مون منُ موهيو
ويران انتھائي چُست چالاڪ، ڳالھين جي ڳھير، عشق، محبت جي داستان ڇڙئي کان پوءِ پھرن جا پھر پرينءَ ۽ پيار جا احوال، عشق، محبت جي متوالي، پريم سواءِ ڪنھن ڳالھہ ۾ دلچسپي ڪانہ، البتہ ذوالفقار علي ڀُٽي جو ذڪر نڪتو تہ سندس منُ ڀِڄي پوندو،اندر اڌُ ٿي ويندو، اوڇنگارون ڏئي روئي ڏيندي، ٿڌا ساھہ، وڏا شوڪارا ڀريندي، ڀُٽي خاندان سان حد درجي جو عشق، ريڊئي تي يا واتين وڻين ڀُٽي خاندان جي ڪا خبر آئي ناهي، هن جي ڪنِ پئي ناهي ۽ وٺي واڪا ڪري ورَ وَرَ ڪري ٻڌائيندي، اوڙي پاڙي جي عورتن، پڙهيل ڳڙهيل جوانڙين يا دڳ سيرِ لنگهندڙن کان پڇائيندي جي خبر خير جي هوندي پوءِ تہ خير پر جي ڳڻتيءَ جوڳي ، دُکَ ڀري پوءِ تہ پريشانيءَ مان پھرن جي پھر پيٽُ خالي، ڳڀو نہ کائيندي، پئي لنگهڻِ گذريندي، ڀُٽي جي سوريءَ چڙهئي ڏينھن تہ جنسي ماتم ڪيائين ماتم! نہ کاڌو نہ پيتو، نہ ٽڪر نہ ڳڀو، ڪيترائي ويلا لنگهڻُ ڪاٽيائين، ٻين لکين سنڌين جي گهرن ۾ وساڻيل چلھن جيان سندس گهر جي بہ چُلھہ وساڻيل، باھہ اُجهاڻيل! حالانڪہ ڀُٽي کيس ڪو هانباريءَ نہ چاڙهيو هو، نہ ڪا پرمينٽ، نہ ڪا زمين زڙي ۽ نہ ئي وري ڪو انعام اڪرام. پر پوءِ بہ سنڌي هجڻ ناتي، ڳوٺائي هجڻ جي رشتي سندس لاءِ دل ۾ زبردست درد سمايل رهيو. ان درد ۽ پيڙا سبب ڪيترا ڏينھن پٿر ڪيائين، پَٽَ تي وڇايل کجيءَ جي خالي تڏي تي ڪيئي راتيون سمھي گذاريائين، نہ کير پيتائين ۽ نہ ئي اکين ۾ سُرمو پاتائين. پنھنجي پرين پياري، مائٽ، قريب جيان ختما دڙا ڏياريائين، هر سال ٻارهي تي ۽ ماھہ پھرين سومر تي قبر تي حاضري ڏيندي گلن جون چادرون چاڙهيائين.
ٻيو آهي سندس لاءِ ڳائڻي جلال جو آواز.....! هونءَ تہ سڀ راڳ جي مشتاق پر جلال جي نئين ڪيسيٽ مارڪيٽ ۾ آئي ناهي، جلال جو ڪو نئون ڪلام ٻڌو نٿائين پوءِ ننڊ ڦٽي ويندس، آرام حرام ٿي ويندس، جي هَڙَ ۾ پئسو ڪونہ هوندس تہ اڌارو وٺي قرض کڻي بہ اها ڪيسيٽ گهرائيندي. ڏينھن ۾ ڏھہ ڏھہ ڀيرا پئي جلال کي ٻڌندي، خاص خاص ۽ پنھنجي پسند جا ڪلام وَر وَر ڪري واتين وِڻين پئي ٻين کي ٻڌائيندي، هر هر پئي دهرائيندي. جلال جو آواز ٻڌي ڪُنيءَ ۾ لوڻ وجهڻ بہ وسري ويندس!
”توسان ڇتڙن جي ڪا ياري اٿم، سڄي دنيا کان وڌ سا پياري اٿم.“
”ٿو ڦران محبوب مان مجبور تنھنجي ملڪ ۾، دل ڦرڻ جو نئون ڏٺم دستور تنھنجي ملڪ ۾.“
”کُلندا بازار حُسن ديدار جا، مولا ڪندو ميلو ٿيندو، ايندا ڏينھن پيار جا.“
”منھنجي دل اوهان سان الائي ڇو اڙي آ، قابو قرب جي ڪڙي ۾ ڪڙي آ“
”غم دنيا ۾ ٻيا گهڻا پر عشق جو غم ٻي طرح.“
۽ اهڙا ٻيا ڪاترائي ڪلام تہ کيس برزبان ياد. سندس اهڙي اُڪير کي ڏسي ڪيترن ساڙيلن، نہ سھو ماڻھن تہ پنھنجي منھن فتوائون بہ ڏئي ڇڏيون. سندس لاءِ ريمارڪ بہ پاس ڪري ڇڏيا
”جلال جلال پئي ڪري.“
”جلال سان نينھن لڳي ويو ٿيسِ.“
”ڏاڍي ڪا جلال جي پياسي آ.“
”وسُ نہ ٿو پُڄيس نہ تہ انور کي ڇڏي، ڀڄي وڃي جلال سان پرڻجي.“
جلال سان سندس پرڻي جا قصا بہ مشھور ٿي ويا. هڪ لڱان پُٽن جي زيادتين کان تنگ ٿي ننڍڙي نياڻي ساڻ ڪري اوچتو گهر کان نڪتي هئي. هوءَ وئي تہ شڪارپور پنھنجي ماساتن جي گهر هئي پر سندس ايئن اوچتي غائب ٿيڻ تان عام ماڻھن ۾ مشھور ٿي ويو هو.
”وزيران جي عشق هڻي هنڌ ڪيو!“
”راتو ڏينھن جلال ٻُڌي ٻڌي کڻي ٻُٽ ڏنائين.“
”نيٺ نہ مڙي وڃي جلال جا وڻ وسايائين.“
”وڃي نڪتي جلال جي ملڪ تي. پر ادا لڳي جو ويس، لڳيءَ کي لک لعنت آ.“
جلال جي ملڪ تي سچ بہ وئي هئي پر ان کي بہ ڪو وقت ٿيندو. ان کي بہ ڪو زمانو گذرندو. هيءَ ان زماني جي ڳالھہ آ، جڏهن سندس مرحيات مڙس جيئرو هو. انور زندھہ هو. هوءَ وئي تہ مڙس سان گڏ لطيف جي ميلي تي هئي پر پوءِ مڙسنھس جي مرضي ٿي يا سندس اُڪير هئي، جنھن سبب ميلي جي موٽ تي موري کان ٿيندا دادوءَ واري درياءَ تي اڏايل ٻيڙين واري پُل اُڪرڻي پئي هُين. پُل اُڪرندي ئي چئو پچئو ٿي وئي هئي، ”جلال، جلال.....!“ جلال جي موجودگيءَ جو ٻُڌي سندس جسم جا وار ڪانڊارجي، لونءَ لونءَ کڙي ٿي وئي هئي. سندس اندر اُڇلجي پيو هو. مڙس جي موجودگيءَ جو خوف خيال بہ نہ ڪندي اُڇاترن جيان ان طرف تڪڻ لڳي هئي، جنھن طرف ٻيا ماڻھو ڏسي رهيا هئا ۽ جيڏانھن جلال بيٺل هو. ٻي ڀر پھچندي بي خوف خطر مڙس جو لحاظ ڪئي بنا جوش جذبات جا وهڪرا پار اُڪرندي ڊوڙي اچي جلال کي پُڳي هئي. سندس قريب ايندي لڄ لاهي وڏي وات چيو هئائينس، ”جلال جي بُرو نہ ڀائين تہ مان ڪنھن ماءُ، ڀيڻ ناتي توسان ڀاڪر پائي توکي آسيس ڏيان.“
هيڏن ماڻھن هوندي، ظاهر ظھور درياھہ جي پتڻ تي هڪڙي ڏسڻي وائسڻي پنھنجي گهر تڙَ واري، مڙس جي موجودگيءَ ۾ ڪا عورت ايئن سري عام ڀاڪر پائڻ جي طلب ڪري، تنھن جلال کي ڇرڪائي ڇڏيو. نہ رڳو غريب کي ڇرڪائي پر ان سان گڏ لڄائي شرمائي بہ. جنھن شرم جي ٽٻيءَ ۾ سندس غوتا کائيندي ئي هن ٻيھر پنھنجو سوال دهرايو هو.
”ٻچا جلال ڊڄ نہ، مان توکي آسيس ڏيڻ چاهيان ٿي؟“
جلال پوءِ پنھنجون جهڪيل نظرون کڻي هڪ ڀيرو غوتو کاڌو هو، هڪ ڀيرو ڏانھس نھاريو هو، تنھن بعد پنھنجي چوگرد ماڻھن جو گهيرو ڏسي ڦڪي مرڪ مرڪندي اڳتي نڪري آيو هو.
”آءُ امان، تون پنھنجو شوق پورو ڪر. جي تون ماءُ آهين تہ آءُ بہ تنھنجو پُٽ آهيان.“ ايئن چوندي هن ڪلھن تي اوڙهيل اجرڪ سندس مٿي تي رکيو هو. ۽ وزيران وڌي کيس سيني سان لائي نرڙ تي چمي ڏئي آسيس ڏني هئي.
”ٻچا سرئون سرِ هوندين، وڌندين، وسندين، الھہ ان راڳ ۾ برڪت وجهندئي، ڳلي ۾ مِٺاس ڀريندئي.“ ان وقت سندس مڙس جا ڇا تاثرات هئا؟ تنھن جي تہ مرحيات کي ئي ڪَلَ پر پاڻ پنھنجو چوڻ هئس، ”جڏهن نہ مان جلال جو ٻڌو ۽ کيس ڏٺو، تڏهن ڇا جو مڙس، ڇا جي خلق جي لڄ، ڇا جو عورتاڻو حجاب. بس ننگي ٿي نڪتس، پوءِ جي مڙس نہ ڪُٺو تہ مرُ جان ڪھي، هيڪر تہ من جي آس، تن جي تات پوري ٿئي. ڀاڪر پاتي اجرڪ اوڙهي کان پوءِ واپس ٿيندي مان ڏٺو ماڻھو منھنجي ڏاڍي مڃتا پيا ڪن پر مڙس مايوس، لڄي لڄي. اتي تہ هن ٻڙڪ ٻاهر نہ ڪڍي، صفا چپ سبي ڇڏيا پر پوءِ جڏهن دادوءَ لاريءَ واري اسٽان تي پھتاسين، تڏهن هلڪي اواز ۾، گهٻراهٽ وچان چيائين، رن اڄ تہ وڻ ئي وڄائي ڇڏيئي! مان تہ صفا ٻُڏڻ هارڪو ٿي ويس! پر چڱو جو رهجي آئي. چڱو جو پَتِ رکيئي، هي گهمرو معافي ٿي وري نہ اڳتي.......“ چيم، ”اڙي انور، سونَ کي ڪا ڪَسُ!؟ پنھنجي من ۾ خير، پوءِ ...... بس هڪڙي سا آس هئم. ٻيو هن عمر ۾ توکي ڇڏي ٻيو يار ڪندس يا جلال کي ڪي ننڍيون نيٽيون کُٽيون آهن جو مان کي وڃي ويھاريندو. مون مان ڪنھن قسم جو ڪو خوف خطرو ئي نہ ڪر، اهي وکَتَ ئي گذري ويا، هاڻي تہ مرڻ جيئڻ تو وسِ ميان.“
انور جو ڊپ بہ ڪو اجايو نہ هو. هن جو هراسجي وڃڻ بہ حق تي هو. هن کي خبر هئي سندس سورن جي ، سندس ٺينگ ٽپن جي، بيشڪ هوءَ اهڙو اُڏامڪ پکي هئي، جيڪو هزار دليلن سان بہ ڦاسڻ جو نہ هو. سوين جتن ڪرڻ ۽ مضبوط پڃرن ۾ واڙڻ جو ڪو نہ. هن اهڙن ڪيترن ئي پڃرن کي پُرزا پُرزا ڪري آزاد اُڏار جا جتن ڪيا. بس پنھنجو منُ ريجهي پويس پنھنجي دل قبول ڪريس.
هن جي جيڪا پھرين انور سان قبوليت ٿي هئي سا ڪنھن بہ طرح سندس پنھنجي طرفان ڪانہ هئي. اها قبوليت تہ زور زبردستيءَ جو نتيجو هئي. اڄ بہ جڏهن ڳالھہ نڪرندي تہ سربستو احوال ٻڌائڻ لڳندي، ”انور سان لکئي جو سڱ. هونءَ وري انور منھنجو ڪھڙو هڏُ رتُ. بس هڪ ڀيري چاچي گجوءَ سان لاڙڪاڻي ويس، تن ڏينھن ۾ موٽرون، لاريون تہ هيون ڪونہ، نہ ئي وري روڊ رستا. اها ريل گاڏي، سا بہ پنھنجي مُداءَ تي اچڻ واري، تنھنجو بہ نہ ڪو وکَتُ نہ ٽيم. پيڇڙيءَ جي وَکَتِ جڏهن اوکا پوکا لاهي ٻاهر ناڪي تي پھتاسين، تڏهن سواريءَ جي جاچ ۾ چاچي کي هن ڳوٺ جو ڪو واقفڪار ملي ويو. چاچي واقفڪار کي چيو، ”هلين بہ اَٿو تہ ادا اسان کي بہ واٽ تائين کنيون هلُ. هونءَ تہ مان پنڌ جو شينھن آهيان پر ٿي پئي آهي نياڻي نماڻي ساڻُ.“ گاڏِرُ بہ هو ڪو چڱو مڙس، تنھن هائوڪار ڪئي. پوءِ سامان سڙو کڻي مان تہ پلٿي ماري چڱي زال ٿي ويھي رهيس، گاڏي هلي. هلُ هلان، هلُ هلان نہ پنڌ کُٽي نہ جند ڇُٽي. هو غريب بہ ماري ماري ٿَڪُنِ پر ڏاند چون گٿو آن. سڙھہ ڏاند، تن واٽ تي ئي سج لاهي ڇڏيو. تڏهن چاچي چيو، ”ڌيءَ اڃان ٽي ڪوھہ پنڌ جا ڪرڻا آهن. سومھڻي تي هتڙي ئي ٿي وئي آ. تنھن کان هلي ٿا مائٽن وٽ رات رهون. سانگي سان آيا بہ آهيون. روز روز تہ ڪو نہ اچبو.“ مان چيو، ”چاچا سو تہ سٺو پر آويلو مھمان پٽائي پاڻ. هن مھل هلي غريبن تي هچا پئون......“ ۽ چاچي چيو، ”نہ، هو سٺا ماڻھو آهن، اصلي ڏاڍو خوش ٿيندا. جيءَ ۾ جايون ڏيندا. رات رهي ٿَڪُ ٻَڪُ ڀڃي، نيرن پاڻي ڪري، سيءُ واءُ لاهي پوءِ ڳوٺ رروانا ٿينداسين..“ ۽ پوءِ ساڳي ئي گاڏيءَ تي هن ڳوٺ آياسين. انور جَنِ وٽ رات رهياسين....... انور ان وقت سنھڙو، سوٽڙو، جھڙو عمر ۾ ڪچو، مان اڃان بہ کائنس عمر ۾ پڪي، کڙ ڳاٽي، ڳالھائڻ ۾ کڙي تڙي. سو رات رهياسين. اسان جي اچڻ تي هو ڏاڍا سَرها ٿيا. پاڻ تہ کائي پي ويٺا هئا، اسان لاءِ ٻيھر دانگي چاڙهيائون. ماني کائي، سڄي ڏينھن جي ٿَڪَ سبب مان تہ وڃي کٽ تي ڪريس. مان کي تہ ڪِرڻ سان ئي ننڊ کڻي وئي. پوءِ خبر ناهي ڪھڙي وکَت تائين چاچي سان ڪچھريون رهيون. چاچي سان هنن ڇا ڳالھايو، ڇا ٻولھايو تنھن جي مان کي ڪا ڪَلَ ڪانہ. صبح ٿيو، هنن اسان جي بلڪل سٺي خاطر تواضح ڪئي. تريل ٻٽالون، مکڻ ماکي، اهي ڪڪڙ جا آنا، ڏُڌَ جي دَکي. نيرن ڪَئي کان پوءِ مان سبڀري بيٺس تہ چاچي ريجهائي رهائي ڇڏيو. ”پُٽَ ترس، شام ڌارا هلنداسين.“ مان چيو، خير هوندس ڪا چنتا، مائٽ چنبڙيا پيا آهن. پر اها سُڌ پئي، جڏهن منجهند ڌارا اوچتو بابي اچي ٽڙڪو ڪيو. هيئن اوچتو بابي کي ڏسي مان هراسجي ويس. مان کي تہ موت جا پرون پئجي ويا پر بابي جي چپن تي مرڪ پَسي پاڻُ پختو ڪيم. ”ڪيئن بابا!؟“ بابي مرڪي چيو، ”بس ڌيءَ رات جو نہ آيئو تہ صبح توهان کي ڳولڻ نڪتس.“ کلي چيم، ”پوءِ ڳوليندا، ڳوليندا هِت اچي نڪتئو......!؟“ مٿي تي مِٺي ڏيندي چيائين، ”ها هت، پيرو جو هن ڳوٺ ۾ پيو.“ کلي چيم، ”پوءِ تہ اوهان کي پيرا ڀيٽوءَ جو ڪم ڪرڻ گهرجي. ڇڏي ڏيو ابي ڏاڏي واري ڪار شرناءِ وڄائڻ کي.“ مرڪي چيائين، ”بس، اڄ کان پوءِ پالھو ٿي ايئن ئي ڪندس.“
بابي ايئن ئي سمجهو تہ ان ساري معاملي جي مون کي سُڌ آهي، جيڪو ٿيڻ وارو آهي. جنھن لاءِ ماڻھو موڪلي کيس گهرايو ويو هو. پر پوءِ مان کي بي فڪرو ۽ هيئن کِلي ڳالھائيندو ڏسي مرڪي ٻئي پاسي وڌي ويو. شام ٿي پر مان کي ڪا سُڌِ ٻُڌِ ڪانہ. مان بي فلڪي. ايترو سو سمجهان پئي تہ بابي جو اچڻ ڪا معنيٰ، ڪا مامَ رکي ٿو. گهر ڌياڻين ۾ ڪا سُريس ڪا سُس پُس پئي هلي. اندران اندر، ڳجهہ ڳوھہ ۾ ڳالھہ کي پيون ڳوهينديون وتن، پر ٻاهر ٻِڙڪَ نہ ڪڍن. منھنجي آڏو ظاهر نہ ڪن........ ان وچ ۾ ڪي پاڙي اوڙي جون، ڪي ڪراڙيون ، ڪي جوانڙيون، ڪيتريون ئي مايون ملڻ جلڻ بہ آيون. جيڪي مان کي ڪنھن ڪاسائيءَ جيان ڏسڻ وائسڻ، تَڪِڻَ، تورڻ بہ لڳيون. مان چيو، مھمان جو مانُ آ، مھمان سان هرڪو پيو ملي. آئي جو آڌرڀاءُ آهي، نہ تہ ڪو ڪنھن کي....... ٿي سگهي ٿو منھنجي سونھن سوڀيا بابت پيون ڳالھائن. منھنجي جوانيءَ بابت پيا ويچار دهرائجن. پر سيٺ مان ڏٺو اهو سڄو ڏينھن سس تہ سس، نڻانون، اهي نڻانون نوس نوس ڪنديون وتن. آئي وئي جو آڌرڀاءُ، منھنجي سار سنڀال ۽ انور......؟ ويچارو انور اَلَ ڪانوَ وانگر وات ڦاڙيون هر هر مون ڏي نھاري. مشڪي، مرڪي. مان ڪڏهن ڪڏهن سندس اهڙي حرڪت تي دل ئي دل ۾ ڪڙهان ڪُرڪان. ڏاڍي بُڇان وٺي. پر وري چوان، پيو ڏسي، ڀل پيو پنھنجي دل خوش ڪري. شام تہ اوئين وينداسين. اسان وري ڪو....... ڀل پيو ڏسي، ڏسڻ ۾ ڇا، ڪھڙو منھنجو ڳچ ڳپل کائي ويندو. ڪھڙو مون کي چورائي ويندو...... منھنجي تہ مٿس اک نہ پئي ڦري. مان کي ڪھڙي ڪَلَ تہ مڙس هِرکِي پيو آهي. ماءُ کي وڌو اٿائين ڪو عشڪيل تہ ”وزيران پرڻايو.“
شام ٿي آءُ سنبرجڻ جي ڪئي پر بابي ۽ چاچي جي ڪا خبرچار ڪونہ. نہ اڳي نہ اوري. نيٺ سج لھڻ ٻُڏڻ وارو هو. مان ڀانيان ڪو ڪانو اڌ سج باقي هو، جو بابي جن ظاهر ٿيا. چاچو هٿين خالي ٻانھان لوڏيندو اچي ۽ بابي کي پٺيءَ پاران زيتونن ۽ ٻيرن جي بيڍڪ ٻڌل. بيزاريءَ سان چيم، ”واھہ ڙي بابا واھہ......! يڪو وئون ويندن جي ڪَڍَ. هي يڪو ٿا اچو. چئبو ٻي رات بہ ٻاهر پوي.“ بابي ڪجهہ ڪجهہ غتو کائيندي چيو، ”ها ڌيءَ، اڄ رات بہ پئجي وئي. مائٽ نہ ٿا ڇڏن.“
پوءِ رات جي ماني ڏاڍي ڪشادي، سٺي ۽ تڙ تڪڙ ۾ ٿي. مان پاڻ سسُ کي سانجڻ ڪرائي.کاڌي پيتي کان پالھا ٿي. اوکا پوکا لاهي، هڪ ڪنان ٿياسين تہ بابي پري وٺي سربستي ڳالھہ ٻُڌائي. ”اڄ رات تنھنجو نڪاح پوڻو آ. چاچنھن گجوءَ ڳالھہ پڪي ڪري ڇڏي آ. ترسيل هو رڳو منھنجي ڪري.“
”نڪاح.......!!؟“ مان کان رڙ نڪري وئي. بابي کڻي وات تي هٿ ڏنو. مان صفا پِڙُ ڪڍي بيٺس، ”اها ڪنھن جي ڳالھہ، مان ٿي نڪاح ڪيان. مان کي اها مِٽي ناهي منظور. مان کي اهو مڙس ناهي قبول.“ واتيري تہ هونءَ ئي هُيس سو...... بابو روئي پيو. هن ميڙيون منٿون ڪيون، ڏاڍو سمجهايو، ”ڌيءُ، سياڻي ٿيءُ. پرائو راڄ، پرائو ڳوٺ آهي. پراوا ماڻھو نہ کِلاءِ. منھنجي هن اڇي ڏاڙهيءَ ڏي ڏِسُ. منھنجي هن...... مان هي هٿ ٿو جوڙيانءِ...... مان هي....... چاچنھن کي جيڪا سمجهہ ۾ آئي آهي، اها پنھنجي لاءِ سٺي سمجهہ. هونءَ بہ نياڻو وياءُ ڪو ويھارڻ جو تہ ناهي.“ روئي چيم، ”منھنجي لاءِ ڳولي بہ انور لڌئي. انور منھنجو مَٽُ ٿيو. انور....... ڪو ماڻھو تہ ڏيو ها. ڪنھن چڱي جي لاري تہ لايو ها.“ هي، هي، روئي پيس، ماءُ تہ هئي ڪانہ. پاليو هو پيءُ مرحيائت، تنھن جي هُيس سڪيلڌي، دادلي، تنھن سان تہ سوين حُجتون اٿاريم. هو منھنجي چئي کي ٽاري بہ نہ ها، پر پوءِ جڏهن چاچي گجوءَ جو آواز گجيو، تنھن ڇَھہ ئي ڇِني رکيا. ايڏو تہ هن جي دڙڪي ۾ اثر هو جو....... هن جي آڏو مان تہ مان پر بابو بہ ڪُڇي ڪِين سگهندو هو. هن غصي ۾ ايندي چيو، ”ٺيڪ آهي، تون اسان جي اڇي ڏاڙهيءَ جو مانُ نہ ڪر. تون اسان کي مھڻي هاب ڪَرِ. تون اسان کي...... باقي جي صحيح سلامت ڳوٺ پُڳينءَ تہ منھنجي تُخمَ ۾ گهٽ آ. جي جيئرو ڇڏيومانءِ تہ منھنجو نالو ڦيرائي ڪُتي تي رکجانءِ. گهڻو ئي تو بي عزتو ڪيو آ، گهڻو ئي تو....... بس هل تہ ڪھاڙي هڻي پير سليمان واري گهاڙ ۾ ٿو لوڙهيانءِ.“ ۽ ايئن ئي منھنجو پلاند انور سان اٽڪي ويو. پوءِ ڇاجا مڱڻا، ڇا جا ونواھہ. ڄڻ ڪا رَنڙَ هجان!. ان رات ئي ٻہ ڀائر سڏائي، مُلان کي پنج روپيہ ڏئي، نڪاح وجهي، ٻہ ٽَڪَرَ هڻايا ويا.
ٻئي صبح تي مان ڪُنوار ٿي، ڪنڊڙيءَ ۾ ويٺي روئيندي رهيس. تنھن بعد ستاوڙي تي جو واپس ويس تہ انور بہ ساڻ هليو. ٻئي ڏينھن تي انور کي کڙو ڪري ڇڏيم. کيس پنڌ جي ٽڪيٽ وٺرايم. مان رهي پيس....... مان رهي پيس. انھن ئي ڏينھن ۾ پاڙي ۾ ڪن سڪ وارن جا پري جا ڪي مھمان ٽڪيل هئا. انھن ۾ ڪو هڪڙو چڱو، ڏسڻو وائسڻو مڙسالو بہ هو. بس مان هن کي ڏٺو، هن مان کي ڏٺو. اکيون اڙجي ويون. مان ٻيو زهر جو ڍُڪُ ڀرڻ لاءِ، سينکيو ڦڪڻ لاءِ تيار ٿي ويس ۽ پوءِ هڪ رات ساڻس ڀڄي نڪتس!.
هنن جو ڳوٺ خيرپور کان ڪوهين ڏور. اتي آيس تہ سھي پر توبھہ جي ڪُتِ مڇر. ڪچي جا ماڻھو، مسڪين مالوند. ڪجهہ آباد زمينون ۽ انھن زمينن ۾ ئي ٽي، پنج، ست گهرڙا اڏيل. فصل گهڻو ووئنڻ جو ٿئي ٻيو ڪلان پيران خير. کير کاءُ تہ نسوري ڪَڪِڙَنِ جي تيل جي بدبوءِ. ٻوڙ ڀاڄيءَ لاءِ وتُ سڪندو. مان جو نازن نخرن جي پالي، شھر جي رهواسي، سا ڪاٿي ٿي اهڙي ملڪ ۾ جالي سگهي. پاڻ کي پِٽَ پاراتا ۽ لک لعنتون تہ گهڻيون ئي هنيم پر هاڻي ڇا ٿيندو، هاڻي ڇا ڪبو. پنھنجي وڍيءَ جو دارون نڪو طبيب. پنھنجي ڪئي جو ڪِيتو يا انور جي پئي لوڙ لوڙيم. ڏس جو ڌڻيءَ جي قدرت، بابو اوچتو اچي نڪتو. بابي ڳولي اچي لڌو. روئي روئي ڇا، اصلي راھہ پاڻين جا. مان پاڻ بہ روئي پيس. پوڙهي پيءُ جو هينئن جهڄڻ جهرڻ ڏسي ڏاڍو پڇتايم. گهڻائي هٿ هنيم. پنھنجن ڪرمن کي پِٽِيُمِ ڪُٽيم....... بابي ٻڌايو، چاچو گجو مدي جي بخار سببان ڪجهہ ڏينھن اڳ گذاري ويو. اها ڳالھہ مان ڪنھن ٻئي واتان بہ ٻڌي هئي. چاچي جي مرڻ جو ٻڌي ڏک بہ ٿيو پر خوش بہ ڏاڍو ٿيس. ٺھيو رستو صاف ٿيو. اچڻ وڃڻ تہ ٿيندو. پيءُ سان ملڻ تہ ٿيندو. پيڪاڻي گهر جي بہ ڏاڍي اُڪير ٿي پئي. پنھنجو اڱڻ پَسڻ لاءِ گهڻي وقت کان اکيون واجهائن پيون. نيٺ مڙس کان پيڪاڻي گهر وڃڻ جي موڪل گهريم. هو پھريان تہ ٽُٻيءَ ۾ پئجي ويو پر پوءِ هائو ڪيائين. ”وزيران ٻيلي وڙُ ڪجانءِ، متان اڪيلو رڻ ۾ رلائي ڇڏين.“ مارئي جي ڏاڍي ڪا دل هئي. مان چيو، ”توکي ڇڏي ڀلا ڪاڏي ويندس. توسان ئي تہ دل لڳي جو هلي آيس. هاڻي وري.......“ هو راضي ٿيو. نيٺ واعدا اقرار ڪري، ريھي ريبي کيس مڃرائي ويس. هو پاڻ گڏ اچي ها پر فصل ڦڙي، هر ڦار جي مند هئي تڏهن....... ۽ مُڙي ڇا! پر مان چيو، جي تون بہ هلندين تہ پوءِ هي ڪم ڪار، هي فصل ڦڙو، ان تي تہ گذر آ، جي چار داڻا اَنَ جا ايندا تہ ....... ۽ پوءِ بہ ٻُرڙن واري پتڻ تائين ساڻ آيو. درياھہ اُڪارڻ پاڻ آيو. اسان موڪلائي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺاسين. ٻيڙي وچ سير ۾ آئي پر پوءِ بہ هو بيٺو نماڻين نيڻن نھاري. هٿ ٻڌي ٻئي پار کان چيائين، ”وزيران وڙُ ڪجانءِ، ٻيلي واپس مڙُجانءِ......“ منھنجي ڇڏائي هئي رب جند، سو مان ٿي موٽيس، مان ٿي مُڙيس. چيم، ”ميان هاڻي چئو پنھنجي قسمت کي، باقي منھنجو موٽڻ ڪَئِتن تي ٿي.“
ان بعد ڳچ ڏهاڙا پيءُ جي گهر رهيس. بابي ۽ ٻي خلق ڪافي سمجهايو، سوچرايو. راڄ ڀاڳ ۾ سندس بي عزتي ٿيڻ جو بہ ڏاڍو ڏک هو. ان ڪري بابي جي چئي تي لڳي، سندس سُکنَ کي پاڻي ڏيندي ٻيھر انور وٽ هلي آيس. انور وٽ ڇا هلي آيس؟ هنن جا ٿي ويا چوڏنھن طبق روشن. انڌو گهري ﷲ کان هڪ اک پر هنن جون ٻئي اکيون روشن ٿي ويون. هنن آرُ ئي نہ ڪيو. هٿون هٿ کڻي ويا ۽ ايئن ئي انور سان پلاند اٽڪي ويو.
ان پلاند اٽڪڻ ۽ ٻيھر واپس ٿيڻ تي هوءَ ڪنھن اکياڙي چڙهيل ڍڳي جيان هڪ ئي دڳ تي، هڪ ئي چاري هلندي رهي. ان هڪ ئي راھہ تي هلندي، انور چوڌاري ڦيريون پائيندي، هن پنھنجو سڀ ڪجهہ حُسن، جواني، وهي ساماڻي، هستي مستي، سڀ ڪجهہ انور کي ارپي ڇڏيو ۽ پوءِ سندس راھہ روڪڻ لاءِ، سندس قدمن ۾ ڪرڻ لاءِ ڪو اڙيو ٿڙيو ٺڪر، ڀتر آيو تہ ان کي پير جي ٺوڪر سان پري ڪرڻ بجاءِ مٿانئس اورانگهي لنگهڻ، لتاڙڻ ئي چڱو ڀانئيائين. سندس پرڻي جي تہ سانڀر خير پر سندس جوانيءَ جي اُرھہ زورائي جي سو ساري سُڌِ. سيارو هجي يا اونھارو پر هن جي پنھنجي بُتَ سان ٻارهوئي ساڳي وَرجيسَ! هر روز وهنجڻ سھنجڻ، لٽو ڪپڙو ڌوئڻ، سانوڻ جي سمي سومھڻيءَ رڌي پڪي مان واندي ٿي آڳر ۾ بيٺل نم جي ڇانوَري جي اوڍر ۾ ٻہ چار دلا پاڻيءَ جا ڀري، هيٺ تي ڪنھن چاپوٽي ٽڪر يا انگوشي جي گوڏ، لٽن سٽڻ واري ٿلھي ويڪري داٻڙي تي چڱي زال ٿي پلٿي ماري ويھندي پوءِ ميٽَ جي کُمري مَکي پاڻيءَ جا وٽا پئي وسائيندي، پنھنجو پاڻ کي ٺاري، گرميءَ کي ڀڄائيندي.
اسان جي مينھن وهڪي وئي هئي ۽ کير سواءِ وري پٽڙو ڀَتُ کائڻ اوکو لڳندو هو. مٺائي جام پر ڪوسي مٺائي رات جو پٽڙي ڀَتَ سان کائڻ ڪري اندر پيو سڙندو هو. ان ڪري کير چُڪو ضروري هو. وزيران جو گهر پاڙي ۾ ئي تہ هو، رڳو گهٽي مَٽَ. هن وٽ کير جي جامائي هئي، يڪيون ٻہ سُئا مينھون. امان ساڻس ٿيتِ ٻڌي هئي. گهر ۾ منھنجي ٻن وڏن ڀائرن سواءِ ٻہ ننڍيون ڀينر هيون. هونءَ تہ کير وٺڻ جھڙو آسان ڪم منھنجيون اديون ئي ڪري ٿي سگهيون پر جڏهن کان ڪنھن جي ڇرڪ ڏيڻ تي کائن کير جو لوٽو ڇلڪي اونڌو ٿي پيو هو، تڏهن کان وٺي کير وٺڻ واري ڊيوٽي منھنجي لڳي وئي هئي. اها ڊيوٽي پھريان تہ ڏاڍو بارُ، اصلي قيد ٿي پئي، ڇو تہ اهو وقت اسان جي راند روند جو هوندو هو. پر پوءِ جڏهن کان کير وٺندي وزيران کي نم جي ڇانوَري هيٺان وهنجندي ڏٺو هئم، تڏهن کان نہ رڳو کير وٺڻ واري ڊيوٽي آسان ٿي پئي هئي پر اها ڊيوٽي ڏيندي ڏاڍي لست پڻ ايندي هئي. مان کي پوءِ سندس تڙ ڪرڻ وارو وقت ياد رهيو. ان ڪري سوير کان راند ڪڏڻ جي خيال سان گهر کان نڪرندو هئس، وري تڏهن واپس ٿيندو هئس، جڏهن گهر ڀاتي پيا کير لاءِ ٻاٿون ڏيندا هئا. ننڍڙا ٻارڙا کير لاءِ روئي رڙي سمھي رهندا هئا ۽ هن جي وهنجڻ جو وقت ٿي ويندو هو.
پھريان تہ اهڙي لپڙ سپڙ تي ماءُ هٿاران چڱيون چاٽيون کاڌم پر پوءِ اڳتي هلي روز جو نِيمُ بڻجي ويو. هوءَ وهنجندي هئي ٻاهرين در جو ڪڙو چاڙهي. منھنجي واڪي ڪرڻ تي سسوڻس واندي تہ اها پر جي اها ڪانہ پالھي هوندي تہ پوءِ ان چاپوٽيءَ جي گوڏ ۾ ئي ڪڙو لاهڻ، در کولڻ ايندي. حجت وچان ڇڙٻيندي ڇھنگيندي، ”ڇورا سوير ڇو نہ ايندو آن. اسان ڏُهي، واڙي، ڏئي وٺي بيھون تہ .......“ منھنجي ان وقت عمر ئي ڇا؟ اهي ڏھہ، يارنھن سال، ان ڪري هوءَ مون تي تہ ڪا فلڪ ئي ڪانہ آڻيندي هئي. نہ ئي وري ڪو حجاب، ڪا لڄ شرم ڪندي هئي. ايئن ئي جيئن ڪو پوڙهي توڙي جوان پينو فقير کان پنھنجون زائفائونڪو حجاب، ڪو پردو ئي نہ ڪن! ۽ هن جي نظر تہ زِر هئي! هن جي نظر زمين تي وري ڪٿي هئي، جو مان جيتامڙي تي پوي. منھنجي ان اوير سان اچڻ ڪري نہ تہ هن وهنجڻ ۾ ڪا دير ڪئي ۽ نہ ئي وري جلدائي. بس هن جو بہ هڪ مقرر ٽائيم هو ۽ منھنجو بہ. ڪڏي ڪڏي تہ سسوڻس گهر تي نہ هوندي هئي تہ پوءِ ڪڙو بہ پاڻ لاهيندي، در بہ پاڻ کوليندي تہ کير بہ ان وقت پاڻ مَئي ڏيندي. ان سڀ ۾ ايتري ڪا جلدائي بہ ڪانہ ٿيندي پر پوءِ بہ دل پئي چاهيندي هئي تہ اهو ٽائيم وڌي وڃي. ان ٽائيم ۾ اينگهہ اچي! ڪڏي ڪڏي اڪيلي هوندي ۽ چڱي موڊ ۾ هوندي پوءِ تہ کير چڪو جالارو ڏيندي. لپ چڪو وجهي بہ ڏيندي ۽ مان بہ ڳالھہ مان ڳالھہ کوٽي چڱو خاصو وقت لائي ڇڏيندس. ڪڏي هٽَ تان بتيءَ ۾ گاسليٽ وٺي اچڻ لاءِ يا ڪو ٻيو ڪم چوندي تہ کير اتي ڇٽو، مان سندس ڊيوٽي سر انجام ڏيڻ لڳندس. پٺيان پيون گهروارن جون رڙيون پونديون. هڪ ڏينھن تہ جلدائيءَ ۾ پِنيءَ تان چنبڙيل ميٽُ بہ مون کان لھرايائين! ڪنھن ٻئي ڀيري چانڊوڪيءَ رات ۾ تيل ميٽُسان وهنتل پاڻيءَ ڦڙا ڳڙندڙ سخت، سوٽ جسم کي يڪو، گهڻو وقت نھار سببان مرڪي ٽوڻو بہ هڻي ڪڍيو هئائين، ”ڇورا ڇا ٿو تڪين!؟..... جائي وڻي تہ نہ وئي آهيانءِ؟“ روز روز جي وهنوار سببان مان بہ ساڻس هري مري ويو هئس. مان ٻاراڻي ٻوليءَ ۾ زبان مرڪائيندي چيو هو، ”ماسي تون ڏاڍي سٺي لڳندي آهين“ مرڪي چيو هئائين، ”ماڻھين کان بہ!؟ ها، جائي ماڻھين ٿي وئي وياٽو ڏٻري گانءِ، ماڻھين وري....... پوءِ ڇورا پڻھين سان تہ ڏاڍو ظلم هوندو.“
ان اچڻ، وڃڻ، هري مري وڃڻ سببان سندس گهر ڏانھن رات توڙي ڏينھن پيچرا ٺاهي ڇڏيا هئم. هوءَ ڪڏي ڪو ڪم ڪار چوندي هئي تہ اسڪول کان گسائي، پنھنجا ڏھہ ڪم سيڙائي بہ سندس بيگر وهندو هئس. بدلي ۾ انَ جو جهول، ٻہ آنا، چار آنا، ڪڏي ڪڏي تہ ان اجوري وٺڻ کان نابري واري ڇڏيندس، تڏهن ماني ڳڀو، ڀَتَ گِرھہ، ڪنھن نہ ڪنھن طرح ٿورو لاهڻ جي ڪوشش ڪندي. هڪ دفعي تہ اچي چرچي تي چڙهي، ساري اڱڻ ۾ ڊيڪايائين پر مان بار بار گوهي ڏئي پاڻ ڪڍائي وڃانس. آخر ۾ ٿڪجي، ڦھہ کٽ تي ڪري پئي. ”ڇورا ڏاڍو ڪو نرڄو آهين! منھنجو تہ ساھہ ساھہ ۾ نہ ٿو ماپي، ڄنگهان ئي ساڻيون ٿي ويون آهن.“ چيو هئم، ڏيانءِ ٻہ مروٽا؟“ تڏهن کِلي کِلي کيري ٿي وئي هئي، ”ڇورا ڪنھن ڏنو ٿي اهو عقل!؟ ننڍڙيءَ وهيءَ ۾ اهڙا ڪم!؟ تولاءِ اهو جهنگ ئي پري آجت ڪاٺيون ٿيون سُجهن. اڃان ٻار آن. وات مان ٿو کير وهئي، ڀڄي وڃ، ڀڄي وڃ....... متان ان مرڄل ۾ پيو آن.“ پوءِ جڏهن مان ڳڙيءَ چڙهيس، تڏهن وري اڪيلائيءَ ۾ ملڻ کان لنوائيندي هئي. ”ڇورا تنھنجي ماڻڪين ۾ کائڻ وارا ماڻھو ويٺل آهن.“
هڪ مان ئي ڇا! مان تہ ٻار ٿيس پر ڪيترن ئي ڪٽ مست مڙسن سندس در تي سجدا ڪيا، بي وقتيون نمازون جوٽيون! نيڻ نڇاور ڪيا، قدمن ۾ قربان ٿيا! سچ پچ هن جي سونھن ۾ نشو هو نشو. ان نشي جي چُڪي چکڻ، سُرڪ پيئڻ لاءِ ڪيترن ئي ڪاڍا ڪڍيا. نھاريو، واجهايو پر وزيران بہ پنھنجي نالي واري هئي. هوءَ اهڙي ڪا وَيَلَ يا وِڻواند ٿيل بہ ڪانہ هئي جو، جيڪا، جنھن کي کپي، جڏهن کپي تنھن کي ملي. پر پوءِ بہ جي ڪنھن جو پُکو پئجي ويو، ڪنھن جو ڪو لولو اگهامجي ويو تہ ڏوئي ڍَڪڻُ گيھہ! هونءَ بہ حُسن ۽ سونھن ۾ سخاوت جي کوٽِ ڪانہ هوندي آهي. ان سخاوت جي سَمي ڪنھن تي ٻاجهہ اچي وئي، ڪنھن سان ريجهي پئي، ڪو هڪ اڌ ڀيرو خير کٽڻ، راضي پاضي ڪرڻ ۾ ڪو اهم بہ ڪونہ! ان هڪ اڌ ڀيري جي سلاماليڪيءَ کي ڪن تہ عمر ڀر جو ثمر سمجهي، نا سمجهيءَ وچان، لنبوشي ڪُتي جيان در جي آڏو ڦيريون پائڻ، اڱڻ تي پُڇ لٽڪائڻ ۽ چائنٺ چَٽڻ جا بہ جتن ڪيا پر وزيران کي ڪجهہ بہ ياد نہ رهيو. ان ياد نہ رهڻ جي حالت ۾ ڪنھن هڪ اڌ کي تہ اهڙيون ڇمڪيون چاڙهيائين جو وري نہ سندس پاڇو اورانگهڻ جي سگهہ ساري سگهيا. ”ماريا ٻاليشاهي........ ڪجهہ ڏٺو بہ الائي....... ڪجهہ ٿيو نہ ٿيو، وري ماڻھو وائکو. پوئڍائن، سڪڻن جيان پٺيان ڊوءِ ڊوءِ...... ڀڄُ ميان، ڇڏ اسان جي پچر، پَٽِ وڃي ڪنھن ٻئي مسلمين جي پاڙَ....... اديءَ جي دل ۾ خير، ادو وري پيو ڪوڙا ڪانگ اڏائي. وري نہ ڏٺو مانءِ تہ چوڻن کان وٺي اهڙيون ڇمڪيون چاڙهيندي سانءِ جو ڏيھن کي ڏس ڏيندين. هُون.......“
هاڻي جڏهن مڙس مُئي پڄاڻان ساڻس ڪچھريون ٿينديون آهن، تڏهن ڳالھين ئي ڳالھين ۾ چئي ويھندو آهيان:
”مار پوئي....... ڪيڏو وقت وڃايئي، سڄي عمر سکڻو گذاريئي، ڪو ماڻھو ئي هٿ نہ آيئي، جنھن سان دلبري رکين ها. اڄ جڏهن اڪيلي آهين، تڏهن ڪو تہ هجي ها، ڪنھن سان تہ گڏ گوڏي ويھي سُور سلين ها. اندر جا ارمان ۽ حال اورين ها. نيٺ ڪجهہ نہ ڪيئي، ڪجهہ نہ پرايئي....... اهڙو ڪو بہ ماڻھو نہ سجهيئي......!؟“
مرڪي چوندي آهي:
”ڪير هو، ڪنھن سان نينھن لايان ها؟ هتِ تہ مان کي اهڙو ڪو ڪونہ سُجهي. مڙئي ماڻھوءَ، آهوءَ، شاهوءَ سان منھن ڪارو ڪرڻ مون کان تہ نہ پڳو نِي. ان کان تہ هيئن چڱي آهيان.“ پوءِ جڏهن ڪجهہ ماڻھن جا نالا وٺي سندس نسبت ڏيندس تہ مرڪي چوندي، ”سيٺ.“ هن جو سيٺ تڪيو ڪلام آ. خاص ڪري مان کي سيٺ ڪري ئي سڏيندي آهي. هن چيو، ”سيٽ ڪھڙن تہ ٽَڪَ جھڙن جا ٿو ليئا لائين. اهڙن ڏهن سان بہ تنھنجو سروبدر سودو نہ ڪريان. هاڻي اهي بہ ياريءَ لائق آهن! هاڻي اهي بہ عشق ڪرڻ جهرا آهن!؟ اهڙن کان تہ اوندھہ ڀلي آ.“ اٿندي اٿندي، ”مڙئي رڍان ٻُوٿ ڪاريون، ڪھڙن جي نيڪي ڪري ڪھڙن جي ڪجي. سڄي الوءَ جي آڪھہ ئي هڪ جھڙي.“
حيرت تہ وٺندي هئي! ويسورو تہ لڳندو هو! جنھن جو دين ڌرم ئي عشق، جنھن جي ميراث ئي محبت، جيڪا جلال جي تيز تکي راڳ جي پياسي. جنھن وٽ نينھن نشي کان سواءِ ٻي ڪا سُتي ڦَڪي ئي ڪانہ! سا ڪيئن ٿي عشق بنا رهي سگهي!؟ تنھن ڇو ڪو نہ ڪو دوست رکيو!؟ ايئن هيڪڙ ٻيڪڙ ٻي ڳالھہ آهي پر زندگيءَ لاءِ ڪنھن کي ڇو ڪونہ پاڻ ارپيو!؟...... مان سندس ڄم جو تہ واقف ڪو نہ هئس ۽ نہ ئي وريسندس اباڻي ڳوٺ جي ڳالھين جي خبرچار پر پوءِ بہ ڪجهہ افواهن جي پس منظر پٺيان مڙسنھس جيئري ئي ڪڏهن نجي ڪچھرين ۾ اهڙا سوال اٿاريندو هئس. کيس ڳوليندو ڦوليندو هئس پر مرڪي منھن ٻي پاسي ڪري ڇڏيندي هئي.
”سيٺ، ڪھڙا ٿو نجرا ڪرائين، ڪھڙا ٿو ڦولھيا کولائين. بس، گئي گذريءَ کي ياد ئي نہ ڪر. مڙئي ڏوھہ ثواب هر ڪنھن ڪيا آهن. مان وري ڪھڙي سَتِي جَتِي آهيان.“ مٿي آڱر کڻندي، ”اهو ڍڪڻھار ڍڪيندو. ڏيندو پانڌ پناھہ جو. لڳو تہ انور ئي لک آ، ٻين کي ڏيان ٻن.ِ“
هوءَ اهي لفظ ايئن چئي ويندي هئي، جن ۾ ڪنھن قسم جي ڪا گنجائش ئي ڪانہ هوندي هئي ڪنھن ٻئي سوال پڇڻ جي.
۽ مڙسنھس......؟ انور اڄ کان سال ٻہ اڳ مرڻ وقت جي جوان نہ هو تہ ڪنھن بہ طرح پوڙهو ڪين چوائبو. شروعاتي دور ۾ گهڻيون ئي وزيران بہ کيس گوهيون ڏنيون. ساڻس ترڪتال ڪيا. تال مستيون ڪيون پر انور بہ پنھنجي نالي وارو هو. اڳتي هلي اهڙو ڪھو ڪيائينس، جھڙو گزُ ڪمان ۾! سندس کُھري، کَٽي ۽ بيباڪيءَ سان وڏي وات ڳالھائڻ تي ڪاترائي ڀيرا مارون، موچڙا، بُتَ تي ڏَنا وِڌا. ”ياد رکُ! ٿڳڙيون اٿاري ڇڏيندوسانءِ، بُتَ مان ڦينگان ڪڍي ڇڏيندوسانءِ....... ٽڪر، ٽڪر، پرزا پرزا ڪري وجهندومانءِ. ڇڏي ڏي اهي آڙا گوڙيون.“ ڪيترا ڀيرا تہ ڄنگهہ ۾ پکڙ مينھن جي مُنيءَ سان ٻڌي ڇڏيائين. هن جو ٻيو تہ ڪو ڌڻي سائين، اوهي واهي هئو ڪونہ، ان ڪري اسان پاڙي وارا ئي سندس واهرَ ٿيندا هئاسون. اصل ۾ هن جو اهڙو ڪو گناھہ بہ ڪين هوندو هو پر پوءِ بہ الائي ڇو انور مٿس ڪَرڙِي اک رکيون ايندو هو. شايد سندس ٺينگ ٽپن سبب تہ ڪٿي وري نہ ڪا گوهي ڏي. وري نہ ڪاڏهن مُٺ ڏي. وري نہ مٿس خلق کِلائي.
بيشڪ ساڻس سوڙھہ، سختي بہ ڪيائين پر ڪنھن بہ طرح مَٺو نہ گهريائين. ڏکيو يا هٿ وسيپو نہ رکيائين. هن جو ڌنڌو تہ شادي مراديءَ تي ڳائڻ وڄائڻ هو پر پنھنجن ابن ڏاڏن جي ڪار سواءِ پوکي پلاهيءَ، ٻني ٻاري سان بہ چاھہ هو. ڪي پنج جريب پنھنجا، ڪجهہ ڪُڙمت تي. ڏاندن جو جوڙو، ڪا هڪ اڌ مينھن ٽڪ، کير، مکڻ، ڏُڌ پاڌ پنھنجا. پُٽَ، ڌيئر، اَنُ، پاڻي جالارو. مطلب تہ وزيران کي ڪنھن شئي جي بُکَ ڪانہ.
انور جيترو ساڻس کَٽو، کھرو هلندو هو، اوتري ئي ساڻس دلبري هئي. ان دلبريءَ ۾ هن ڇا ڇا نہ کارايس، چوڙايس. ڇا ڇا نہ پھرايس، پارايس. ڪھڙا ڪھڙا نہ سير ڪرايس، گهُمايس. ڪيڏا نہ وڏا وڏا انگل اَگهايا. بس، هڪ ماڻھوءَ جو ماسُ نہ کارايائينس، باقي ٻيو سڀ ڪجهہ. جيڪو سندس هٿ وس هو. جيڪو سندس پھچ ۾ هو. ڏينھن جي هڻ هڻان کان پوءِ رات جو جڏهن وزيران جي ڪڇ ۾ ڪرندو هو تہ سڄي ڏينھن جا سندس ٿَڪَ ڀڄي پوندا. دُک مٽجي ويندا هئا. پوءِ جڏهن اڳتي هلي سرڪار پاران سندس زمين ۾ هڪ ٽيوب ويل لڳايو ويو تہ زمين تي مالڪيءَ جي حق سبب ٽيوب ويل تي چوڪيداريءَ جا فرائض بہ سندس ذمي آيا. تڏهن کان پوءِ تہ هر مھيني نيون پگهارون، هر مھيني نوان نوٽ. هر پگهار تي وزيران لاءِ نئون وڳو. ڪانہ ڪا نئين فرمائش پوري. انور جي انھن احسانن سبب ئي وزيران پراڻا سڀئي پيچرا وساري هڪ ﷲ، هڪ آسرو ڪري انور جا اڱڻ اجارڻ ۾ رُڌل رهي.
هوءَ انتھا درجي جي نفاست پسند. پاڻ تي مک ويٺي نہ سھي. سارو ڏينھن هٿ ۾ ٻُھارو، ڪو ڪکُ پنُ، ڇيڻو، ڇوڏو پيو نہ ڇڏي. گهر تہ گهر پر در ٻاهران گهٽي بہ ٻُھاريندي. ڏينھن ۾ ڏھہ، ڏھہ ڀيرا وهنجڻ. هارسينگار ڪندي، لٽا ڪپڙا مٽائيندي. انگريزي فلمن جي راڪين رول جيانرنگ جي پڪي، چيلھہ سنھي، نڪ برابر، اُرھہ! منھن ڀريل گول، اکيون ڪاريون ڪجليون، کليل وار ڀاڪر ۾ مس اچن ۽ چوٽي ڪرڻ سان چيلھہ تائين چوٽو. سدائين هٿين پيرين ميندي. سڀني وصفين سھڻي. البتہ سڄي زندگي مان کيس ڪو بہ ڳھہ ڳٺو، چوڙيون، مُنڊيون پاتل ڪونہ ڏٺيون! نہ ئي تانگهہ، طلب يا اهڙو ڪو شوق، ذوق. سادي هجي يا غمي، ٻارهوئي ٻُٽي ٻڪري. سندس سونھن ۾ ئي هيرا موتي، سونُ سمايل هو. ان ڪري نہ پاڻ کي تانگهہ ۽ نہ ئي وري ڪنھن ٻئي کي سندس سونھن ۾ سون جي گهٽتائي محسوس ٿي. ڳالھہ نڪرندي تہ مُرڪي چوندي، ”انور ئي تہ مان لاءِ سونُ آهي. مان کي سون جي ڪھڙي لوڙ. سون پائن سڪڻا، سوختا سون پائن....... مان ڪا سِڪڻي آهيان ڇا. مان ڪا....... ڪھڙا وري مان ۾ عيب آهن، جو سون سجائي سِرَ تي، ڍڪيان اجايو بار......!“
اها ڪنھن کي بہ خبر ڪانہ هئي تہ ڪو انور مٿس بار آهي. نہ ئي وري هن ڪڏهن ظاهر ڪرڻ ڏنو هو. ايسيتائين جو جڏهن انور ٽيوب ويل تي يارنھن هزار وولٽيج سان ٽرانسفارمر جون وائريون ڳنڍيندي بجليءَ جي شاڪ اچڻ سبب مئو هو ۽ پوءِ جڏهن بجليءَ جي کنڀي ۾ لڙڪيل سندس تازو لاش لاهي کٽولي تي گهر آندو ويو، تڏنھن ڏھہ، ڏھہ ڄڻا ڏندڻ پيا ڀڃنس. سڄي گهر ۾ رڙيون ۽ رانڀاٽ ها. هينئن جو اڀي ٿي سنئينءَ چوٽيءَ پَٽَ پڌر تي اچي ڪري تہ مڻڪو بہ ڀڄي پيُسِ. ڀِتين ۽ ٺُلھن سان ٽڪر هڻي، هڻي سڄو جسم ڇلھي، هو پاڻ کي رتو راءِ ڪري جسم جا ريش ئي لاهي ڇڏيائين. جسم ۾ مينھن جھڙي رتُ، هيئن جو ڇنڊڪو ڏئي تہ ڏهن کي پري اڇلائي وڃي لاش کي چنبڙي. ”مان مرندس، مان مرندس....... ڇڏيو مان کي، ڇڏيو مان کي. مان بہ انور سان گڏ پوربس. مان بہ انور سان....... ۽ پوءِ جڏهن مڙسنھس جو لاش ڪلھن تي کڻي ڪانڌي مقام ڏي روانا ٿيا هئا تہ هيءَ بہ چيلھہ سان سندرو ٻڌي ڇَتنِ ۾ ڇائِي پائي لاش پٺيان گهٽيءَ ۾ نڪري پئي هئي. ماڻھن وڏا وس ڪيا هئا پر پوءِ بہ ڳپل پنڌ جو لاش سان ڪلھي ڪانڌي ٿي هلي هئي. ”هئي هئي، مان کي نہ جهليو، مان نہ مُڙنديس. مان نہ...... مان کي انور سان گڏ پوريو. مان کي بہ انور سان گڏ.........“ تنھن بعد مڙئي جيئن تيئن ڪري پُٽن ڀاڪر ۾ ڀري گهر جو در ٽپائي ٻاهران ڪڙو چاڙهي ڇڏيو هو. پوءِ مانيون مَنھہ، جمعاڻا چانڊاڻا، ختما کڙا، مئي جي نيت ڪپڙا لٽا، خير ونڊُ. ڍنگ ۾ رهندي، سوءَ ۾ رهندي ڪارا ڪپڙا، ٽيپ تي مجلسان، ماتمُ، روڄ راڙو، ڳڻتي ڳاراڻو، اکيون سوڻل، منھن تي ڪلري، ڇَتن مان ڇائي ڇڻندڙ، جسم تي سُنڍي ماس جي! ڳري ڪنڊا ٿي وئي. نہ سُر جو لٽو نہ ڪپڙو، نہ سِينڌ نہ سُرمو. پَٽَ تي وڇايل کجيءَ جو تڏو. نہ بسترو نہ پٿراڻي. پَٽَ تي سمھڻ، پَٽَ تي ويھڻ. جڏهن ڪناءِ تڏهن سندس روڄ راڙي جو آواز. مان جڏهن پھريون ڀيرو ڍنگ جي ابتدائي ڏينھن ۾ کيس ڏٺو هو تہ ڀئو وٺي ويو هو. ڇرڪي ويو هئس. مان کيس سڃاڻي نہ سگهيو هئس. بس، سندس گهٻرايل ۽ پيڙا ڀريو آواز سڃاتو هئم ۽ پوءِ جڏهن وري ڍنگ جي پوئين ڏينھن ۾ ڏٺو هومانس تہ مارِ.......! زبردست ڦيرو، وڏي تبديلي. مان کي تہ بلڪل بدليل نظر آئي هئي. بيشڪ سندس گهر ۾ ٽيپ ريڪارڊ تي ماتم ۽ رياض جو سوز ڀريو مجلسي آواز تہ گونجي رهيو هو. کيس ڪارا ڪپڙا تہ پھريل هئا پر هي ڪنھن بہ طرح ڪنھن ماتميءَ جو لباس ڪِين ٿي لڳا. اهي تہ بس ڪنھن فيشن طور ڪتب آيل ٿي ڏيکاريا. هوءَ زمين تي هيٺ برابر پٿر ڪري رهي هئي پر سندس ڇَتن مان ڇائي نہ ٿي ڇڻي. سندس اکيون اداس تہ نظر آيون پر سوڻل ڪونہ! مُنھن تي نہ ئي ڪا ڪلري نظر آئي. هوءَ چکي مُکي بہ ڪانہ هئي پر پوءِ بہ اڇي اُجري نظر آئي. مان سندس طبيعت ۾ ان ڦيري جو سبب پڇيو، هن مرڪي چيو:
”سيٺ“ سيٺ هن جو تڪيو ڪلام هو. ”بس، ڇا ڪبو...... امُر مڃيوسين. خدا جي ڪئيءَ ۾ ڀلا ڪير ناراض ٿيندو....... ڪنھن، ڪنھن سان نيبھہ ڪيو آ. ادو ڪاڏي ويو، ابو ڪاڏي ويو، ڏاڏو....... ۽ وئي پٺيان آخر...... ويچارو انور بہ......“ مان ڏٺو هوءَ برسي پئي هئي. سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ پوءِ اوراڻا، جهوراڻا. ڪيترو ٽائيم پوءِ تائين بہ ڪونج وانگر ڪرلائيندي رهي. ان وقت هن کي هِيئن جهڄندو، جُهرندو ڏسي سچ پچ منھنجي اکين ۾ بہ ڳوڙها تري آيا هئا. آءُ بہ پاڻ روڪي نہ سگهيو هئس.
ايئن ئي هن جي ڍنگ جا ڏهاڙا پورا ٿيا. هوءَ سوءَ مان ڇا نڪتي، جھڙو ڪاريھر نانگ ساڳي ئي چُستي، چالاڪي، وهنجڻ سھنجڻ، ڏهاڙي ڏهاڙي تيل ڦليل. هٿن پيرن کي کاٻرَ جي مُئي ۽ ٺڪريءَ سان مھٽڻ، مرُ لاهڻ. صفائي سٺائي، اڇائي اجرائي. ڪراين ۾ چوڙيون تہ سڄي عمر نہ پاتائين ۽ نہ وري مڙس مُئي ڍنگ مان نڪتي پڄاڻا پر لٽي ڪپڙي ساڳي ئي پريزادي. پوشاڪ پھرڻ ۾ ساڳوئي ذوق شوق. جلال ٻڌڻ سان ئي دلبري.
”کلندا بازار حسن جي سينگار جا، مولا ڪندو ميلو ٿيندو، ايندا ڏينھن پيار جا.“ ان سندس چوڙڻ ماڻڻ واري چاھہ جي سُڌ ٻُڌ تہ ڪنھن کي ڪانہ پر ڪيترن ڪٿ لڳائي هئي، سمجهو ماڻھن سمجهہ ويڙهائي هئي.
”وزيران شاديءَ جا پئي سانباها ڪري.“
”ڪھڙو هن عمر ۾......“ ٻين وري ڪيترن جو خيال هو، ”ولرُ ٻارن جو ڪڍ، شادي ٿي ڪري. مڙئي اڇو مٿو اٽو خراب!“
”سٺو ٿس، شادي ڪري وڃي آخري آيام آرام سان گذاري، ڪھڙو ويٺو ٿس ڌڻي سائين. ڪھڙو اٿس پُٽن ۾ افعال؟ ڪھڙا وري سڌريل...... آخر ڪنھن جي آسري ويھي؟“
”ها، سٺو ٿيس وڃي سِرُ سکيو ڪري، ڏنڊي ڏوٽي آ، ڪھڙو وري ڪراڙي آ. اڃان تہ ڄڻڻ وڻڻ جي وهي ٿس. انور جھڙا ٻہ چوڙي!“
انھن سريسن هلندي ئي هڪ ڏينھن ڳالھين ئي ڳالھين ۾ پڇي ويٺومانس:
”جائي بہ ڪو تاڙيو ٿي ڇا!؟ پوءِ نہ خبر نہ چار، نہ صلاح نہ مصلحت!؟“
”نہ سيٺ، خدا قسم، مڙئي ماڻھن جون ويٺو لغاتون ٻُڌ.“ مرڪي چيائين.
”رکُ نور تي هٿ، اَلين ٿي.“
هن پوءِ اک تي هٿ رکندي مرڪڻ جي انداز ۾ چيو:
”هي ڏس نہ، مان ڪا توسان النديس. مان لاءِ ڪير ويٺو آ سيڙيو، ڪنھن سان پئي شادي ڪيم. مڙئي ماڻھن جو خانو خراب. هاڻي هن مٿي ۾، هاڻي هن عمر ۾ ڪنھن جي کُٽي آ؟ ڪير چٽي ڀريندو؟“
”متان ڪو هجي!؟“
”ڏسين ٿو آهي ڪو هتڙي اهڙو؟ سڀئي انور ٿيندا ڇا؟ ڪير انور جيان چوڙائيندو، ڪير انور جيان پھرائيندو؟ بس، سيٺ، شادي هاڻي انور جي قبر سان آهي. مان ڪئي آ صاحبي. مان جاليو آ اڪيلو آزاد...... پئجي وڃي ڪو حرامي پِڙ...... لڳي وڃي ڪو ٽانگر مٿي ۾...... نہ، بس...... جن ڪونرن ۾ کاڌو، سي پاٽڙن ۾ ڪيئن کائينديون. تون سياڻو آن، تون سمجهو آن، سوچين نہ ٿو، سمجهين.......“
۽ پوءِ هڪ ڏينھن.......!! هڪ ڏينھن منھنجي سوچ، سمجهہ بہ جواب ڏئي وئي! منھنجي متِ بہ منجهي وئي! هوءَ آئي، ٻاهر منھنجو پڇيائين. مان ان وقت اندر ماني کائي رهيو هئس. هوءَ پوءِ ڳرا قدم کڻندي پنھنجي ڀاري بُتَ کي ڍوئيندي، ڍوئيندي ئي، ڇو تہ اڄ هن جي هلڻ ۾، هن جي ڳالھائڻ ۾ چستي، چالاڪي سا ڪانہ هئي، جا پَسبي هئي!
هوءَ مان وٽ آئي، کيس ساڳيائي ماتمي ڪارا ڪپڙا پھريل هئا. هٿ ۾ جلال جي نڪور ڪيسيٽ بجاءِ ڪا ويڙهيل سيڙهيل تھہ ٿيل اخبار. مان کيس مانيءَ جي صلاح ڪئي پر پھريان جھڙو ڪوبہ سٺو جواب نہ پائي حيرت ۽ تجسس وچان چتائڻ لڳم! مان کي هوءَ اڄ ڪجهہ ڪجهہ بيمار ۽ پريشان پئي لڳي. سندس اکين مان نہ ئي ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا ۽ نہ ئي وري ڪجهہ ڳل آلا هئا پر پوءِ بہ باسڻ لڳو هئم، شايد رُني آهي! زبردست رُني آهي. هن پوءِ منھنجي نھار تي پيڙا ڀرئي آواز ۾ پڇيو:
”ڪاٿي هئين سيٺ!؟ مان ٻہ پنڌ موٽي وئي آهيان.“
مان سندس چھري جا ڀاوَ ڏسڻ لڳس. سندس طبيعت ۾ هن اوچتي آيل ڦيري منھنجي نڙيءَ ۾ گرھہ ئي ڦاسائي ڇڏيو. ڳيت ڏيندي وراڻيم:
”ڇو، خير تہ آهي.....!؟“
هن پوءِ سامھون ٻي کٽ تي ويھندي تھہ ٿيل اخبار مون ڏانھن وڌائيندي گهٻرايل آواز ۾ چيو:
”ڪاٿي آ خير! هي اخبار تہ پڙھہ......“
مان پوءِ ماني کائيندي ئي اخبار کولي پڙهندي پڇيو:
”ڇو، ڪا خاص ڳالھہ آ ڇا!؟“
”ها، خاص ڳالھہ ئي تہ آهي.“
مان پوءِ پڙهيو، اخبار جي وڏي سرخي هئي، ”وزيراعظم جي زبردست ڪوششن سان ايوان ۾ اٺين ترميم منظور!!“ مان سمجهو شايد ٻين مڙني سنڌين جيان هيءَ بہ ان ترميم، فوجي آمريت کي جائز قرار ڏيڻ واري عمل کي خراب ٿي سمجهي! پر وري سوچيم، اها خبر سندس ڪم جي ناهي، منجهس ايڏو سياسي شعور ڪٿي! ٻي وڏي سُرخي هئي، ”پاڪستان جلد ئي ايٽمي ڌماڪو ڪرڻ وارو آهي..... راجيو.......“ ايٽمي ڌماڪي واري خبر بہ سندس ذهن کان ڪجهہ مٿڀرو لڳي ان ڪري مان ٻي سُرخي پڙهڻ لڳس. ان اڳلي ۽ ان کان بہ ٻي خبر، ٻنھي مڙئي ڪجهہ توجھہ ڇڪايو. ڇو تہ انھن ٻنھي خبرن ۾ اهم ماڻھن جي موت جو ذڪر هو. پھرين سُرخي هئي، ”طويل علالت سبب سنڌ جو پھلوان شير ميربحر گذاري ويو!“ پر اهو سوچي شير سان سندس ڪھڙو ناتو؟ مان ٻي سرخي پڙهڻ لڳس، ”شاهنواز ڀُٽي جي خون جي ٻيھر عدالتي جاچ شروع!“ منھنجي جائزي وٺندي ئي هن ٻيھر گهٻرايل ۽ ڀريل آواز ۾ چيو:
”پڙهيئي سيٺ!؟“
”خبرون کوڙ، تون الائي ڪھڙي خبر بابت پڇين ٿي.“
”ڀائين، شير ميربحر گذاري ويو!!؟“
مان سندس هن اوچتي سوال تي مڙئي ڪجهہ ڪجهہ حيرت کاڌي. ڇو تہ منھنجي آڏو اخبار ۾ سندس ڪم واري خبر تہ هئي شاهنواز ڀُٽي واري. اها ان حساب سان تہ ڀُٽي خاندان سان سندس حد درجي جو عشق هو پر هن اوچتي سوال تي، شير سان سندس عقيدت مان اهو ڀائيندي تہ هر مشھور ۽ نالي چڙهئي ماڻھوءَ سان سندس عقيدت هوندي؟ ۽ شايد شير ميربحر جي فن ۽ شخصيت بہ متاثر ڪيو هجيس! ان تي نھايت افسوس ظاهر ڪندي چيو:
”ها زبردست پھلوان هو.“ ملھہ جي فن ۾ ڏاڍو ناءُ نيڪي ڪڍرايائين. روسي ۽ جاپاني پھلوانن کي زبردست شڪست ڏئي هن سٺو پاڻ موکيو.
ويچارو ڪراچيءَ ۾ ڪافي ڏينھن زيرِ علاج رهيو. ڊاڪٽرن پوءِ کيس صحتيابيءَ جي مبارڪ ڏئي کيس رخصت پر ڪار تي باءِ روڊ ايندي رستي ۾ ٻيھر طبيعت خراب ٿي پيس ۽ پوءِ رستي ۾ ئي گذاري ويو. مان اهو سڀ ڪجهہ هن جي سوال جي جواب ۾ نہ پرپنھنجي سنڌيت جي جذبي تحت ئي چيو. پر مان ڏٺو هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڇلڪي پيا. انھن ڳوڙهن ڳڙڻ جو سبب قوم پرستي يا همدرديءَ وارو جذبو قطئي ڪو نہ هو. هوءَ اڳ ۾ بہ اهڙن مشھور ماڻھن ۽ مشھور خبرن، پرو چانڊئي پوءِ نادر جسڪاڻيءَ جي موت تي، ٽوڙهي ڦاٽڪ واري واقعي ۾ مري ويل شاگردن يا ايم آر ڊي مومينٽ ۾ مرندڙ سنڌين لاءِ ڏُکُ ظاهر ڪري چڪي هئي. پر شير ميربحر لاءِ سندس اکين ۾ ڳوڙها!!؟ اڃان بہ وڌيڪ کيس جهڄندو، جهرندو ڏسي سوچيم، شايد شير جي موت جو ٻڌي مرحيائت مڙس انور ياد آيو هجيس. جي.ين عمومن اهڙن موقن تي ٿيندو آهي. تڏو پرائو پار ڪڍي پنھنجن مان! مان پوءِ کيس پرڀائي، پرچائيندي چيو هو:
”وزيران...... تنھنجو ڏک اجايو آ، نيٺ تہ هر ڪنھن کي هلڻو آ. تون، اسان وري ڪھڙو....... ڪنھن لکي لڌو آ، ڪنھن ڪنھن سان نيبھہ ڪيو آ؟ انور بہ........“
مان پوءِ ڏٺو هو. هوءَ اڃان بہ وڌيڪ سُڏڪن، هِڏڪين ۾ پئجي وئي هئي. روئيندي چيو هئائين:
”پوءِ تہ سيٺ، مان تہ مري ويس!....... مان تہ تباھہ ٿي ويس!...... مان تہ لُٽجي ويس!....... مان تہ...... منھنجي تہ هڙ هلي وئي، ابوءِ.......!!“ هن گوڏي تي هٿ هڻندي چيو. پر مان خاموش ئي رهيس. حيرت وچان ڏانھنس نھارڻ لڳس. مان کي تہ سندس تباھہ، برباد، لٽجڻ ۽ هڙ هلي وڃڻ جھڙي اهڙي ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ ڪانہ آئي. جنھن تي هن کڻي ڀنڊڻ شروع ڪيو هو. لُٽجي هوءَ برابر وئي هئي ۽ سو بہ تڏهن جڏهن انور جو اوچتو موت ٿيو هو. هي وري شير ميربحر جو مرڻ ۽ وزيران جو لُٽجڻ!؟ وزيران جو تباھہ، برباد ٿيڻ، سندس هڙ هلي وڃڻ!؟ مان کي تہ سمجهہ ۾ نہ آيو. مانيءَ مان هٿ ڪڍي ڏانھس اخبار وڌائيندي ٽوڪ هڻندي چيم:
”چري اجايو پئي پاڻ جهورين، مرندو ڪير نہ ۽ شير ميربحر وري تنھنجو ڪھڙو سڳو سئوٽ؟ شير سان وري تنھنجو ڪھڙو سڱ!؟“
”اڙي سيٺ، سڱ هو، سڱ هو.....!!“ هن وڏو رانڀاٽ ڪندي اخبار وٺي تھہ ڪندي چيو ۽ ان سڱ آسري تہ پئي جيئري رهيس. ان سڱ سھاري تہ....... شير جو ئي تہ نالو هو، جنھن انور جا ارمان وساري، پٽڪي ڪُٽڪي مان پالھو ڪري ٻيھر ڪنڌُ کڻڻ جھڙو ڪيو. شير.......“ پوءِ وڌيڪ روئيندي سُڏڪا ڀرڻ لڳي هئي ۽ مان نھايت حيرت وچان سندس هن اوچتي انڪشاف تي ڏانھس نھارڻ لڳس. شير سان سندس سڱ!!؟ مان سوچيندي سوچيندي سندس اڳلا توڙي پويان اڇا ڪارا ڪاڳر جاچيا پر منجهن اهڙو ڪو بہ ذڪر نظر ڪونہ آيو، جنھن جي روشنيءَ ۾ شير ميربحر سان سندس سڱ بابت ڪو رايو، ڪا فتويٰ قائم ڪريان. شير ٿيو هتان کان ڪوهين ڏور. هو نواب شاھہ جي تعلقي ڪنڊياري جي....... ڳوٺ جو ۽ وزيران....... ڪاڏي منھن مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الھيار!“
”ڪاڏي ڳالھہ، ڪاڏي مھاڙ......!؟ ڪاڏي خيال ڪاڏي خواب!؟ ڪھڙا پُور ڪھڙا پَھہ! بس، منھنجي لاءِ ڪو ڏيو ئي نہ ٻريو!“ نرڙ تي هٿ هڻندي مقدر کي لعنتون ڏيندي، ”ڀاڳ ڪِين ڀڙايو، قسمت ڪِين رهايو!....... نصيب جو اهڙا ٿيا، هئي هئي....... ڪيڏا آسرا، ڪيڏيون اميندون....... اڃان ڪالھہ ڇورو مليو، جنھن سان پروگرام ٺاهيم......!!“
مان حيرت وچان پڇيو:
”ڪھڙو ڇورو!؟ ڪنھن جو ڇورو......!؟“
هن پوءِ رئي جي پلانڌ سان ڳوڙها اُگهندي، آواز کي پُختو ڪندي، سنجيدگيءَ مان ٻڌايو هو:
”سيٺ، ڪھڙي ڪُوڙي، ڪھڙي سچي، مان، بس اڄ سڀاڻي هتان نڪرڻ واري هُئي سانءِ. مان پنھنجو سڀ ثمر ٺاهي ڇڏيو هو. گهڻو ئي ترسيم...... ٻَنِ ڏيان پئسن کي، باھہ ڏيان پئسن کي، پئسن ئي تہ رهايو، پئسن ئي تہ...... مان کي نہ پئسا ملي وڃن ها تہ جيڪر.......“
”ڪھڙا پئسا!؟“
”اُهي مُئا سرڪاري پئسا. انور جي پِنسنِ جا پيسا، جن لاءِ توکي بہ ستايم تہ سرڪار ۾ ڀڄ ڊُڪ ڪري وٺرائي ڏيمِ.“
ياد آيو سندس مڙس جي انشورنس جا اٺ، ست هزار روپيہ، جن لاءِ ڀڄ ڊُڪ، ڀاڙن ڪراين، ڏيڻ وٺڻ ۾ ويچاريءَ جا ڪيترائي پنھنجي گهر، پنھنجي هڙ جا بہ پئسا خرچ ٿي ويا. انھن ئي پئسن ڪڍ سال اڌ کان ڊُڪي ڀڄي آسو لاهي ويٺي.
”مان چيو، ايئن هٿين خالي تہ نہ وڃان، وڃان تہ پنھنجا ٻہ پئسا تہ هڙ ۾ هجن. ايئن تہ اڳلو نہ چوي تہ آئي تہ جواني ٻين کي چوڙائي آئي، آئي تہ سُڃي سکڻي، هٿين خالي آئي. مان کي پڪ آ تہ هو مان کي هنن حالن ۾ بہ قبول ڪري ها پر....... ڪھڙي منھنجي متِ کسي، ڪھڙو......“ حيرت مان پڇيم:
”ڪير توکي اتي پھچائي ها؟ سوير ڇوڪري جو ذڪر پئي ڪيئي؟“
”اهو ڇورو سھو، اهو ناچو ڇورو. اهو ڇورو وڃي ڪو اوڏنھن رهندو آ. اتي ئي ڪسب ڪمائيندو آ. سندس استاد بہ ڪو اتي جو رهاڪو آ. ها ها اصلي ڳوٺ ئي اهو اٿس. ڇوري کي گهڻا ڏينھن اڳ ڍنگ ۾ هوندي ئي شير سان ملڻ ۽ منھنجي ياد ڏيارڻ لاءِ چيو هئم. هن پوءِ ساڻس ملي ڳالھہ ڪئي هئي، ”نئون ديرو واري وزيران اوهان کي ياد پئي ڪري. هوءَ هاڻي واندي آهي. هوءَ اوهان سان ملڻ لاءِ پئي پَرَ ساهي.“ ٻي بہ کيس ڪافي ياد ڏياري هُئائين. هن پوءِ چيو هيس، ”يار، وزيران جون ڏاڍيون مھڙون آهن، هن سان مان ڪين رهائي. وقت گذري کان پوءِ بہ ياد رهندي آ.مان کي سڀ خبر آهي تہ هوءَ ڪٿي پرڻجي وئي آ. سندس مڙس ڇا ڪندو آ ۽ کيس گهڻا ٻار آهن. عام ماڻھو هجان ها تہ جيڪر...... پر يار، مار پوي پنھنجي مشھوريءَ کي پر هاڻي...... اچي اچي، بيشڪ اچي، منھنجي اکين تي اچي. اچي پر آڻجانس منھنجي راڻيپور واري جاءِ تي. ها، متان ڳوٺ آڻينس.“
”ڇوري چيو بہ پر مان ڪُوڙي ٿيس. مان قولين ڪُڙي ٿيس. مان لالچ ۾ ڦاسي ويس. مان ٻن پئسن پٺيان ڊوڙندي رهيس، مان...... پر سيٺ، نہ جو نصيب هو، نہ جو ملڻو هو، ايئن ئي ٿيڻو هو. سيٺ، اٿئي سڀ قسمت جي ڳالھہ، اٿئي سڀ نصيب جي بازي. ماڻھو سَوَ جتن ڪري، ڪو کڻي سَوَ حيلا هلائي پر..... هو ٻڌو نہ ٿي لکيو منجهہ نراڙ قلم ڪياڙيءَ نہ وهي..... مان پئسن جو تونکرو مٽي تياريءَ کي لڳي ويس. شھر مان ٻہ چار جوڙا بہ آڻايم، هڪڙو نہ وڻيو تہ ڌيءُ هٿاران واپس ڪرائي، مٽرائي ٻيو آڻايم. سڀاڻي درزياڻيءَ کان کان ڪپڙا ملڻا بہ هئا. هئي هئي.....! ان جلدائيءَ ۾ تہ متان پئسن تَتو درزياڻي دير لائي، سلائيءَ جا پئسا بہ اڳواٽ مُڪا مانس پر مان کي ڪھڙي خبر، مان کي ڪھڙي سُڌِ.......“
”تنھنجي معنيٰ ڌيءُ کي بہ ڪن ڦوڪ ڏئي ڇڏي هيئي؟“
”نہ سيٺ، رڳو توسان ٿي حال اوريان.“ هٿ ٻڌندي، ”پر هي هٿ ٿي جوڙيانءِ ٻڌائجانءِ نہ ڪنھن کي. انھن ڌيئرن جي سِرَ بہ ماريو اٿم.“
”جي وڃين ها تہ انھن کي ڇڏي وڃين ها!؟“
”نہ چيم، اڳ ۾ پاڻ هٿيڪو ڪري پوءِ انھن کي وٺي ويندس.“
”تہ پُٽَ!؟“
”پُٽَ، تن جيڪي نہ ڪُر اُجرا ڪيا آهن، جيڪي نہ ڀال ڀلايا آهن، تن جي بہ سُڌِ هوندئي، چون جيڪر هن وقت نڪري، هن گهڙيءَ پير پٽي تہ اڪيليون ڪيون عيدان. پاڙي سان آن، ٻڌندو هوندين، ڏسندو هوندين، جيڪو پُٽن هانباريءَ چارهيو آ. وڏو پُٽُ تہ چوي، وڃين پرڻجين ڇو نہ ٿي، اڃان تہ ٿلھي سٻرُ آهين. اڄ زالون مٺيون آهن. مائرون ويچاريون....... کين زالون اٿارن بہ ويھارن بہ ۽ پُٽن جي اهي پرڪار ڏسي تہ....... پر سيٺ، سٺو ٿيو جو نہ ويس. جي وڃان ها ۽ هيئن اڄ هن جو موت ٿئي ها پوءِ تہ منھنجو حشر ئي رلي وڃي ها. پري پرائي ديس تي ڪانون ڪتڙن هاب ٿيان ها. ڪاڏهن جي منھن کڻڻ جھڙي نہ رهان ها. چون ئي ايئن ها ڏائڻ آهين، تو ماريُسِ. پوءِ پٽن ڏانھن بہ ڪانئياري تہ اتي بہ اگهہ نہ ٿئي ها. ڪن مان ڪوڙ ٿي ڳالھايان؟“ سواليہ نظرن سان تڪڻ ”هن کي اڳ ئي ٻہ زالون، الاهي ساترا ٻار، نڪاح تہ ڪري ڪونہ ها...... ڪن سيٺ، وڃڻ کپي ها؟ پڇاڙيءَ منھن تہ ڏسانس ها، ڪي گهڙيون گڏ تہ گهاريون ها. سال، سڄو سال بہ ڪو ٿورو عرصو ناهي! ان سڄي سال ۾......... پڇاڙيءَ قبر تي مجاوري ڪيان ها. تربت تي چوڪي ڏيان ها، سندس ٻارڙن جي ٻانھپ ڏيان ها.“ ٻيھر اکين مان ڳوڙهن جي رمجهم، ٽم ٽم، نڪ سڻڪي رئي جي پلانڌ سان اگهي اخبار کي رئي جي پلانڌ ۾ ٻڌڻ لڳي.
”ڇا تہ جلال چيو آ، بھاني ڪنھن تہ اي جاني پڇڻ بيمار کان اچ تون. مٺا محبوب هڪ ڀيرو ڏسڻ بيمار کي اچ تون ۽ مان تہ پڇڻ بہ......“
”ڇو، اخبار کي لڪائين ٿي!؟“
”ڪاٿي سيٺ، هيءَ تہ آندي ئي ننڍي پُٽ آ، ويو هو ڪو پگهار وٺڻ، خبر جو پيس تہ......“
ان تي ياد آيو، سندس گهر ۾ هڪ ڏينھن جلال ۽ شير ميربحر جا ڀت تي لڳل ڦوٽو ڏسي مرڪي پڇيو هو، ”شير وري ڪڏهن کان ڳائڻ شروع ڪيو!؟ ڪن اوهان راڳ ڇڏي ملھہ تي لٿا آهيو؟“
کلندي چيو هُئائين:
”مڙئي ٻارن جا ڪم، ڪٿان هٿ جو آيا اٿن ڦوٽو تہ ڀِتِ تي چنبڙائي ڇڏيا اٿئون.“ ۽ اڄ وري سندس روئڻ، جهڄڻ، جهرڻ. مان ان سندس نئين انڪشاف تي، نئين پڌرائيءَ تي زبردست حيرت کائڻ لڳس. حيرت جھڙي ڳالھہ بہ هئي. ان حيرت وچان پڇيم:
”شير سان تنھنجي ڪيئن ۽ ڪٿي واقفيت ٿي!؟“
”شير سان واقفيت اباڻي ڳوٺ، ننڍي لاڪون هئي. اڃان ساماڻي بہ نہ هئس.“
”ننڍي لاڪون......!؟ پر هو وري توسان ڪيئن مليو. هو تہ هتان کان ڪوهين ڏور، هو وري.......“
”ها، بس قسمت جو کيل. ڀٽو بہ تہ سنڌ جو هو پوءِ ڪيئن ايرانڻ پرڻيو؟“ چوندي چوندي هوءَ اٿڻ لڳي پر مان ساڻس همدردي ظاهر ڪندي ويھارڻ لڳس.
”ڇو اٿين ٿي؟“
”بس، سيٺ.“
”ويھہ تہ، ايڏي تڪڙ ڇالاءِ، ويھہ.“
”نہ، تڪڙ تہ ناهي پر.......“ هوءَ پوءِ نڪ سڻڪندي ٻيھر ويھڻ لڳي. سندس ويھندي پڇيم:
”شير سان تنھنجي ڪيئن ٿي دوستي!؟“
”سيٺ، ڇڏ انھن ڳالھين کي، اجايا ڦٽ نہ اُکيل.“ ٿڌو ساھہ کڻندي چيائين.
”پوءِ بہ.......“ دلچسپيءَ وچان پڇيم.
”ٻڌائيندي سانءِ ڪنھن وَکَتِ.“
”اجائي اُڻتڻ رهندي.“
مان ڏٺو هوءَ پوءِ ڀرمي پئي. منھنجي چئي کي نہ ٽاري سگهي. کن جي خاموشيءَ کان پوءِ ٿڌو ساھہ کڻندي، ”هئي، هئي...... ڇا تہ ڀٽائيءَ کان سوال گهريو هئم، واھہ لطيف سھڻا واھہ...... ڇا تہ سوال اگهايُئي، ڇا تہ........ سوال اگهايُئي بہ تہ اڪيلو بہ ڪري ڇڏيئي. ارمان رهائي ڇڏيئي، دربدر ڪري ڇڏئي، گهر گهاٽ جو نہ ڇڏيئي، ابوءِ......! ڏينھن ئي اهي، ائي...... چئبو سيٺ، لطيف بہ ٻُڌي ٿو!؟ واھہ لطيف سھڻا واھہ......! واھہ ڀٽائي گهوٽ واھہ...... ٽيون وريھہ انور اڪيلو لطيف جي ميلي تي ويو. موٽي اچي ٻڌايائين ميلي جو حوال، ملاکڙي جي تہ ڳالھہ ڪري نہ ٿي ٿڪو. هن ٻڌايو، سمن شاھہ جي سورهيائيءَ جو، قمبر حاجاڻي جي حرفت جو، انبڙي شيديءَ جون ارھہ زورايون تہ سومر ميربحر جي طاقت جو، ٻين ڪيترن ملاڻي، هينڊل مڪراني،حاجي خشڪ جي پھلوانيءَ جا بہ ڪافي مثال ڏنائين پر شير جي ڳالھہ ڪري نہ پئي سگهيو. شير پھلوانن جو سرتاج، ميدان ۾ بيٺل، اڃان ڏسندينءَ ساڳي وهي، جوانن جھڙو جوان. ڀلا سٺا ڪپڙا، ٻانھن ۾ واچ، پير ۾ شو بوٽ، مٿي تي بوسڪيءَ جو وڏو پٽڪو. بوسڪي بہ معمولي نہ، ڊبل گهوڙي واري اُچي. جپاني ڪيٽيءَ جي سُٿڻ قميص. اصلي شھنشاھہ، ننڍڙو پُٽ ساڻ. هو هاڻي پاڻ تہ ملھہ وڙهي ڪونہ پر سندس وڏي پُٽ پيءُ وارا پئي جوهر ڏيکاريا. هوبھو پيءُ واري ملھہ.....! ساڳيائي داءَ پيچ، ساڳائي وارا، ساڳيون ئي اندريون ٻاهريون، ساڳيائي ٺاهوڪا جاٺا. اندرئون ڏئي، ڍاڪ تي کڻي آئي جو همراھہ کي هنيائين تہ خدا ۾ پت ڪرين ٻانھينءَ مان ٽڙڪاٽ نڪري ويا....!! پھلوان کي دسي ڪُڏُ ڏئي پيءُ کي پيرين پئي، هيئن جو ٻانھينءَ ڏانھن وڌيو تہ ويٺلن مٿس روپين جو مينھن وسائي ڏنو. پنجين، ڏهين جا نوٽ، روپئي جي تہ ڳالھہ ئي نہ ڪر. اڄوڪي زماني ۾ روپيو ڏيڻ بہ تہ لڄ ۽ وٺڻ بہ لڄ. ڪي شوقين تہ پنجاھہ پنجاھہ، سَوَ، سَوَ جا نوٽ بہ پيا ڏين. مان بہ ڏهين جو نوٽ ڏنو مانس. پر وزيرِ پئسو اُٺس ڇا، خدا ۾ پت ڪرين تہ مٺيون ڀريندو ڀرسان جهوليءَ واري ڏي اڇليندو وڃي. ڊڄي ڳالھہ ٿو ڪيان هڪ ٻانھينءَ مان ئي هزارين روپيہ ٿي ويا هوندس. هڪڙي تہ ايئن بہ چيو، پُٽ هاڻي سڄو سال وڃي ويھي کاءُ. مطلب شير جي ڏاڍي عزت، ڏاڍي مڃتا. پھلوان پِڙَ ۾ وڃن تڏي بہ شير کي پيرين پئي، دعا کٽي پر جي سوڀارا ٿي موٽن تہ تڏي بہ شير کي پيرين پئي دعا کٽن. ابوءِ....... هئو ڙي جوان تنھنجو نالو. هئو ڙي شير تنھنجي ساعت....!!“ انور جي اهڙن گفتن هرکائي وڌم. ٻئي سال مان بہ ميلي تي سنبري بيٺس. انور مڃي ڇا، ڀائين، رن ميلي تي رش، ميلي پِيھہ. ميلو مردن لاءِ آ ڪن زائفن...... زائفان وري ڪيئن ميلي تي، اجايو خلق کلائڻي. نہ، نہ مان نہ وٺي هلندو سانءِ پر مان مڃان ڇا، صفا پِڙُ ڪڍي بيٺس، چوان اها ڪھڙي ڳالھہ، منھنجو خصيص انگل نہ ٿو پورو ڪرين. هو هڪڙيءَ تي مان ٻيءَ تي، نيٺ چيائين، رَنَ مُڙين نہ ٿي پر اتي هلي جيڪو بيزار ٿيندينءَ سو....... ماڻھن جي گوڙ گمسان ۾ ڇا ڏسندينءَ ڇا وائسندينءَ؟ اجايو رناڻو ضد، شڍو تہ نہ هل، توکي وري ميلي گذرڻ کان پوءِ زيارت ڪرائي ايندس. ڏِسُ چيو هومانءِ تہ ڪوٽڏيجيءَ ڪفنن وارو ماتم ڏيکاري آيو مانءِ نہ يا هونءَ گهڻا گهُمرا لعل شھباز، لطيف سائينءَ ۽ ٻين درگاهن تي هليا آهيون. چيم سي تہ تنھنجون مھربانيون. تنھنجا اهي ڳڻ تي ڳايان ٿي پر ڀٽائيءَ جو ميلو؟ چوندا آهن جنھن ڀٽائي ۽ قلندر جو ميلو ڏٺو تنھن ڄڻ حج ڪيو. مان کي لوري هئي شير جو منھن ڏسڻ جي. هيڏي حياتي گذري وئي آ، پوءِ بہ الائي ڇا سوچيم، هيڪر تہ شير جو منھن ڏسان، هيڪر تہ سڪ پوري ڪريان پوءِ........ ساھہ تي ڪھڙو ڀروسو، حياتيءَ تي ڪھڙو اعتبار. نيٺ لطيف جي ميلي تي وياسين، ساڻ ننڍڙي بيبي کنيم. ڀلا مان زال زائفان، مان ڪٿي ٿي مردن جي گوڙ گمسان ۾ نڪري سگهيس. مان ۽ بيبيءَ کي انور هڪ جاءِ تي ويھاري پاڻ وتي چڪر چاڙي هڻندو. سڄو وقت ويٺي ويٺي سچ بہ ڏاڍو بيزار ٿيس پر پنھل پسڻ لاءِ سڀ سھڻو پيو. گهڻو ئي نھاريم پر شير ڪٿي بہ نظر نہ آيو. نيٺ ملاکڙي جو ٽيم بہ ٿيو. انور ملاکڙي تي ويو. شام جو واپس اچي پھريان جيئن ميلي جو سربستو حوال ٻڌايائين. مان رات جو دعا گهري، ياالاهي، سھڻا لطيف، قرب ڪر منھنجو پنڌ سڪارتو ڪر. اندر جو ارمان پورو ڪر. هيڏا ڪشالا ڪري آئي آهيان. ٻيو نہ تہ پڇاڙيءَ منھن ٽڪري تہ ڏسانس. نيٺ ڦري ٻيو ڏينھن ٿيو. انور ٻاهر گهمڻ نڪتو تہ پٺيان ننڍڙي بيبي بہ لاري ڇڏيمانس. مان تہ ويٺي ويٺي سزا ڪاٽيان ٿي پر هن ٻارڙيءَ کي تہ گهماءِ ڦيراءِ، کاراءِ، خرچاءِ. انور وئي کان پوءِ مان کي ملي وئي وِٿي پر ان وٿيءَ ۾ مان ڪيان تہ ڪيان ڇا؟ وڃان تہ وڃان ڪاڏي؟ نيٺ سوچيندي سوچيندي واجهائيندي واجهائيندي ڪنھن ماڻھوءَ کي سڏي ورتم، او ادا، ڀائو اڳڀرو تہ اچجو. مان زال زائفان جي اوچتي واڪي تي ويچارو واٽھڙو مُنجهي بيھي رهيو. مان صفا لڄ لاهي چيو، ڀائو تون ڪنھن فڪر ۾ نہ پئو، رڳو هيسيتائين ٻہ پير ڀري اچ. هو پوءِ مان وٽ آيو. هن ٻڌايو پاڻ کٽي آهي ۽ هتان جو ئي ويٺل آهي. مان کيس هٿ جوڙيندي عرض ڪيو، ڀائو لطيف جي پِڙَ ۾ بيٺو آن منھنجي ڪا بہ ميري مندي ڪانھي، مان رڳو ڏٺي جي بُکي آهيان. متان ڪا ٻي ڳالھہ سمجهين. پيرن تي پلاند رکندي چيم، منھنجو هڪ عرضڙو آهي پر شير شرم ٿجانءِ ڦشري نہ ڪجانءِ....... شير پھلوان، جيڪو ملھہ آهي، ان تائين منھنجو هي سنيھو پھچاءِ. چويس هنن آرن، پارن سان ڪا اترادي عورت مسافر خاني هنڌ ويٺل آهي، نالو وزيران اٿس، صوف فقير جي ڌيءُ آهي، پاڻ نئون ديرو شھر جي ويٺل آهي، اوهان کي ڏاڍو سنڀالي ٿي. ڀِٽَ ڌڻيءَ جي واسطي هڪ ڀيرو منھن ٽڪري ڏيکار، ٻي منھنجي ڪا لالچ ڪانھي. هو ويچارو بہ ڪو سٺو ماڻھو هو تنھن چيو، امان مان چوانس ٿو. نياپو پھچائڻ منھنجو ڪم، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو. پوءِ ڳچ وقت کان پوءِ هو آيو. اچي چيائين، امان پاڻ ريل بند قريب رهيل آهي چوي پيو ان عورت کي هت پھچاءِ، پوءِ مائي جيڪا تنھنجي مرضي. مان کي ڪم بہ ڏاڍو آ پر اڳ ۾ تنھنجو سوال، هلين تہ مان اکين تي پھچايانءِ پر جي......“ مان خيال ڪيو هڪ تہ ميلي جو موقعو، هزارين لکين ماڻھو، ٻيو تہ جتي اچڻ لاءِ چوي ٿو اتي سنڌ جا سڀئي پھلوان ترسيل هوندا. ٽيون تہ انور ڪھڙي مھل بہ اچي سگهي ٿو. جي مان نڪران ۽ پٺيان اچي تہ پوءِ.......؟ جي پڇي تہ ڇا چوان!؟ پٺيان هي ٽپڙ ٽاڙي، رلھيون گودڙيون، هنڌ بسترا؟ ڪا مھل سوچڻ کان پوءِ مان دل هاري ويٺس. مان چيو، ڀائو بس هڪ قرب، هڪ پنڌ، چويس اڪيلي ناهي مرد ساڻ اٿس، مرداڻو قول نڀائي، مان کي لطيف جي چئوگان ۾ منھن ڏيکار تہ تنھنجا لک لائق، ٻي منھنجي ڪا هير هج ڪانھي. پوءِ هو ماڻھو ويو پر ٻيھر موٽي ڪونہ آيو. مان کي ڏاڍو اُلڪو رهيو. نيٺ ڏسندي، ڏسندي شام جو وقت بہ اچي ٿيو. انور ٻڌايو تہ شير جو اهو دستور رهيو آهي تہ ملاکڙي جي ميدان ۾ وڃڻ کان اڳ لطيف جي زيارت ضرور ڪندو آهي. مان ان وقت جي انتظار ۾ هُيس. اکيون ڦاڙي چئني پاسي نھاري رهي هئس تہ انور رڙ ڪندي چيو، ”وزير، هي ڏس، هو ٿو وڃي شير هو......“ مان ان وقت اُڀي ٿي صفا اٿي بيھي رهيس. مان ڏٺو هائو ٻيلي شير چئوگان ۾ کُتل جهنڊي هيٺان اهي، هن جي هٿ ۾ ننڍڙو پٽ جيڪو هوبھو ٻہ هٿ ٻہ پير، منھن مھانڊي پيءُ جھڙو. هو لٽي ڪپڙين ٺاهوڪو. هٿ ۾ نيٽ جو لڪڻ. ٻانھن ۾ سوني واچ. چيچ ۾ مُنڊي. قد بت ۽ عمر جو اهڙو ڪو خاص فرق ڪونہ! سچ بہ جوانن جھڙو جوان. ايڏي عمر گذارئي کان پوءِ بہ منھن مان رتُ پئي ٽميس. ڀلا نہ ڏک نہ ڏاکڙو، نہ ڳڻتي نہ ڳاراڻو. اڇو لٽو، اڇي ماني. الاهي ساتري زمين، انعام اڪرام. پيسو پنجڙ، ان ماڻھوءَ کي آخر ڪھڙي ڪمي؟ جاڏي بہ سفر ڪري، ڀاڙو ڪرايو معاف. سرڪاري پاس مليل.....“
”توکي هن سڃاتو!؟“
”سيٺ، چئي نہ ٿي سگهان پر مان هن کي سڃاتو، مان هن کي......“
”پوءِ ملئينس!؟“
”اڙي سيٺ.......“ نرڙ تي هٿ هڻندي، ”پِٽيان پنھنجن ڪرمن کي. چوان پنھنجن نصيبن کي. مان کي وڃڻو تہ اوڏانھن پوي ها، جتي گهرايو هئائين، جتي ترسيل هو پر گيسر جو گهر ٿيس. سستيءَ جو شڪار رهيس.
”لطيف جي ميلي تي ويو آن؟“
”نہ، ويو ناهيان، پر عقيدت ڏاڍي اٿم، سڪ گهڻي اٿم.“
”ائي سيٺ، وڃي تہ ڏس نہ، وڃي تہ...... خود خدائي اتي آ. دنيا جھان جا ماڻھو. لکين هزارين ماڻھو........ پوءِ مان ڏسي سڪ ئي پوري نہ ڪئي تہ هزارين ماڻھو مِڙي ويا. واجهائيندي واجهائيندي اڳڀرو بہ نڪري آيس پر ماڻھن جو سيلاب. ماڻھن جو درياھہ هو، جنھن ۾ ڇلندو هو منھنجي اکين کان اوجهل ٿي ويو. مان رڙ ڪندي چيو، مان نہ ٿي ڏسان، مان........ هو ڪاٿي آ، هو ڪاڏي ويو؟“ انور پٺيان اچي ٻانھن کان سٽيندي ڪاوڙ مان چيو، ”خداءِ انڌو جو ڪيو ٿي پوءِ......... چڱو هاڻي ماٺڙي ڪري هيڏي ٿي ويھہ.“ انور جي اوچتي ۽ زومائتي سَٽَ ڏيڻ تي مان فرش تي وڃي ڦھڪو ڪيو. ڪرڻ سان مَڳَزَ ۾ اهڙو ڌڪ لڳو جو اکين اڳتان اوندھہ وري وئي. پوءِ تہ اها سڄي رات رُنس. صبح جو اٿي هنيانءُ هلڪو ڪرڻ، روح ٻيءَ روءِ ڪرڻ لاءِ لطيف جي صحن ۾ ويس. غازي عباس جي عَلم هيٺان ٻئي هٿ کڻي دعا گهريم، ”لطيف تون وڇڙيا ملائين، رُٺل پرچائين. هن غازي عباس جي عَلم صدقو، مون کي بہ ملاءِ.منھنجو عرض اگهاءِ. مان کي آزاد ڪر. هاڻي مان کي ڇڏاءِ تہ وڃي ساڻس آخري ايام گڏ گذاريان. پنھنجو ڪيل واعدو نڀايان. بس، مان کي ٻيو ڪجهہ نہ ٿو کپي. منھنجو ڪو ٻيو سوال ناهي. مان کي آزادي گهرجي. مان کي آزادي........“ چوندي چوندي جذبات وچان ڍنڍڪران ڏئي روئڻ لڳي. وري هڪ ڀيرو ارمان، اڌما، وري هڪ ڀيرو اوراڻا، جهوراڻا، روڄ راڙو، پِٽڪو ڪُٽڪو، ”مان آزاد ٿيس! ها، مان آزاد ٿيس، هئي ڙي لطيف....... بيشڪ آزاد ڪيئي. بيشڪ آزاد ڪيئي. هن آزاديءَ کان تہ موت اچي ها، قبر ۾ سمھارين ها. انور جي هٿن ۾ ئي سَرهو ڪرين ها. ھھڙن عذابن کان بچائين ها. مان آزاد ٿيس. مان آزاد.......“ هوءَ روندي روئندي رئي جي پلانڌ ۾ ٻڌل اخبار کي هٿ ۾ ڪندي کٽ تان اٿڻ لڳي ۽ مان کيس ٻيھر ترسائڻ جي سگهہ نہ ساري ڇڏي ڏنو سندس حال تي. هوءَ وئي پر پوءِ تائين کيس وڌيڪ کوٽڻ جي هورا کورا من ۾ رهي تہ هن جو عشق ڪيئن، ڪٿي ۽ ڪھڙي نموني ٿيو!؟ ان عشق ۾ اڳرائي ڪنھن ڪئي ۽ پٺتي ڪير رهيو؟ ان معاملي کي لڪائي رکڻ، ايڏو سارو عرصو مٿس پردو پيل!؟ ۽ پوءِ پڇاڙيءَ ۾ ٻيھر ملڻ جي چاهت، ٻيھر ملڻ جي سڪ!؟
ٻي جيڪا اهم ۽ سوچڻ جوڳي ڳالھہ سا هئي هن خاندان ۾ مشھور ماڻھن لاءِ سڪ، قرب وارو جذبو!؟ ان جذبي تحت ئي وزيران جيان سندس وَڏِوَرِ ڌيءُ مونا بہ سنڌ جي ڪنھن چڱي چوکي مشھور ماڻھوءَ سان لئون لڳائي ويٺي. جنھن عشق، محبت جو داستان بہ ڊگهيرو آ. حيرت آ، اهو انھن وٽ گڻ آيو ڪٿان!؟ سندن مشھور ماڻھن سان عشق. نالي چڙهيلن سان پريت!؟ منجهن جادوئي اثر! سونھن سينگار! عام ماڻھوءَ کان اوچا خيال!؟ عام ماڻھوءَ کان اتم نگاھہ!؟ عام سوچ کان اُتم اُڏارَ!؟ ڪنھن ٻئي ڀيري سندس ان خانداني اُتم اڏار جو سبب پڇيم:
”وزيران، ڏي تہ خبر اوهان ماءُ ڌيئن وٽ اهو گڻ آيو ڪٿان!؟ ڪٿان اوهان عشق، محبت جي چُڪي چاڙهي!؟ ڪٿان اوهان جي مزاج ۾ مشھور نالي چڙهيل ماڻھن سان سڪ، قرب رکڻ وارو اعليٰ ۽ اُتم جذبو سمايو!؟ ڇا عشق، محبت لائق اهي مشھور ماڻھو، فيلسوف، فنڪار، رانديگر ۽ کلاڙي ئي آهن ۽ باقي؟ هي وڏيرا ننڍيرا؟ عام ماڻھوءَ جو تہ سوال ئي ڪھڙو پر هي اعليٰ عادتن ، ڪارن بنگلن وارا؟ هي شاهوڪارن جا سھڻا سيبتا ٻار؟ ڇا انھن وٽ عشق ڪرڻ جو افعال ڪونھي؟ اهي پيار پريت مان نہ ڄاڻن؟ انھن تي اوهان جي اک آخر ڇو نہ ٿي ڦري؟“
منھنجن اهڙن سوالن تي پڪ ئي پڪ مرڪي پوي ها يا ڦونڊ ۾ ڀرجي وڃي ها، جيئن عام موقعن تي عمومن ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پر هوءَ نہ ڪو پنھنجي ساراھہ تي ڦونڊ ۾ ڀرجي وئي هئي ۽ نہ ئي وري ڪو بود ۾ اچي ٽھڪڙن ۾ پئجي وئي هئي. هن جو تہ ڪڏهوڪو من مري چڪو هو. هن تہ هاڻي عمر لاءِ مرڪ، کِل، کجڪي کان قسم کڻي ڇڏيو هو. هن تہ هاڻي ڪارو لباس اوڙهڻ ۽ پيرين اگهاڙي رهڻ جو پنھنجو پاڻ کان وچن ورتو هو. هاڻي اهڙيون ڳالھيون سندس لاءِ نيچ ۽ ڪميڻائپ واريون هيون. هن جي کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ چال چلت ۾ هزاروڻو ڦيرو، ماڻھو وزيران جي ڳالھائڻ لاءِ سڪن ۽ وزيران جي وات تي چُپ جي مھر. ماڻھو وزيران جا ٻہ ٻول ٻڌڻ لاءِ آتا ۽ وزيران جا وري چَپَ سبيل. ماڻھو وزيران جي وات ڏي ڏسن ۽ وزيران وري ويچارن ئي پنھنجن ۾ وچڙيل. ٽيپ ريڪارڊ تي جلال جو ڪلام تہ گونجي پيو پر ٽي وي ڏسڻ لاءِ، سٺا سٺا پروگرام ڏسڻ لاءِ ماڻھو موڪِل، سڏ، ڪوٺ ڪرڻ باوجود ڪونہ اچي! ايئن ڄڻ ٻيھر انور مئو هجي. ٻيھر مڙس جي ڍنگ جا ڏهاڙا پورا ڪندي هجي! جڏهن تہ اڳ بار بار ٽي وي پروگرامن بابت آڏي ابتي پڇا ڪندي، نئين راڳ، نئين آواز، نئين نِيھن، نئين ناتي بابت ٻولا چاريونڪندي. خبرون چارون، حال احوال، ڪجهہ ڏيندي تہ ڪجهہ وٺندي. مثلن:
”سيٺ، ڀائين خادم شاھہ جي زال ڊاڪٽر روشن سان ڀڄي وئي!؟ ابوءِ....... عشق نہ پڇي ذات. ڇا سيدياڻي ڇا اُمتي. پوءِ اڃان اسان ڄٽن ڏي ڏوھہ آ؟ ننڍڙا ٻار مڙس جي ڇڏيل ڌن دولت، ماڙيون، بنگلا، سڄي ميراث پر سيٺ، لڳيءَ کي لک لعنت آ. لڳيءَ کي..... هونءَ وري روشن ۾ ڪھڙا لعل لڀندا آهن؟“
”سيٺ، ڀائين گلاب شاھہ اُمتياڻي ڀڄائي ويو......!؟ پوءِ سيدياڻيون ڪي کُٽيون هُيس. هن کي وري ڪھڙا هَسَ پيل هوندا. هوءَ وري ڪھڙي پاءُ گلن ۾ تُرڻ واري بالي هوندي. ڪھڙو وري حُسن هئس. ڪاري ڪڻڇي، اوندھہ جو ڏِيو پر هاءِ ڙي ست پيڙهيون ڪٽيائين ڪاريھر عشق!...... هاڻي وڃي يڪو هڏ پاڪ ڪرائي.“
”سيٺ، ٻُڌڻ ۾ ٿو اچي تہ ڀنگي ڪلھوڙن واري پير، جنھن عشق جي انڌ ۾ اچي الائي ڌن دولت جي لالچ ۾ اچي پوڙهي پيءُ کي ماريو هو. تنھن جي پُٽ ڀائين موچياڻي پرڻي آهي!؟ چون ٿا منھنجو سن آ، ڏاڍي رهائي سھائيءَ واري آ. ڇوڪرو پاڻ تي ڇڪن ٿيس الائي سندس مُڏي مال تي!؟ پر سيٺ، عشق جي ذات بہ ڪا ڏاڍي الستي آ. نہ ڏسي ذات نہ پاڙو. نہ ڪڙم نہ قبيلو، نہ رنگ نہ روپُ، نہ عمر نہ وهنوار.....!! ڀائين ذوالفقار علي ڀٽي جي ماءُ بہ سر شاهنواز سان ڏٺي جو پرڻو ڪيو هو؟ ڀُٽي جي پُٽ بہ تہ عشق مان شادي ڪئي آهي. پوءِ ڪاڏي سنڌ ڪاڏي لالن پٺاڻن جو ملڪ ڪنڌار. ڌيڻس بہ کمبھاٽي کٽيءَ سان پرڻي آ، پوءِ لڳي وين الائي لکئي جو سڱ!؟....... بس سيٺ، لڳيءَ کي لک لعنت آ نہ تہ ڪير ککي ڪير کاري؟ ڪير نوري ڪير مھاڻي، جو ڄام پيو ڄار کڻي!؟ مُٺي جلال بہ تہ ڇا چيو آ:
اچي نيٺ اٽڪيون، اکيون تنھنجون منھنجون،
ولين جيان وري ويون، دليون تنھنجون منھنجون!!“
هن پوءِ پنھنجي اکين اٽڪڻ واري احوال ۾ ٻڌايو هو:
”مان چڱي ٽَٻرَ آهيان، جو نئون ديري ۾ ناٽڪي ملاکڙو لڳڻ شروع ٿيو هو. ملاکڙو ٽي ڏينھن ساندھہ هلندو هو. جنھن ۾ تَرَ جا وڏيرا، سيٺيا، بات بات جا ماڻھو، پري جا پھلوان، اترادي توڙي لاڙي ملھہ، اهي سڀئي پھلوان چونڊجي ايندا هئا ۽ اچي نئون ديري منجهہ آکاڙو هڻندا هئا. پوءِ پھلوان ڏيندا بہ هئا تہ وٺندا بہ هئا. آخري ڏينھن تي پھريون، ٻيون ۽ ٽيون نمبر ايندڙ پھلوانن ۾ انعام ورهايا ويندا هئا. آفرين ناما ڏنا ويندا هئا. ان سڄي انتظام جو آڳڙيو درل فقير هوندو هو. جنھن جي هٿ پڄندي مڙئي سبيل هئي. هن تي خانبھادر احمد خان جو بہ مڙئي چڱو راضڙو هو. ميلي تي دڪان لڳندا هئا. کوڙ ساترا شئي شڪل، مٺائيءَ وارا پيا هوڪا ڏيندا هئا. ماني کائڻ لاءِ نانوائن جا هوٽل هلندا هئا. تنھن زماني ۾ مان ننڍڙي هُيس. پر سمجهہ ڀري. ان تنھنجي ڀيڻ کان ٿوري لائيري. رنگ جي پڪيرڙي، سانوري، سنھڙي، سيپڪڙي، جھڙو لئيءَ جو جهانڀو! اينٿري، اَڻَ جهل. ماءُ تہ ننڍي لاڪون مري وئي هئي. سو پاليو هئم مرحيائت بابي....... بابو بہ يا عمر رَنَڙُ رهيو. اصلي ٻي شادي نہ ڪيائين. ڀائين، منھنجي شادي شرناءِ سان آهي. هو ڏاڍي سُٺي شرناءِ وڄائيندو هو. هاڻي تہ الائي ڪھڙا اهي توتارا نڪتا آهن. پر اڳي ان ساز جو ڏاڍو داد هو. مان جا لاڏ ڪوڏ مان پليل. پيءُ جي سڪيلڌي، سو اندر ٻاهر ڌالي وڇير جيان سدائين بابي جي ڪڍ. بابي جو اٿڻ ويھڻ چڱن ماڻھن سان. سندس ڏاڍي سُٺي مڃتا. بازر مان لنگهون تہ هندو سيٺيون جهول مٺائيءَ جا ڀري ڏين. ڏنگهين، مصرين جا سيرن جا سير. بابو چوي، کاءُ ڌيءُ پر گهڻي مان آخر ڇا کائجي. کائڻ جو لالاکرو هو چاچو گجو پر اهو بہ سدائين ٻاهر ٽڪاڻي جي ڪڍ. ٻيو ڪو ڀاءُ ڀاڄائي تہ هو ڪونہ. بابي تہ اڃان شادي ڪئي پر چاچي تہ مورئون شادي ئي نہ ڪئي. شاديءَ جو نالو کڻ تہ ڏوڻڪَ چڙهيا وڃنس. شاديءَ کان اصلي وئون وڃي...... بابو شرناءِ وڄائيندو هو، اهڙي جو عجب جھڙي. اوري پري جا ماڻھو کيس شادي مُراديءَ تي ڪانڍي ويندا هئا. هئو بہ اصلي مھڙين جوڙ جو. ان زماني ۾ بابي سان جوڙ ۾ هوندا هئا رمضان فقير مُتو وڄائڻ تي ۽ دُهل تي هوندو هو گل فقير. سندن ٽولو ڏاڍو مشھور ٿيو. مسلمان تہ مسلمان پر هندو سيٺيون کين ڊائي ڇڏيندا هئا. ميلي ۾ بہ ڳائڻ وڄائڻ جو ڪم بابي جي بِلي هوندو هو.
مان بابي سان گڏ ملاکڙي جي ميدان ۾ ويندي هُيس. پوءِ جيڪو پھلوان ٻئي کي دسيندو هو، سو پنھنجي ساريءَ تي سرهو، سڄي چوگان ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندو، موج مستءَ مان مشڪندو، ڏسندڙن کان روڪڙ وٺندو بابي سان مخاطب ٿيندو هو، وڄاءِ فقير وڄاءِ..... ڪُٽِ فقير ڪُٽِ. هائو صوف فقير هائو....... تڏهن بابو سندس خيال سمجهي مرڪي داد ڏيندي اکين ئي اکين ۾ ٻين سازيندڙن کي ٽاهو وڄائڻ لاءِ چوندو هو. دهل تي ٽاهو ۽ هو جمالو جي سُر تي کٽيندڙ پھلوان پئسن جو ٻُڪ کڙڪائيندو، جهمر هڻندو پنھنجي ويھڻ واري هنڌ ڏي ايندو هو..... ان کيل تماشي کان پوءِ رات جو ملھن جي سيوا، ٽنڊوالي، بابو سندن ٽھليو هوندو هو. سڄي سڄي رات آئڍان، سوٽان، تيل مالش، کاڌا، پيتا، نشا پتا، گهرڙ گهوٽ اَلھہ بنيءَ جي اوٽ. سندن رهائش جو بُنو اسان جي گهر پٺيان دُرل فقير جي ويڪري ڪشادي اوطاق هئي. بابي جي پھلوانن ۾ ڏاڍي عزت هوندي هئي. ان ڪري هو مان کي بہ گهڻو ڀائيندا هئا. مان کي کوڙ خرچي ڏيندا هئا. بابو کين جهليندو هو تہ، نہ ڏيو، ايئن ٻار جي عادت خراب ٿئي ٿي پر هو حجائتو ٿيندي چوندا هئا، ”فقير واھہ چئبو اسان ڌاريا آهيون، جھڙي تنھنجي نياڻي تھڙي اسان جي.“ تنھن زماني ۾ شير بہ ميدان ۾ نئون نئون پيو لھي. کيس ڏاڙهي مُڇ جي ٿوري ٿوري ريھہ ۽ مان تہ صفا ننڍي. پوءِ جڏهن سندس پھلوانيءَ جو ڏونڪو وڄڻ لڳو تڏي منھنجي عمر اها يارنھن ٻارنھن سال هوندي. ٻئي سال ئي مان کي ستُر ۾ ويھاريو ويو. چاچو ڏاڍو خار باز هو. تنھن کي اها ڳالھہ ڪانہ وڻندي هئي تہ ڪو مان بابي سان ايئن ڇڙواڳ گهمندي وتان. هڪ ڏينھن تہ ان ڳالھہ تان ٻہ ٽي چاٽيون بہ وهائي ڪڍيائين، ”ڌياڻيو ڌڻ، وتين پراون ماڻھن سان چاگها ڪندي، ويھي رھہ گهر ۾. اڳنا واسطي نڪر، نڪر تہ ٽَنگَ تہ ڀڃانءِ.“ تڏي بہ چاچو نہ هوندو هو تہ مان ساڳو ئي ٻاهر نڪرندي هُئس. پر هاڻي....... هاڻي تہ جوان ٿي هُيس. وهيءَ ۾ پير پاتو هُئم. هاڻي ڪيو ڪرتيو، رڌو پڪو، سٺو بار مٿي تي اچي ويو...... ٻاهر نڪرڻ واري زماني ۾ ٻين پھلوانن وانگر شير بہ مان کي گهڻو ڀائيندو هو. خرچي بہ ڏيندو هو. چوندو هو، ”ڪوئل هان هي آڌي، وڃ، وڃي پاڻ بہ قلفي وٺي کاءُ ۽ مان لاءِ بہ آڻ.“ هن جي طبيعت ڏاڍي شرارتي هوندي هئي. هو مان کي جيترو ڀائيندو هو اوترو چيڙائيندو بہ هو. ٻہ ٽي ڀيرا تہ ساڻس رُٺس پر بابا وچ ۾ پئي ٺاھہ ڪرائي ڇڏيندو هو. مان کي ڪوئل نالو تہ وڻندو هو پر ڪاري ڪوئل ڪوٺڻ تي چڙي پوندي هُيس. ان رُسامي کان پوءِ ڪڏي ڪڏي هو ڪوئل چئي سڏيندو هو پر مان چائنٺ ٻاهران يا در جي تاڪ ۾ ڇپ هڻي بيٺي رهندي هيس...... ڪھڙا تہ وَکَتَ هئا، ابوءِ...... سيٺ، ڪھڙيون ٿو ڳالھيون پڇين، ڪھڙا ٿو سور اٿلائين...... ايئن ئي هڪ، ٻہ، ٽي، سالن پٺيان سال گذرندا رهيا. مان گهر ۾ واڙي ويٺس ۽ شير ميدان ماريندو، پاڻ موکيندو رهيو. کيس پھريان جا مشھوري ملي سا راڻيپور ۽ گمبٽ جي ملاکڙن ۾ ۽ پوءِ هِتِ اسان وٽ. هڪ ڀيري تہ خانبھادر احمد خان ڀٽو سندس سوڀ ڏسي مٿس ڏاڍو مھربان ٿيو. کيس پنھنجي جِيپ ۾ ويھاري ڳڙهي ڀٽو وٺي ويو. اتي ساڻس جَتن ڪيائين تہ شير وٽس رهي، پلي، پر شير هٿ ٻڌي کائنس اجازت گهُري. تڏهن پنھنجي مينھن جي واڙي ۾ وٺي وڃي بيھاريائينس، ”ڪاھہ ميربحر، جيڪا ڀلي وڻئي سا ڪاھہ. پُٽَ وڃي کير پيءُ، کير تو جھڙا پھلوان ئي پيئن.“ مان پھريان ڪا سندس هات تات ڪانہ هئي پر پوءِ...... گهر ويٺي سندس پھلوانيءَ جا قصا پئي ٻڌندي هُيس. بابو ايندو هو تہ ملاکڙي جو سربستو احوال ٻڌائيندو هو. ڪڏي ڪڏي اوچتو ڪو کاڌو يا ٻي ڪا شئي تيار ڪرائڻي پوندي هُين تہ بابو ئي سندن اٿيءَ ويٺيءَ سان منھن ڏيندو هو. مان باقائدي صفائي، سٺائيءَ سان کاڌو تيار ڪري ڌوتل صاف ٿانون ۾ وجهي رومال سان ڍڪي موڪليندي هُيس. پوءِ ڪڏي ڪڏي رناڻو روح ٻن ٻولن ٻڌڻ لاءِ آتو، ساراھہ جو سوختو. ڪوٺي تي چڙهي پلويڙي جي ڪانَسِ کان ڪنُ ڏئي ٻڌندي هُيس. پھلوان منھنجي صفائي سٺائي ۽ کاڌي جي ڏاڍي نيڪي ڪندا هئا. شير تہ ساراھہ ڪندي مورئون ٿڪبو ئي نہ هو، ”واھہ فقير واھہ.....! تنھنجي ڪوئل تہ سچ بہ رنڌي ڄاڻي. واھہ جو ڪوئل جي هٿ ۾ شِيري آ. واھہ جو ڪوئل جي کاڌي ۾ ساءُ آ.“ اهڙن ٻولن تي مان ڏاڍي خوش ٿيندي هُيس. اصلي وڇائجي ويندي هُيس. ڪڏي ڪڏي لڪي لڪي جهاتي پائي پلويڙي جي ڪنھن ڪنڊ، ڀِت جي ڏار يا ٽنگڙي مان اک وجهي شير کي ڏسندي هُيس. گهاٺي ڪاٺيءَ سان وڏو پٽڪو، وڏا ڇھپر. هيئن ڏس تہ ڄڻ سچ بہ ببر شير!..... ميلي جا ڏهاڙا مان کُٿي نہ پڄندي هُيس. بابي پھلوانن جي باري ۾ ڪوڪم چيو ناهي ۽ مان ڪيو ناهي. بابي کان ملاکڙي جو سربستو حوال، هڪ، هڪ اکر، لفظ، لفظ پڇندي، ٻڌندي هُيس. گهر ۾ بند رهندي ساھہ منجهڻ لڳندو هو. من اُڌما کائيندو هو. دل ڏاڍو چاهيندي هئي ٻاهر نڪرڻ لاءِ. من ڏاڍو مست هوندو هو سامھون شير کي پَسڻَ لاءِ، پر....... هو هاڻي ڏاڍو مشھور ٿيو هو. اصلي چوٽ چڙهيل. هنجي سورهيائي، هن جي پھلواني ۽ ان مشھوريءَ جو ٻڌي من مست ٿيندو هو. دل باغ بھار ٿيندي هئي. الائي ڇو هن جي ڪاميابي پنھنجي ڪاميابي ڀائيندي هُيس. هن جي ساريءَ تي ساري رات سرهي گذارڻ لڳس ۽ ميلي پڄاڻا........ ملاکڙي خلاص ٿئي کان پوءِ وايون بتال ٿي وينديون هيون.ساھہ ساھہ ۾ نہ ماپندو هو. اکيون ڏرا ڏئي وينديون هيون. منھن سسي سڪي ويندو هو. ڳچ ڏينھن پوءِ تائين بہ بيمار رهندي هُيس. نہ ڪم ڪار تي دل نہ کاڌي پيتي تي ارواھہ! سارو سال انھيءَ سوختِ ۾ گذاريندي هُيس. پوءِ جڏهن وري ميلي جي مند موٽي ايندي هئي، ملاکڙي جي تياري شروع ٿي ويندي هئي. هڪ هڪ، ٽولا، ٽولا ٿي پھلوان پھچڻ لڳندا هئا. تڏهن وري ساھہ سُرت ۾ ايندو هو. مَڳَزُ جاءِ ٿيندو هو. ڪم تي ارواھہ چوندو هو. اَنَ تي اُرڌ ٿيندو هو، دنيا جھان وڻندو هو.......
دُرل فقير جي مڙئي بابي سان گهاٽي هوندي هئي. هو ڪيڏي ڪيڏي مھل اسان جي گهر بہ ايندو هو. ميلي بابت يا ٻي ڪا صلاح مصلحت، ڳڻ ڳوت ڪندو هو. سو هڪ ڀيري فقير آيو، مان ڏاڍي سندس خوشامند ۽ چاپلوسي ڪئي. ميلي بابت ۽ شير بابت کائنس ڏاڍي پُڇ پُڇ ڪئي. فقير هو مڻيا وارو، ڏاڍو سياڻو، سو هو بہ منھنجي اندر جي ڳالھہ کي پروڙي ويو، سڄي ڳوٽ ڀڃي ويو، ”ڇو ڇوري شير کي ڏاڍو ٿي سنڀالين؟ اچي تہ نہ وئي ٿي ڪا مصالي چپٽي سبيل!؟“ نيٺ ساڻس اندر جو سُر سلي ويٺس. دل جي ڳالھہ ڪري ويٺس. ٻڌي پھريان تہ هن کي ڍڪر وٺي ويا پر پوءِ تعجب کائيندي پڇيائين، ”مان بہ چوان....... ڇوري ڪٿي تہ وڃي اٽڪي آهي. پاڻ ڏاڍن سان پئي سندا ساهين. تنھنجو ميزان ئي گهڻو آ، وِتُ ئي ڪيترو آ!؟ لھي وڃ، لھي وڃ ان ڇيڏڪ تان. اجايو اچي نہ وڃئي خواري سِرَ تي. پوءِ يا عمر پئي عذاب پَسين. ڪنواري ئي ويھجي وڃين..... صوف فقير جي هيڏي عزت. چاچھن جو هيڏو ڏهڪاءُ، ڇو ٿي پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو وهائين! ڇو ٿي کُٽي کڻئي....... نئون ديري ۾ تولاءِ ٻيا ڪي کُٽا آهن، جو ڳولي بہ........ نہ نہ ڇڏي ڏي ان ڳالھہ کي، ڇڏي ڏي........ هو ٿيو پرديسي، توسان ڪو سڄي عمر ٿورئي نڀائيندو يا ڪو گڏ جاليندو. هن کي ڪھڙي کوٽي آ جو.....“
پوءِ کيس پيرين پيس، رئو لاهي پيرن تي رکيم، سچي سردار جا واسطا وڌم، علي سائينءَ جو قسم ڏنم. نيٺ وڃي مس مس مڙسالوءَ مڃيو. ميلي ۾ ڪي ٿورا ڏينھن بچيا هئا. ميلي جي مُند بہ آئي. شير جي اچڻ جي سُڌ پئي، سندس نالو ٻڌي مان ڊڄان ۽ دهڪان. ڪيڏي مھل ملڻ جي خوشيءَ ۾ ڦولي نہ سمايان تہ ڪيڏي مھل سوين اوٺا سوٺا خيال اچن. ڀلا مان ٿيس الھڙ. سامائيءَ کي بہ ڪي ايڏا ڏينھن ڪونہ ٿيا هئا. منھنجا ڪٿي هئا اهڙا ڌنڌا اٿلايل، ڪٿي ٿيا اهڙا ڪارخانا هلايل. پھرين ميلي واري تہ خير پر ٻي رات لاءِ دُرل فقير کُڙڪ ڏئي بہ ڇڏي. مان کيس شير لاءِ بادشاهڻ ڳاڙهي مصريءَ جا ٻہ ٺوٺ جيڏا سنگ، ڏونگهيءَ جا ڍڪڻ جيڏا چار کوپا، ڪجهہ اخروٽ، باداميون ۽ هڪ سوني مُنڊي ريشمي رومال ۾ ويڙهي ڏنيون. فقير وري سومھڻيءَ ڌارا آيو، ”سنبر پُٽ، رات ٿيءُ تيار، لھہ اڏيءَ تي.“
”سيٺ، قرآن ۾ پت ڪرين، بُتَ ۾ ڪنبڻي اچي وئي. مان پنھنجي هوش ۾ نہ رهيس. مان کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ آيو. مان پنھنجو هوش حواس سڀ وڃائي ويٺس! مان کي نفعي نقصان جي ڪا سُڌ ئي نہ رهي. سنڀال تہ سھي، ان وقت ڪھڙي منھنجي عمر هئي، ڪھڙا ڪي ڪارخانا هلايل هئا! اها ٻارنھن چوڏهن سالن جي، رڳو وارن جو ڀراءُ باقي سنھڙي سيپڪڙي. نہ ڪنھن جي ٽيڪ نہ آسرو. نہ ڪا ساٿياڻي نہ حال ڀائياڻي پر وري بہ....... مان کي دلجاءِ هئي دُرل فقير ۾ پڪ هيم تہ غداري نہ ڪندو، ٻيائي نہ ڪندو. ضرور توڙ رسائيندو. آخر رات ٿي، بابو پھلوانن جي ٽھل ٽڪور ۾، مان اڪيلي گهر ۾. سوين وِسوِسا ۽ سوداءَ. پوئين رات وڏي اسر مھل بابو گهر آيو تہ بہ مان جاڳان پئي. سڄي ڏينھن جي ٿَڪ ۽ اڌرات تائين اوجاڳي بابي کي پھچائي ڇڏيو هُن جھان ۾ پر مان ڇا ڪيان!؟ مان ڪنھن جي ٿيان؟ ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو. نيٺ جيئن تيئن ڪري کٽ تان لٿسِ. پھريان پيشاب جو بھانو ڪري پُئيءَ ڏانھن ويس پوءِ پير پير ۾ ڪري مٿي ڪوٺي تي چڙهڻ لڳس. ڪوٺي تي چڙهي پلويڙي جي اوٽ ۾ اوهراٽيم، هيٺ ٻاهر اوطاق جي آڳر ۾ شير کي پسار ڪندي ڏٺم. سڃاڻيندي تہ هئي مانس ٻيو تہ رات بہ چانڊوڪيءَ جي هئي. سوچيم، بيٺو تہ منھنجي انتظار ۾ آهي پر هاڻي....... ٻيھر ڏڪندي ٿڙڪندي هيٺ لھي آيس. بُت مان پھر نڪري پيا. سيٺ، ساڻ ايمان جي، جي سچ پڇين تہ دل من هڻي ويس! هاڻي توسان ويٺي ڊاڙان هڻان تہ مان ھھڙي دلير هئس، نہ نہ. بس، وڃڻ جو ارادو لاهي ماٺڙي ڪري ٻيھر کٽ تي آهلي پيس. پوءِ تہ سيٺ، خبر ناهي ڪيئن اٿيس، ڪيئن ٻاهرين دروازي تائين پُڳس! ڪيئن ڪڙو لاٿم، ڪيئن در ورائي ڪڙو چاڙهي شير تائين پھتس ۽ وري ڪيئن ٻانگ مھل واپس اچي کٽ تي ڪريس!! سيٺ، سچ پڇين تہ اڄ بہ لڳندو آهي، اها مان ڪانہ هُيس پر منھنجا ملائڪ هئا........
ان رات کان پوءِ ٻي رات، ايئن منھنجو لغالم لھي ويو. پوءِ هر سال ميلي جي سمي، ميلي کان ڪي ٻہ چار تاريخون اڳ ۾ ايندو. مھمان ٿيو ٽڪيو پيو هوندو. ڀلا ھھڙي نانءَ ناموس واري جي ماني ڪنھن تي بار ٿيندي! ويندو تہ وري ميلي جي پڄاڻيءَ کان ڪي ٻہ چار روز پوءِ ان وچ ۾ ورندي ٻئي سال جي ميلي کان اڳ ۾ ڪي ٻہ چار چڪر هڻندو....... اها خبر پھرين ڏينھن ۾ ئي پئجي وئي تہ مائي حاڪم ميربحر، غوثو ڪلھوڙي سان ۽ زائفان عجيبان، انب شيديءَ سان ٺھيل آهن. پوءِ تہ مان بہ ساڻن سُر ملايو. پوءِ ٽئي ڄڻيون هڪ ٻئي جو جهُٽ ٿي ويون سين. ميل ميلاپ، ملاقاتن تي گڏ نڪرون. پروگرام ۽ کاڌا پيتا گڏ ٺاهيون. مطلب تہ ٽنھي جي ڪنيشن هڪ ٿي وئي. اڳتي هلي شايد ٽئين سال جي ميلي جي موقعي تي هنن ٻنھي زائفن پنھنجن يارن سان نڪرڻ جو پروگرام رٿيو. هنن مان کي بہ صلاحيو. مان بہ ساڻن هم رڪاب ٿي بيٺس. اها خبر شير تائين پھچايم. هن بہ ڏوري تي هٿ هنيو پر ڏس جو قصو ٿو الٽو ٿئي.“
”ڪيئن الٽو ٿي ويو!!؟“
”ڪيئن الٽو ٿي ويو.“ انتھائي نراسائيءَ وچان، ”دُرل فقير الٽو ڪري وڌو!“
”ڪيئن......!؟“
”ڪيئن وري ڪيئن، هن کي پنھنجي ذات جو ڪھڪاءُ آيو. ڇو تہ حاڪم مائي بہ مھاڻي هئي، جيڪا غوثو ڪلھوڙي سان نڪرڻ لاءِ تيار ٿي ۽ پڻ ساڻس ٺھيل هئي. هن کي اها ڳالھہ ڪانہ وڻي تہ ڪو ٻين سان گڏ سندس ڪا مائٽياڻي بہ سندن عزت کي ليئولائي ڀڄي نڪري. هن ٻنھي عورتن جي مائٽن کي ئي نہ پر مان کي بہ گهڻو دٻايو، هيسايو. بابي کي ٻڌايو، ”ڌيڻين جا هي پرڪار آهن.“ جڏهن ٿي رات تہ ٻئي عورتون ٺھيل پروگرام موجب نڪري پيون پر واٽ تي ئي پڪڙجي پيون، جنھن پڪڙ ۾ هنن جي ڏاڍي ڦشري ٿي...... سيٺ، ميلو تہ ويو ان ڏينھن کان ڦِٽي ۽ اسان جو ملڻ بہ في الحال مھال ٿي پيو....... ڳچ ڏينھن کان پوءِ شير آيو. بابي کي سڏايائين، منھنجو سڱ گهريائين. اها ”مَيتڙي“ تہ اڃان بہ گهڻو پوءِ کيائين...... بابو مڃي ويو پر چاچو پِڙُ ڪڍي بيٺو، ”اها ڪنھنجي ڳالھہ، تون اسان جو ڪارو آن، توڏي اسان جو پلانڌ آ. تو، اسان کي ذليل ڪيو آ.“ شير بابي کي سمجهايو، سوچرايو، دل گهرين ٽَڪنِ جي آڇ ڪئي. قرآن مصاف جا واسطا وڌا پر ڏائڻ چاچو نہ جو کڻي مڙيو. جھڙو بابي کي تھڙو مان کي متيم ڪيائين. شل هڏن کي باھہ لڳيس. دوزک ۾ پوي. ماريو قھاري. ”پوءِ ڏاڍ مُڙسي تہ ڏاڍ مُڙسي.“ شير بہ کين ڏاڙهيءَ جو سُخن ڏنو، ”ادا جي رس راض ۾ نٿا ڏيو تہ کڻي بہ ويندو سانوَ، تھان کي ها ها بہ ڪڍ آ. جيڪو منھنجو پٽڻو هجيوَ سو پٽجو. تھان عزت مان نہ ڄاتو. بي عزتي سان بي عزتو ٿيڻ ضروري آ.“ بابو ويچارو اٻوجهہ. وڏي عزت وارو، تنھن شير کي پنھنجي اڇي ڏاڙهيءَ جو واسطو وڌو، ”شير ايئن نہ ڪر، ايئن نہ........ ٻيلي جوان ٿيءُ، ٻيلي مُڙس ٿيءُ. جھڙو نالو ٿي تھڙو ٿي ڏيکار، منھنجو ڀاءُ لانگڙ لاھہ ٿي بيٺو آ پر تو تہ........ مان کي اڇيءَ ڏاڙهيءَ ۾ مھڻي هابُ نہ ڪر. مان کي بي عزتو بڇڙو نہ ڪر...... ڪي ٻہ گهڙيون گڏ گهاريون اٿسين. ڪي ٻہ ٽھڪ گڏ ڏنا اٿسين. اڄ تون ايئن ڪندين تہ ڇا چوندو راڄ. نہ ڪو توکي چڱو چوندو ۽ نہ ئي وري...... ٻيلي ان ڳالھہ تان لھي وڃ، ان بينش تان لھي وڃ. توکي وزيران سان مطلب نہ؟ توکي وزيران ملندي پر ٿورو صبر ڪر، ٿورو ڌيرج ڌر. اسان جي گهر ۾ ٽمجهڻ نہ وجهہ، اسان جي گهر ۾ جهيڙو نہ وجهہ، اسان ڀائرن کي نہ ويڙهاءِ ۽ پنھنجي بہ نالي کي نہ ٽِڪو لڳاءِ. تون پھلوان آن، تنھنجي هرجاءِ مان مرجا، تنھنجو هنڌين ماڳين ڌاڪو، تون اهڙو ڪسو ڪم نہ ڪجانءِ. تون اهڙو........“ پوءِ شير بہ سوچي ويچاري کڻي ڇَڙھہ ڪئي. پر ويندي ويندي بابي کان هڪڙو وچن ورتو....... ميلو نئون ديري ۾ بند ٿي ويو. ميلو نئون ديري ۾ ختم ٿي ويو. ميلي جي وڏيري احمد خان منع ڪري ڇڏي. شير جي نئون ديري اچڻ تي پابندي لڳي وئي. پر پوءِ سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور او....... ويندي حيدرآباد تائين جتي جتي، جڏهن ڪڏهن ميلو ٿئي تہ اڳواٽ بابي ڏانھن ڪاڳر اچي، اڳواٽ ڪو خابرو خبر پھچائي. پوءِ اڳ ۾ بابو پٺيان مان. ڪونہ ڪو سبب، بھانو ڏئي اتي پھچي وڃون.
سيٺ، ايئن ئي چرخو چلندو رهيو. پنھنجي تار ڳنڍي رهي، پنھنجو سڪ، قرب وڌندو ويو. هن پوءِ بہ لک لحاظ ڪيا، هزارين عزتون ڏنيون. ڏيڻ وٺڻ ۾ وسان ڪونہ گهٽايو. نڪاح وجهڻ لاءِ همٿايو پر....... مان قولين ڪُوڙي ٿيس. مان ڪِين ڄاتو، مان ڪِين پرايو. منھنجي آڏو پيءُ جي ڪوڙي عزت ئي ڪوٽ بڻي رهي. منھنجي آڏو چاچي جي هيبت ئي هاوي رهي ۽ پوءِ........ پوءِ پنھنجو سلسلو ٽُٽي ويو. پنھنجو رستو کُٽي ويو. هن ٻي عورت کڻي وڃي نڪاح ڪيو. هو پير جهلي ويو. هو پير جهلي ويو ۽ مان اڪيلي رهجي ويس. مان هيڪلي هٿ هڻندي رهيس. مان کي سُورن ۾ سلھاڙي، هن وڃي پاڻ سُکيو ڪيو. هو مان کي ڏکن ڏوجهرن ۾ ڏئي پاڻ پالھو ٿي ويو. جنھن کي ساريندي سالن جا سال رُنم. جنھن کي سنڀائيندي ڪوڙين ڪانگ اُڏايم، جنھن جو ڏک، جنھن جي ياد ڀلائڻ لاءِ جلال جي راڳ، مٺي آواز جي اوٽ ورتم. جنھن جي نينھن جلال جي بھاني ننگو ڪري وڌم. مان مُيس جن لاءِ سي ڪانڌي ڪو نہ ٿيم، ڪانڌي ڪونہ.....
اڄ نہ اوري تون، نہ جوڀن ڏينھڙا،
هاڻي آ اميد، هر هڪ مون پَلي!
پورَ هڪ ۾ گڏ، پتڻ اُڪريا هئاسين،
اڄ نہ اوري تون، نہ ڪنھن ٻيڙي جهلي!!