ٿي ماڪ وسي مئخاني تي
”آخر ڪيسيتائين هيءَ زندگي......!؟ ڇا مليو ا مان کي، ڇا ملندو هن کي؟ ڏيانس گُهٽو؟ ڪيانس پورو؟“
”ڪيسيتائين ايئن رڙيون ٻڌبيون؟ ولھہ ۾ سڙبو...... سور سھبا!؟
”آخر ڇو اسان جي سرير ۾ سيل ٽنبيا وڃن ٿا؟ جيئڻ جا حق کسيا وڃن ٿا.“
”هي وِک وِک تي ويساھہ گهاتيون، هي هيتريون ساريون ويڌنون!؟“
”اسان لاءِ ايڏي نفرت؟ اسان سان ايترا سارا هاڃا!؟“
”هي رڙيون، هي دانھون، هي ڪو ڪون، اهنج ايذاءَ؟“
هن جون اکيون رت روئن ٿيون. رکي رکي اندر جاءِ مان سندس زال جون ايذايل دانھون خاموش فضا جو سينو اُڊيڙي رکن ٿيون. رڙيون جيڪي هن جي دماغ تي هٿوڙي جيان لڳن ٿيون، رڙيون دانھون، ڪوڪون جيڪي سندس روح کي روئاري اندر اڌ ڪري رکن ٿيون تہ ٻئي پاسي سندس نئين ڄاول ڪڪڙي جون ڪيھون ڪنبائي رهيون آهن. سخت مونجهاري ۾ پئجي وڃي ٿو،
”جڏهن مون کان جيئڻ جو حق کسيو ويو تہ هن ابھم کي ڪٿان حق پلئہ پوندو؟“
هن کي پنھنجو ٻالڪپڻ ياد اچي ٿو، ڪيئن نہ پوڙهي پيءُ پيٽَ سان پٿي ٻڌي کيس تعليم ڏياري هئي.
”ڇو مٺل ماءُ، ڇوڪر اسڪول نہ ٿو وڃي؟“
”مان بہ چئي چئي بيٺي آهيانس اوجهو آيو ٿي، پاڻ کان پڇيس.“
”ڇو ابا! اسڪول تہ کليل اهن، تون اتي ٿو ڦرين!؟“
”بس مڙئي.......“
”بس مڙئي.......“ پڻھنس سندس ئي جواب دهرايو، ماءُ کي ماٺ نہ آئي هئي،
”ابا ڏَسِ نہ، جيڪو اهنج هجئي؟“
”بس، مان کان پڙهڻ نہ ٿو ٿئي.“
”پڙهڻ نہ ٿو ٿئي؟“ پيءُ کان ذري گهٽ رڙ نڪري وڃي ٿي،
”تنھنجي وري ڪيئن ٿي ڪل ٿڙي، مان آهيان جو پيٽَ کي مٺيون ڏئي بہ چوان تہ مڙس پڙهي، اسان تہ ٿاٻا کاڌا، من نہ من توکي ڪو سُکيو ٽُڪر نصيب ٿئي. آئون تون آن جو...... ڳالھہ تہ ڪر کُٽو ڇا ٿي!؟“
”تون بہ دهمان تہ بند ڪر، ايڏو لُڙ ڇا لاءِ، پُٽَ نيٺ کپي ڇا ٿو؟“
”مان کان پڙهڻ ڪونہ پڄندو، مزوري ڪندس........“
”اڙي؟“ پيءُ کان دانھن نڪري ٿي وڃي،
”اسان جا پورهيا ئي اڪارتا؟ اوجاڳا ئي اجايا؟ هيترو پڙهيو ان باقي بہ سال اڌ......“
”ها پر ماڻھو ٿُڪان ٿا هڻن، ٽڪي جا ماڻھو سي بہ...... پڙهي اڪ ڪارا ڪندو، پيءُ وتي ڄنگهان گهليندو ۽ پُٽُ وتي رئيس لڳو.... اهڙن پُٽن کان تہ......“
”هُون...... “ پيءُ ڳالھہ جو ڳُر سمجهندي چيو هو،
”تہ ڳالھہ اها آهي، مان بہ چوان تہ چوي ڇا ٿو، پُٽَ ڪن لائي ٻُڌ، اڄ ڏسين ٿو ڪو ڪنھن جي سجهيءَ ۾ ناهي، اهي ماڻھو..... ڪيترا ڀيرا منھنجا بہ ڪنھن ڪن ڀريا، ان ۾ ڪھڙي سورهيائي؟ پڙهي ڪھڙا اڪ ڪارا ڪندو؟ ڪٿي آهن نوڪريون؟ ڪٿان آيون نوڪريون؟ پر مان انھن لغاتن تي ڪڏهن بہ ڪن نہ ڌريا، ڇو تہ چوڻ ڏين، ڀلي پيا چون، ڪنھن، ڪنھن جا وات بند ڪبا“
”اڙي سدائين جڙيا، انھن ڳالھين ڏي ڪن ئي نہ ڏي. جڏي نہ پڙهي پئين، تڏهن سوين تنھنجا ڳيجهو هوندا.“
تنھن بعس يڪي ساهي منجهائي مئٽرڪ ۽ مئٽرڪ کان بي اي پاس ڪرڻ، پوڙهي پيءُ سان گڏ ڪيترن ئي مِيرن، پِيرن، رئيسن، ڀوتارن جي درن جون چائٺيون چٽڻ ۽ موٽ ۾،
”نوڪريون ڪي اسان جي کيسي ۾ پيون آهن؟“
”سنڌي ماڻھو، گِيس جا گهر، تڏهن جاڳو جڏهن........ جڏهن وزير هو يار تڏهن نہ جاڳيو، هاڻ جڏهن هو بہ لھي ويو تڏهن...... نہ بابا هاڻِ ڳالھہ زور آ.“
”ذليل ڀئنسان، پنج منٽ بہ آرام ڪرڻ ڪونہ ڏيندا، چئونِ صاحب ننڊ ۾ آهي.“
تڏهن، ها....... تڏهن تہ هن پني جي چوٿڙ (ڊگري) کي ڦاڙي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو هو.
”هي ڪاڳر جو ٽڪر ڇا پيٽ جي باھہ وسائيندو!؟“ تنھن بعد بازُن جو پورهيو، پيٽ جي باھہ تي قبو پائڻ ۽ تڏهن کان ئي ڪوڏر جو سندس زندگيءَ جو ساٿي بنجي وڃڻ.
اندران زال جو ڪُوڪاٽ سندس ڪنين پوي ٿو. هو پاڻ سنڀاليندي اندر جاءِ ۾ گهري ٿو. زال کي ٻہ لفظ آٿت جا چئي دل ٻَڌائي ٿو. هن جي اکين ۾ پاڻيءَ جا جهرڻا اچي وڃن ٿا. ڳراٽڙي پائي زال کي آٿت ڏيڻ لڳي ٿو،
”همت ٻَڌ، دل نہ لاھہ، جهاڳي اچي چڙهيا آهيون.“
”الا.... ابوءِ......... هاڻي مان کان سَٺو نہ ٿو ٿئي...... لوهو بند نہ ٿو ٿئي...... سُور پچر نہ ٿو ڇڏي....... ابا، الا........ مان ڇا ڪيان؟ مان ڪيئن ڪيان؟ مان پنھنجي وس ۾ ناهيان.“
”ڏکي سکي رات مڙئي نبھي ويندي سج کي تہ اڀرڻ ڏي، ڏينھن آهي شينھن هڻي هنڌ ڪبو.“
”هئي الا..... هون، هون........ عمر ئي عذاب، غريبيءَ جو گهانگهو ڳچيءَ ۾.“
”زور ڏيانءِ.......“
”نہ نہ...... ڇڏ مان کي........ منھنجي پچر ڇڏ.....“
گهر جو ڀوائتو ماحول ڊيڄاري رکيس ٿو.اکيون نئين ڄاول ٻار تي کُپي وڃنس ٿيون، جيڪو اکيون ٻوٽيون هٿ پير هڻي وات کي مرڪائيندي اوئان اوئان ڪري رهيو آهي.
هن اندر جاءِ جي ڀوائتي ماحول مان تنگ ٿي ٻاهر ٻيھر وِلھہ ۾ اچي بيھي ٿو. پاڻ کي، زال کي ۽ ننڍڙي ابھم کي آويءَ ۾ پچندي، خامندي محسوس ڪري ٿو. هن جون مڙئي خوشيون ۽ پُٽَ ڄمڻ واري آسيس وري جلي رهيون آهن. هن جي دل وري ڦاٽُ کائي ٿي. هن جي آڏو نا اميديءَ جي ٻاٽ اوندھہ ڇانيل آهي. دک ۽ اداسي پاڇي جيان هن کي وڪوڙي رهيا آهن. کليل هوا ۾ بہ هن جو دم گهٽجڻ لڳي ٿو. هن کي لڳي ٿو ڄڻ ورهين کان نا اميدي سندس دل ۾ ديرو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندي هُجي. زال ۽ ننڍڙي جي تڙپ کيس سوچن جي سمونڊ ۾ غوطا کارائي ٿي. هن کي ياد پوي ٿو تہ گهڻو اڳ جڏهن پڻھنس ۽ پاڻ مزوريءَ تي گارو ڪري رهيا هئا ٻنھي پيءُ پُٽن کي هٿن ۾ گپ لڳل ڪوڏاريون، گپ جي ڦينگن جو سندن اگهاڙي بدن تي ڇڻڪار ٿيل، گاري کي اٿلائيندي پٿلائيندي پوڙهي کي طعنو هڻي ڪڍيو هئائين،
”بابا، توهان پنھنجي وقت ۾ ڪجهہ ڪين ڪيو، نہ تہ اڄ هيئن گپ ۾ هٿوراڙيون ڏيڻيون ڪين پوَنِ ها.“
اوچتي سوال تي پوڙهو هراسجي ويو هو، ندامت کان سندس ڪنڌ جهڪي ويو هو. هن نہ ڄاتو هو تہ ڪو اهڙو سوال بہ کائنس ٿي ٿي سگهيو. هن جون اجهاڻل بي سرتيون اکيون کاري مٿان ڦري ويون، ايئن ڄڻ ڪا وڃايل وٿ ڳولينديون هجن. هن جي اکين ۾ سانوڻيءَ جي سنڌوءَ جھڙو چاڙھہ اچي ويو هو. هن هڪ نظر سامھون جهڪيل پُٽ تي وڌي، جنھن جي چِنگهہ سان گڏ ڪوڏي گاري ۾ گپجي کيس گپ جي ڦينگن ۾ ٿڦي ڇڏيو هو. جهڪيل جوانڙو هن جي آڏو ونگوڙي جي شڪل ۾ هڪ سوال بنيو بيٺو هو. سوال، ماضيءَ جو سوال. سوال، حال جو سوال، سوال مستقبل جو سوال. پوڙهي پھريون ڀيرو شايد پنھنجو پاڻ کي مجرمن واري ڪٽھڙي ۾ بيٺل محسوس ڪيو هو. نراسائيءَ مان نرڙ تان گهپ جا ڦڙا اگهندي ڏاڙهي ۽ ڇھپرن کي هٿ هڻندي ڳالھائڻ شروع ڪيو هو، لفظ سندس نڙيءَ مان مروٽجي سروٽجي نڪتا هئا،
”سچ بہ مان تو لاءِ ڪجهہ ڪِين ڪيو ۽ ڪريان بہ ڪيئن ها، جڏهن تہ غلامن واري زندگي گذاري جاهل رهيس. منھنجو ذهن غلامي ڏاڍ جي پڃرن ۾ اٽڪيل رهيو. پوءِ بہ تولاءِ جي گهڻو نہ تہ ٿورو ئي سھي ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪيو ضرور اٿم. هاڻي تہ تون بہ اچي سمجهہ ڀريو ٿيو آهين....... ۽ مان...... هاڻي تہ مان اچي قبر ڀيڙو ٿيو آهيان. هاڻي بار آهن توهان جوانن تي، گهڻا ڏينھن مان بہ رت ست ڏنو، هاڻي ڪنن جا ڪَپاٽ کولي ٻڌ متان ويسر جو مرض ويڙهي وڃئي ۽ پوءِ ٿئين مان وانگر ڌڪن ٿاٻن هاڻو....... هڪ ڳالھہ ٻي بہ ياد رکج، جي تو بہ مان جيان صبر جي ڦل کي مٺو سمجهو تہ پوءِ چاڪيءَ جي ڍڳي جيان عمر ڀر پيو لوڙيندين ۽ پوءِ ان وقت تون بہ اهڙي سوال کان بچي نہ سگهندين، تڏهن تنھنجي ٻچن جا هٿ تنھنجي ڳچيءَ ۾ هوندا.....“
اوچتو ڪڪڙي جون سنھڙيون ٻاڪارون هن جي دماغ تي ويڙهيل نراسائيءَ جي نوڙين کي ٽوڙي ٿيون رکن، هڪ بي انتھا پيار ۽ قرب جي جذبي پٺيان تيز وکون کڻندو اندر جاءِ ۾گهري ٿو. سُتل زال جي نرڙ تي مٺي ڏئي اڪير مان ٻارڙي کي کڻي پنھنجيءَ ڇاتيءَ لائي ٿو.
”نہ روءُ منھنجا جاني، نہ روءُ....... مان توکي وڌيڪ روئڻ..... مان توکي......“
هن جي اکين ۾ لڙڪ آهن ۽ هو پنھنجي جگر جي ٽڪر کي اڃا بہ وڌيڪ سيني ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.“