اوندھہ ۾ اُڏار
مُئن جي تہ ڳالھہ ئي ٻي. باقي جيئرن ۾ سو سورهيائيءَ جو ڪال! بس، چاچھنس سڳوري جو سو اهو ڪارنامو، جنھن ڪنھن عورت جي عشق ۾ ٽيٽيھہ گهاءَ ڪھاڙين جا سِرَ تي سھندي ڳترا ڳترا، ٻيرا ٻيرا ٿيندي، ٻوٽيءَ وانگر چٿجي، چچرجي ڪيمو ڪباب ٿيندي بہ زندگي ڪين تياڳي. ان حالت ۾ بچڻ کي ڪيترن سندس سورهيائي سڏيو تہ ٻين وري چيو تہ، ”ساپي جيان ڪو ست ساھہ پيل اٿس. مار! ٽيٽيھہ ڪھاڙيون، بس جنھن جي کُٽي، جنھن کي رب رکي. ڇا ماڻھوءَ جي ٻچڙي جو ميزان، ڇا ٽيٽيھہ ڪھاڙين جا گهاءَ!!“
هو بچو تہ صحيح پر مٿي تي ڪھاڙين جا زبردست زخم ٿيڻ سبب نہ رڳو مٿي جا وار سرڙجي کسڙجي سارين جي ٻيجاري جيان پاڙان پٽجي هٿيون، هٿيون، مراهيون، مراهيون ٿي ويا پر سوچ، سمجهہ، عقل ۽ عاشقي سڀ موڪلائي ويا. ان کي بہ ڪِن عشق جو روڳ ۽ محبت ۾ ديوانگيءَ جو نالو ڏنو. تہ ٻين وري ڪھاڙين جو ڪرشمو سڏيو.
ٻيو هو نانھس سڳورو، جنھن کي سون ٺاهڻ، سون هٿ ڪرڻ جو وڏو خفت هو. انھيءَ خفت ۾ ئي هو عمر جي ميڙي چونڊي دڦ ڪري، رهيل زمين ٽُڪرو گِروي رکي، ڪنھن ٺوڳيءَ سان گڏجي سنڌ جي ڌاڙيل محمد بن قاسم جو لڪايل خزانو، جوهيءَ ڀرسان سون جا پوريل مٽڪا هٿ ڪرڻ جي لالچ ۾ خاڪسارن جيان ڪوڏاريون ۽ بيلچا کڻي جوهيءَ جي جبلن ۾ پھتو هو. پوءِ نہ رڳو سڄي عمر جي ميڙي چونڊي لٽائي، ڦرجي، لُٽجي، فقير ٿي ويو هو. ۽ مخبوط الحواس ٿي ديوانن جيان پوءِ ڪيترو ئي عرصو جوهيءَ جي جبلن ۾ ڌڪا ٿاٻا کائيندي ”سون، سون“ جون صدائون هڻندو رهيو هو. آخر ۾ سندس مراتبو بہ انھن جبلن ۾ ئي ٿيو. خبر ملڻ تي مائٽن مٽيءَ سان مٽي ملائڻ لاءِ هڏن مُٺ ميڙي اچي اباڻي مُقام ۾ دفنائي ملان جي ٻن قلن عيوض تانھريءَ جو ديڳڙو لاٿو هو.
۽ ٽيون هو پڻس کان بہ ننڍي عمر وارو سندس مرحيات چاچو، جيڪو اولاد جي سِڪَ ۾ مئل ڌيءُ جي قبر تي مقبرو جوڙائي مجاوري ڪندي ڪندي جوانيءَ ۾ ئي چريو ٿي، وڻن، جاين ۽ قبرن مساڻن چوڌاري ڦيريون پائيندي پائيندي هڪ ڏينھن ڀانواٽيءَ ۾ پير ترڪڻ جي حالت ۾، ڏني ڪنيءَ وهندڙ دادو ڪئنال ۾ چَڀَ ڪيو. پوءِ جڏهن گذرئي اٺين پھر سندس لاش هٿ آيو هو. تڏهن منجهس اهڙي ڪا بدبوءِ بہ ڪانہ هئي. تڏهن بہ ماڻھن کي نَڪَ تي لٽو ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿي هئي.
۽ پڻھس، جيڪو مان ڀانيان ٿو اڃا تائين حال حيات آهي. جنھن خسيس سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائرڊ ڪيو. هن جي ڏوهن ثوابن جي ڪھڙي ڳالھہ ڪجي. مسڪين موم دل ماڻھو. نہ ڏي نہ رنجائي. نہ ڪنھن جي هنئينءَ نہ کنئينءَ ۾. وڏڙن جي ميراث يا پنھنجين هٿ ڪيل چئن ڪوڏين پُٺيان هاهوڪار هزارن جي. چوندا آهن، ”اَلھہ ڏي الھڙي نہ سھي!“ ان نہ سھائپ سبب ئي سندس گهر ۾ جن ڀوت جا ڊپ آيا. اونداهين راتين ۾ برسات وانگر ٺڪر ڀتر وُٺا، ڪِنُ ڪچرو ۽ ڪرپٽي ڪري. ڪيئي حملا زوريون، کاٽ چوريون، خرمستيون ٿيون. پر اڪيلو ۽ ارمان ويو سانڍيندو ساھہ ۾. نہ دانھن نہ فرياد، نہ رڙ، نہ واڪو. اهڙي وقت ۾ ٻچڙن کي ڪڪڙ جيان ڪوڙي ۾ ڪري لڪائيندو رهيو. ٻليءَ جيان چڪ ۾ ڪري در در ڇپائيندو رهيو. ڪنھن ٺڪر ڀتر، ڳري جِنب لڳڻ جي ڊپ کان. ڪنھن جن ڀوت جي خوف کان.
هن سان منھنجي ڄاڻ سڃاڻ تہ اڳ جي هئي پر چِٽي پِٽي سڃاڻپ ٿي تڏهن، جڏهن کان سدا واھہ جي ڪپر تي سائي چھچ ڇٻر مٿان پلٿي ماري هن جوشيلي انداز ۾ سوال ڪيو هو:
”ڪامريڊ، اشتراڪي ملڪن ۾ ڊڪٽيٽر شپ آهي يا جمھوريت!؟ آزادي آهي يا زبانن تي تالا بندي!!؟“
مان ايئن ئي سوال کي سوال سمجهندي ئي مختصر چيو هو:
”ڊڪٽيٽرشپ بہ آهي تہ زبانن تي تالا بندي بہ.“
”ڊڪٽيٽرشپ، آمريت، آپيشاهي، آزادي، اوهان آخر آزاديءَ کي چئو ڇا ٿا؟
”آزادي، ڇڙواڳي، جهنگلي جانورن جيان، هاڙهالن ڍورن جيان.......“
بس، ڄڻ ککر ۾ کڙو لڳي ويو. جل چرندڙ جانور کي ٽاھہ اچي ويو. هُو همراھہ پنھنجي پاڻيءَ مان نڪري ويو هو:
”ڇا جا اوهان ڪامريڊ آهيو، ڪنھن اوهان کي ڪامريڊ ڪيو آ، ڪٿي آهي اوهان جي پرولتاري سوچ، ڪٿي آهي......؟ اوهان تہ آمريڪي پٺو آهيو، جماعت اسلاميءَ جا ڇاڙتا آهيو، اوهان ترقي پسند سوچ رکندي بہ کوٽا آهيو، ڪوڙا آهيو.“
ان وقت ڪاوڙ تہ مانکي بہ ڪنڊي تي چڙهي وئي هئي، پر ٻار سمجهي سندس هلڪڙائپ تي ٽوڪ هڻي ڪڍي هيم:
”اهو ٻيلو ئي پري جتي ڪاٺيون ٿيون سُجهن. سِکُ وڃي سِکُ، اڃا ننڍڙو آهين. اڃا ٻار آهين“
ان کان پوءِ هن ڇا سکيو، ڇا پرايو، تنھن جي ڄاڻ تہ کيس، پر مان ڏٺو، مان ڏسندو هوس، پھرين وقت ۾ جوانيءَ جي جوش سبب رُٺو رهيو. مارڻي مينھن واري هُرش. کٽر ڍڳي واريون ڪتريون هڻندو رهيو ۽ پوئين وقت ۾ پنھنجي ئي ڀُل چُڪ سمجهي تعلقات کي سڌارڻ لڳو. جنھن کان پوءِ اسان جي وچ ۾ وڌيڪ سڪ قرب ۽ پنھنجائپ پيدا ٿيڻ لڳي هئي.
هن، هي جيڪو تازو ۽ تڪڙو قدم کنيو هو. هن، هي جيڪو مڙسيءَ جو ڪارنامو ڏيکاريو هو، تنھن تہ ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون هيون. ها، بيشڪ هن کان اڳ بہ ڪي قدم کنيا هئائين پر اهي قدم ڪنھن بہ طرح ساراھہ جوڳا يا سندس مڙسيءَ جا سڃاپرا ڪين هئا.
ايئن تہ نجي ڪچھرين ۾ هو الائي ڪھڙيون ڪھڙيون سڌان ڪندو هو. الائي ڪھڙيون ٽاڏيون ڏيندو هو، جن ٽاڏين ڏيندي هڪ ڏينھن ڪنھن دوست ٽوڪ بہ هڻي ڪڍي هيس، ”لڀي لوڻڪ بہ ڪانہ ۽ سڌان مريئڙي جون!!“ پرمان ڏسندو هوس، مان ٻڌندو هوس، سندس جوشيلا ڊائلاگ، جذباتي گفتار، ”ڪاش ڪليشن ڪوف ملي وڃي!؟
ڳالھہ ڪٿان جي بہ ڪريو، ڪنھن جي بہ ڪريو پر وچ وچ ۾ هو ان سوال کي دهرائڻ جي هروڀرو ضرورت محسوس ڪندو. سوال نوڪريءَ جو هجي يا ڇوڪريءَ جو، ڌن دولت جو هجي يا سياست سڳوريءَ جو، پر ڪليشن ڪوف هٿيار جو گڏ گڏ هجڻ يا ذڪر ٿيڻ ضروري هوندو.
هن کي رڳو ڪليشن ڪوف جھڙي غضب جي هٿيار سان عشق، پر اهو هٿيار هلائيندڙ بہ سندس آڏو ايترو ئي مھان هوندو، نئين زماني جي نون ڌاڙيلن پَرو چانڊئي ۽ ٻين جي ڪارنامن جو ٻڌي سندس منُ جهومڻ لڳندو. هڪ هڪ وارڌات، سرڪاري ڪارندا، پوليس، ملٽري مين، ڪٿي ڪيتري تعداد ۾ مئا، ماڻھن جا دينا داستي اغوا جا سڀ انگ اکر ياد رهندا، اخبارن ۾ پرو چانڊئي جا ذڪر، سندس ڌاڙن، چورين، اغوا جا قصا، روڊ رستا بلاڪ ڪرڻ، پنھنجو فورس ٺاهڻ، اعليٰ عملدارن ڏانھن خط پٽ، دهمان، دڙڪا، جيل مان نڪرڻ، ڌاڙيل بڻجڻ، اوائلي عمر جو ٽوٽل ريڪارڊ سڀ ڪٽنگ جي صورت ۾ هڪ وڏو فائيل جڙيل، سندس مطالعي واري ٽيبل تي هر وقت موجود.
سندس ڪمري ۾ گهڙڻ سان پھريان پروءَ بابت حال احوال ٿيندو. پروءَ بابت تازي اخبار ۾ ڇپيل خبر پڙهائيندو، پوءِ واتين وڻين ٻڌائيندو، ايئن ڄڻ هر هڪ ٿيل وارڌات ۾ پروءَ سان گڏ پاڻ بہ موجود هجي. اسان مان ڪي اهڙا بہ جيڪي، پروءَ جي ڪردار تي تنقيد ڪن. پروءَ جي ڪيترين ئي ڳالھين کي پسند ڪندا تہ ڪيترين کي ناپسند ڪن مثلن ڪيترن جو اهو رايو تہ، ”پروءَ چانڊئي جو ماڻھن کي اغوا ڪرڻ وارو ڪارنامو تہ سچ بہ چوري ڌاڙي جو نئون نمونو آ پر هو پنھنجي سنڌي ڀائرن کي ڇو ٿو کڻي؟ هو بجاءِ ڪنھن عام ماڻھو، ننڍي سرمائيدار جي ڪنھن وڏي سيٺئي، مل اونر، وڏي سرمائيدار يا ڪنھن ظالم زميندار جو آخر اغوا ڇو نہ ٿو ڪري؟ هي روڊ رستا، هي عام ماڻھن جي ڦر، اهو پروءَ جھڙي ڪنڌار مڙس کي قطئي نہ ٿو سونھين. بيشڪ اڳ جي ڌاڙيلن جي ڀيٽ ۾ پروءَ جو اهو زبردست ڪارنامو رهيو آهي، جيڪو هو سڌو سنئون اسٽيٽ تي وار ڪري ٿو، پوليس، ملٽري فورس کي بيھي للڪاري ٿو، گوهي ڏئي مٿن گوريلن جيان قھري وار ڪري ٿو. هو، اهو سٺو ٿو ڪري، جيڪو سرڪاري اعليٰ عملدارن کي دٻائي ڌمڪائي، سندن اغوا ڪري، خط پٽ لکي لکين روپيا وصول ڪري ٿو. کين رڃ ۾ رهائي، ٻيلن ۾ رلائي ساڻن اهڙيون ئي جٺيون ۽ تعديون ڪري ٿو جھڙيون خود هو غريب عام ماڻھوءَ سان روا رکندا آهن. بيشڪ پروءَ جي ڏهڪاءَ کان وڏن وڏن ظالم زميندارن، سرمائيدارن ۽ سرڪاري ڪامورن جا ساھہ مٺ ۾ آهن. نہ تہ هو پري اوري جا دورا ٿا ڪن ۽ نہ ئي وري پنھنجن آفيسن مان ٻاهر ٿا نڪرن. اهو بہ سٺو ٿيو آ جو ڌاڙيلن جي ڀڃ ڊاھہ، دٻاءَ سٻاءَ ٻاهرين دنيا ۽ سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين جي دلين تي ڏهڪاءُ پيدا ڪري سنڌ جي علحدگيءَ واري تحريڪ جو تاثر ويھاريو آ، پر هو سچ پچ ڌارين جي پٺيان هٿ ڌوئي ڇو نہ ٿو پوي؟ هو پنجاپن، پناهگيرن تي ڇتا حملا ڪري سنڌ جون ٻھراڙيون ۽ زمينون ڇو نہ ٿو خالي ڪرائي؟ بيشڪ هو پنھنجي پاسي غريبن کي ورسائي ٿو. کين پاڻيءَ لاءِ نلڪا هڻائي روزگار جا ذريعا مُيسر ڪري ٿو. عورتن جي عزت، پوڙهن جو لحاظ، ٻارڙن سان پيار ڪري ٿو پر هو........“
هو ان سڀ تي خوش تہ ٿيندو پر پريشانيءَ بہ ڏاڍيءَ ۾ پئجي ويندو، ”يار مصيبت اها جو سياست پنھنجو ڏيوالو ڪڍرائي بيٺل آ، نہ تہ ڌاڙيلن جي آڙ ۾ سڄي سنڌ ۾ ٽيررزم ڦھلائجي. ٻيو تہ پروءَ کان ٿي پيا آهيون پري. مار پويس الائي ڪٿي ٿو وسي رسي. جي ڄاڻ سڃاڻ هجي! پنھنجي نہ جيڪر ڄاڻ سڃاڻ هجي تہ کيس منٽن ۾ سنئين لائين لائجي. اهڙا قوم پرستيءَ جا ليڪچر ڏجن جو....... بس، يار پروءَ سان ملجي، پروءَ سان پنھنجو ملڻ ضروري آ. چون ٿا آگسٽ وارين وڳوڙي حالتن، ايم آر ڊي طرفان سنچين جي جدوجھد واري تحريڪ ۾ دادو ۽ موري طرف پرو چانڊئي، نصير فقير ۽ وزير خشڪ وارن بہ ملٽري فورس کي راتاها ڏئي، پوليس کي زبردست ٽوٽا چٻايا. ان سندن ڪارنامن کي ڏسي ڪري شاگردن ۾ بہ پروءَ سان ملڻ جي جستجو وڌي وئي آ. هن حالتن کان تنگ ٿي ڪري ڪيترائي سندس گروپ ۾ شامل ٿيڻ تي سنجيدگيءَ سان سوچي رهيا آهن. بس رڳو مان، رڳو اسان.......“
پروءَ جيئري تہ هو سندس ٽولي ۾ شامل ٿي يا مُنھن ڏسي ملاقات ڪري سندس هيڊڪواٽر سونا ٻنڊي ٻيلي منجهہ پھچي ڪين سگهيو، البتہ پروءَ جي موت تي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ شاگردن سان ٽٻڻيءَ جيان ڀريل بس جي ڇت تي ويھي وڃي پھتو. قبر تي قيمتي اجرڪ جو پَڙُ چاڙهيائين، گلن جا هار وڌائين، انھيءَ عقيدت ۽ عشق ۾ ٻيا بہ ڪيترائي ڀيرا پنڌ ڪيائين. هڪ ڀيري جون خبرون چارون ڏيندي ٻڌايائين:
”ابا_____! پروءَ جي قبر تي رش هئي ڇا! توبھہ____ اصل تر ڇٽڻ جي جاءِ ڪو نہ. ڊڄي ٿي ڳالھہ ڪجي هڪ نہ ٻہ، هزارن جي منھن اجرڪن جا پَڙَ پاتل، قلندر جي ميلي جھڙي ڏِکَ، قلندر جي ميلي تي گل نہ لڀن، ڀائين مڻ ڏيڍ گل وٺي ماڻھو پروءَ جي قبر تي چاڙهڻ ويا.“
ڀائين، ”هل ڙي قلندر تو بہ پَڙَ پاتا، تو، جنھن جي آڏو لکن ماڻھن ليلايو، هزارين ماڻھن هٿ ٻڌي عرض ڪيا. تو، جنھن خصيص عرض نہ اگهايو، ڀُٽي کي نہ بچايو، سو ٿو پَڙَ پائي.“
ايئن ئي ماڻھن چيو، ”تون گلن جي لائق ناهين. تون گلن پھرائڻ جھڙو ناهين، گلن لائق تہ پرو آ، جنھن ڪيترن جا عرض اگهايا. تو وري ڪنھنجي پڄائي آ.“ ايئن ئي پروءَ جي سڪ سيني سانڍيندو، پروءَ جھڙا ڪارناما سر انجام ڏيڻ جي خواهش ۾ هو نہ تہ ڌاڙيل بنجي سگهيو ۽ نہ ئي ٽيررسٽ. البتہ ڊاڪٽريءَ جا امتحان باقاعدگيءَ سان ڏيندو رهيو. انھن امتحانن ڏيندي هن جو نہ رڳو ڪليشن ڪوف هٿيارن سان ساڳو چاھہ رهيو پر پرو چانڊئي کان پوءِ سندس ڀاءُ علي گوهر چانڊئي ۽ نادر جسڪاڻيءَ سان بہ ساڳئي اڻ مَئي عقيدت رهي. نادر جسڪاڻيءَ جي ننڍڙي عمر، گوريلا ٽريننگ، پرو چانڊئي کي سکر سينٽرل جيل مان ڀڄرائڻ وارو ڏاهپ ڀريو قدم. ڌاڙا ۽ اغوا ڪرڻ کان وڌيڪ سرڪاري فورس تي حملا. ان سڀ نادر کي تہ پاڻ پروءَ جھڙي مڙس کان مٿڀرو بيھاريو هو.
پروءَ جيان ئي نادر ۽ علي گوهر بابت اخباري ڪٽنگس هٿ ڪندو فائيل جوڙيندو رهيو. هاڻي هي، جيڪي حُر مجاهد سرڪاري مدد پٺيان ڌاڙيلن آڏو ميدان ۾ ڪُڏي آيا هئا. وسنديون ويران ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ، گهرن جا گهر ساڙي ٻاري، غريب بي پھچ ماڻھن کي ڌاڙيلن جا ساٿاري ڪوٺي، سندن مال ماري، فصل ساڙي ٻاري، اَنُ پاڻي کڻي ڪجهہ پنھنجا ڀِڀَ ڀري، ڪجهہ پنھنجي آقائن جا پيٽ پالي مسڪين ماڻھن تي جيڪي قھر ڪلور ڪيا، انھن سندن قھرن ڪلورن سبب تہ عام ماڻھوءَ وٽ ڌاڙيلن جي مڃتا تھائين وڌي وئي. ۽ اها مڃتا هِن جي دل ۾ تہ اڃا بہ سوين ڀيرا وڌيڪ اُتم پَدَ تي تڏهن پھتي جڏهن ڳوٺ ۾ مسڪين ماڻھن تي انڌاڌنڌ گوليون وسائي ۽ لانچر وسائي ڪيترائي ماڻھو ماري ڳوٺ ئي ڳوٺ کي ساڙيو ٻاريو ويو.
هاڻي هو، رب رکيو ناريجو، وريل کھڙو، وزير خشڪ، نصير فقير، نصير ميربحر، نادر جسڪاڻي، علي گوهر چانڊئي ۽ حُرن جي هاڙهالي ٽولي جي ڀيٽ ڪري ٻڌائڻ لڳو هو تہ، ”حُر مجاهدن ڪھڙي نہ دانگي ملي آهي پنھنجي ٻُوٿ تي، ڪھڙا نہ هاڃا هنيا اٿائون مسڪين ماڻھن تي، سنڌي ٿي ڪري بہ ڪيئن نہ پيا ڌارين جي دلالي ڪن. هو پنھنجي ظولمي ۽ ڪراهت ڀرئي ڪردار سببان ڪيئن نہ پيا سنڌ جي ڳوٺن، وسندين، واهڻن، سرسبز فصلن ۽ ٻيلن کي ساڙي ٻارن، تلف ۽ تاراج ڪن.“
هن جون اهي ڳالھيون تہ پنھنجي جاءِ تي پر اهو سچ آهي تہ ڌاڙيلن جي آڙ ۾ حُر مجاهدن صفا ملڪ ساڙي ٻاري ڏنو. مسڪين ماڻھوئڙن سان جٺيون ۽ عقوبتون ڪيون. جنھن نہ ٿي هنيو ”ڀيڄ پاڳارا“ جو نعرو تنھنجا ٻچا ٻير تي ٿي چاڙهيا ويا. ٺھيل لسٽن مطابق يا پراڻا وير، دشمنيون پاڙيندي، پنھنجي خود خيال حُر مجاهد اڇي ڪاري جا اڪيلائي مالڪ هئا. وڻين تہ ڪنھن گهر کي ساڙن يا وڻين تہ ڪنھن هڪ فرد جي گناھہ ۾ سڄي ٻيڙيءَ کي ٻوڙين. ڪنھن بہ ڳوٺ ۾ جي اوچتو اچي ڪڙڪيا پوءِ تہ ٻاڪر ڪٽو پئجي ويندو. مسڪين ڳوٺاڻن سان ڪاري قيام ٿي ويندي، نسورو ناحق ٿي ويندو. اميندل جي ڳوٺ ۾ اهڙي هڪ وارڌات ۾ پيٽ جو پورائو ڪرڻ خاطر واهيري تي ويٺل ڪڪڙن کي وٺڻ بجاءِ چِست جي سڌائي ڏيکاريندي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڪڪڙ ڪيرايائون. آري تي ويٺل نہ رڳو ڪڪڙيون ڪُٺائون پر ڪچا پڪا، ڪنا ڦٿا آنا بہ کاڌائون، چاڏين مان مکڻ چورائي، کارن هيٺان ڄميل کير بہ کنيائون. هنڌ بسترا اٿلائي ڪاٺوڙيون صندوقون ٽين جون پيتيون ڀڃي ذري پرزي ڳوليائون. سئي سڳي کان جوري جتيءَ تائين کنيائون. عورتن جي پوتين جي پلاند ۾ ٻڌل پنج پيسي، ڇھہ پيسي، روپيہ، پائڻ نہ ڇڏيائون. سونا زيور نہ رڳو کنيائون پر ڪن چيري بہ لاٿائون. اوچتي آفت اچڻ تي ڪلن سان مضبوط ٻڌل جانورن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. ان ٽٺل ڍورن، ٽاھہ کائيندڙ جانورن تي رائيفلون تاڻي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري سندن اوجهہ ٻاهر ڪڍي رکيائون.
ٻئي هڪ مٺي کھڙي جي ڳوٺ ۾ اهڙي تباهي بربادي آندائون، جنھن جي مثال طور مدد خان پٺاڻ جون ڪاهون ئي پيش ڪري سگهجن ٿيون!! سڄي ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي چوڌاري ٻن ڪلاڪن تائين فائرنگ ڪري ڳوٺاڻن کي هيسايائون، تنھن بعد ڳوٺ ۾ گهري زالين مردين ماڻھن کي گرفتار ڪيائون. ڳوٺ ۾ هڪ سب جيل قائم ڪيائون، جنھن ۾ ڳوٺاڻن کي ٻچين ٻارين واڙيائون. سڄي ڳوٺ جي جهڙتي وٺندي ممنوع يا غير ممنوع ٽوٽل اسلحو قبضي ڪيائون. سون، چاندي، ڳھہ، ڳٺو، روپيو، پائي، لٽو ڪپڙو نہ ڇڏيائون. اناج جون ٽرڪون ڀرائي ويجهن شھرن ۾ نيلام ڪيائون. ڀليون، سٺيون مينھون، ڍڳيون ٽرڪن ۾ ڀري مرشد سائينءَ جي خانقاھہ ۽ خاص خليفن جي واڙن ۾ پھچايائون. ٻيو مال شھرن ۾ نيلام ڪرايائون. نہ کپڻ جي صورت ۾ هڪڙو ڍڪَ ۾ هڻايائون تہ ٻيو ڪھي کائي پنھنجا پيٽ ڀريائون. وڏين سفارشن پٺيان ٻارن ٻڍن ۽ عورتن کي آزاد ڪري باقي مردن کي کٽن جي واڏڻن ۾ ٻڌي هڪ ٻئي سان سلھاڙي ڇڏيائون. سندن نظر گنھگار ماڻھن کي نيٽ جي چھن، لئيءَ جي لڪڻن ۽ ٻٻر جي پائڻن سان پھرن جا پھر ڪٽڪا سٽڪا، من پسند عورتن سان ڀوڳ چرچي ۾ راتيون گذارڻ. حوس جي پورائي خاطر ننگو ڪري نچائڻ، اهي سندن لچائيءَ واريون حرڪتون ايسيتائين جاري رهيون جيسيتائين غيرتمند ڳوٺاڻن (جيڪي سندن نظر ۾ ڌاڙيل هئا) طرفان هڪ ڀرپور حملو ڪري سندن ڪماندار جمال مڱرئي کي نہ ماريو. ڪماندار جي موت تي هو حراس وچان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪندا، گوليون وسائيندا، گهرن کي ساڙيندا ٻاريندا، مظلوم، بي گناھہ ٻڌل ماڻھن کي ڇڪيندا، گھليندا ٽرڪن ۽ گاڏين ۾ هڻي وڃي شھر پھتا. شھر پھچي مسڪين ماڻھن کي ملٽري سمري ڪورٽن ۾ چالان ڪرائي سُکَ جو ساھہ کنيائون.
هڪ ٻئي ڳوٺ رازلي جي ٻنڊيءَ جا سڀ گهر ساڙي، ٻاري اَنَ جا انبار، ڀريل گُنديون ڀڃي ڳوٺ ئي ڳوٺ کي ڦَريو گهُمائي ويا. ايئن ئي گل حسن جي وانڍ کي ساڙي، ٻاري پنھنجا وير پاڙيائون. ماڻھن جا مال ماري، ٽپڙ ٽاڙي کڻائي وڃي ٿاڻن ۾ هنيائون. موريا فقير ڳوٺ ۾ گهرن ۾ گهري پردي پوش ستُر وندين عورتن جي بي حُرمتي ڪري ساري ڳوٺ کي لٽيائون. ڪيترن ئي ماڻھن کي ايئن ماريائون جيئن اُٺُ پتڻ تي ڪُٽبو آهي. هڪ ماڻھوءَ کي تہ ايترو ماريائون جو غريبن پنھنجي هڙَ کپائي، وڏا خرچ ڪرڻ کان پوءِ بہ هوش ۾ اچي نہ سگهيو.
موهل، عارباڻي، عمر جي وانڍ، بچل جي ڳوٺ ۽ ڦلپوٽن ۾ زبردست حراس ڦھلائي، مسڪين ماڻھن سان ڏاڍايون ۽ جٺيون ڪيائون. ماڻھن کي دٻڙائي دونسائي، ڪن کي ٿاڻن ۾ هڻائي، پوليس ۾ جهلائي تہ ڪن کان ٿڏي تي ئي ازغيبي ڏنڊ ڏوھہ ڀرائي پنھنجا ڀِڀَ ڀريائون.
نئون ديري شھر ۾ امن پسند شھرين کي پڪڙي، ٻڌي، ماري بي عزتو ڪري سياسي دشمنيون پاڙيائون. وڏيون رشوتون وٺي، پنھنجا من پسند نعرا هڻائيندا، حراس ۽ ڏهڪاءَ پيدا ڪندا، کليل جيپن ۽ بازارن ۾ مست هاٿين جيان گهمندا، ماڻھن کي لتاڙيندا چيڀاٽيندا، پُٺن تي ڏنڊن جا وسڪارا وسائيندا رهيا.
اهڙيون وار ڪانڊاريندڙ وارڌاتون ڏسي، ٻُڌي تہ حُرن جي اڳين انگريزن خلاف هلايل هلچل بہ ڪوڙي پئي باسي. ان وقت عام ماڻھن واتان جيڪي حُرن خلاف هُلايل ڳالھين ۽ حُرن جي ظلم، زيادتين ۽ ڏهڪاءَ بابت ٻڌبو هو، ان سڀ کي انگريز سامراج جي ڪوڙي پروپئگنڊا سمجهي حرن جي جدوجھد کي صحيح ۽ سچو سمجهي مٿن ڪلمو شريف پڙهبو هو. هاڻي اهڙي ڪلمي پڙهندڙ ماڻھن جي ايمان ۾ لوڏو اچڻ لڳو، ڪُتر پوڻ لڳي. حُرن جي ساراھہ ۾ ڏيپلائيءَ جي لکيل ناول ”سانگهڙ“ کي بڪواس ڪوٺيو ويو. سنڌ جو نئون نسل، اديب ۽ سڄاڻ طبقو تہ ڏيپلائيءَ کان رُٺو رهيو. هڪ ڏينھن ”سانگهڙ“ ناول کي ڦاڙيندي هن چيو هو، ”او شل باھہ لڳئي قبر کي ڏيپلائي........ تو هي ڪھڙو چتر چِٽي ظالم ماڻھن کي پوتي پاڪ ڪري پيش ڪيو آ. تو، اسان جي دلين ۾ سندن لاءِ هي ڪھڙو نانءُ نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيو آ، آءُ ڏِسُ، ڏِسُ اچي پنھنجي سپوتن جا ڪارناما. پسُ اچي پنھنجي غريب اٻوجهہ ۽ بي پھچ سنڌيئڙن جا اهنج ايذاءَ، ساڻن ٿيل وارڌاتون، ڪھر ڪلور، قيامتون.....!! تو ڳالھہ ڪئي اسٽيٽ سان ٽڪر کائڻ جي ۽ هي اڄ اسٽيٽ جا ساٿاري. تو ڳالھہ ڪئي حق سچ جو ساٿ ڏيڻ جي ۽ هي اڄ ڪوڙ جا پوڄاري، هي اڄ پنھنجن جا مارا، هي اڄ ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾!!!“
هُن، هِن تازي قدم کڻڻ کان اڳ جيڪا کيپ کَٽي هئي، سا هئي پھرين وارڌات ۾ هڪ پراڻو جهُنر پکو چورائڻ. ان پَکي چورائڻ واري سندس وارڌات بہ عجيب هئي. هو نہ تہ ڪو چور ڊاڪو هو، نہ اهڙي ماحول ۾ پليو نپنو هو ۽ نہ ئي ڪا اهڙي چوريءَ جي چُوسَ پيل هيس پر پوءِ بہ واندڪائيءَ جي وندر لاءِ اهو سڀ ڪجهہ ڪرڻ تي دل ضد ٻڌي بيٺي رهيس.
اهو سندس شاگرديءَ جو زمانو هو. انٽر سائنس بائيولاجيءَ جي امتحان جي رزلٽ نڪتي ۽ ميڊيڪل ۾ داخلا ملڻ واري ان وچ واري ڊگهي ۽ واندڪائيءَ جي وقت ۾ سندس خيالن ۾ انتشار اچڻ ضروري هو. ان انتشاري ڪيفيت مان گذرندي هن جي گهڻو ڪري مشغولي اها رهي جو، ڪنھن سرڪاري ڪاموري جي گهر سامھون اوندھہ جي ڇانوري ۾ ڪنھن ڪني پاڻيءَ جي نالي جي دڪي تي بيھي پنھنجن پٻن تي زور ڏئي ڄاريءَ لڳل دريءَ کان اندر ٻرندڙ مرڪيوري بلب جي سفيد روشنيءَ ۾ ٿيندڙ نين نين وارڌاتن کي نظر مان ڪڍڻ. جن وارڌاتن ۾ نِت نِت نئين عورت سان سرڪاري ڪاموري جون رنگ رليون ملھائڻ. سچ آهي، اهي اهڙا تہ ڪرتب هئا جيڪي گذريل ڄمار ۾ هن ڪونہ ڏٺا هئا، سواءِ اونداهين راتين ۾ لوڪ سُتي پڻھس جو ماڻھس کي اٿارڻ يا ڪاليجي زماني ۾ ڪنھن آزاد خيال قسم جي ڇوڪري وٽ اهڙي هڪ اڌ ڪائو بواءِ رسالي ۾، جنھن رسالي ۾ اهڙن ڪرتبن جي جامائي هئي. اهي ڪرتب، جيڪي يورپي ملڪن جي نئين نسل لاءِ سکيا ۽ ٽريننگ ۽ اسان وٽ بِگاڙَ جو سبب بنجن ٿا.
هن جو اهو هر روز جو نِيَمُ بڻجي چڪو هو. ٽُڪر ٽاپُ کاڌي، ڪم ڪار کان واندي ٿيڻ ۽ هئو مَئو ٽرئي کان پوءِ هو ان مقرر جڳھہ تي مقرر دريءَ سامھون ڪنھن چوبدار جيان ڪني نالي جي دڪي تي بيھي بلب جي سفيد روشنيءَ ۾ ٿيندڙ وارڌاتون هر روز ڏسندو هو، سواءِ ڪن اهڙن ڏينھن جي، جڏهن صاحب موصوف ڪنھن ڪارج سانگي ٻاهر ويل هوندو يا سرڪاري گشت تي نڪري پوندو هو، يا وري پاڻ مُدي جي بخار، ٻيئڙ، ٽيئڙ جو شڪار ٿي کٽ ورتيون پيو رهندو هو. ڀاءُ پيءُ جي حڪم تي اوري پري اماڻيو ويندو هو.
اهي اهڙيون تہ وارڌاتون هونديون هيون جن ڏٺي کان پوءِ سندس سکڻي ڪُني اُڀامي پوندي هئي. ان اُڀامڻ مھل ڪڏي تہ هو وڃي باٿروم جو پاسو وٺندو هو تہ ڪڏي وري ڪنھن اهڙي اپسرا سان مزا ماڻڻ تي ڪا اهڙي رات گذارڻ تي هروڀرو بہ سوچڻ لڳندو هو. ان رات گذارڻ ۽ مزا ماڻڻ جي لُونجهہ ۾ سچ پچ لڄ لاهي هٿ ۾ ڪيائين. ڪنھن اوڙي پاڙي جي ڪراڙي سراڙيءَ، ڏند ڀڃي هوڙن کي لڳل مائيءَ کي هٿ ڪري پنجاھہ رپين عيوض ڪنھن چالو عورت سان چار گهڙيون گذارڻ نصيب ۾ آيس. پر نہ تہ سوٽُ سَٻَرُ جسم ۽ نہ ئي وري ڪاموري جي ڪرڻ وارا ڪرتب نصيب ٿيس. پراڻن، ڀُتن، چيريل، ڦاڙيل، اڳڙين جھڙي اُرھہ سندس آيل ارواھہ بہ کڻائي ڇڏيو. ۽ پوءِ ان گهڙيءَ، ان ساڳين پيرن تي اندر ۾ ڪرڀ سمائي، سکڻو هٿين خالي، کيسين خالي واپس ٿيو هو.
هاڻي هن کي ڪنھن ٻئي خفت کنيو هو. راڳ ڇڏي ملھہ تي لھي پيو هو. ان خفت ۾ هن مُڏي سُڏي هٿڙي هڻڻ شروع ڪئي. ٻيو نہ تہ واندڪائيءَ کي سجايو ڪندي، ويٺي کان ورتا ڀلي. ڪنھن ڇولن، رانھن واري ڇوڪري جيترا پئسا يا فلم جي ٽڪيٽ ئي ٻاهران ڪڍجي. ان ارادي سان ڪنھن پاڙي اوڙي جي لُچ لفنگ سان گڏجي پاڙي جي ئي تالا بند سڃي گهر ۾ ڀت ٽپي اندر ٿيو هو. ڀت تي لڳل شيشي جي ٽڪرن کيس رتو راءِ ڪري ڇڏيو هو. ڊپ ۽ نئين سيکڙاٽ هئڻ سبب اندرئين تالي کي ڀڃڻ، کڙڪي ٿيڻ ۽ ان کڙڪي تي چوڪيدار هٿان پڪڙجڻ جي خوف کان ٻاهر بورچي خاني ۾ پيل چانورن جو ٽين ۽ هڪ جهُنر پراڻو ٽيبل پکو ٽپائي ٻاهرين همراھہ کي ڏنو هئائين. اهو ايڏو سارو بار ڍوئي ڇُپائي ٻئي صبح تي ڪارائتو بنائڻ لاءِ مستريءَ واتان ڏيڍ سئو روپين جي چَٽي ڀرڻ جو ٻڌي مٿو کنھڻ لڳو هو. آخر ۾ بيڪار هجڻ جي گناھہ ۾ پکي کي ٽنگو ٽالي ڪري ويجهي ئي ڪني پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ ٻوڙي، درياھہ داخل ڪري پوءِ ڪيترن ئي ڏينھن تائين لڪي ڇُپي ڦٽيل هٿن جي ملم پٽي ڪندو رهيو هو.
تنھن بعد پاڙي جي ئي ملان سڳوري سان سندس ڪچھريون رهيون. اهي ڪچھريون ڪلمو صلوات سکڻ جي حد تائين هيون. يا ڪيل گناھہ جي اعتراف، پاپن کان پاڻ پالھو ڪرائڻ لاءِ هيون. پر اهي ڪچھريون ڪجهہ مڙئي وڌيڪ ئي ڊيگهاريون رهيون. انھن ڪچھرين ڪندي ئي ملان سڳوري قوت باھہ بابت لکيل نسخن جو ڪتاب ڏيکاريو هئس ۽ پڻ مختلف نسخن ۾ ڪم آيل سينکئي، شنگروف، ٽامي، ابرڪ واپرائڻ ۽ معجون کائڻ جون سھڻيون، سٺيون صلاحون ڏنيون هيون. جنھن تي هن مرڪي چيو هو، ”پر سائين مان تہ ڇڙو آهيان، ڇڙو ۽ جوان“
ملان سڳوري ڪتاب کي ٺپيندي، هنج ۾ رکندي مرڪي، چٿر ڪندي چيو هو، ”هون........ ڇڙو! جوان......! اڙي بابا ڪھڙا آهن اوهان نوجوانن جا حال، صبح شام چانھہ، صبح شام....... ڪوسا کاڌا، هوٽلن جون ڀاڄيون، ڊالڊا گيھہ، روزانو تريل شيون، پڪوڙا، مرچ مصالحہ واپرائڻ، خراب اوٺا خيال ۽ اهي ڪھاڻيون ڪتاب پڙهي پڙهي مشتزني ڏانھن ذهن مائل، هڻي پاڻ کي ڪچڙي عمر ۾ ئي ساڙي رکيو اٿَوَ. ۽ ڀائين جوان!! سڀئي آتشڪ، سوزاڪ، جريان، احتلام ۽ ڪثرت بدحاليءَ جو شڪار. هيڏي ڏسُ.“ پنھنجي ڏوري تي هٿ هڻندي باڊي بلڊنگ جو مظاهرو ڪندي مُلان چيو، ”مان ڏي ڏسُ. اسان اڄ بہ اوهان جوانن کان جوان. هاڻي، هن عمر ۾ ڪا رنَ روڳڙي ملي وڃي عرش ڪرش نہ دانھون ٻڌجنس تہ اسان ۾ گهٽتائي آ. واپراءِ، واپراءِ قيمتي نسخا واپراءِ.......“
”پر سائين ڪا واھہ بہ تہ.......“
”ميان مسلمان گهٽتائي وري ڪھڙي“ اک ڀڃندي، ”ملڪ مولا جو پڪو پيو آ. جي اوڙو پاڙو جاچيندين تہ اهڙيون گهڻيون ئي وانديون ملي ويندئي. خرچ ڪر، خرچ ڪر، دنيا ڦينڪ تہ عشق ٺھہ پھہ.“
اهي ملان جي معجونن واپرائڻ جون ڪرامتون هيون يا سندس درس تدريس جو ڪرشمو، پر ايئن ضرور ٿيو جو هو اوڙي پاڙي ۾، پنھنجي گهر، چوڌاري ڪنڊون پاسا جاچيندي نُوس نُوس ڪرڻ لڳو. ان جاچنا ۽ کوجنا ۾ ئي هن ڏٺو هو سانوڻيءَ جي هڪ رات ڪوٺي تان سيمينٽ لڳل ڄارين واري پلويڙي پٺيان ملان صاحب جي گهر آڳر ۾ جهاتي پائي، ان وقت ملان پنھنجي ڪار ۾ مشغول ليٽ ڪبوتر راند کيڏندي ان سرڪاري ڪاموري کان بہ وڌيڪ نوان نوان ڪرتب ڏيکاري رهيو هو. ان واقعي کان پوءِ هِن مُلان سان پنھنجي ڊيگهہ کي اڃا بہ وڌائي ڇڏيو هو. عيد براد، ختمو کڙو، چڱي موچاري ڀاڄي ڀُتي، آنجهيءَ مانجهيءَ دروازي تي اچڻ، سڏ واڪو، ڪڙو کڙڪائڻ، ڪنھن هڪ اڌ سيڪسي نسخي جي تياريءَ ۾ ڪي پنج پيسا ڏيڻ، ڪنھن سُتي ڦڪي وٺڻ ۾ مدد ڪرڻ، ان اچ وڃ سبب ڪجهہ حجاب جا پردا اڃا بہ لھڻ ضروري هئا. جنھن ضرورت پٺيان ڪڏهن ڪڏهن ملان جي زال سان دروازي جي ٻيڪڙ، ٻيڪڙايل تاڪ پٺيان ڪي ٻہ لفظ، ڪڏهن ڪا مُنھن ٽڪري ڏسڻ، ۽ پوءِ ملان جي ياراڻيءَ کي لٺ جي ٽيڪ سمجهندي ان ٽيڪڙيءَ سھاري سندس دروازي تائين چارا ٺاهي ڇڏيائين. نيٺ اهي هن جا پنڌ ساڀ پيا، سڏ سجايا ٿيا. ملان جي ننڍي نيٽي زال سندس سڏ ورنايو، سندس سينڍ جي سُر کي سڃاتو، جنھن ڄاڻ سڃاڻ، هير حجت پٺيان هڪ ڏينھن هن ملان جي چائنٺ کان پنھنجا قدم اندر ٽپائي ڇڏيا.
اها رات جمعي جي هئي، جڏهن هو ملان سڳوري جي گهر گهريو هو. ان گهر گهرڻ کان اڳ ۾ شام جو ئي ملان جي تياري ڏسي حجائتو ٿيو هو.
”استاد الائي ڇا جي تياري آ، هي خط وٺرائڻ، سونھاريءَ کي سنوارڻ!؟ هي وار ٺھرائڻ!؟ جمعو تہ سڀاڻي آ؟“
”اڙي بابا، مڙسن لاءِ سدائين جمعا. گهٽ ڪا ڪبي ڇا.“ ملان مرڪي اک ڀڃندي چيو هو، ”جي نسخو واپرايو اٿئي تہ خبر تہ پئي هوندئي، ڪن اڃا ڪنواري جو ڪنوارو؟“
”بس استاد، ٻئي هٿ کٽ جي ٻانھينءَ ۾، جائي سچ ڇو نہ ٿا ٻڌايو.“ هن وڏي اُڻ تُڻ وچان پڇيو هو. جنھن تي ملان مرڪندي چيو هو، ”آءُ تہ هلون، هلي تہ ڏس اسان سان بہ، آءُ تہ هلون مسجد ۾ واعظ آهي.“
”چئبو اڄ ڍَوَ پٺيان آهيو؟“ سُرهي مُنھن مرڪندي چيو هئائين. ۽ ايئن ئي ملان سڳوري بہ مرڪندي ميندي رتي ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريندي چيو هو، ”اڙي بابا، اسان کي سدائين ڍَوَ، اسان وري ڪھڙو........ اسان لاءِ سائين مري تہ بہ ڍُنگ ماني، جي ميان مري تڏي بہ ڍُنگ مانِنِ جو.“
ملان ويو تہ سج لٿي جي نماز پنھنجي مسجد ۾ پنھنجي امامت ۾ پڙهائي ۽ جماعت جي چڱي خاصي ٽولي سان هو. پر هُو پيءُ طرفان مڙهيل ڪم مان پالھو ئي ڪين ٿي سگهيو جو ملان جي مائيءَ تائين ڪو اهڙو اطلاع پھچائي ڇڏي ها. واندو ٿيو تہ بہ سومھڻيءَ جي نماز کان گهڻو پوءِ ملان جي دروازي تي ويو. دل منُ هڻندي ڪڙو کڙڪايائين تہ سھي پر ڪو سُر جو جواب نہ پائي بي مزي ٿي واپس مُڙيو هو. هُو پوءِ واپس آيو، گهڻو ئي دل کي پرڀايائين پر منُ بينشُ ڪري بيٺس. کٽ کيس سمھڻ ئي نہ ڏي. جسم ۾ پَٽَ ڊُوھہ، ساڙُ، کامُ، ڪيڏي مھل تہ کٽ تان لھي هلڻ بہ لڳي پيو پر ٻہ چار قدم کڻي واپس ٿيو ٿي. ”هاءِ ڙي اڪيلائي، هاءِ هيءَ جواني، اڪيلي جوان جون بہ راتيون ڪيڏيون نہ اڻايون ٿيون گذرن!“ نيٺ گهڻي سوچ ويچار، گهٽ، مونجهہ محسوس ڪرڻ کان پوءِ نفعي نقصان جو تونکرو لاهي سڌو رخُ رکيائين ملان جي گهر جو. دروازي تي پھچي ڪجهہ اهڙي ئي انداز ۾ ڪڙو کڙڪايائين، جھڙو ملان کڙڪائيندو هجي. ملان واري مائيءَ کي ان وقت هلڪي پنڪي اچي وئي هئي. هوءَ پوءِ کڙڪي تي سجاڳ ٿي اڌ ننڊ اڌُ جاڳ واري ڪيفيت ۾ دروازي تي آئي هئي. ايئن ئي ڄڻ ٻاهر بيٺل شخص سندس مڙس ملان سڳورو ئي هجي. دروازو کوليندي هن تي نظر پوندي ئي پھرين ڇرڪ ۾ ننڊ ڦٽي ويس پر پوءِ بہ اکيون مھٽيندي سرگوشيءَ جي انداز ۾ دٻيل رڙ نڪري وئي هيس، ”اڙي ماءُ جا....... ڀڄُ، ڀڄُ تہ ڏسئي نہ ڪوئي. ڄاڻ آيو ملان، هي ٽيم آهي هُن جي اچڻ جو.“ ڀلا اهڙن موقعن تي ملان جي وري ڪنھن کي پرواھہ، هي تہ ٿيو خصيص ملان پر ماڻھو تہ خان خانان جي چائنٺ کان بہ پنھنجا پير ٽپائڻ کان نہ رهي سگهي. هڪ ڀيرو تہ چس وٺجي، پوءِ جا ڀاڳ پوءِ سان. ان وقت مائيءَ وسان ڪين گهٽايو هو، گهڻو ئي ڇڙٻ ڇڙيندو هنيو هو. ”ٻيلي سياڻو ٿيءُ، لھي وڃ ان ڇيڏڪ تان، لھي وڃ ان بينشَ تان، ڄاڻ آيو نڀاڳو، ملان اکين نٿو ڏيکارجي، اصل اجهو ڪي اجهو..... هو اهڙو مروان آهي ڏهون ڏهاڪي. ٻي ڳالھہ باقي وس ڪئي ٽاڪيءَ ٽُٽو جمعون تہ ٽاري ئي ڪونہ، سو اڄ ڪري ايندو چڙھہ، ڀڄُ، ڀڄُ، پٽرائين نہ ڄُنڊا، ڪرائين نہ خوار خراب، اهڙي هُيئي تہ سوير ڇو نہ پئي ڌوڙ پاتئي، ڪاٿي هُئين ايڏو وقت...... وري ڪنھن ٻئي ڀيري، وري ڪنھن ٻئي.....“ پر هي بہ پنھنجي نالي وارو، صفا چچڙ ٿي چنبڙي پيُسِ. زوريءَ دروازي پٺيان ٿي لولٽ ڪرڻ لڳس، ”ٻيلي، ڏس پنھنجي مولا ڏي، مڃ پنھنجي رب کي، ڇو ٿي ٿين اهڙي ڪھارڻ. هڪ تہ مار پوي ملان کي جنھن الائي ڪنھن نہ ڪنھن جھڙا معجون کارايا آهن. ٻيو ڪھر پوي توتي جو نوان رنگ ڍنگ پَسايئي هاڻي وري مُقرين ٿي، هاڻي وري ترڪ تاليون ٿي ڪرين. نہ نہ مان اڄ خالي نہ موٽندس، مان اڄ.....“ پوءِ سَڌَ پوري ٿيڻ کان پوءِ جيئن ئي واپس ٿيڻ لاءِ ڪڙو لاهي ٻاهر ٿيڻ جي ڪئي هُئائين تيئين ئي ملان بہ اچي سلاماليڪي ڪئي هئي. ”جاڙا خان ڪتي کان بيھجانءِ“ مُلان واري هاسي جو ونگوڙو سنئون سڌو سندس ڳچيءَ ۾ هو پر ڀلا ڀاڳ سندس جو گوهي ڏيندي سھڙ وارو چنگ ڏئي مُئي متاري ملان جي پڪڙ کان پري ڀڄي ويو هو. ملان سندس ياراڻي جو خيال رکندي مُروت ڪئي هئي يا پنھنجي عزت جو ڳڻي بدناموسيءَ کان ڊنو هو، پر اها حقيقت آهي تہ ملان خاموش چپ ڀڪوڙي اندر ٿي دروازي جو ڪنڍو چاڙهي ڇڏيو هو. تنھن بعد نہ رڳو پنھنجي خاشا خوشيءَ يا زوريءَ ملان ٽپڙ ٻڌي اوقاف طرفان پنھنجي ٽرانسفر جو ڪاڳر وٺي وڃي سکر شھر معصوم شاھہ واري ٽڪريءَ تي اڏيل مناري ڀرسان مسجد ۾ پنھنجي درس تدريس ۽ ديني معاملن کي سلجهائڻ ۾ رڌل رهيو هو. پر پاڻ بہ جلد ئي ايم بي بي ايس جي پھرين سال ۾ داخلا جو پروانو ملڻ تي هاسٽل شفٽ ٿي پڙهائيءَ ۾ مشغول رهندي شاگردي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو هو.
هو پنھنجي اينٿرائپ سبب ڪافي مقبول رهيو. ان مقبوليت سبب ئي ڪنھن چڪر ۾ اچي ڪامريڊ چوائڻ لڳو. سياست ۾ رُڌو رهيو هو. عام ماڻھن کي پنھنجي جماعت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ انشورنس ايجنٽ جيان گهر گهر، ڳوٺ ڳوٺ، شھر شھر ڏاڍا چڪر ڪاٽيائين ۽ اهڙا ئي چڪرن ڪاٽيندي ڪنھن ڏينھن پنھنجو واعظ بند ڪري ٻئي جو ٻڌڻو پيُس. پنھنجي ماري ٻئي جي ٻڌڻي پيَسِ، هو ويو تہ ڪنھن ٻئي تي سياسي ورڪ ڪرڻ پر خود پاڻ ئي ٻئي جي لفظن جو شڪار ٿيو هو. پاڻ ئي پنھنجي ايمان مان نڪري ويو هو. اهي ليڪچر سُڻي ڪامريڊي ۽ ڪميونسٽيءَ کان سندس ڏند کٽا ٿي ويا هئا. هن ٽٻڻيءَ ۾ نانگ بند ڪرڻ واري پنھنجي مُرلي وڄائي بند ڪئي هئي جو اڳلي آواز ڏنو هو، ”ڊاڪٽر، تون ڏاڍو اٻوجهہ آهين!...... اٻوجهہ ۽ پڻ محنتي!!؟“ هن مرڪندي کيس ٽِڪَ ٻڌي چتائيندي چيو هو، ”ڊاڪٽر، سياست ڏاڍو گورک ڌنڌو آ، سياستدان ڏاڍا حريف ٿيندا آهن، سندن حرفتي ذهن ئي کين ايڏين بلندين تي پھچائيندو آهي. ايئن هو بہ سمجهندا آهن. ۽ عام ماڻھو، تون اسان بہ سمجهندا آهيون. پر نہ ايئن ناهي، ايئن هرگز ناهي.......“ انتھائي ڳنڀيرتا منجهان، ”ايئن ضرور آهي تہ سندن حرفتي ذهن ئي ڪم ڪندو آهي پر ان سان گڏو گڏ تو، اسان جھڙن الاهي ساترن ماڻھن جون محنتون، ڪوششون ۽ ڪاوشون بہ هونديون آهن. پوءِ اڳتي هلي پارٽي ليڊر ڏندين ڏاند بڻجي ويندو آهي. هو عام ڪارڪنن سان اهڙو ئي سلوڪ ڪندو آهي. سندس آڏو عام ڪارڪن جي حيثيت ڪجهہ اهڙي ئي هوندي آهي جھڙي ڳاھہ ڳاهيندڙ ڍڳي جي هاريءَ آڏو. هر تہ ڍڳو ڪاهيندو آهي ۽ پڻ ڳاھہ بہ ڳاهيندو آهي پر ڪڏهن چِتُ ڏئي ڏسجانءِ تہ ڳاھہ ڳاهيندي هاري ڪيئن نہ ميلھہ ۾ سلھاڙي سندس ٻوٿ ٻڌي ڇڏيندو آهي تہ متان ٻہ وات اَنَ ۾ هڻي.“ هن پوءِ وڏي وات ٽھڪ ڏنو هو. کن جي خاموشيءَ کان پوءِ هن ٻيھر ڳالھايو هو، ”ڊاڪٽر ڇڏي ڏي اهڙن ڌنڌن کي، ڇڏي ڏي اهڙن خفن کي، تون پڙھہ ۽ پڙهي سٺو ڊاڪٽر ٿيءُ، اها ئي تنھنجي ضرورت آهي. اهائي توتي تنھنجن مائٽن جوابداري رکي آهي. ان ۾ ئي تنھنجي ڀلائي آهي...... تنھنجون ڳالھيون واھہ جون، تنھنجا ليڪچر سجايا پر مان نہ پوندس اهڙي مرڄل ۾. اهو ٻُڌي ڇڏ، اهو ياد ڪري ڇڏ، تون ننڍو آهين، توکي تجربو گهٽ آهي، ننڍو تہ مان بہ آهيان، تجربو تہ مان کي بہ ناهي پر توکان ڪجهہ سال وڏو آهيان، ڊاڪٽريءَ جي آخري سال ۾ آهيان ۽ تون....... توکي اڃا ٽي سال پڙهڻو آ، اڃا ٽي سال امتحان مان گذرڻو آهي....... مان سچ ٿو چوان، اهو سچ آهي سکڻين هٿين ماڻھوءَ جي نہ رڳو هن سماج ۾ نہ پر سوشلسٽ معاشري ۾ بہ ڪو قدر ڪا قيمت ڪانہ هوندي آهي ۽ پارٽين ۾ تہ بنھہ نہ. ڏٺو ٿي ڪو پاڻ جيان هٿين خالي، سڃو، سکڻو پارٽي ليڊر!؟ سپاهيءَ مان صوبيدار، ڪلارڪ مان مختيارڪار ٿيڻ وارا وقت ئي لڏي ويا. اڄ تہ سڌي سنئين ڀرتي ٿي ٿئي. اڄ تہ سنئين سڌي اپائنٽمينٽ ٿي ٿئي! تو چواڻي سوشلسٽ سماج هن سماج کان ڀلو آهي، بلڪہ سئو ڀيرا سٺو آهي اهو مان بہ مڃان ٿو پر پيارا.....! سکڻي ماڻھوءَ کي ان سماج ۾ آخر ڇا ملڻو!؟ اهو ئي نہ ٻَٽنِ وقتن جو کاڌو، دوا درمل، ڪفن دفن مفت! سچ آ ڪن مان ڪوڙ ٿو ڳالھايان؟ ۽ سائين مفت تہ ڪا شئي ڪھڙي بہ سماج ۾ ملڻي ناهي. نہ ملندي، ان جي عيوض بہ اٺ ڪلاڪ ڪا نہ ڪا نوڪري بَزڪري ڪرڻي پوندي....... ۽ هر سماج ۾ ماڻھوءَ جي مان مرجا سندس حيثيت آهر ٿئي ٿي.“ ڪجهہ کَننِ جي خاموشيءَ کان پوءِ، ”ساڳئي ئي منزل تي پھچڻ لاءِ ڊاڪٽر تون بہ تاڻين ٿو ۽ آنءُ بہ وک وڌايان ٿو. فرق صرف اهو آ جو تون پاڻ سان گڏ ”اجتماعيت“ لفظ ڳنڍين ٿو ۽ مان بہ، پر پاڻ تائين، پنھنجي ڪٽنب تائين تون ڊگهو، ورن وڪڙن، کڏن کوٻن، ڌٻڻين وارو رستو هلين ٿو ۽ مان سنئون سڌو خطري کان خالي!!“
”خالي سو وري ڪيئن؟“ هن اهو سوال ڪجهہ اهڙي ئي ڍنگ سان پڇيو هو ڄڻ اڳلي جي نيت تي شڪ هجيس ڪنھن ٻي پارٽيءَ جو ڪارندو هجڻ تي.
”منھنجا سائين“ هاڻي هن ڌيرج ۾، نرم لھجي ۾ ڳالھائڻ شروع ڪيو هو، ”اهو ايئن جو مان سال کن کان پوءِ پاس ٿي هائوس جاب ڪرڻ لڳندس، پوءِ ملڪ جي ڪنھن وڏي اداري مان خاص ڊگري وٺندس، اسسٽنٽ پروفيسر چوائيندس. ڪجهہ سالن ۾ ئي ويانا، انگلينڊ يا ڪنھن ٻئي يورپي ملڪ مان هرٽ يا سرجريءَ ۾ اسپيشلسٽ ٿي موٽندس، ان واپسيءَ کان پوءِ مان وڏي ناليوارو ڳڻائبس، وڏو پيسو ڪمائيندس، ڪار، بنگلو، ٽي وي، وي سي آر، ٽيليفون، صوفا سيٽ، سٺي ٺاهوڪي ڪنھن وڏي ماڻھوءَ جي ڇوڪري ملندم، بس، ڪجهہ رشوت، خوشامند ۽ چاپلوسيءَ پٺيان وڏين دعوتن، تقريبن ۾ اٿڻ ويھڻ لڳندس، مان پنھنجي ڏيٺ ويٺ کي وڌائي ڇڏيندس، ڏيٺ کي وڌائي ڇڏيندس يا ماڻھو مون سان ڊيگهہ ڪرڻ، وڏي ماڻھوءَ، وڏي ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ چاپلوسي ڪرڻ لڳن، مان پنھنجي مقرر فيس ضرور وٺان سواءِ انھن ماڻھن جي جن مان ڪنھن وڏي نفعي جي اميد رکان، پنھنجي پرائيويٽ اسپتال کوليندس، ڳرين فين پٺيان ڳرو علاج ڪندس، ڇو تہ دل جا مريض ٿين ئي وڏا ماڻھو....... پوءِ جڏهن دنيا جھان جا مزا ماڻي عيش عشرت ڪري بيھندس تڏهن تو وارو انقلاب در تي ڪڙو کڙڪائندو. تو وارو انقلاب اچڻ ۾ بہ ڪي ڏھہ ويھہ سال تہ لڳن ئي لڳن، ڪن مان ڪوڙ ٿو ڳالھايان ڊاڪٽر؟..... هل سائين، سو انقلاب ايندو، انقلاب آئي ان انقلاب کان اڳ ويڙھہ جي وقت ئي آءُ ڪلمو وساري ڪافر ٿيندس، ان وقت بہ آنءُ ڏسندس، پرکيندس، پروڙيندس، ڪھڙي ڌر جو پاسو ڳرو آهي؟ اهو ڏسڻ کان پوءِ ئي اعلان ڪندس. هڪ وڏي پريس ڪانفرنس سڏائيندي. جي پاسو هوندو اوهان واري ڌر جو ڳرو پوءِ تہ اعلان ڪندس آنءُ سڀ ڪجهہ تياڳيان ٿو، تياڳيان ٿو عوام جي ڀلي ۽ انقلاب خاطر، مان انقلاب ۽ عوام جي جدوجھد کي سچو ڀائيندي اشتراڪي اصولن کي اپنائيندي پنھنجي ملڪيت مان ڪي پنج ڏھہ لک پارٽي فنڊ ۾ ڏيان ٿو. ڪيئن ٿو سمجهين؟ ڪيئن ٿو ڀائين ڊاڪٽر؟ مان اهو ماڻھو، جنھن کي اوهان جي ڳالھين سان ڪا دلچسپي ڪانہ هوندي، مان، جنھن اوهان کي هن کان اڳ خصيص ڏھہ، ويھہ روپيا چندو ڏيڻ کان بہ ڪيٻايو هوندو، سو جي لکن ڏيڻ جو اعلان ڪري، سو جي هڙئي ملڪيت پارٽي فنڊ ۾ ڏئي!؟ منھنجي ان اعلان کان پوءِ خبر ٿي اوهان وارن حلقن ۾ منھنجي ڪھڙي عزت ٿيندي؟ ڪيڏي نہ قدر قيمت ٿيندي، اها قدر قيمت ٿيندي جيڪا ورهين کان ڪارڪنيءَ جو ڳٺ ڳچيءَ ۾ پائڻ کان پوءِ بہ تنھنجي نصيب ۾ ڪانہ ايندي..... ملندم نہ عزت؟ ٿيندو نہ مانُ؟ ڪن تو وارو انقلاب مون کي ڦاسيءَ چاڙهيندو، بيگار ڪيمپ موڪليندو؟ نہ نہ، منھنجي ڊاڪٽريءَ واري ئي حيثيت برقرار رهندي، آنءُ ان وقت بہ وڏو ڪامريڊ، وڏو اسپيشلسٽ ڊاڪٽر چوائيندس، ان وقت بہ اوهان مان جھڙن جا محتاج هوندا، ان وقت بہ مان وڏن وڏن عھدن تي فائز وڏا وڏا تمغا ۽ آفرين ناما سيني تي سجايل توکي ڏسڻ ۾ ايندس. ان وقت بہ مان ٺاهوڪي گهر ۾ رهندس، ان وقت بہ سٺي ڪار سان گڏ زندگيءَ جون ٽوٽل ضرورتون ۽ شيون مُيسر هوندم. ان وقت بہ منھنجي ٽيبل تي ست رشي کاڌو لڳندو. ان وقت بہ منھنجي ڪمري مان ڪنھن سٺي پرفيوم جي خوشبوءِ ايندي، ۽ تون.......؟ ڊاڪٽر، تون ايڏي ساهي مُنجهائي نہ سگهندين، تڪڙو ئي پارٽي بازي ۽ ليڊر شپ جي بيماريءَ جو شڪار ٿي توبھہ تائب ٿي مان واري واٽ وٺندين يا عام ڪارڪن جي حيثيت ۾ رهندي ڏند کٽا ٿي پوندئي. ليڊري تہ توکي ملندي ڪانہ، ليڊر تہ ٿين ئي پئسي وارا ماڻھو، ڌن دولت جا مالڪ، اڄ بہ جي اهڙو ڪو شاهوڪار، سرمائيدار، وڏيرو، سيٺيو سوشلزم جي نعري پٺيان تو واري پارٽيءَ ۾ ڪڏي اچي تہ پوءِ ڏس مزا، تون پارٽيءَ جو ڪارڪن ۽ هو پارٽيءَ جو ڪو وڏو منصب ماڻي تنھنجو بہ مالڪ ٿي ويھندي ڪامريڊ چوائيندو. دال، پلي ۽ لسيءَ تي گذارو ڪندو؟ پارٽي ميٽنگ کان پوءِ کاڌو کائيندي يا گگ سنگهہ اُگهڻ وقت مان تہ سمجهان ٿو عام ڪارڪن پنھنجي قميص جو آڳو ڪتب آڻيندو ۽ هو صاحب ٽشو پيپر سان هٿ صاف ڪندو. ۽ پورهيت جسم نہ پر ذهن بہ ٿيندا آهن. پوءِ اهڙي پورهيت ذهن رکندڙ عام ماڻھوءَ جي فائدي ۾ ٻہ ٻول ڪتب آڻيندڙ ڇو نہ ڪو وڏيرو، سيٺيو، شاهوڪار هجي پر ان کي سندس حيثيت آهر ئي مان مرتبو ملندو، هونءَ بہ سچ آهي پيرين پيادي کان ڪار وارو جلد پھچي ويندو آهي. ريڙهيءَ تي رکيل شئي کان وڏي شاهي دڪان جي قيمتي شوڪيس ۾ سجايل شئي جي وڌيڪ قيمت ۽ قدر ٿيندو آهي..... پئسو انسان جي گناهن کي ايئن ٿو ڌوئي ڇڏي جيئن صابڻ ڪپڙن کي. ڪن مان ڪوڙ ٿو ڳلھايان ڊاڪٽر!؟..... تہ ڳالھہ هئي تو واري سماج ۾ منھنجي ۽ تنھنجي حيثيت جي، تو جي سياست کي نہ بہ ڇڏيو، اهو ايڏو سارو سفر ڪيئي بہ تہ انقلاب جي ويڙھہ دوران ڪنھن نہ ڪنھن مورچي تي سچائيءَ سان وڙهندي وڙهندي مري ويندين. ڇو تہ ليڊر صاحب تہ اهڙي وقت ۾ لِڪا رهن. خفيہ جڳھن تي، خفيہ ميٽنگن ۾ رُڌل رهن. تون جي خوش قسمتيءَ سان اهڙي جنگ ۾ بچي وئين تہ پڪ ئي پڪ لُولو لنگڙو، اپاهج هوندين. سيني تي گولين جي گهائن عيوض ڪجهہ تمغا تہ تنھنجي سر تي بہ سجايل هوندا پر پاڻ لٺڙين جي ٽيڪ تي هلندي زندگيءَ جا آخري ايام پورا ڪندين. مان تہ ان وقت بہ سٺي گاڏيءَ تي، سٺي صاف شفاف لباس ۾ هوندس..... ۽ پوءِ ڪڏهن، ڪٿي تون لفٽ لاءِ واجهائيندين، پر مان ڪونہ بيھندس، مان ڪنھن هارن ڏيندڙ تيز رفتار ڳاڙهي بتيءَ واريءَ ايمبولينس يا پٺيان پنھنجي فرسٽ ڪلاس ڪار ۾ هوندس ڇو تہ تو واري پارٽيءَ جو ڪو وڏو ليڊر ان وقت ڪنھن وڏي هرٽ اٽيڪ جي دوري ۾ مبتلا هوندو. ۽ سائين، ماڻھو نہ رڳو جسماني پورهيت پر ذهني پورهيت بہ ٿيندا آهن، جن جي جسماني پورهيتن کان وڏي اهميت هوندي آهي هر ڪنھن سماج ۾!! هر ڪنھن هنڌ. ڪيئن، مان ڪوڙ ٿو ڳالھايان ڊاڪٽر؟“
سچ ڇا آهي، ڪوڙ ڇا آهي، پر اها حقيقت آهي تہ ڪامريڊيءَ واري زماني ۾ بہ مٿس اهو ٽيررسٽ بنجڻ جو زبردست خيال حاوي رهيو. جنھن خيال پٺيان ئي هن رابطي واري ماڻھوءَ معرفت پارٽيءَ ڏي چوائي موڪليو هو تہ، ”جنھن وقت بہ، جنھن جاءِ تي بہ پارٽيءَ جو پھريون گوريلا جٿو ٽريننگ لاءِ اماڻيو وڃي تہ ان ۾ سندس نالو بہ سر فھرست هجڻ گهرجي، تہ جيئن واپسيءَ تي ڌارين، پرمارن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ ٻين استحصالي قوتن خلاف ٻارڻ ٻاري ڏي. افسوس! جو سندس خيال، خيال ئي رهجي ويو. ان سندس خيال جي پورائي جي نہ تہ نالي ۾ نھال پارٽيءَ ۾ وسعت هئي ۽ نہ ئي پاڻ جٽاءُ ڪري سگهيو.
۽ اڄ.....! اڄ هن، هي جيڪو دهشتگرديءَ وارو قدم کنيو هو سو نہ تہ ڪنھن ڪيل گوريلا ٽريننگ سبب ۽ نہ ئي وري ڪنھن پارٽيءَ جي حڪم پٺيان، هي قدم تہ هن پنھنجي خود خيال، پنھنجي دل دماغ جي چئي پٺيان ئي کنيو هو.
سو قدم وري ڪھڙو؟ ان ڏينھن مان اڃا گهر مان نڪران ئي نڪران تنھن کان اڳ هن اوچتو اچي ٺڪاءُ ڪيو.
”ڪامريڊ اجهو ڏي. اجهو ڏي مان خون ڪيو آهي، مان ماڻھو ماريو آهي.“
”خون ڪيو آهي!!؟“ مان کان ذري گهٽ رڙ نڪري وئي هئي. ان وقت جيئن تيئن ڪري مان تڪڙو ئي کيس اندر گهر ۾ ڌڪي ڇڏيو هو. تنھن بعد ئي سچ پچ کيس تڪيندي سوچيو هئم هڪ سلجهايل ڊاڪٽر ۽ قتل جي وارڌات!!؟ آنءُ ڪنھن بہ طرح سندس قتل ڪرڻ واري ڳالھہ تي اعتبار نہ ڪريان ها، جيڪڏهن سندس ڏڪندڙ هٿن ۾ ريوالور، جسم ۾ ڪُنبڻي، پَٽَ ڊوھہ، سوڙھہ خام نہ ڏسان ها. سندس اهڙن پرڪارن ۽ ٻيو هينئن ڪُمھلو اچڻ تي اعتبار ڪرڻو ئي پيو. کيس جاءِ ڏيڻي، پناھہ ڏيڻي ئي پئي. اهو سوچي تہ شاگرد اينٿرا گهوڙا ٿيندا آهن. ممڪن آهي ڪنھن ڇوڪريءَ ٻوڪريءَ جي چڪر ۾ اچي ڪري ڪنھن پنھنجي ئي سنگتيءَ تي هٿ ٺاريا هجائين. هن گولي تہ برابر هلائي هجي پر ان جو هرو ڀرو مطلب اهو ڇو هجڻ گهرجي تہ اڳلو سچ پچ مئو بہ هجي. ان هورا کورا وچان مان کيس گهر ۾ سوگهو ڪري ٻاهرين جاچ ۾ لڳي ويس، ان جاچ جوچ ڪندين ئي منھنجا تاڪ نڪري ويا. ٻاهر برابر باھہ ٻريل هئي. هن برابر قتل ڪيو هو. سندس گولي برابر پنھنجو ڪم ڪري چڪي هئي. هن خون ڪيو هو، سو بہ ڪنھن جھڙي تھڙي خصيص ماڻھوءَ جو نہ پر اسٽيٽ جي هڪ اعليٰ عملدار جو. پنھنجي ڪاليج جھڙي وسيع ۽ وڏي اداري جي ڪرتا ڌرتا وڏي سربراھہ پرنسپال ڊاڪٽر ڪاروانيءَ جو!
هن پنھنجي شاهي آفيس ۾ ويٺل ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر ڪاروانيءَ جي سيني ۾ ٻٽيھي بور جي ريوالور جون چار گوليون ٻِسٽُ ٽپائي کيس اُڦٽ ماري، پنجين گولي کيس سوگهو جهلائيندڙ، رڙيون دهمان مچائيندڙ پٽيوالي جي ٻانھن ۾ ٽُنبي ڏني هئي. ڇھين ۽ آخري گوليءَ جو فائر آفيس ٻاهران پنھنجي فتحمنديءَ جي نشان طور ڪيو هو. جنھن فائر ڪرڻ کان پوءِ موٽرسائيڪل پڪڙي تيز رفتاريءَ سان ڀڄائي اچي مان وٽ پناھہ ورتي هئائين.
ان سندس قتل واري قدم وقتي طور مانکي بہ لھسائي، منجهائي، موڳو بنائي ڇڏيو هو. آنءُ خود سندس جيان ئي گهر ۾ واڙجي، قيد ٿي ڪجهہ وقت لاءِ ڪتي ٻلي کان قابو ويٺو رهيس. ان ويٺي ويٺي ئي عجب کائيندي سوال ڪيو هئم، ”ڊاڪٽر تو هي ڇا ڪيو!؟ ڪنھن توکي ان پٽي تي لاٿو؟ ڪنھن توکي اها چرچ ڏني؟ ڪنھن توکي اُڪسايو اهو ڦاهو ڦڪڻ تي!!؟“
مان ڏٺو ان وقت هن جو ڪنڌ هيٺ هو، شايد ڪجهہ سوچي رهيو هو. پر سندس چھرو سنجيدو، بلڪل ڳڻتيءَ کان پالھو هو. هن پرسڪون لھجي ۾ چيو هو، ”بس ايئن مان پاڻ ڪيو.“
”تو پاڻ ڪيو!؟“ آنءُ انتھائي حيرت وچان سندس چھرو تڪيندو رهجي ويس.
”ها مان پاڻ ڪيو، ان سڀ جو ذميوار مان پاڻ ئي آهيان. اهو سڀ ڪجهہ مان پاڻ ئي ڪيو.“
سندس اهڙي جواب تي مان اڃا بہ وڌيڪ سوچڻ لڳو هئس. ان وقت منھنجي سوچ اهائي هئي، اهو ڪم اڪيلي جو نہ آهي. خون بہ اداري جي اعليٰ سربراھہ جو!؟ ڪنھن ٻئي کيس اُڪسايو هجي يا ٻيھر ڪنھن ترقي پسند گروھہ ۾ شامل ٿيو هجي؟ پوءِ ڪجهہ کنن جي خاموشيءَ کي ٽوڙيندي سوال ڪيو هئم، ”ڀلا وري ڪنھن ترقي پسند پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو آهين ڇا!؟
”نہ بلڪل نہ“
”نہ....! تہ تو هي سڀ ڪجهہ پنھنجي سِرِ اڪيلي سِرِ ڪيو آهي؟“
”بلڪل......“
ان وقت مان ڏٺو هو منھنجي حيرت کائڻ يا رڙيون ڪندي سوال پڇڻ جو هن تي ڪو بہ اثر نہ ٿيو هو. هن ساڳئي ئي پُر سڪون آواز ۾ جواب ڏنو هو. مان کي ان سندس ارڏائيءَ تي مٿس چِڙَ آئي هئي تہ سندس اهڙي دليريءَ تي سرهائي بہ ٿي هئي. منھنجو پچڻ، خامڻ بہ تہ اجايو جو نہ هو، مان بہ تہ حق تي هئس. ان قتل جي ڪيس ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح مان بہ تہ انوال هئس. ان پنھنجي انوالمينٽ سبب ئي بي قرارو ٿيندي پڇيو هئم، ”ڊاڪٽر..... تو هي ڇا ڪيو، توکي ائين ڪرڻ نہ گهربو هو. تو پنھنجو مستقبل تباھہ ڪيو، تو پنھنجو آئيندو برباد ڪيو. آخري سال ۾، آخري امتحان ۾....... تو پاڻ کي برباد ڪيو، تو پاڻ کي تباھہ ڪيو. ۽ ڇا ان سڀ جي نتيجي کان واقف آهين؟ جيڪو ڪجهہ تو ڪيو آهي، تنھن جي نفعي نقصان جي ڇا ڄاڻ اٿئي؟“
”ڊيڄارين ٿو؟“ ٽپ ڏئي اٿيو هو، ”ڌمڪائين ٿو، پڪڙائيندين؟ ٻڌرائيندين؟ پناھہ ڏيڻ کان ڪيٻائين ٿو؟ ڪيٻائين ٿو، هتان نڪري وڃان؟“
”اهو تہ مان ڪو نہ چيو.“ آنءُ پنھنجو خوف لڪائيندي نرم لھجي ۾ چيو هو.
”تڏي تو آخر ڇا چيو؟“ هن سڌو ٿي مون طرف نگاھہ ڪندي اکين ۾ اکيون اٽڪائيندي چيو هو، ”ٺيڪ آهي، مان ڪيو آهي، مان ئي ان سڀ جو ذميوار آهيان، مان ئي ان سڀ کي فيس ڪندس، تون ايترو ماندو، ماندو ڇو ٿو ٿين، تون ايترو وهلُور ڇو ٿو وڃين؟...... ترس، ترس، هٿ ڏيندس، پيش پوندس، پھريان سوچڻ ڏي، ڪامريڊ پھريان سوچڻ ڏي.“
”تہ ڇا تو ان سڀ کان پھريان ڪو نہ سوچيو، ڪجهہ ڪو نہ سوچيو هو تہ تون ڪھڙي بلا جي وات ۾ ٿو مٿو ڏين!؟ قيد، بند، سوڙھہ، سختيون، اڪيلايون، تنھايون، ذهني ٽارچر، جسماني ايذاءَ، بجليءَ جون شاڪون، آڱرين تان نَنھن ڪورڻ، سگريٽن جا ڏنڀ، مٿان سوين مڻ بار رکڻ، اونڌي منھن لڙڪائڻ، پاڻيِءَ ۾ غوتا ڏيارڻ جون وارڌاتون، مُنھن تي گونھن جا توٻرا، مُٽَ جا گلاس پيئارڻ، جسم ۾ سنھڙين سوئين ۽ تکين تيز ٽاچنن جو چڀڻ، آخر ۾ اڪيلي سوڙهي کوليءَ ۾ واڙجي پنھنجي ڦاهيءَ جي انتظار ۾ سڄيون سڄيون راتيون ننڊاکڻن نيڻن سان اوڪڙو ويھي گذارڻ.“
”پر مان ڪوڙ ئي ڇو ڳالھائيندس، مان تہ سڀ ڪجهہ پنھنجي سِرَ تي وهائي ڏيندس. مان خون ڪيو آهي، بلڪل ڪيو آهي.“
”۽ جي ڪيو آهي تہ ڇو ڪيو آهي؟ ان وقت تو وٽ ڪھڙو جواب هوندو؟“
”ها......“ هن نھايت ڌيرج سان وراڻيو هو. مان ڏٺو هاڻي هن ڇتڪتائيءَ واري ڪيفيت مان نڪري پنھنجو پاڻ کي ٻيھر ڪرسيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو.
”ها مان وٽ جواب آهي، ان سڀ جو جواب هوندو.“ هن وڌيڪ سانتيڪو ٿي ويھندي چيو هو، ”ان سڀ ٻڌائڻ کان اڳ ۾ مان هڪڙو سوال ڪيان؟ ڪامريڊ تون برو نہ ڀانئجانءِ آءُ هڪڙو سوال ڪيان؟ ڇا، اسان سڄي عمر ڳالھيون ئي نہ ڪيون آهن!؟ ان سوين هزارين ڳالھين جو حل ٽيبل ٽاڪ ذريعي ڪيل ڳالھين سان ئي نہ ٻڌائيندا رهيا آهيون!؟ معاف ڪجانءِ مان غلط ئي سھي پر اهو تہ ٻڌاءِ ان ڇڙين سکڻين ڳالھين، ڊاڙن ڊڇن، ڪوڙن ڏس پتن ڏيڻ، ٻئي کي کوھہ ۾ اڇلائڻ، کاهيءَ ۾ ڪيرائڻ جھڙن نيچ ڪمن کان سواءِ آخر اسان ڪھڙو عملي ۽ اوچ ڪم ڪيو آهي!؟ ڪھڙي جنگ کٽي، مورچو فتح ڪيو آهي؟...... تون چئہ، ڪامريڊ تون ئي چئہ، تون ڳالھين جو ڳھير نہ رهيو آهين؟“ مان ڏٺو ان وقت اچانڪ هن جي آواز ۾ سختي اچي وئي هئي. لڳو هو سندس وجود ۾ ڪو ٻيو ڪاوڙيل روح واسو ڪري ويو هجي.
”اها ڳالھہ اسان کي تسليم ڪرڻي ئي پوندي تہ اسان ڳالھين جا ڳھير، ڊاڙن ڊڇن جا بادشاھہ رهيا آهيون، پنھنجن جا مارا، ڌارين جا دلال ٿي رهيا آهيون. مڃ، مڃ توکي مڃڻو ئي پوندو. ڪامريڊ توکي مڃڻو ئي پوندو تہ چوري چغلي، ٻيائي، ٻچاپڙائي، هڪ ٻئي جي رت سان رانديون. اهي سڀ ڳالھيون اسان جي جسم ۾ واسو ڪري ويون آهن. اسان جي طبيعت ۾ سمائجي ويون آهن. تون مڃ نہ مڃ پر اهو سچ آهي. ڪامريڊ اهو سچ آهي، اسان ايڪسپلائيٽر رهيا آهيون. اسان اپرچونسٽ رهيا آهيون. اسان اپاهج، لولا لنگڙا ٿي چڪا آهيون. اسان جي ذهنن تي زنگ چڙهي چڪو آهي، اسان جا ايمان لڙهي ويا آهن. اسان ڪتي جيان لُور لُور ڪندي ٻئي جي اوٻاريل گرھہ تي گذارو ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون. تون مڃ نہ مڃ پر اهو سچ آهي، اهو سچ آهي....... ۽ ان لاءِ تو وٽ جواب ڪھڙو آ، هي جيڪو گذريل چاليھہ سالن کان لڳاتار قوم جو استحصال پيو ٿئي، فرد، فرد، سڄي قوم سان ڪھر ڪَلُور، ظلم زيادتيون پيون ٿين، ان جو انت ڪڏهن ايندو؟ ان سڀ کان ڪڏهن نجات ملندي؟ آهي تو وٽ جواب ان سڀ جو، آهي ڪنھن وٽ جواب؟........“
انتھائي رڙ ڪندي ڀاري آواز ۾ چيو هئائين، ”مان ٿو چوان ڪونھي، بلڪل ڪونھي، ڪنھن وٽ ڪونھي، ڪنھن وٽ بہ ڪونھي، سواءِ سکڻيون ڳالھيون ڪرڻ جي، سواءِ لفاظي ڪرڻ جي، لفظن جي راند کيڏڻ جي...... حساب ڪر، حساب ڪر تو ڇا ڪيو آهي؟ مان ڇا ڪيو آهي؟ سياستدانن ڇا ڪيو آهي؟ شاگردن، دانشورن ڇا ڪيو آهي؟ سنڌي وڏيري کان سنڌي بيوروڪريٽ تائين ڇا ڪيو آهي؟ ٻڌاءِ، ٻڌاءِ، ٻڌاءِ نہ آخر چپ ڇو آهين؟ ڇو چَپَ سبجي ويا ٿي، ڪھڙو ڪکُ سنگهي ويو ٿي!؟ سڀ ڪوڙ آهي، ڪامريڊ سڀ ڪوڙ آهي. هر هڪ پنھنجي ذات، پنھنجي نفعي تڳائڻ پٺيان، هر هڪ واھہ گرو واھہ مالڪ جا ورد دهرائڻ پٺيان. ننڍي کي ننڍي، وڏي کي وڏي رشوت ڏيو. رشوت ڏيو اوهان کي خون معاف آهي. رشوت ڏيو، سندس وات گُنديءَ جي ليڙي جيان لِنبجي ويندو، اصل پورجي ويندو...... ڪامريڊ نہ کول، مانکي نہ کول، نہ کول مانکي. منھنجو اندر رڌو پيو ٿي. منھنجو اندر...... مان ٿو چوان نہ چور مانکي، نہ چور...... بس، اسان جو واهي ﷲ آهي، اسان جو ٻيڙو سِير تي آهي. کوڙيءَ کي ئي گهمرو، سڄي کوڙيءَ کي ئي گهمرو. هر هڪ کي پنھنجي هٽي، هر ڪنھن کي پنھنجو هوڪو، هر هڪ کي حاڪم ٿيڻ جي حوس. اسان جا سياستدان سدائين وزارت جا طلبگار، هڪ ٻئي جي تري ڪڍڻ پٺيان. ڪنھن وڏي ڪرسي، وڏي مسندَ، پنھنجي اڳيان پٺيان ننڍو وڏو جهنڊو لڙڪائي هلڻ جا عادي. عام ڪارڪن جي ڳالھہ ئي ڇا، خوشامند جا کودڙا پڇُ سٽاڪ ٻٽاڪ، ويچارا سدائين ڪنھن چڱي چوکي مانيءَ جي ڪڍ....... پڙهيل ڳڙهيل؟ پڙهيل ڳڙهيل شاگرد طبقو ڪجهہ پنھنجي اَلَ مستائن جو شڪار تہ ڪجهہ سياست جا مھرا ٿي ڪتب ايندڙ وڏي واڪ نعرا، ٽيبل ٽاڪ، جوشيلا، ڀڙڪيلا. ڳالھين جا ڳھير، ڊگري ورتي کان پوءِ ڪاڳر جو ٽڪرو ڳچيءَ ۾ وتن وڏن ماڻھن جون چائنٺيون چٽيندا، سنھي ٿلھي، مُڏي سُڏي لوهي يا ڪاٺوڙي پر هجي ڦيريدار ڪرسي ۽ اها ڪرسي، جيڪا راتو رات سندن ڪايا پلٽي کڳيءَ مان يقين شاھہ بڻائي ڇڏيندي آهي. تڏهن نہ رهندا آهن وٽن وڏا تيز تکا نعرا نہ رهنديون آهن پياريون مٺڙيون ڳالھيون، نہ رهنديون آهن ڇتيون جوشيليون تقريرون ۽ نہ ئي اڳلا پراڻا ترقي پسند انقلابي نظريا. هو انھن مڙني چٺن کي پنھنجي ئي هٿن سان تيلي لڳائي ساڙي ٻاري، اڳلين توڙي پوئين کي منع ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙن نانگن کي هٿ لائڻ کان........ ڳولھي ڏيکار، ڳڻي ٻُڌاءِ. ڪالھہ جيڪي وڏا جوشيلا نعرا هڻي پنھنجي سورهيائي ۽ سرويچيءَ جا ثبوت ڏيندا هئا! جذباتي تقريرون ڪري هاري، مزدور، ٻني ٻاري ۽ ديس جي ترقيءَ جي ڳالھہ ڪندا هئا. آهي ڪو اهڙو جنھن کي سرڪاري سروس ۾ گهڙڻ کان پوءِ بہ اهي پھريان پراڻا سبق ياد هجن؟..... ۽ اديب، دانشور؟ تہ جي تہ نيڪي ڇا ڪجي، اسان جا اديب، دانشور لولا لنگڙا، اپاهج. ڳالھيون سنديون ڳالھيون ٽڪي سنڌا موٺَ. ڏئي تہ ڏس ڪنھن هڪڙي کي ڪا چڱي خاصي سرڪاري نوڪري آڇي تہ ڏس ڪنھن هڪڙي کي ڪا اڇي ڪاري پڳ. اڄ جيڪي ڪجهہ چڱين ڪرسين تي ويٺل ڏسين ٿو وسري ويا ٿي تن کان پھريان سبق. ها، ڪامريڊ وسري ويا ٿي تن کان اڳيان ٽوٽل آدرش. هنن ويچارن مان ڪن پنھنجا قلم ڀڃي تہ ڪن اڳلا اهي پڌرناما ئي ساڙي ڇڏيا جيڪي ڪنھن ٻئي معصوم جي آزادي ۽ نرواڻ لاءِ لکيا ويا هئا. ڪن تہ مورڳو پنھنجي لکڻين تان ئي هٿ کڻي ڇڏيا تہ ٻين ڪيترن وري ڇپيل مواد جون تاريخون بدلائي وَرِنَ ڦيرائي ڇڏيا. ۽ باقي؟ باقي جيڪي هلڪيون ٽاڏيون ٿا ڏين سي بہ سڙھہ ڍڳا ٿي، صفا سڙھہ ڍڳا، متان ڀلجي بہ ڪنھن هڪ تي شرط هنئين ٿي، متان ڀلجي بہ ڪنھن هڪ کي ميدان ۾ لاٿو ٿي....... پوءِ مان شاگردن جي اڻ ڳڻين ٽولن ۾ رهيس. پوءِ مان سياست جو مھرو بڻيس. مان ڪيترن ئي نام ڪٺين ترقي پسند پارٽين جي انڊرگرائونڊ سيلن ۾ رهيس. ڪنھن وڏي ڪارج ديس جي ڪا وڏي سيوا ڪرڻ خاطر، پر مان ڏٺو، ڪامريڊ مان ڏٺو جت ڪٿ ڳالھيون هيون، کيرو ڪرڻ واريون ڳالھيون، دل لڀائيندڙ ڳالھيون، چلڪيدار نعرا هئا. تکا تيز نعرا هئا. ڀڃ ڊاھہ جا وڏا وڏا افسانا هئا. گدڙ وانگر کائڻ جا ڏند هڪڙا تہ ڏيکارڻ وارا ٻيا هئا. ڪٿي شير ٿي اوڍي رڍ واري کَلَ تہ ڪٿي رِڍَ ٿي اوڙهي شينھن واري کَلَ. هرجاءِ مٿا ٽيڪي، سڀئي درگاهون ڀيٽي آءُ واپس ٿيس ۽ ڦري پنھنجي ماڳ آيس....... مان ڏٺو، مان ڏسندو هوس هرڪو اوندھہ، ھھڙي اوندھہ ۽ بليڪ آئوٽ ۾ گذارڻ جو عادي ٿي چڪو هو. هرجاءِ ناحق ۽ انڌير هو. خود پنھنجي قريب، آءُ پنھنجي قريب ڏٺو. آءُ پڻ اهڙي گهيري منجهہ اچي چڪو هوس. مان پاڻ ٻين جي گلا غيبت تي ڌت هڻي ستو رهيس....... مان جڏي جڏي اکيون پٽيون، مان جڏي جڏي پنھنجي اندر ۾ ليئو پاتو، جهاتي پاتي، تڏي تڏي سوين هزارين نفرتن جي ٽانڊن جي ڄَرَ محسوس ڪيم. خود پنھنجي وجود کان نفرت ڪرڻ لڳس..... مان ڏٺو هو، اسان جي ڪاليج جو سربراھہ ڏاڍي ٻيائيءَ کان ڪم وٺي رهيو هو. هو ڪنھن زبردست مصنوبي تحت اسٽيٽ جو ڪارندو ٿي ڪم ڪري رهيو هو. اسان جي طاقت کي ڪنھن سيھوني ذهنيت پٺيان نيست نابود ڪري رهيو هو. هن پنھنجن کي ورسائي اسان سان اڇوتن وارو سلوڪ روا رکيو. بي گناھہ اٻوجهہ شاگردن، حق سچ چوڻ وارن کي ريسٽيڪيٽ ڪرائي ايگزيم ۾ وڏا خاصا نقصان رسائي رهيو هو. جهلائي تہ ڪن کان پيپر مسِ ڪرائي وڏين ڌانڌلين رستي ذهين شاگردن کي پٺتي ڪرائڻ ۾ رُڌل رهيو. ڪنھن بہ هُل هنگامي ايجيٽيشن کان اڳ اسان کي جهلائي پوليس، ملٽري هٿان وڏيون ۽ نفرت جوڳيون تعديون ڪرائڻ ۾ رُڌل رهيو. هن جو بلڪل ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رهيو. سندس اهڙي بڇڙي سلوڪ، خراب هلت کي ڏسي آءُ وڌيڪ سوچڻ تي مجبور ٿيس، مان وڌيڪ سوچڻ شروع ڪيو هو. آخر ڪيسيتائين هي انياءُ رهندو؟ آخر ڪيسيتائين هي انڌير رهندو؟ ان انياءَ ۽ انڌير خلاف مان آواز اٿاريو، مان پنھنجو پاڻ کي اڳتي آندو، آءُ پنھنجي ساٿين، سڄاڻ يارن کان سوال ڪيو، هي ٻاهرين ڀرتي! هي ٻاهريان لُولين لنگڙين ڊگرين وارن جي يلغار؟ هي روزگار جي بھاني سيھوني سازش؟ هي سٺيون، ڀليون زمينون؟ هي وڏا وڏا ڪارخانا؟ هي نوڪريون گذر جي وسيلن تي دينا داستي ڌاڙا؟ انھن سڀني تي ڪنھن جو حق آهي؟ ڪنھن جو حق آهي؟ ڇا اهو چرخو ايئن ئي هلندو!؟ ڇا ان سڀ جو ڪڏهن انت ٿيندو!؟ ان سڀ کان ڪڏهن ڇوٽڪارو ملندو؟ اهڙن سوالن جو جواب ڪنھن وٽ ڪونھي. ڪامريڊ ڪنھن وٽ ڪو نہ هو سواءِ سکڻين ڳالھين ڪرڻ جي. لفظن جي بازي کيڏڻ ۽ وقت جو اوسيئڙو ڪرائڻ جي. وقت جو انتظار ڪرڻ جي. وقت، اهو وقت، جيڪو سندن سوچ مطابق شايد ڪڏهن نہ اچي. وقت، اهو وقت جنھن ۾ ساري قوم سجاڳ ٿيندي ۽ ڪامريڊ، هنن کي ٻڌاءِ، هنن کي ٻڌاءِ اهڙي سجاڳي ڪنھن بہ قوم جي ٽوٽل آباديءَ ۾، ڪنھن بہ زمين جي ٽڪري تي هڪ ئي وقت اچڻ مھال آهي. قومن کي آزاديءَ جي راهن تي وٺي هلڻ ۾ چند اڪابر ئي ڪم ڪندا آهن. اڳواڻ دستائي مدد ڪندا آهن. انقلابي دستائي سھارو بڻبا آهن. ۽ اهڙا دستا گذريل اڌ صديءَ جي ڳالھين ڪرڻ کان پوءِ بہ سگهارا ٿي نہ سگهيا آهن. وقت جو انتظار، وقت جو اوسيئڙو ڪرائڻ جا راڳ پيا آلاپن. جيڪي عام ماڻھوءَ آڏو تہ آزاديءَ ۽ انقلاب جون وڏيون وڏيون اوڳرايون، وڏيون وڏيون ٽاڏيون ڏيندا پيا وتن پر هوندي اٿن پنھنجن دستن منجهہ بي حد مايوسي ۽ بد حواسي. اهو ئي سبب سندن ٻيڙيءَ وارو پوُر ڪڏهن بہ پورو ٿيڻو ناهي. ڪڏهن بہ پورو نہ ٿيندو!!... ۽ پوءِ اهي پور پچائيندي، اهي سوال دهرائيندي ڪافي ڏينھن جي وِلوڙَ کان پوءِ آءُ پنھنجو پاڻ کان ئي سوال ڪيو هو. آءُ سوال ڪيو هو، ڇا انفرادي غيرت بہ هوندي آهي!؟ انفرادي غيرت کي نہ ٿو ڪم آڻي سگهجي؟ ڇا، جنھن، جتي ڏٺو، جنھن جتي سوچيو، سو اتي مورچو قائم نہ ٿو ڪري سگهي؟ گڏيل عمل تي پھچڻ کان اڳ، ساري قوم کي ايڪشن ۾ آڻڻ جون ڳالھيون ڪندي ڪندي زور زبردستي، انڌير، انياءَ سان ٽڪر کائجي يا وقت جي اوسيئڙي، وقت جي انتظار ۾ عمر گنوائجي؟ سچ حق جي ڳالھہ ڪرڻ، هوڪو ڏيڻ، سچ حق جي جنگ لڙڻ لاءِ ڇا هر هڪ جو هم خيال هجڻ ضروري آهي؟ ۽ ان ضرورت کي محسوس ڪندي ئي مان پنھنجو پاڻ کي ڏاڍ سان اٽڪائڻ لاءِ تيار ڪيو. انڌيري، انياءَ کي روڪڻ لاءِ ئي مان کي اهو سڀ ڪجهہ ڪرڻو پيو جيڪو ممڪن آهي اوهان آڏو ڪو سٺو عمل نہ بہ هجي، پر منھنجي آڏو اعليٰ آهي، افضل آهي، درست آهي، صحيح آهي. تون مڃ نہ مڃ پر ڪامريڊ اهوئي سچ آهي، اهوئي سچ آهي......“