي سڄي روئداد ٻڌائي، جوانن مُرڪي چيو، ”ڇا تون چاهيندينءِ تہ تنھنجا ٻئي هٿ صحيح ٿي وڃن“ راڻيءَ روئندي هائوڪار ڪئي انھن دُعا لاءِ هٿ کنيا ۽ راڻيءَ جا هٿ بلڪل صحيح ٿي ويا، چوڻ لڳا، ”اسين اهي ٻہ اڦراٽا آهيون جيڪي تو مسڪين فقير کي کائڻ لاءِ ڏنا هئا. هاڻي اسين توکي هڪ عادل بادشاھہ ڏي وٺي ٿا هلون جتي توکي گهر جو سڪون ملندو“، حسين راڻيءَ جو هٿ جهليائون تہ ٿوريءَ دير ۾ شاهي محلات اچي ويو، انھيءَ عادل بادشاھہ يوسف جي راڻيءَ فاطمہ وٽ کيس پھچائي اهي غائب ٿي ويا. راڻي فاطمہ پڻ ايتري ئي مھربان هئي جيترو بادشاھہ يوسف هو، هن انھيءَ راڻيءَ کي شان مطابق هڪ ڪمرو شاهي محلات ۾ رهڻ لاءِ ڏنو ۽ هڪ ڪنيز پڻ ڏنائين جتي هن جي خوبصورت پٽ جو جنم ٿيو،
بادشاھہ يوسف ۽ راڻيءَ فاطمہ هن نيڪ دِل ۽ خيرات ڪندڙ عورت جو دِل سان قدر ڪيو سندس حسن ۽ جمال عقلمندي ۽ نھٺائي ڏسي پنھنجي پٽ شھزادي سعيد سان سندس نڪاح ڪرايائون ۽ هن جي ننڍڙي دانيال جي پرورش پڻ شاهي محلات ۾ شان سان ٿيندي رهي، اهڙيءَ ريت راڻي حسنا جا هڪ غريب ڇوڪري هئي سان پنھنجي سون ورنيءَ دِل ۽ خير خيرات جي ڪري غيبي مدد سان محلاتن ۾ راڻي ٿي حياتي گهارڻ لڳي.