واپس
”هلڻ تہ گهرجيس....... هونءَ بہ پاڪستاني ريلن ۽ ٽائيمن تي ڪھڙو اعتبار.“
سامھون ٻيءَ سيٽ تي ويٺل پئسينجر ڄاڻ سڃاڻ نہ هوندي بہ، جواب ڏنو هو، ايئن ڄڻ کائنس ئي پڇيو هجائين ۽ پوءِ ڪنھن وقت گارڊ جي اوچتي سيٽيءَ جو آواز سندس موڙهل دماغ تي هٿوڙي جيان ٺڪاءُ ٿي ويو هو.
سيٽيءَ سان آهستي آهستي گاڏي اسٽيشن جي گوڙ ۽ شور واري ماحول مان نڪرڻ لڳي هئي. هن پوءِ آخري نظر روشنين جي شھر تي اڇلائيندي دري بند ڪري ڇڏي هئي. تنھن بعد سگريٽ جي ٽوٽي کي لت هيٺان چيٿاڙيندي گاڏءَ ۾ ويٺل ماڻھن تي هڪ نظر وڌي هئائين، جيڪي پنھنجي ئي چوٻول ۾ پورا، منجهائن ڪيترائي هڪ ٻئي کي پنھنجن پنھنجن عشقن جا داستان سُڻائي رهيا هئا. ڪي پنھنجن ٻارن ٻچن جي سڪ سيني ۾ سانڍيو پچائي رهيا هئا ۽ ڪي وري اخبارون منھن ۾ اٽڪائي تازيون سُرخيون پڙهڻ ۾ رُڌل هئا. هن پوءِ ماڻھن تان نظر هٽائيندي ٿڌو ساھہ کڻي پنھنجي ئي منھن اچاريو هو،
”اسان ماڻھن جي بہ ڇا تہ زندگي آهي!؟ ڪو هڪ سپنو بہ ساڀيان ڪونہ. ٽيليفون، ٽيليوزن، صوفا سيٽ، ڪار، عاليشان بنگلو ۽ حسين...... اُف!...... ڳوٺ ڪھڙو منھن کڻي هلندس. آڱريون کڄنديون، چئوپچئو ٿيندي، طعنا ملندا، مھڻا ملندا. ماڻھو چوندا ۽ انھن ماڻھن کان وڌيڪ اسد کي ڪھڙو منھن ڏيکاربو!؟“
هن کي بي عزتيءَ جي احساس گهُٽي رکيو هو، جنھن کان سندس چھرو لھڪارجي ويو هو........ اسد؟ اسد، جنھن سان سندس سوين دليون هيُون.
جيڪو سندس ٻچن جو ساٿي، اسڪول جي ڪناري کان ڪاليجي ڪنڌيءَ تائين ڪَٺي رهيا. سندس اٿڻي ويھڻي، رنگ ڍنگ ۽ سوچ جا طريقا سدائين هڪ جھڙا رهيا. ٻنھي يارن کي وات ۾ اکر هيو هڪڙو ”سنڌ“ ۽ ان ساڻيھہ جي ٻنين ٻارن، ڀِٽن ڀاڻن، تل تراين ۽ ساوڪ سُرهاڻ کي ساريندي پھرن جا پھر پورهيت پنھوارن جون پچارون ڪندا هئا. اهوئي سبب ان ساڻيھہ جي سڪ جي سِلي ۾ ڪيترائي ڀيرا ڪال ڪوٺڙين ۾ پوريا، وڏي در جون هوائون کاڌائون، دال جي پيڄي، ڇٻر، ڀتر، گوبيءَ جا پن، سُڪل، سڙيل پڪا سڙھہ گوگڙو، رنگ، ڪَٽِي ۽ سوڍا رچيل ڪارو ڍورن وارو ڳُڙُ، گهِميل اوسنا ڀُڳڙا ۽ ستُ نڪتل ڪڻڪ جي سڙيل سُڪل مانيءَ تي گذارو ڪندي بہ هيڻي نہ ٻولي هئائون. پوءِ جڏهن حاڪم طبقي امداد کي لالچائي چڱي خاصي نوڪري ڏئي سندس وات گنديءَ جي ليڙي جيان لنبي چڏيو هو، تڏهن کان ٻنھي يارن ۾ وٿيون ۽ ويڇا وڌندا رهيا هئا.
شھري ماحول ۾ پير رکندي شروع شروع ۾ هن جيڪو ڪجهہ فِيل ڪيو هو، تنھن جو اُپٽار هن اسد ڏانھن لکيل پھرين خط ۾ ڪافي واضح لفظن ۾ ڪيو هُئائين، جنھن مان لڳي رهيو هو تہ شايد کيس شھري لائيف ڀانءِ نہ اچي. هن لکيو هو،
”....... انسان، جنھن کي کن جي بہ ويسند ڪانہ، انسان جيڪو پنھنجن ئي غمن ۾ غرق، سڄو سڄو ڏينھن هڻ هڻان، نتيجو پوءِ بہ ٻُڙي. پر پيارا سڀ ايئن بہ ڪونہ، ڪاريون، بنگلا، نرم نرم گاديلا، سندر سندر ناريون، جوڀن ۽ جوانيون. وڏا وڏا شاپنگ سينٽر، ريشم گليءَ جون رنگينيون، خوبصورت سنيڪ باريون، وڏا وڏا ريسٽوران، خوبصورت نائِيٽ ڪلبون، جوڀن ۽ حُسن جي نمائش. وڏا عاليشان بنگلا، وڏا ڪُشادا روڊ. هر هڪ رستي پٺيان ڪيئي پس منظر، هر واٽ پٺيان هڪ معنيٰ. سوين هزارين گلڙن جھڙيون مُرڪون. لکين رنگين پردن جھڙا منظر، سوين هزارين انڊلٺ جھڙا رنگ. جِيونُ سنوارڻ، زندگي ماڻڻ واريون واٽون. هر واٽ جيتري پيارن گلڙن سان سينگاريل، اوتري ئي خطرن ۽ مشڪلاتن سان پُر. گل جيڪي ڪنڊن بنا ملي نٿا سگهن،گل جيڪي هٿن پڄڻ کان پري،گل جن کي ڏسندي بہ سنگهي نہ ٿو سگهجي. هر گل جي خوشبوءِ پنھنجي ۽ هر خوشبوءِ کي رنگ بہ پنھنجا، روپ بہ پنھنجا. ڪنھن هڪ کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ٻئي جي حاصل ڪرڻ جي تمنا، اهڙي اذيت، اهڙي پِيڙا، جيڪا راتين جن ننڊون حرام ڪري ڇڏي. سوچن جا اڻ کٽ سلسلا، جيٽ دور، ائٽمي دور، چنڊ تي انسان، مرخ ڏانھن اُڏام، خلا ۾ چھل قدمي ۽ زمين تي انسان، انسان جو محتاج، بکايل انسان جو ڦٽ پاٿ ٿيو آرام گاھہ، ترقي جيڪا انسان جي بک دور ڪري نہ سگهي، ترقي جيڪا ويٽنام، بينگال، وچ ايشيا، آفريڪا، لاطيني آمريڪا ۾ پنھنجا نشان ڇڏيندي پئي وڃي، ترقي جيڪا انسان کي انسان کان دور ڪندي پئي وڃي. ترقي جنھن جو ڪو ڇيھہ، جنھن جو ڪو انت ڪو نہ.....!!!“
۽ پوءِ جڏهن هڪ وڏي عرصي کان پوءِ ٻئي يار مليا هئا، تڏهن اهو اڳ وارو سڪ سواد تہ نہ رهيو هو پر پوءِ بہ ورهين جا ناتا هُئا. سوين هزارين شڪايتون، لکين ڪروڙين ڏوراپا هئا. اسد جي دل ڀرجي آئي هئي، اکيو ن ڪٽوري جيان ڇلڪي پيون هُيس.
”تون ڪيئن کاٻارجي پئين؟ مان کي تو ۾ اهڙي اميد ڪانہ هئي تہ تون بہ ........“
”پيارا مون کي ڪا ڪس لڳندي آهي ڇا؟“
”يار خبر ناهي سنڌ جا پئبلو نرودا، چليءَ جي پئبلونرودا جي ڀيٽ ۾ ڪسڻ تي گيدائپ کي ڇو ٿا ترجيح ڏين!؟“
”پيارا ايترو رنج بہ آخر........ سوچيم هيڪر تہ وڃي چارج وٺجي پوءِ بہ ڪو....... ۽ ها، ڪڏهن ٿو گهمڻ اچين، اچ تہ نون يارن سان ڪچھريون ڪرايانءِ، جيڪي ڏس تہ پاڻ جيان ڪيئن نہ پيا انسان جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيندا وتن.“
”مان پاڻ کي اهڙي ماپي ۾ ئي وجهڻ نہ ٿو چاهيان، جنھن مان جان نہ ڇڏائي سگهجي. تون پاپ ۽ لوڀ کي سزا ڏيڻ وارو خود انھيءَ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئين.“
”تنھنجي معنيٰ ترقي پسنديءَ جو سج ئي توتي اچي لٿو آ.“ تپش ۾ ايندي چيو هو، ”مان کي خبر آهي تون ۽ توسان ڪمپني ڪندڙن جي هُون، بيوروڪريٽ.“ هن طنزيہ مرڪيو هو، ”يار تون اچي تہ ڏس نہ. او ماءِ گاڊ، ڪامريڊ توتي اجائي اثر آ، ڪامورا شاهي هينئر اها نہ رهي آهي. آءُ، آءُ تہ ڏيکاريانءِ ڪيڏا نہ سکيا ستابا بہ پيا هر وقت سنڌ لاءِ سوچين.“
”سکيا تہ ٿين ئي ناڻي جا بکيا، هو تہ پاڻ ئي ٿا وڌيڪ اوچو ڏسن چاهين. هنن جڏهن ڏٺو تہ هندو حصو ئي نٿا ڏين تڏهن سندن خلاف پاڪستاني ٿي ڪات ڪھاڙا کنيائون. هينئر جڏهن پرماريت جا نيلا نانگ دولت جي ڍڳن تي وڪڙ هنيو ويٺا آهن، تڏهن وري مسڪين پورهيتن کي پيا مُرليءَ طور استعمال ڪن. حيرت آهي جو ڪلھہ جيڪي تو جھڙا انھن سُرڪڻ ڦاهين کي ٽوڙڻ لاءِ نڪتا هئا، سي هينئر پنھنجو پاڻ ئي رضا خوشيءَ ۾ پيا انھن سرڪڻ ڦاهين ۾ قابو ٿيندا وڃن ۽ خبر ڪانھي هاڻي وري ظالم ڪامورا شاهي کي الائي ڪھڙا پَرَ ڄاوا آهن جو وتين ٿو........“
”بس، هاڻي گهڻو ٿيو، ڇڏ انھن تلخ ڳالھين کي، ٻڌي ٻڌي ڪن ئي ٻوڙا ٿي پيا آهن.“
گاڏيءَ جي اوچتي ڪوڪ تي هن جا خيال ڪڻو ڪڻو ٿي وکري ويا هئا. هن دري کولي ٻاهر نھاريو هو. گاڏي ڪنھن ٻئي درجي جي اسٽيشن جي قريب پھچي چڪي هئي. گاڏيءَ جي تيز ڊوڙ سبب اٿيل دزِ ۽ مٽيءَ جي ڪڪرن ۾ پري، دُور پري ڌراڙ ماڻھو اُٺن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ ٿوهر جي گهاٽن جهڳٽن ۾ چاري رهيا هئا. هن دزِ جي غُبار کان دري بند ڪري ڇڏي هئي ۽ پوءِ سگريٽ دکائي وڏا وڏا ڪش هڻڻ لڳو هو. اسٽيشن تي پھچي چند سيڪنڊن لاءِ گاڏي رڪجي وئي هئي. ڳوٺاڻا گهورڙيا لسي، ڇولن ۽ ڪيلن جا هوڪا ڏيندي مرڻ جيئڻ جو سانگو نہ ڪندي گاڏيءَ ڏانھن ڊوڙڻ لڳا هئا پر تڪڙو ئي گاڏي لائين ڪليئر وٺي ٻيھر هلڻ لڳي هئي.
گاڏيءَ جي هلڻ سان گڏ هن جي دماغي چين بہ چرڻ شروع ڪيو هو، ”منھنجي زندگي بہ هن گاڏيءَ مثل آ، جيڪا کن لاءِ رڪجي ٻيھر اڻ ڄاڻاتي منزل ڏانھن ڊوڙڻ لڳندي هجي.“
ان وقت هن کي زندگيءَ جي وک وک ويجهي نظر اچي رهي هئي، تنھن وقت سندس ڪيڏي نہ مانائتي زندگي هئي، ڪيئن نہ اسد سان ڪلھو ڪلھي ۾ هڻي وتندو هو ديس ۽ ديس واسين جون ڳالھيون ڪندو. تڏهن تہ سندس لاءِ زندگي وسيع هئي. هونئن بہ ان کان سواءِ سندس گذريل زندگيءَ جو دائرو ڪھڙو وسيع هو؟ اهي يار، اهي دوست، اهي سڀ تہ سندس انھن ئي سرهن خيالن ڪري سندس ويجهو هئا ۽ پوءِ جيئن جيئن سندس زندگيءَ تي غلاميءَ اثر ڏيکارڻ شروع ڪيا هئا، تيئن تيئن سندس رهڻي ڪھڻيءَ ۾ صاحباڻيون جهلڪيون وڌيڪ چٽيون پسجڻ لڳيون هيون، جن کان بيزار ٿي ئي يار دوست، پرين پيارا، سڪ قرب وارا بہ آهستي آهستي پاڻ پلي ويا هئا. پوءِ هن ان ڳالھہ تي سوچيو هو تہ، گذريل ٻن سالن ۾ ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو؟ ان ئي سوال تي سوچيندي هن جي آڏو بار بار اسد جي تصوير اڀري آئي هئي. اسد، جنھن جي جذبن کي اڃان تائين زنگ نہ لڳو هو. اسد، جنھن جي غيرت کي ڪلر ڪين ڪاراٽيو هو ۽ اسد، ڪنھن اهڙي گهاٽي وشال وڻ مثل هو، جنھن جي ڇانوري ۾ هن هڪ ڀيرو وري ساهي پٽڻ ٿي چاهي. هن کي ياد آيو هو اسد، ڪيڏا نہ ساڻس مٿا مونا هنيا هُئا پر پاڻ، سندس هڪ نہ ٻڌي هُئائين. هن کي اها رات تہ اڄ بہ ياد اهي جنھن رات ٻئي دوست نام ڪَٺين قوم پرستن، سوشلسٽن جي ڪچھرين کان تنگ اچي ڪنھن هوٽل جي ٻھراڙي نما ماحول ۾ گهڙيا هئا. هوٽل جو ماحول خاموس ۽ سانتيڪو، مشعلن جي دونھين واسيل هلڪي روشني، سر سنگيت جي هلڪن هلڪن رس ڀريل آوازن رکي رکي خيالن کي ڳوٺاڻيءَ زندگيءَ جي يادن سان واسي ڇڏيو، ايئن جيئن پرھہ جي پاڇولن پٺيان اُسھندڙ لاڏو اُٺڙن جون قطارون، جن تي سوار انسانن جي وڄائيندڙ چنگن جا آواز هلڪي جهونگار ۽ اٺڙن جي ڳچين ۾ پاتل چڙن، ٽلڙن ۽ گهنگهرن جا گڏيل آواز، جيڪي ستل ساهن کي ازل جو احساس ڏياريندا هجن. چئوگان ۾ پٿريليون ميزون، لوهيون ۽ ڪاٺوڙيون ڪرسيون، ننڍڙن ننڍڙن گلن جي ٻوٽن، جهڳٽن جي ڇانوري مان لياڪا پائيندڙ روشنيءَ جون لھرون چوديواريءَ لڳ ڪڙمين جي پلال مان جڙيل پيھن جيان لوھہ جا جڙيل پڃرا، ناڙي جي ولڙن، بگن بيل، رات جي راڻي ۽ عشق پيچ گلڙن سان ويڙهيل سيڙهيل گهروندڙن جيان. هو چئوگان ۾ ويٺي ڳالھين ئي ڳالھين ۾ گذريل زندگيءَ جي يادن جون ذرڙيون پرزيون ڳنڍي رهيا هئا ۽ زندگيءَ جو سواد وٺڻ لاءِ سڪڻن جيان رکي رکي چانھہ کي سپ سپ ڪري اُرھہ ۾ اوتي رهيا هئا. هونءَ تہ ڪيئي پيگ پئي پرٽيا. ڪيتريون ئي ڀرتو بوتلون ئي خالي ٿيون، ٻھڪندڙ جوانيون ٽھڪندڙ مُکڙا، ٻن ٻن پاڇولن جون گهروندڙن اندر داخل ٿيڻ ڳورا ڳورا ٽھڪ، نرم نرم جسمن سان هٿ چراند ۽ اک ٻوٽ، اهڙي ماحول ۾ هن چانھہ جو وڏو ڪش هڻندي مرڪي چيو هو،
”جاني ڪيئن ٿو ڀائين!؟ سچ پچ جڏهن بہ تنھنجي يا ڳوٺ جي سڪ ستائيندي آهي تڏهن تڏهن هت هلي ايندو آهيان. سوچيان ٿو، شھري زندگي بہ ڪيتري نہ اجهاڳ آهي. ڪنھن کي ڳوليندي بہ ماڻھو پنھنجو پاڻ کي وڃايو ويھي.“ هن چانھہ جي ڍُڪ کي ڳيت ڏيندي چيو هو،
”تڏهن چوندو آهيانءِ تون بہ هتي اچ، ڇڏ ڳوٺاڻي خشڪ لائيف کي. اجايو ڳوٺن ۾ ڳھندي ڳھندي پيو زندگيءَ جو انت آڻين پر تون آهين جو نہ جو ڪا ٻڌين ٿو.“
ساڳيا ٻاراڻا لفظ ٻڌندي هن کي ڪرڀ اچي ٿي. هن جي ساري جسم جو زهر ٻاهر اوتجي اچي ٿو.
”ڪوڙ، ٺڳي، دوکو، دولاب ڇا جي ڳوٺاڻي زندگي، ٺلھي عيش پرستي.“
”آخر تون هر هڪ شئي کي هرو ڀرو پنھنجي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جي ڇو ٿو ڪرين؟“
”وقت جي رفتار ٻين جيان توکي بہ اهڙو عادي بنائي ڇڏيو آهي، جو هن زندگيءَ کي جُٺِي سمجهڻ کان پوءِ بہ پيو سڪڻن جيان ڳڙڪائيندو وتندين.“
”توتي هروڀرو ڳوٺاڻي زندگيءَ جو اثر آ، اڄ جي ترقيءَ واري دور ۾ ڳوٺن جي حيثيت بہ آخر ڪھڙي رهي آهي.“
”خبر ڪانھي اوهان ماڻھو زندگيءَ جي ڏاڍاين کان الائجي ڪيئن ٿا منھن موڙيو.“
”پيارا تون ڳوٺ ۾ ٿو رهين ۽ ڳوٺاڻن جو گهڻو وقت واندڪائيءَ ۾ ئي صرف ٿئي ٿو، واندڪائي جيڪا اجايو بہ ذهن ۾ خلفشار پيدا ڪندي آهي ۽ شھري ماڻھوءَ کي ڪٿي آهي ايتري واندڪائيءَ جو اجائي ڳالھين ۾ پاڻ کپائي ۽ مزي جي ڳالھہ تون سنڌ ۾ ٿو رهين ۽ سنڌ ڪڏهن بہ چين يا روس نہ ٿي بڻجي سگهي.“
”ڳالھہ چين يا روس جي نہ پر ڳالھہ آهي نئين معاشري اڏڻ ۽ اهو معاشرو هرو ڀرو چين ۽ روس جھڙوئي ڇو ان کان بہ بھتر اڏي سگهجي ٿو. رهيو سوال واندڪائيءَ جو سو اها حقيقت آهي تہ شھري ماڻھو مشين جو پرزو ٿي ويو آهي ۽ ڳوٺاڻي انسان ۾ اڃان فطري روح موجود آهي.“
۽ اوچتي پوءِ ريل جي رنڀَ تي ڇرڪي پيو هو. هن ڏٺو هو ماڻھن جي چر پر ۾ واڌ اچي وئي هئي پوءِ آهستي آهستي اچي گاڏي ڪنھن جنڪشن اسٽيشن تي بيٺي هئي گاڏيءَ بيھندي ئي ڪيترا مسافر پنھنجي پنھنجي طلب پوري ڪرڻ لاءِ لھي چڙهي رهيا هيا ۽ ٻيا ڪيترائي نوان مسافر گاڏيءَ ۾ ڌڪجي آيا هئا. هن پڻ سِيٽ تي اخبار رکي من جي مونجهہ جهڪي ڪرڻ ۽ موڙهل دماغ کي ترو تازو ڪرڻ لاءِ پليٽ فارم تي اچي چند قدم پريان ئي چانھہ جو ڪپ پيتو هو، تنھن بعد سگريٽ دکائي هلڪا هلڪا قدم کڻندو واپس گاڏيءَ ڏانھن هلي آيو هو. ڪراسنگ سبب اسٽيشن تي ڪافي گوڙ شور متل هو. مسافر پوءِ بہ ڪافي وقت تائين لھي چڙهي رهيا هئا. ڪُلي ۽ پوٽر ريل جي برڪين ۾ ٻلٽي ٿيل مال لڏي رهيا هئا. ڪجهہ کنن کان پوءِ گارڊ جي سيٽي وڳي هئي، جنھن سان گڏ ئي هو وڃي پنھنجي سيٽ تي ويٺو هو ۽ پوءِ آهستي آهستي گاڏي وِسِل هڻندي اسٽيشن جي شور جو گهيرو ٽوڙي اڳتي وڌڻ لڳي هئي. ريل جي ڇٽڻ سان ئي هر هڪ پئسنجر پنھنجي پنھنجي سِيٽ والاري آسائتو ويھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن سگريٽ جو هڪ وڏو ڪش هڻي پوءِ ڪا جهٽ تہ ان جلندڙ سگريٽ کي چتايو هو، جيڪو سگريٽ دکي دکي کن کان پوءِ اُجهامي رکُ ٿيڻ وارو هو. ان اُجهامڻ تي هن جي چپڙن تي لطيف جو شعر تري آيو هو،
کـــــــاڻــــان تنين کٽيو، اُجهــــــــاڻن اونداھہ،
جنين اندر ٻري باھہ، سُڌِ سڀڪا تِنين کي.
ان شعر جي سٽن اچارڻ تي هن کي ياد پيو هو اسد کان آيل تازو خط، جنھن ۾ پڻ هن ان اجهامڻ، رکُ ٿي ناس ٿيڻ کان بچڻ لاءِ ٻاڏايو هو. پوءِ هن اُڪير مان اٿي سُوٽ ڪيس کي هٿ ڳنڍيا هئا. ڪاڳرن کي اٿلائي پٿلائي خط کي ڳولي هٿ ڪيو هُئائين، تنھن بعد خط کي وري وري پڙهي رهيو هو، ڄڻ هڪ قسم جي آسيس ايندي هُجيس.
”پيارا......
......... اڄ وري تون ياد آئين. اڪيلو آهيان، تون بہ تہ ناهين، ڪو بہ تہ ناهي، قريب هوندي بہ ڪيڏو ڏور! ڄڻ تون دنيا جي هڪ ڇيڙي تي ۽ مان ٻئي تي هجان. دانھون ڪوڪون هڪ ٻئي جون ٻڌندي بہ دانھن ورنائڻ کان مجبور، هي ڪھڙو سماج چئبو؟ هي ڪھڙي دنيا چئبي جيڪا کن پل ۾ پنھنجن پرين پيارن کان ڌڪي ڌار ڪيو ڇڏي!!
هن وقت زيتونن جي باغن ۾ گل ٻاٽي، ڪچو ڏوڏو آهي. مان هلي ٿڪجي پيو آهيان ۽ پٺئين ٻَني تي اچي ويٺو آهيان، جتي جتي پاڻ گڏجي زيتون کائي کائي اچي ويھي ساهي پٽيندا هئاسين پوءِ ٿڪاوٽ دور ڪرڻ سان گڏ پنھنجون رهاڻيون، عشق ۽ اوسيئڙي جا داستان، ادب ۽ تنقيد جا ٻول، لطيف ۽ اياز جي شاعريءَ جا مطالعا، سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جون ڳالھيون زندگيءَ کي مزي سان چوڙڻ، ماڻڻ ۽ موت تي فتح پائڻ جون ڳالھيون.
پيارا، سڀ ڪجهہ بدليل، سڀ ڪجهہ نئون لڳي ٿو ڪنھن اڄاتي ديس تي اچي نڪتو هُجان پوءِ اڪيلائي ۽ ارمان، يادن جا اڻ کٽ جزيرا، پيءُ جي پوڙهي تصوير جو ڪرڙ وڌ ۽ جانٺي جوان جي روپ ۾ بدلجڻ، سياري توڙي اونھاري سردي گرميءَ ۾ سج اُڀري کيتن ۾، پوکن ۾ مٿي تي گاڏيون گاھہ جون، ڏھہ ڏھہ، ويھہ ويھہ ڪڙٻ جا بند، ڪُتر، وڏا ولِ جا گَڏا، ڊڪ ماٿان ڊُڪ، آيو ڙي آيو، پھتو ڙي پھتو، ڏسندي ڏسندي زمين جي گولائيءَ جھڙا، جَنِ جون آسمان سان چوٽيون. سڄا سارا مھينا ڳاھہ، پلاھہ، هر ڦار، ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھہ ڪانھي ويل ويھڻ جي.“ آخر ۾ سڄي راھہ بٽئدار جي گهر، پاڻ کي سکڻو بوڇڻ ڪلھي تي. پوءِ يارن جون باهيون ٻارن مان.
پريان ان کٽڙي خدائڻ ٺير جو ٿُڙُ اڃان سوڌو بيٺل آهي پر پنھنجي اصلي صورت ۾ نہ، ان مان ٻير ڇاڻڻ تي امان کي گهٽ وڌ ڳالھائيندي بابو رڙيون ڪرڻ لڳندو هو. (ياد هوندئي جو هڪ ڏينھن روئي ڏنو هئم.) ننڍڙو ٻار ٿڻن تي اڻ اُڀري لاڪون ٽُڪر کاڌو نہ کاڌي جھڙو ٽاڪ تتيءَ تائين لابارو، پٺيان ٻارڙي جون ٻاڪارون، انھن ٻاڪارن تي ماءُ جو لُڪ کامڻ پوءِ هٿ جي ترين سان اُرھہ ۾ اوتجي آيل ٿڃُ کي مھٽيندي روئيندڙ ٻارڙي ڏانھن وک. ٻارڙي کي ڪڇ ۾ ڪندي ٻير جي ڇانوري هيٺان اچڻ، هڪ ٻار جي پَٽَ ٻيو پيٽ جي بُک، تڏهن سڄي ساري ڏينھن جو ٿَڪُ بہ وسريو وڃي پوءِ ٻير تي سٽڪو، جِنڀُنِ ۽ ڀِترن جي بوڇاڙ، ڪچن پڪن ٻيرن جي ٽٻ ٽٻ ٻير وات تي اڃان آندو ئي ناهي جو پريان سخت لفظن جو حملو، هڪلن مٿان هڪلون، ”ها ها، تنھنجو ڪو پيٽ ڀربو ڇا، لابُ لاهي مٿي چڙهي، جو هلي آهي ڳٽول ٻير کائڻ. او نڀاڳي ، او...... بيھہ تہ مان ٿو ٻير کارايانءِ، يڪا ٻير.“ تڏهن ڇاتيءَ ۾ ٻار، جهول ۾ ٻير، نڙيءَ ۾ اٽڪيل کوکڙا، گهوڙي واري ڊُڪ ۽ وري هڪ ڀيرو ڏاٽو هٿ ۾.
۽ ايئن ئي اسان جون راتيون ان اُميد تي گذريو وڃن تہ صبح جيڪو نروار ٿيندو سو اسان لاءِ سوين سُک کڻي ايندو پر پوءِ جيڪو صبح ايندو آهي، جيڪو نئون سج اڀرندو آهي سو سک تہ خير پر سوين هزارين اهڙا پاڻ سان گڏ ڏک کنيون ايندو آهي جو پھرين سکن ڳالھہ بہ وسري ويندي آهي ۽ ايئن ئي وري ٻئي صبح ، وري ٻئي سج جو اوسيئڙو رهندو آهي ۽ پوءِ اوسيئڙو ئي اوسيئڙو، انتظار ئي انتظار تان جو اچي جواڻي ڪوماڻبي ۽ عمر جا پَل ختم ٿي ويندا آهن. ايئن ئي هر شئي هر کنيل قدم کي ڳڙڪائيندو پيو وڃي. ڪيترا جي قريب هاري هر هڪليندا هئا ۽ منجهن ڪچن ڦڪن راڳن تي جهومي جهومي واھہ واھہ ڪندا هئا، تن مان بہ ڪيترائي قبر جي ڪُڙڇن ۾، جن قبرن جو نانءُ نہ ڪو نشان اهڙي سمي ڏاهپ جو احساس سدائين ڏاهپ جو صليب ڪلھن تي. رات ويٽنامي شاعر توئي دين کي پڙهيم،
”ياد رک!! تو وٽ تنھنجو عقل ۽ علم ، تنھنجي وطن ۽ قوم جون امانتون آهن!“
وڏا وڏا امتحان پاس ڪري ، وطن جي ويرن وٽ ڪرسيون ماڻڻ، تنھن کان وڏي بي حيائي، ذلالت ۽ غداري ٻي ڪانھي.
پنھنجي علم کي، پنھنجي وطن جي ڦٽل نصيب سنوارڻ لاءِ وقف ڪر!
پنھنجي حياتيءَ جي پلَ پلَ سان قوم جي تاريخ ۾ سونھن ۽ سينگار پيدا ڪر!!!
سوچيان ٿو، خبرناهي اسان سنڌي جوانڙا، ڇوڪرين ۽ نوڪرين پٺيان ايترو سستو آخر ڇو ٿا وڪامي وڃون؟ ٻہ درجا تہ پڙهون ٿا پوءِ ٻي ڪار کان چُڪتو. انگريز سامراج جي ڏنل سبق پٺيان مُڏي سُڏي ڪرسي هجي!!
ها، بيشڪ اڄ جي دور ۾ مايا کي، ڌن دولت کي وڏي اهميت حاصل آهي ۽ ياد هوندئي هڪ ڏينھن شھيد ذوالفقار جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهيندي مان چيو هو، ”هڪ عظيم ٿيڻ لاءِ بہ هڪ دولت جي ضرورت پوي ٿي.“
۽ تو پڇيو هو، ”ڪيئن؟“
مان چيو هو، ”جيڪڏهن ڀُٽي وٽ ايتري دولت نہ هجي ها، نہ تہ اهڙن عھدن تي پھچي ها ۽ نہ ئي اهڙن امتحانن مان گذري مُلھائتو موت ڳِنھي ها. هِت تہ سائين سٺي موت خريد ڪرڻ لاءِ بہ سٺن پئسن جي ضرورت پوي ٿي.“
۽ مٺا، اهو ڌن تو جيان نہ تہ غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ پائي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ نہ ئي....... تو جيڪو رستو اختيار ڪيو آهي اهو تہ سڄڻ سائين تباهيءَ وارو رستو آهي. اهو تہ سائين غلاميءَ جي گچڻ ۾ غرق ڪرڻ وارو رستو آهي.
هِت مان اهو بہ واضح ڪندو هلان، پيسي جي ڳالھہ ڪر۾ مان منھنجو هروڀرو اهو مطلب بہ ناهي تہ ڪو سڀ ڪجهہ پئسو آهي پر مٺا، ايئن ضرور آهي تہ اڄ جي سماج ۾ وڏو ٿيڻ ، وڏا ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي ڌن جي ئي ضرورت رهي ٿي. هڪ ڀيري مھاڀارت ۾ پڙهيو هئم،
”ڌن سان ئي اُتم پُڃ ٿي سگهندا آهن، ڌن سان سڀ ڪجهہ چڱائي، گڻ آهن. دنيا ۾ ناڻي وارو منش ئي زندھہ آهي، ڪنگال ماڻھو مئل سما آهي. ناڻي بنا نر ويڳاڻو........ لالچ سان نہ پر اورچائيءَ سان ئي ڌن لاڀ ۽ سوڀ ملندي آهي........ لالچ ۾ اچي ڌن، دولت گڏ ڪرڻ اپراڌ آهي. ڌن گڏ ڪري نہ رکجي ڇو تہ ڌن جي ڪري سدائين وڳوڙ رهي ٿو. سچي شانتي نہ ٿي ملي. ڌن جي بچائي رکڻ ۾ دک ئي دک آهي. “
۽ اها تمنا بہ ڪيتري نہ پراڻي اٿم، زمين جو هڪ ٽڪرو، ٽڪرو صرف پنجويھہ کن ايڪڙ هجي آباد/ غير آباد، زمين کي سنوارڻ لاءِ هڪ قوت هجڻ گهرجي. زمين جي ڏھہ ايڪڙن تي فشِ پوائنٽ قائم ٿيڻ گهرجي، جنھن جي چوڦير اندرين توڙي ٻاهرين پاسن کان مانجهاندڙي ۽ اصيل کجيون رکرائجن. جيسين کجيون تيار ٿين تيسين مانجهاندڙيءَ جو فصل وٺجي. کڏ مان ٽن سالن تائين مڇي نہ ڪڍرائجي. فِش پوائنٽ جي وچ تي هڪ پنجاھہ کن فوٽن جو گول ٿلھو هجڻ گهرجي، جنھن تي سئو سوا کن بدڪون پالجن. زمين جي باقي حصي مان ڪجهہ تي مرغي فارم ۽ باقي زمين کي آباديءَ هيٺ آڻي واڙِي وکري (ڪچي) بھہ، پٻڻ ۽ ٻيو ڪجهہ پوکي ڪافي ڪجهہ حاصل ڪري سگهجي ٿو. (جيئن پاڻ لکن جو حساب لڳائيندا هئاسين.) ان حاصلات مان مثالي لائبريري، مثالي ڪتاب ڇپائڻ جو ادارو، علم دوست، سڄاڻ ۽ عوام دوست اديب، شاعرن جي خدمت حاصل ڪرڻ ۽ سندن مالي سھائتا ڪري ٻين وڌيڪ اهم ڪمن ۾ مدد ڪرڻ....... اهڙي ڪميون گاھہ جو بنياد رکڻ جھڙو جهوڪ ۾ پيو! ان نموني هڪ ڏينھن سنڌ ۽ سنڌ واسين جي وڏي خدمت ڪري سگهجي. سنڌ جو قرض چڪائي، ماءُ جي ٿڃ ملھائي سگهبي.
پيارا، هيءَ نہ تہ خيالي ڪميونسٽ واري جنت هوندي ۽ نہ ئي وري افلاطون واري ريپبلڪ ئي هوندي. نہ بيڪس واري نيو ايٽلانٽس هوندي ۽ نہ ئي سيموئل هارٽ لب جي هڪاريا جي بادشاهت هوندي. نہ سر ٿامس مور جي يوٽوپيا ۽ نہ ئي رابرٽ اووين جي نيو لنارڪ جھڙي مثالي بستي هوندي.
پيارا، هيءَ تہ اها دنيا هوندي جتي سنڌ جي نياڻين ۽ جوڌن، جوانن کي سچائيءَ پکيڙڻ جو اهڙو سبق ڏنو ويندو، جيڪي اڳتي هلي اهڙو معاشرو اڏيندا، جتي انسان کي رياست تي فوقيت هوندي. زندگي شريعت کان برتر ۽ انساني ضمير زندھہ ۽ آزاد هوندو. آءُ هلي آءُ ....... سنڌ کي سوچ ڏيون، نئين نڪوري سوچ، ڇڏي ڏي ان حرام جي هڏي کي ....... پيارا، ڇڏي ڏي.