ورلاپ
تون هلي وئينءَ، ڏُور، پري هلي وئينءَ. مان اهو سڄو سارو سمو انتظار ۽ درد جي گهاڻي ۾ پيڙجي گذاريو آهي. مان توسان ڪائي شڪايت نہ ٿو ڪيان. مان اڄ بہ توسان جيءَ جان سان پيار ڪريان ٿو. تنھنجي يادن، تنھنجي ملاقاتن کي ساريان ٿو...... سال، اسان جي پيار جو سڄو سال! اهو سڄو سال مان تو طرف هميشه وفادار رهيو آهيان. انتظار ۽ اوسيئڙي جي انھن گهڙين ۾ بہ تہ تنھنجي چاهت منھنجو ساٿ ڏنو آهي. تنھنجو پيار منھنجو سھارو بنيو آهي....... مان جو هر روز شام جي سھاني سمي بند تي چڙهي تنھنجي مڌُر آواز، مِٺي مرڪ ۾ پنھنجو سڄو دک ڀلجي ويندو هئس. ليڪن تنھنجي نہ هجڻ بعد دل جا زخم چِڪي ناسور ٿي پيا آهن. سورن وڌي وڻ ڪيا آهن. گذريل هڪ سال جي ڊگهي سمي بعد اڄ پھريون ڀيرو پنھنجي من جي پِيڙا، دل جو ماتم هنن پنن تي اوتي رهيو آهيان، جڏهن تہ تون ناهين، تون ناهين ۽ تون ڏُور، پري ڏُور هلي وئي آهين.
تون، جا اڄ مان وٽ ناهين. تون، جا اڄ ڏُور هلي وئي آهين. مان اڄ بہ گهر گهاٽ، وڻ وٿاڻ، تنھنجي گهر جو ڪوٺو، تنھنجي گهر جو آڳند، تو سوا خالي خالي، ٻُسو ٻُٽو آڳند پَسان ٿو. مان کي لڳي رهيو آهي تون موجود آهين. تون ڄاڻ ظاهر ٿينءَ، تون ڄاڻُ نروار ٿينءَ ۽ پنھنجن مخصوص اشارن ۾ ڪجهہ چيئي، ڪجهہ چوڻ لاءِ ڪوٺي تي چڙهي آئينءَ. پر مان ڄاڻان ٿو، مان ڄاڻان ٿو، تون جا رُسي وئي آهين، تون جا هلي وئي آهين، هينئر نہ ايندينءَ، هينئر نہ ايندينءَ نہ ئي روز جيان ڪوٺي تي چڙهي پلويڙي جي اوٽ بيھندينءَ. تنھنجو وڇوڙو، تنھنجو غم لڳي ٿو منھنجي وجود کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو ۽ اڄ کان پوءِ......... اڄ کان پوءِ مان ڪوٺي تي نہ بيھندس. مان تنھنجي آڳند ڏانھن نہ نھاريندس. مان تنھنجا پنڌ پيچرا، پار پتا نہ پڇائيندس........ تون جا ڪڏهن مون سان گڏ هُئينءَ، تون جا منھنجي محبوبا هُئينءَ. تون جا اڄ مون وٽ ناهين. تون جا پري هلي وئي آهين. تنھنجون يادون، تنھنجون ساروڻيون، جن کي لکڻ چاهيم، روپ ڏيڻ ٿي چاهيم ڪھاڻيءَ جو......!
ياد اٿم، توسان پھرين ملاقات ڪٿي ۽ ڪڏهن ٿيم. چڱي طرح ياد اٿم، چڱي طرح ياد رهندو. منھنجي گهر ۾، منھنجي گهر ڀرسان اوطاق واري ڪمري ۾، اڄ جڏهن تون ناهين، تنھنجو پيار ناهي، تون وڃي ٻيا وڻ وسايا، تو وڃي ٻين سان پيچ پاتا. تنھنجي پيار وڃي پرديس آرا رکيا، تڏهن پنھنجي پھرين ملاقات جي نشاني، پنھنجي پيار ۾ مِٺاس ڀريندڙ ماکي، ماکي جا اسان جي پھرين ملاقات تي، اسان جي پلنگ جي مٿن کان اتر طرف مٿي بادوان ۾ پنھنجو آرُ رکي ويھڻ جي ڪري رهي هئي ۽ ان سندس ويھڻ واري جستجو ۾ ئي ڪو مکو ڀلجي ولر کان وڇڙي پوءِ بلب جي شعاع تي يا تنھنجي جسم مان ايندڙ ڪوڻيءَ جي گل جھڙي خوشبوءِ جي هُڳاءَ تي مگن ٿي، تنھنجي کُليل اڻڀن وارن ۾ وڪوڙجي ڀُون ڀُون ڪرڻ لڳو هو، تڏهن تون ڇرڪي وئي هُئينءَ، تون ڇرڪي وئي هُئينءَ ۽ تنھنجي جسم مان ڌرڙي نڪري وئي هئي. ان وقت مان جڪڙجي ويل مکي کي ڪوشش ڪندي تنھنجي وارن جي قيد مان آجو ڪيو هو پوءِ تو وڌيڪ خوف کائيندي مٿي بادوان ڏانھن چتائيندي چيو هو،
”مَکي جي ڏنگ ۽ مَڪئي ٻير کائڻ سان بُت ڏَڏِرجي پوندو آهي.“ مُرڪي ٻيھر سيني تي ڪنڌ نوائيندي چيو هيئي،
”اسان جو پيار شايد وڌيڪ ئي بقادار رهي، اسان جي پيار ۾ ماکيءَ جھڙو ئي مِٺاس رهي.“ ۽ پوءِ جڏهن ٻيھر ساڳي ئي ڪمري ۾ مليا هئاسين، تڏهن ڪمري ۾ گهڙندي ئي تو پھرين نظر بادوان ۾ ويٺل ماکيءَ تي ڌري هئي، مُرڪي پڇيو هيئي،
”ايتر ۾ ڦرُ بہ ڪري وئي!؟ ڪن سچ پچ پاڻ ملئي کي وريھہ لنگهي ويا آهن!!؟“
چيو هوم،
”تون ڪيئن ٿي سمجهين؟“
تڏهن مُرڪي چيو هيئي،
”ڇو، لاهيوس نہ ٿا؟ ڄاڻ ڪوسا جهولا لڳا.“
۽ اڄ، اڄ تو چواڻي هاڙھہ، چاليھي جا ڪوسا جهولا، تيز هوائون گهُلي رهيون آهن. اڄ ماکيءَ جا مکا ٻاهر نٽهڻ اُس، اُجاڙ موسم ۽ لُڪَ ۾ لوساٽجڻ کان هڪ جاءِ ويھي پنھنجو گڏ ڪيل ڦرُ پاڻ ئي ڄَٽي رهيا آهن. اڄ ماکيءَ جي سڄي آر خالي آهي. خالي کوکي جو کوکو، ايئن جيئن تو بن هي اجاڙ جِيون، اڻڀي زندگي، ڦنڊيل، ڦوڦريل، اُڦريل، اُڦريل ڪاري ڪاري ڪلر جو ڍڳُ!!
مان کي ياد آهي، بلڪہ چِٽيءَ طرح ياد آهي اها شام 84 جي اونھاري جي هڪ شام، مئي مھيني جون پھريون تاريخون، جڏهن ڏينھن جا ڪوسا جهولا شام جي ٿڌڙين هوائن جو روپ ڌاريندا آهن، تڏهن توساڻ منھنجي پھرين ۽ ڀرپور سلاماليڪي ٿي هئي. ان وقت تون ڪنھن اڄاتي ڊپ کان پلويڙي اوٽ لِڪي وئي هُئينءَ پر پوءِ ڪاٺوڙي ڏاڪڻ تان ڪيئي ڀيرا لھہ چڙھہ ڪندي تو ڪيڏي ڪيڏي مھل ڏائي اک سان ڏسندي بہ رهي هُئينءَ ۽ مان تنھنجين حرڪتن کي غور ئي غور سان ڏسي بلڪہ دلچسپيءَ سان نھاري رهيو هئس. بس، ڏسندو ئي رهيو هئس، ڪنھن سُٺي موٽ پٺيان. تون پوءِ ٻئي ڏينھن، ٻي شام بہ ڪوٺي تي چڙهي هُئينءَ، اهو ٻيھر تنھنجو ڪوٺي تي چڙهڻ ڪنھن ڪارج جو سبب هو يا ايئن ئي ڏسڻ پئي چاهيئي، اندازو لڳائڻ پئي چاهيئي منھنجي پوزيشن جو پر تون ڪوٺي تي آئي ضرور هُئينءَ. تنھنجي اها بار بار جي لھہ چڙھہ دل جي گهراين تائين چڀي وئي هئي. منھنجي اندر ۾ زلزلو پيدا ڪري وئي هئي ۽ پوءِ نہ رڪجندڙ جذبات وچان منھنجو جسم ڪنبڻ لڳو هو، اُمالڪ هٿ سلاماليڪيءَ لاءِ مٿي کڄي ويو هو. ان وقت کن لاءِ تو غور طلب نگاهن سان نھاريو هو ۽ پوءِ ان ويرَ ئي تتر جيان ڀڙڪو کائي ٽپ ٽپ ڪندي لھي وئي هُئينءَ ڪوٺي تان کسڪندي ترڪندي لسي ڏاڪڻ جا ڏاڪا.
اهو تہ تو پوءِ ٻڌايو هو، تنھنجو اهو بار بار ڪوٺي تي چڙهڻ مان لاءِ ئي نہ پر تصوير ڇڪائڻ هو ۽ ڪنھن ٿي ڄاتو، ڪنھن ٿي سمجهو اها تنھنجي تصوير ڇڪائڻ ئي تو اسان جي ملاقات جو سبب بنبي!!
ياد اٿم، هڪ دفعي تنھنجي انگن عضون جي تعريف ڪرڻ لڳو هئس، تڏهن لڄاري مُرڪ سان چيو هيئي،
”نہ ڏٺئي منھنجو جوڀن.“
چيو هئم،
”ها، ڏٺو هئم، جڏهن اڄ جيان نہ تون چاليھن پنجيتاليھن جي هُئينءَ ۽ نہ ئي مان پنجويھن ٽيھن جو هئس، بلڪہ ٻارنھن سالن جو ٻار هئس. دل تہ ان وقت بہ هرکي پئي هئي تو مٿان.“
ها اڄ کان ڪيئي وريھہ اڳ، جڏهن مان ٻاراڻي اوستا مان گذري رهيو هئس، جڏهن مان يارنھن، ٻارنھن سالن جي عمر جو هئس ان وقت بہ تنھنجي ڊيل جھڙي شڪل، هرڻيءَ جھڙي چال منُ موهي رکيو هو. ان وقت بہ منھنجي معصوم دل تو ڏانھن ڪنھن رحم، ڪنھن ٻاجهہ ڀرئي جذبي لاءِ نھاريو هو، واجهايو هو پر ڪو ڪونہ هئو جو مون کي سڏي ڪو، ڪو ڪونہ هئو جو تو ساڻ گڏي....... ان وقت تون ڦوھہ جوانيءَ جا ڏار ڀڃي رهي هئينءَ ان وقت توکي ست ٻار ساڻ هئا، اٺون ۽ آخري تہ اڃان بہ ڪيئي سال پوءِ ٿيو هو. ياد ٿئي هڪ ڀيري خط ۾ لکيو هيئي ۽ پوءِ روبرو بہ چيو هيئي،
”ايتري عمر ڪٿي هئين؟ اڄ ڪيئن ياد ڪيئي!!؟“
مان چيو هو،
”تو وري ڪھڙو ساريو، تو وري ڪھڙو نھاريو.“
تڏهن وڌيڪ سنجيدہ ٿي وئي هئينءَ،
مان نھاريو سچ پچ نھاريو، پر تو ڪو توجھہ ڪونہ ڏنو. تو ڪو....... مان ڪيئي ڀيرا سامھون دروازي تي بيٺس. مان ايئن دروازي سامھون بيھڻ تي پنھنجن پراون جون الاهي ساتريون عقوبتون سٺيون، مان نھاريو پر تو.......“
”ها، مان نھاريو، بلڪہ زبردست نموني نھاريو پر تو ڪو ڪو توجھہ ڪونہ ڏنو. تو ڪيو ڌيان ڪونہ ڏنو، بس ٻاراڻي حرڪت سمجهندي لنوائي ڇڏيو، نٽائي ڇڏيو، نٽائي ڇڏيو هو، ها بيشڪ توڏي ڏوھہ ڪھڙو، بلڪہ مان هوس ئي ٻار! ان وقت تنھنجي ٽيون نمبر ٻار جي طهر جو سمو هو. تو وڏا شادمانا ڪيا هئا، وڏا رنگ رچايا هئا، وڏا ڀت ٻاٽ، ڦنڊران ڪٺيون هيون. ان طهر ٿيڻ کان تہ ڪيئي راتيون پھريان کان ئي هر رات تنھنجي گهر ۾ دهل جي تال تي سھرا ڳائبا هئا. شاديءَ جا سھرا ڳيچ ڳائبا. ان وقت مان ٻار هئس، مان ٻار هئس ۽ پنھنجي ماءُ سان گڏ رات جي سمي سھرن تي ايندو هئس. ان وقت تنھنجي گهر ۾ ڪيئي جوانڙيون، ڪيئي حسينائون دهل وڄائڻ، جهمريون پائڻ ۽ ڳيچ ڳائڻ ۾ پنھنجو ثاني شريڪ نہ رکنديون هيون پر تنھنجي جُتيءَ ۾ ڪنھن جو پير! تون ان وقت بہ ايترين ساترين جوانڙين ۾ ڪنھن ڪَٽِ مست هاٿيءَ جيان لڳي هئينءَ. مان کي اڄ بہ ياد آهي، تنھنجو گهمڻ، ڳالھائڻ، ڇال ڏئي هلڻ، الھڙ جوانيءَ وارا ترڪتال، لفظ لفظ سان هٿن، پيرن ٻانھن چھري جا معنيٰ خيز تاثرات. چھرو سھڻو، وڻندڙ، تيجسوي ڪنھن شھزاديءَ جھڙو، ڳل تي ڪاري تِرَ جو جرڪڻ، چيلھہ تائين چوٽيءَ جو ڦٿڪڻ، نانگ جيان ور وڪڙ هڻڻ. ان وقت بجلي تہ ڪانہ هئي، چمنين ۽ لالٽين تي گذران. جن چند هڪ سکين گهرن ۾ گولا هئا، اهڙن گهرن مان هڪ تنھنجو بہ سکيو ستابو گهر هو. منھنجي آڏو تہ اڄ بہ گولي جو وسڻ ٻرڻ تجلا ڏيڻ اڀري ٿو. ايئن ئي جيئن تنھنجي ياد ۾ چھري جو نروار ٿيڻ ميسارجڻ ۽ پوءِ جڏي جڏي گولي جي مانيٽر ترڪتال ٿي ڪيا، تڏي تڏي تو ڏانھس ڪرڙي اک سان ٿي نھاريو. مان ڏٺو هو ان وقت تنھنجو سڄو سارو توجھہ هچاري گولي ڏانھن هو. توکي ڪھڙي خبر تہ ان گولي جي پاڇي پٺيان ڪي اهڙيون بہ اکيون هيون، جيڪي توڏانھن تڪي رهيون هيون، توڏانھن نھاري رهيون هيون پر تو ڪو توجھہ ڪونہ ڏنو. تو ڪو توجھہ نہ ڏنو ۽ تنھنجو سمورو توجھہ گولي ڏانھن هو. توکي ڪھڙي خبر تہ ڪي اهڙيون بہ بي سمجهہ اکيون هيون جيڪي تنھنجن قدمن ۾ وڇائبيون ٿي رهيون، ڪي اهڙيون بہ معصوم جيتامڙيون دليون هيون، جيڪي تنھنجي جوانيءَ جي ڪَٽِ مست هاٿيءَ جي پيرن هيٺان چيٿاڙبيون، چيڀاٽبيون ٿي رهيون ۽ هڪ مان ئي ڇو؟ توڏانھن تہ سموري اٽالي ٿي ڏٺو. عورتن رشڪ ڀريل نظرن سان ۽ مان جھڙن دلين چِتَ جي چاهت منجهان........ ۽ تو ان وقت بہ مان کي موهي رکيو هو. تو ۾ ڪنھن بہ شھزاديءَ کان ڪو گهٽ غرور ڪونہ هو. ان وقت مان نہ سمجهي سگهيو هئس تہ تنھنجو اهو غرور، شاهاڻي هلت، ناز، نخرو، سکئي ستابي هجڻ جي حوالي سان هو يا سونھن، صورت جي ناتي، بھرحال هو ڏاڍو موهيندڙ، هِرکائيندڙ.
اڄ جڏهن گذريل سال کن جي ڪجهہ ملاقاتن جو اتھاس لکڻ ويٺو آهيان، نہ ڄاڻ ڪيترو وقت، ڪيترو سمو لڳي، تنھنجي زندگيءَ جي مڪمل ڊائري تہ منھنجي من جي صندوق ۾ محفوظ آهي پر مان اهو ڪونہ لکندس. مان صرف سال اڳ جو ئي ذڪر ڪندس. پنھنجي پھرين سلاماليڪيءَ جو ئي ذڪر ڪندس. سچ پچ مان توسان ڏاڍو پيار ڪيو، مان توکي جيءَ جان سان چاهيو. مان، جو جوان هئس، مان. جو ٻلوان هئس، دنيا جي هر هڪ ڇوڪري، خود زال ۾ بہ گهٽ دلچسپي رکڻ لڳو هئس. سچ پچ مان توکي ڏاڍو چاهيو، مان توکي ڏاڍو ڀائنيو........
ان ڪوٺي تي چڙهڻ ۽ بار بار جتن ڪرڻ جي باوجود تون ڪونہ آئي هئينءَ، نہ اچڻ جي نينڍ ڏني هيئي، تڏهن لڳو هو شايد تنھنجو جسم سائبيريا جي سرد تھن واري برفيلي مٽيءَ کي ڳوهي بنايو ويو هجي! ۽ پوءِ اهو تہ تو ڪافي دير سان ٻڌايو هو تہ، تو پنھنجي طويل عمريءَ سبب ڪنواري ڪومل جوانيءَ کي سيڪ ڏئي مردو بنائڻ نہ ٿي چاهيو. اهو ڪيڏو نہ اُتم جذبو هو سندءِ......!!
پوءِ جڏهن پورو هڪ سال، پنجاسيءَ جي اپريل ۾ مليا هئاسين، تڏهن بہ سندءِ شڪل شبيھہ ۾ ڪو خاص ڦيرو ڪونہ آيو هو. ان وقت ڪنھن بہ طرح تون ٽيھن پنجٽيھن سالن واري عورت کان گهٽ درجي جي ڪانہ هوندينءَ. منھنجي تعريف ڪرڻ تي تون وڇائجي تہ ڪانہ وئي هئينءَ پر ايترو سو ضرور ٿيو هو جو تو پنھنجي جسم ۾ ڍور جھڙي رت، شينھن جيڏي ڇاتيءَ جي تعريف ۾ ڪنھن پريميءَ سان سڳ سوڌو جاءِ وارڌات تي جهلجڻ واري واقعي کي دهرائيندي ٻڌايو هو،
”جيئدان ڏئي ڀڄائي ڪڍيو هومانس، اهي جيڪي هٿيارن پنوهارن سان اوچتو آيا هئا، تن کي پنھنجي حشمت ۽ همت سان هيسائي بيھاري ڇڏيو هئم. الا........ ڪھڙيون ٿو ڳالھيون پڇين، ڍور جھڙي رت، شينھن جيڏي ڇاتي هئي.“
ان کان بہ وڌيڪ پنھنجي مڙس جي مماتيءَ واري ذڪر ۾ ٻڌايو هيئي،
”جوانيءَ ۾ مُنھن مان رت ٽمندو هو رت! مڙس سدائين چوندو هو، سٿڻ جا پاچا مُرن کان مٿي ڪري نہ هلندي ڪر تہ لڳي نہ وڃئي ڪنھن جي نظر.“
”مرحيائت جي مماتيءَ تي روئي رهي هيس، جن جن عورتن سان ڏيٺ ويٺ ڪانہ هئي سي تہ ڀلجي ڀلجي ٿي پيون، منهجي پھريٺي ڌيءُ کي ئي مرحيائت جي زال جي نسبت ڏيڻ ٿي لڳيون. مان جڏي جذبات ۾ اچي پلنگ تي پيل مَيٿَ کي چمبڙي، ڀاڪرين پئي رنس ٿي، تڏي کليل وار زمين تي سَئنِ جي ڇڳي جيان پٿرجي ٿي ويا. مان کي سرچائڻ وارين عورتن جي پيرن هيٺان اچڻ سبب وارن جي ڇُڳن جا ڇُڳا ٿي ڇِنا! ۽ اڄ هي حال آهن“
تو پوءِ پنھنجي چٽڪمرن وارن جو هلڪو چوٽو ڏيکاريندي وڌيڪ هيئنءَ بہ چيو هو،
”۽ هي ڳل تي اکين هيٺان ڪارا داغ! سي بہ مرحيائت مُئي ۽ سندس روڄ راڙي جو ئي نتيجو آهن. اعتبار ڪرين تہ پورا چار سال راتين جا زمين تي سُتي پٿر ڪيم. راتو ڏيھان روڄ راڙي کان ويسند ڪانہ....... ۽ رُنس بہ ڪنھن لاءِ، جيڪو ڪانڌي بہ نہ ٿيو. جنھن جئري ئي سڀ شئي تان دستبردار ڪري ڇڏيو. ڪنھن شئي تي ڪو حق رکڻ نہ ڏنو. هائي ڌائي رناڻو اٺوڳُ ۽ ان اٺوڳَ تان بہ چئن چڱن آڏو مُچرڪو هڻائي لا دعويٰ ڪري ڇڏيو.“
مان سمورو اهو احوال لکڻ چاهيو هو، ”...... پنجٽيھون بھار.“ جي عنوان هيٺ پر ڪونہ لکيو هئم. تنھن بعد پھرين ۽ ڀرپور ملاقات جو احوال بہ لکڻ چاهيو هئم، ”سو ٽَڪر مان ٽاڪيو“ جي سري هيٺ پر ڪونہ لکيو هئم، تنھنجي جلد اچڻ جي واعدي پٺيان.
ها، بيشڪ تون ايجڊ هئينءَ، ٽن ڌيئن چئن پُٽن جي ماءُ هُئينءَ پر ڪنھن بہ طرح کنيل راھہ جي ڪُڍي، پونجاپڙا، گيڏا سيڏا ڪين باسيندي هُئينءَ. سندءِ اها ساڳي پھرين جھڙي هرڻيءَ واري چال، اهو ساڳيو ناز نخرو ۽ لوڏ، جسم ڀريل، ڀورو، ڳل تي اڃان سوڌو ڪاري تِرَ جو هجڻ، ڏينھن جي تاري جيان تجلا، جوانيءَ واري ساڳي چستي، چالاڪي، اکر اکر، لفظ لفظ سان هٿن، ٻانھن، چھري جي ادائگي، نانگ جيان ڏھہ ڏھہ لھرا، افسوس! جو اهو سڀ ڪجهہ گهڻو وقت جٽاءُ نہ ڪري سگهيو، ان سڀ کي بقاءُ نہ رهيو!!
۽ پوءِ، جنھن ڪرائيسز مان تون گذري رهي هئينءَ، تو گذاريو پئي، سندءِ مٿان جيڪو ڪجهہ وهيو واپريو هو، ڪاش ايئن نہ ٿئي ها. اهو سڀ ڪجهہ نہ ٿئي ها. مان کي ياد آهي تون مون سان اپريل جي ٺيڪ چوڏهين تاريخ ملي هُئينءَ ۽ ان کان بہ اڳ شايد مارچ جي وچ ڌارا توتي هاءِ پر ٽينشن جو اوچتو ۽ زبردست حملو ٿيو هو، تڏهن ڪيترائي ڏسڻ ۾ ڪانہ آئي هُئينءَ. مان سمجهو هو يا تہ ٻاهر مائٽن ڏانھن ويل آهين يا تہ روح پڪو ڪري ڇڏيئي ۽ پوءِ جڏهن تنھنجي ناچاڪيءَ جو ٻڌو هئم تڏهن وڦلي پيو هئس پر ڇا ٿي ڪري سگهيس، ڪھڙو ٿي وسُ هلي سگهيو؟ تڏهن ڪافي ڏينھن جي سارَ کان پوءِ توساڻ مليو هئس. روئي پئي هُئينءَ، بيماريءَ جي حملي، کاڌي نہ کائڻ سبب تنھنجي صحت بگڙي چُڪي هئي. سندءِ ڳلو خراب ٿي چڪو هو، آواز ڀُڻڪي جي صورت ۾ نڪتو هو. جيتوڻيڪ تو سُنَ ۾ ڳالھايو هو پر مان سمجهو هو، سڀ ڪجهہ سمجهو هو. مان کي اڄ بہ ياد اهي تو چيو هو،
”خبر ڪانھي موت مھلت ڏي بہ الائي....... گهڻو ئي تو کان ڇِرڪيس، گهڻو ئي توکان پري رهيسِ، توسان ملڻ کان لنوائيندي رهيسِ، نٽائيندي رهيسِ پر تو ڪونہ ڇڏيو، تو ڪونہ ڇڏيو......... تو ڪونہ ڇڏيو ۽ سدائين پاڇي جيان ساڻُ رهين. مان پورو سال تنھنجي قربت کان لنوائيندِي، ڪترائيندِي رهيسِ، توکان ڊپ کائيندِي، ڊڄندِي رهيسِ. تنھنجي چاهت کي اڄ جي جوانڙن جھڙو ڪوڙو پيار سمجهي ڪترائيندِي رهيسِ. هڪ جوانڙي وات مان کير وهندڙ ٻالڪ آڏو پنھنجي طويل زندگي ۽ ڏهاڳ جي ڏکن ڏاکڙن ماري چھري کي گهڻو ئي ڇپائڻ جي ڪيم پر مان هارايو........ مان هارايو ۽ تو کٽيو. هاڻي جڏهن تو کٽيو، تڏهن چاهيان ٿي تہ ان هار جيت جي سمي ڪي پل تنھنجي قريب، تو ساڻ گوڏي گڏ ويھي گذاريان، ڪي تہ سج گڏ لاهيان، ڪي تہ پل سَرها ڪيان، سجايا ڪيان، خبر ڪانھي...... حياتيءَ تي ڪھڙو ڀروسو، حياتيءَ تي ڪھڙو ويساھہ.“ ان وقت تنھنجي چھري تي شڪر گذاري ۽ شرڌا جو جذبو هو ۽ ڀائين ٿي تہ مان تي ڇا وهيو واپريو هو!؟ چئي نہ ٿو سگهان تہ اهو رحم وارو جذبو هو يا سچ پچ عشق جي اُڇل هئي پر اهڙو ڪجهہ هو ضرور جنھن روح کي روئاري اندر کي اڌ ڪري رکيو هو. چيو هئم،
”پرواھہ نہ ڪر، دل نہ لاھہ، سڀ ڪجهہ ٺيڪ ٿيندو، سڀ ڪجهہ........ تون پھريان تندرست تہ ٿيءُ، تون پھريان صحتياب تہ ٿيءُ، پئسي وغيره جي تڪليف هجي تہ.......“
تڏهن تو اکيون اگهندي جيڪي لفظ چيا هئا، سي چٽي طرح ياد آهن. سچ پچ ڪونہ وسريا آهن، نہ وسرندا، تو چيو هو،
”تون ٻچڙيوال آهين...... عقل ڪر، عقل ڪر، مان تہ جڏي تنھنجي حال تي سوچيندي آهيان، ننڍڙي عمر، سڄو اٽالو، ڪچڙو عيال، پوري گهر جو ڪلھن تي بار، آندي نيئندي، پئي لئي سان مُنھن ...... نہ نہ مان کي ڪجهہ نہ گهرجي، ڪجهہ نہ.“
۽ اها منھنجي چاهنا پوري سال جي تپسيا ۽ ساڌنا کان پوءِ پوري ٿي هئي. مان ٻاهريون دروازو کولي ٻاهر گهٽيءَ جي موڙ تائين نھاري رهيو هئس جو تون موڙ کان نظر آئي هُئينءَ. منھنجي جاءِ ۾ وڏو ڀراءُ پيل هو، دروازي وٽ پھچي مٿي چڙهڻ لاءِ جيڪو هٿ وڌايو هيئي ان هٿ کي ڇھندي جسم ۾ گرميءَ جي لھر ڊوڙي وئي هئي. پوءِ جڏهن پھريون ڀيرو منھنجي در جي چائنٺ ٽپي آئي هُئينءَ، پاڻ ارپڻ آئي هُئينءَ، سچ پچ سڄو سارو ڏينھن منھنجي گهر، منھنجي ڪمري ۾ مون سان گڏ گهارڻ آئي هُئينءَ تڏهن بہ اهڙي آفر ڪيئي هئم ۽ ان وقت بہ تنھنجو جواب لاجواب هو، تو چيو هو،
”هروڀرو گنھگار تہ نہ ڪر، هاڻي ڇاهي، هاڻي مان بيماريءَ تي فتح پائي چڪي آهيان. اها حقيقت آهي مان ڏاڍي هٿ وسيپي آهيان. پائي پائيءَ لاءِ محتاج آهيان پر توکان ڪانہ وٺنديس...... توکان ڪونہ وٺنديس........ پُٽ گهر کي تباھہ ڪري ڇڏيو، منھنجو ڇڄ ڳھن جو خرچي کپائي چٽ ڪري ڇڏيو پر توکان ڪانہ وٺنديس. مان کي منھنجا مائٽ ئي مدد ڪندا آهن، پئي لئيءَ ۾ ڪم ايندا آهن. بس نصيب، ڪرمن ڪٺل، چوان پنھنجي قسمت کي يا تہ بادشاهزادي هوندي هُيس يا تہ اڄ........“ ۽ پوءِ تو پنھنجي خوشحاليءَ واري زماني کي ساريندي وڌيڪ هيئنءَ ٻڌايو هو،
”هڪ ڀيري مرحيائت سنڌي گيھہ جو وڏو دٻو گهرائي ڏنو (دٻا تہ هڪڙا تو وٽ کٽندا هئا ٻيا ايندا هئا) دٻو چلھہ تي رجائڻ لاءِ رکي مان اندر ڪنھن ڪم ۾ رُڌل رهيس، پٺيان جي خبر ئي ڪانہ رکيم. پوءِ جڏهن گيھہ سڙڻ جي بڻاس اٿي، تڏهن ڊوڙي ٻاهر آيس پر ڪاريءَ وارا ڪَکَ. گيھہ تہ اڳ ۾ سڙي ڪارو ڪوئلو ٿي چڪو هو. سوچيو هئم، مڙس ايندو وڏو ڏمرجي پوندو، سو سندس ڏمرجڻ کان پھريائين مان پنھنجو پاڻ کي ڏمرائي ڇڏيو. شام جو جڏي مڙس گهر آيو تڏي ايئن مُنھن سڄائڻ جو پڇيائين، چيم، گيھہ جو دٻو رجائيندي باھہ تيز هئڻ سبب سڙي ويو. مرڪي چيو هئائين، پوءِ ڇاهي، ايئن ٿيندو آهي، ان ۾ ڀلا ڳڻتي ڪرڻ جي ڪھڙي ڳالھہ آهي. دٻو سڙيو، تو ڪو ڄاڻي واڻي ساڙيو، دٻو سڙيو، ٻيو نہ ايندو ڇا؟ اٿ پاڙيوارن کي سڏي ڏئي ڇڏ. ڏئي ڇڏ تہ وڃي ڍڳن کي ڏاڻ ڏين. ۽ اڄ، اڄ ڊاڪٽر ڏس ٿو ڏئي سنڌي گيھہ کائڻ، سچي گيھہ واپرائڻ جو! لوڻ بہ ڪلراٺو نہ کاءُ، گيھہ بہ ڊالڊا نہ کاءُ، هي هيترا ساترا ڏينھن بيمار رهيس پر ٻچن سکڻي واتِ نہ پڇيو، سو ٿا سچو گيھہ.......“ ۽ پوءِ اڃان بہ وڌيڪ مون ۾ توکي مدد ڪرڻ جو ساهس جاڳيو هو، جنھن مدد جي توکي سچ پچ لوڙ بہ هئي پر تو خبر ناهي ڇو اهڙي مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو هو. ۽ پوءِ هڪ ڏينھن مان ڪجهہ ڏينھن لاءِ پري توکان پري ڪراچيءَ هليو ويو هئس. سارو وقت تنھنجون ساروڻيون ساڻ رهيون. تنھنجون يادون گڏ رهيون. ڳالھہ ٻولھہ ۾، ذڪر فڪر ۾ تون ئي تون هُئينءَ ۽ پوءِ جڏهن پورا ٻارنھن ڏينھن توکان پري رهڻ کان پوءِ صبح اٺين وڳي بلولائين گهر پھچايو هو تہ گهر پھچي بيگ ڦٽو ڪري تڪڙو تڪڙو بند تي آيو هئس پر تون ڪانہ هُئينءَ. تون ڪانہ نظر آئينءَ، تڏهن تڪڙو تڪڙو ڊيوٽيءَ تي ويو هئس پر پياري مان کي تہ لڳو هو ان تڪڙ ۾ تنھنجي چاهت شامل هئي. ڊيوٽيءَ جي ٽائيم ۾ ئي ڪنھن کان سندءِ باري ۾ معلوم ڪرڻ چاهيو هئم، خبر پئي تون شايد ٻاهر ويل آهين، تڏهن سچ پچ ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو هئس. من اُداس ٿي ويو هو بلڪہ سودائجي پيو هئس. آخر ۾ ان ماڻھوءَ، ماڻھو جيڪو تنھنجو ئي سيکاريل هو تنھن منھنجي پِيڙا کي ڄاڻندي مرڪي سندءِ لاءِ ٻڌايو هو تہ،
”تون گهر تي ئي آهين.“
پڇيو هئم، ڪوڙ جو سبب، جواب مليو هو، ايئن چوڻ لاءِ تو ئي کيس چيو هو.
ان ڏينھن سندءِ لاءِ آندل چوڙيون، چوڙيون جيڪي ڪراچيءَ ۾ بہ نہ وڻيون هيون ۽ پوءِ حيدرآباد مان وٺڻ لاءِ ريشم گليءَ کان پوري شاهي بازار جا چڪر ڪاٽيندي اٺ ڏھہ بڪالڪا دڪان جاچڻ کان پوءِ آخر هڪ دڪان تي پسند پيون هئم. الائي ڇو تنھنجي خالي ڪراين کي ڏسي خيال آيو هئم چوڙيون وٺڻ جو. چوڙيون جيڪي تنھنجي ڪراين ۾ وڌيڪ سونھن پيون، سٺيون لڳن پيون، تڏهن يڪيون ساريون ڇھہ ڊزن خريد ڪيون هيم، ايتريون ساريون ڏسي مرڪي پڇيو هيئي،
”ايتريون ساريون......!؟ اجايا پئسا خرچڻا.“
چيو هئم،
”بجاج چيو ٿي ٽي ٽي ڊزن ٻنھي ٻانھن ۾ وڌيڪ سندر لڳنديون آهن.“ تڏهن سيني تي آهلندي چوڙين کي جاچيندي چيو هيئي،
”چوڙيون ڇو وٺي آئين؟“
”ڇو پائڻ واريون ٻانھون ڪونہ اٿئي ڇا!؟“
تڏهن مان ڏٺو هو پِيڙا جي هلڪي ڇايا تنھنجي مُنھن تي وري وئي هئي. ڳنڀيرتا منجهاران چيو هيئي،
”نہ، مڙس مُئي کان پوءِ سدائين ڪرائي خالي رکان.“
چيو هئم،
”ڇو، پاڻ کي ٺاھہ جوڙ سان چاھہ گهٽ ٿي!؟“
تڏهن وڌيڪ سنجيدہ ٿيندي چيو هيئي،
”من مري چڪو آهي.“ اڃان بہ پاڻ کي درست قرار ڏيندي ۽ منھنجي پِيڙا کي سمجهندي مرڪي چيو هيئي،
”هونءَ بہ هن عمر ۾ ڪھڙا ٿا هار سينگار سونھن.“
مرڪي چيو هئم،
”اڃان تہ داڻا اٿئي.“
تڏهن اُمالڪ خوشيءَ جي لھر سندءِ جسم ۾ ڊوڙي وئي هئي. مرڪي ڏاڍي پياري انداز ۾ چيو هيئي،
”بس ڪر تہ ٻڌن نہ مالڪ تہ ڪرائي نہ ڇڏين شادي.“ ۽ پوءِ ياد آهي وڌيڪ ايئن بہ چيو هيئي،
”پُٽَ اڳ ۾ ئي بيزار ويٺا آهن، اصلي کنيون ٿا کائي ڀائين، اڄ گهر مان نڪري تہ صبح پوءِ ٿئي. چوي تہ، ڏنڊي ڊوٽي آهين، وڃين لڳين ڇونہ ٿي ڪنھن ڊنڊي جي ڪڍ.“
تڏهن مرڪي چيو هئم،
”جائي بہ شادي ڇو نہ ٿي ڪرين!؟“
مان کي ياد آ، تو ڪھڙو جواب ڏنو هو، تو چيو هو،
”ڪيان ها تہ يارنھن سال اڳ ڪيان ها، جڏي مڙس مري ويو هو، اهو ايترو سارو وقت ٻچڙن کي ڪوڙي ۾ ڪري پاليم، منھنجو تہ جيڪر هڪ ٿورو نہ لاهن ۽ هاڻي........ پر هن عمر ۾ وري ڪنھن جي کُٽي آ؟“
مان چيو هو،
”کوڙ، تون رڳو هائو تہ ڪر.“
چيو هيئي،
”ٻين کي ڏيان ٻنِ، تون پاڻ ڇو نہ ٿو ڪرين؟ جائي بہ هل تہ هليا هلئون ڏور ، پري ڏور...... دنيا جي هن ڇيڙي تي.“
چيو هئم،
”کڻ ڪو لک ڏيڍ“
مرڪي چيو هيئي،
”اڳ ڪاٿي هُئين؟ اڳ ڪاٿي هُئين، جڏهن دولت ۾ تُرندي هيس، پئسن کي ٻُھاريءَ سان ميڙيندي، ڏانداريءَ سان ريڙهيندي هيس.“
مان خاموش رهيو هيس ۽ پوءِ گهڻو پوءِ پڇيو هئم ڪالھہ نہ اچڻ جو، تڏهن سبب ڏنو هيئي پنھنجن مجبورين جو. ان وقت مان ڏٺو هو ٻيھر تنھنجي چھري تي دک جي ڇايا کي. چيو هيئي،
”خبر ٿئي، اهي ڏينھن مان ڪيئن گذاريا جي تو وڃي پرڏيھہ لايا!؟ مان آڱرين تي هڪ هڪ ڏينھن، پلڪ پلڪ، ساعت، ساعت، گهڙي، گهڙي ڪري ڳڻيا. مان کي ڪيئي ڀيرا هِڏڪيون آيون. ڪيترائي ڀيرا گهر جي آڳند ۾ نم تي ويٺل ڪان ڪان ڪندڙ ڪانگن کي مٺا لولا باسيم. مان ڪيئي سھانا، سُريلا خواب سھيڙيم، توسان گڏ گهارڻ، گڏ سُتي، ڪنڌ هيٺ ٻانھون ڏيڻ، پاڻ ارپڻ جا....... هڪ ڀيرو ڪنھن سپني سھيڙيندي ڏٺو هئم ۽ پنھنجي ٻانھن تي ڪنڌ رکيل اگهور ننڊ ۾ توکي.....! ان وقت منھنجي ڪمزور ٻانھن ٿڪجي چُور چُور ٿي پئي هئي. پوءِ مان تنھنجي سگهاري ڪنڌ هيٺان ٻانھن سِرڪائڻ جي ڪئي هئي پر نہ نڪري نہ نڪتي هئي. تڏهن ڏاڍا زور لاتا هئم، وڏا وس هلايا هئم ۽ ان ريڙھہ پيڙھہ ۾ ئي منھنجي اک کلي وئي هئي. ڏٺو هئم پنھنجو پاڻ کي اڪيلو، خالي خالي کٽ تي!...... تون ڳڻتين کان پالھو هئين، تون غمن کان ڏور هئين پر مان ڏاڍو ڀوڳيو، مان ڏاڍو سَٺو...... ڏينھن جا چار پھر پانڌيئڙا پڇائيندي، رات جا تارا ڪَتيون، نکٽَ نھاريندي گذاريم پر تون ڪونہ آئين، تون ڪونہ آئين ۽ درد دل ۾ ديرا ڄمايا، وهمن وڌي وڻ ڪيا...... ڪڏي ڪڏي مان توکان رُٺيس ٿي، ڪڏي توکي پرچايم ٿي پر پرين تون ڪونہ آئين، تون ڪونہ آئين ۽ تون وڃي پرڏيھہ وسايو، تو ڏاڍا ڏينھن لايا........ الا ڪيڏو نہ اڻائو چئبين، ڪيڏو نہ ڳهلو هئين ۽ پوءِ مان پنھنجو پاڻ کي ئي وچن ڏنو هو، تون ايندين، روز جيان بند تي چڙهندين، بند تي بيھي نھاريندين پر مان ڪانہ اينديس، تون سڏَ سيٽيون هڻندين پر مان ڪانہ ٻُڌنديس...... ۽ ان کان بہ وڌيڪ چئي ڇڏيو هئيم، جڏي تون ايندين، منھنجو پڇندين تہ چئجوس ڪالھہ مري وئي.....!!
ان وقت مان مرڪي ڏنو هو، ان مرڪندي ئي سندءِ جسم کي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو هئم. ان وقت تون ڏاڍو خوش هئينءَ، تون ڏاڍي سرهي ۽ هلڪي ڏسڻ ۾ آئي هئينءَ. مان اڄ پھريون ڀيرو توکي ايترو سرهو ۽ مسرور ڏٺو هو پر ڪير ڄاڻي، ڪير ڄآڻي اها خوشي، سندءِ خوشي ڪنھن ايندڙ غم جي طوفان جو اُهڃاڻ هئي. بئرا ميٽر جي پاري جو نشان هئي. ان وقت تو بود ۾ ڀرجي مون مٿان مٺين جو مِينھن وسائيندي چيو هو،
”متان وساريو ٿي، متان وري پرديس پير پاتو ٿي ۽ جائي ڪراچيءَ وئين، حيدرآباد وئين ڇا ڏٺئي ڇا وائٺئي اُتي؟ يارن دوستن، هڪ جيڏن سان ڇا ڳالھايئي، ڇا ٻولھايئي؟ ڪھڙيون ڪچھريون ٿيون، ڪھڙيون ڪھڙيون ٻولا چاريون ٿيون!؟“
مرڪي چيو هئم،
”سارو سارو وقت تون ئي بحث جو موضوع رهي هُئينءَ.“
ان وقت مان ڏٺو هو تون خوشيءَ کان اڇلائجي وئي هُئينءَ، پڇيو هيئي،
”ڇا پيا چون مان بابت!؟“ ۽ پوءِ منھنجي جواب ڏيڻ کان اڳ پاڻ ئي پنھنجي پڇيل سوال جي وراڻيءَ ۾ چيو هيئي،
”ڇا ور ڇا، ٽوڪيندا هوندئي، ڀائين ڪھڙي پوڙهيءَ سان پاڻ ڦاسايو ٿي.“
مان چيو هو،
”نہ، ايئن نہ، ايئن نہ چئو......... دوستن ڪراچيءَ جي بوهري بازار کان طارق روڊ، باڙا مارڪيٽ، ويندي سنڌ يونيورسٽي، حيدر آباد جي ريشم گليءَ تائين ڪيترن ئي اڌڙوٽ عمر وارين عورتن ڏانھن اشارن ئي اشارن ۾ پڇيو هو، ”هِن جھڙي؟“، ڀلا ”هُن جھڙي؟“...... ۽ مان مرڪندو ئي رهيو هئس. ها، مان توکي ڏٺو هو ڪراچيءَ جي گلشنِ اقبال جي ڪنھن قيمتي عاليشان گهر جي دروازي تي بيٺل، ڪنھن سھڻي سيبتي ناريءَ جي چھري ۾.“
گهڻو پوءِ خاموش منھنجي سيني جي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي رهي هُئينءَ، منھنجي جسم جي گرميءَ کا محسوس ڪندي مرڪي چيو هيئي،
”تنھنجا لِڱَ تہ گرم آهن! منھنجا عضوا ٺري برف ٿي پيا آهن.“
”چيو هئم،
”رت ۾ ٽھڪو هائپر ٽينشن جو باعث بنبو آهي ان ڪري هتِ روز ايندي ڪر.“
مرڪي سيني ۾ مُنھن لڪائيندي چيو هيئي،
”سُٺو ڏس آهي.“
ايئن ئي کِل خوشيءَ ۾ وقت گذاريو هوسين. ياد آهي، موڪلائڻ وقت بہ پريم وس ٿي تو مان کي ڀاڪر ۾ ڀريندي وري هڪ ڀيرو چميو هو......... ان گهڙيءَ کي ياد ڪندي منھنجون اکيون اڄ بہ ڀرجي اچن ٿيون. دل ڀڄي ڀري پوي ٿي. ڪاش! تون قريب هجين، تون قريب هجين ۽ منھنجي دل جي جذبن جو اندازو لڳائي سگهين!! ان گهڙيءَ، ان ڏيھن مان توسان کلي دل سان پيار ڪيو هو. سڀ ڪجهہ نڇاور ڪيو هو ۽ ڪنھن ٿي ڄاتو، ڪنھن ٿي سمجهو سڀاڻي تون مون سان نہ هوندينءَ، منھنجي زندگي ٻُسي ٿي ويندي، ٻُٽي ٿي ويندي پوءِ دوست ايندا، دلداريون ڏيندا، ڏک جو اظھار ڪندا، غم جا تاثرات ڏيندا، تسلا ۽ آٿت جا ڌار ڌار لفظ اُچاريندا. لفظ، ڪورا لفظ، لفظ جن مان ڇا ٿو وري!؟ ڳالھيون جن جي دهراءَ مان ڪھڙو ٿو لاڀ سري!!؟......
مان پنھنجي دک جو ورنن ڪھڙن لفظن ۾ ڪيان. ايترو ڏک، ايتر نراشا، مان ڪڏهن نہ پَسي. دک جيڪو اڄ منھنجو ساٿي بنجي چڪو آهي.
ڏک، جيڪو منھنجي اندر کي جهوري رهيو آهي...... اڄ منھنجي آتما جي تار تار تنھنجي جدائيءَ ۾ تڙپي ٿي. تون، جا ڪڏهن منھنجي هُئينءَ. تون، جا ڪڏهين مون سان هُئينءَ اڄ هن سڃي سنسار ۾ توبن ڪو بہ تہ ناهي جيڪو سُور سلي، جيڪو پھر ٿئي، تون جا منھنجي هُئينءَ تون، جا هاڻي ڪڏهن بہ نہ موٽي ايندينءَ تون، جا ڏور هلي وئينءَ، ڏور....... پري، ڏور........ اڄ تون ناهين، تنھنجو غم آهي، اڄ تون ناهين تنھنجون ساروڻيون آهن. ساروڻيون، يادون، جن کي روپ ڏيڻ ٿي چاهيم ڪھاڻيءَ جو......!!