روئي پئي رات
گهر جي لانگهي تي ايندي ئي ٻئي رڪجي ويا هئا. گهر ڇا هو، بس ڪکن ڪانن جو هڪ پڃرو، اوڏڪي ڀت تي ٺھيل لِتڻ، جنھن ۾ بہ سوين هزارين ڏاريون، ڦوٽيون ۽ ٽنگڙا. آڳنڌ جي چوڌاري ڪکن ڪانن جي هڪ ڇڳل پراڻي ڪنڌي جيڪا نہ هجڻ جي برابر. مرد اڳتي وڌي هلڪو جهڪي پير جي مدد سان لانگهي تي رکيل ڪنڊيءَ جي ڍنگهر کي ٿورو مٿي ڪندي پوءِ هٿ جي مدد سان پري ڪرڻ لڳو هو ۽ عورت پريان پريان بيٺي بيٺي ڍنگهر جي زبون حالت تي بيزاريءَ مان چيو هو،
”سڄو ڍنگهر ئي ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويو آهي، ڪيترو ٿي چوانءِ........ ايڏنھن ڦرندي گِرندي ڪو ڍنگهرڙو نہ ٿو ڪپي اچين. در آ جو کَلِواڙو لٿو پيو آهي. ڪتو ٻلو، ڍور ڍڳو آيو ويو، هو تہ ڏس گڏهن جي لِڏِ.“ هن در تي پيل لِڏِ ڏانھن اشارو ڪيو هو.
”ها ها ٻيو ڪو ڪم آهي ڇا، لڌو ٿي واندو جو ڍنگهر ڪپي اچان.“ هن در کان اندر ٿيندي گهر جي آڳر ۾ وَلِ جو گَڏو رکندي چيو،
”ڏسين ٿي پنڌ آ ويجهو.“
”اڙي........! ٻيلو ٻہ ورانگهان، مڙسن لاءِ اِهو بہ پنڌ آ، مڙس وري ڪي پنڌ پڇندا آهن؟“ هن سندس پٺيان پٺيان اندر گهڙندي چيو هو.
”نہ نہ پنڌ آ ڇا ڪو........ اُف، اڄ ڏاڍي تاس لڳي آ.“ هن سيني کي وڏيون وڏيون ڦوڪون ڀري ٿڌو ڪندي چيو هو. جنھن تي عورت بيٺي بيٺي چيو هو،
”سُٺو ڏينھن ٿيو آ ڇا، ڪاڏهون آيو ڏائڻُ سانوڻ.“ ۽ پوءِ کيس سڏيندي،
”آءُ، هن ڇوڪر کي وٺُ.“ هن ٻارڙو مڙس جي حوالي ڪندي آهستي آهستي ڪري گَڏي کي هيٺ پَٽَ تي رکيو. تنھن بعد چولي جي آڳي کي هيٺ مٿي ڪندي پاڻ کي هوا ڏيڻ لڳي هئي، جنھن تي مرد بيزاريءَ مان چيو هو،
”آءُ، هن کي وٺ. مان پاڻيءَ جا ٻہ ڍُڪ پيان.“
عورت ڪپڙن مان ڪڻڪ جا بوجر ڇڏائيندي ڏانھن وڌي آئي هئي.
”مُٺي ڪڻڪ آ بوجي ، سڄو بُتُ ئي ڏڏر ٿي ويو آ، ڪپڙا ئي سُيون سُيون ٿا لڳن.“ مڙس کان ٻارڙو وٺندي ،
”هيڏي ڪر مان کي ڏي.“
ٻارڙو عورت جي حوالي ڪري مرد پاڻيءَ جي دلي مٿان آيو ۽ ڪپي مٿان ڪپو پيئندو رهيو. عورت کيس پاڻي پيئندو ڏسي چيو هو،
”ايڏانھن مان لاءِ بہ پاڻيءَ جو چُڪو آڻجانءِ.“ پوءِ جڏهن مرد کيس پاڻيءَ جو ڪُپو ڏنو هو، تڏهن ڪُپو وٺندي چيو هُئائين،
”تون تہ پي ڍئو ڪر، اُڃ، اُڃ ڪندو آيو آهين.“
”مان تہ ٽي چار ڪُپا ڏوگهي ويو آهيان.“
”کارايا تہ نہ ٿي مجيريءَ ڪُڪڙ؟“ هن مرڪندي چيو هو.
”هُون...... پاڻ وارو مجيري تہ پِني ۽ پنائي، اُڌاريون ڪري عيدان، آئون اسان کي ٿو ڪڪڙ کارائي.“ پوءِ عورت سان مخاطب ٿيندي،
”جلد ڪر، جلد ڪر ڏس تہ ڪو رکو سکو ٽُڪر.“
”ڪاٿئون پئي آندم رکو سکو...... منھنجو پاڻ هنيانءُ ٿو چٽجي. جهٽڙي ترس ٻارڙي کي آجهابُ ڪرايان...... پاڻ کي تہ ڪين سجهي، باقي هي تلڦڙو ڏسين ٿو ڪاڙهي ۾ ڪيترو نہ اچي بليکم ٿيو آهي.“ روئيندڙ ٻارڙي ڏانھن اشارو ڪندي ۽ پوءِ کيس مشورو ڏيندي،
”تون بہ تہ ساھہ پَٽِ، لِڱَ تہ آگهاري وٺُ، جيءَ جيرا آهن، ان حالن مان بُڇان بہ نہ ٿي ٿيئي. جيءُ جيءُ منھنجي خان پُٽَ کي، امان....... امان گهور ٿئي تو تان.“ هن پوءِ چوندي چوندي ٻارڙي کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
”هي تہ ڏس سڄو بُت ئي پچي پيو ٿسِ. نہ نہ مان گهور، مان صدقي پرينءَ پُٽَ تان.“ هن ٻارڙي جي قميصڙي لاهيندي سندس بدن تي ٿيل نشانن ڏانھن اشارو ڪندي چيو هو.
”چڱو جهٽ ڪري وٺ، وري مان کي ڏاٽا ٺپرائڻ لاءِ لوهر ڏي بہ وڃڻو آ.“
”هن وکت لوهر ڏي وڃڻ جو ڪو ستوھہ آهي ڇا، پيشي ڪونہ ٿيندي ڇا؟“
”پنڌ بہ تہ سنڀال، وري موٽڻو بہ تہ آهي ۽ اها تنھنجي ماني ڪا سُٿري .......“
”ڪھڙا وري پُلاءَ رڌڻا آهن، ان ڪڻڪ جي ٻن ڊڳڙين ۽ ٻن پٽاٽن جي ڳترن پچائڻ ۾ ڀلا ڪھڙي دير.“ هوءَ ٻارڙي کي هنج ۾ ڪري پريان ميٽ جي پراڻي سڪي ٺوٺ ٿي ويل کمريءَ ۾ آئي هئي. سڪل کمريءَ ۾ ميٽ نہ ڏسي،
”اَلوھہ رک ڌڻي، ميٽ جي بہ ذري ڪانھي. مان کي علوءَ جي دُکان تان ٻن آنن جو ميٽ تہ وٺي آئي ڏي.“ هن کُمري خالي ڏسي مڙس کي چيو هو. مڙسنھس جي پوءِ بہ نہ وڃڻ تي بيزار ٿيندي نڪري ويو هئس،
”مان ڇا ٿي چوانءِ، بيٺو وڌين ٿو، هوستائين ويندي پير گسي ويندئي؟“
”مان ٿو چوانءِ پوءِ آڻي ڏي ني ٻہ آنا.“
”آءُ، هن رئي جي ڪنڊ مان ڇوڙِ، ڏس آهن بہ الئي ڪٿي ڪري پيا.“
”هي تہ ڇھہ پيسي آهي، باقي؟“ هن رئي مان ڏھہ پيسي جو سِڪو ڇوڙيندي چيو،
”ناهن تہ ان جو ئي وٺي آءُ.“
هو جڏهن وڃڻ لڳو تہ پٺيان واڪو ڪيو هُئائين،
”پر اچ سيگهہ ۾، بک جون دانھون بہ پاڻ ٿو ڪرين.“
تنھن بعد هو رُکي سُکي کائي، ڏاٽا کڻي لوهر ڏانھن روانو ٿيو هو ۽ هوءَ ٻارڙي کي سمھاري، ڳڀو کاڌو نہ کاڌي جھڙو پنھنجي ڪِرتِ کي لڳي وئي هئي. پھريائين سوٽو کڻي ڪڻڪ جي وَلِ کي سٽڻ ڪٽڻ لڳي، ان کان پوءِ پٽهيءَ جا ڀاڪر ٻاهر اڇلائي ڇڄ کڻي اَنَ کي وائُريندي ئي ٻارڙو جاڳي پيو هو. ٻارڙي کي لڇندو ڦٿڪندو ڏسي ساھہ ئي نڪري ويو هئس.
”ڏاڍي ننڊ ڪري اٿئين، هجان جو واندي تہ جيڪر ڪَڇَ تا هڪڙي گهڙي نہ لاهيانءِ.“ ايئن ئي اَنُ ڇنڊيندي، ڇڙيندي ٻارڙي جي ٻاڪارڻ تي پنھنجي مُنھن ڳالھائيندي بہ رهي هئي.
”اڙي آيس، منھنجا پيرن جي پِنَ، بس ڪر، بس ڪر، منھنجا ڍول پُٽڙا. مان سِرُ ساھہ توتان قربان ڪيان........ اِجها آيس، بس باقي ٻہ واڌايون. ڪيترو چيومانس سانوڻ ٿو اچي پيو ٻيو نہ تہ ڪانن جو هندورو ئي جوڙائي ڏي. ننڍڙو ٻارڙو ڪيڏو نہ ڏکيو ٿيندو.“ ۽ پوءِ اٿي وڃي ٻارڙي کي هنج ۾ ڪيو هئائين.
”بشِ...... بش....... بش...... مان گهور، مان صدقي، منھنجا ساھہ، منھنجا اربيلا پُٽَ، اڙي هينٺ ٿي مُئي پنھنجي پيارل پُٽڙي کي روئارين ٿي.“ اڃان بہ ٻارڙي جي نہ بند ٿيندڙ روڄ تي کيس ڦيرائي ٻئي پاسي ڏانھن ٿڃ ڏيڻ لاءِ ڪندي ڀُڻڪي هئي،
”هن ۾ وري ڪھڙا مَٽَ کير جا آهن. گهڻو ئي چيومانس....... هجي جو جيڪر در تي ڪا لائي لسي ٽنگَ تہ جيڪر سڄو ڏينھن کير پيئاريانءِ.“ چوندي چوندي ٻارڙي تي جهُڪي کيس اُڪير وچان مِٺيون ڏيڻ لڳي هئي.
پوءِ جڏهن گُذارِ سومھڻيءَ مڙسنھس ڏاٽا ٺپرائي موٽيو هو، تڏهن بہ هوءَ گهر جي ڪم مان واندي ٿي نہ سگهي هئي. هڪڙي ڄڻي سوين سانگا، ڪاڏهون جي ٿي ڪاڏهون جي ٿئي. هنج ۾ ستل روئيندڙ ٻارڙي کي پرچائڻ جي ڪوشش ۾ ئي جڏهن اڌ ڪچي اڌ پڪي لولي کي اٿلايو هئائين تڏهن ماني ست ٽڪر ٿي پئي هئي. باھہ کي ڦوڪون ڏيندي دونھين جي ڪڙاڻ کان اکيون مھٽيندي نڪري ويو هئس،
”باھہ ڏيانِ ڪاٺيون آهن آليون، باھہ اوجهڙ ئي نہ ٿي ڪري.“ پريان ئي مڙس کي ايندو ڏسي ٽٽي پئي هئي مٿس،
”ڇو پئي آئين، اڃان تہ نہ اچين ها. منھنجي ليکي وڃي لوهر سان گڏ ٿيو. ڪي مھلان ٿيون آهن وئي. مٿان اچي سومھڻي ٿي آهي، يڪا ٿا ڏاٽا ٺپجن. ڪجهہ تہ پاڻ کي بہ ڌَتِ ڪر، گهر مان جو نڪرين ٿو تہ بس وئون ويندن جي ڪڍ. اهو سُجهئي تہ هڪڙي ڄڻي ڪاڏهون جي ٿي ڪاڏهون جي .......“
”هُتِ تہ ڄڻ مان راند پئي ڪئي. اڄ ڏسين ٿي ڪم جي آ مُند، جڏي ايندو وارو ڪن لوهر آ منھنجو مِٽُ.“
”چڱو هيڏي ڪر تہ ڏسان.“ ڏاٽن جا ڏندا ڏسندي،
”مُلڪ کي حرام کائي ويو آ، ڇا تہ ڊوڌ جا پئسا ورتا ٿئين.“
”نيٺ ٺپرائڻا تہ آهن.“ زال جي ڀرسان ئي ويھندي مانيءَ کي ٻئي هٿ ڳنڍيا هئائين. ٻہ چار گرھہ وجهندي چيو هئائين،
ٻار کي پرچائڻ جو بہ ڌنگ نہ ٿي، يڪو ٻاڪاري ٻاڪاري.......“
”تون بہ پيءُ آهينس، کڻينس تہ ها.“
”مان ڄڻ ماني نہ ٿو کاوان.“
”پوءِ هي سو کسيندئي ڇا، ڏسين ٿو سانجڻ ٿي ڪيان، باھہ تي تئو نہ ٿو اچيس، اڳي بہ ڏٺئي تہ گرميءَ تي اکيون اٿي پيس ڪيترا نہ حيلا ڪيا مانس.“
”نہ نہ مان کان زور ٿي. هن گرھہ چٻاڙيندي چيو هو، جنھن تي جوڻس چيو هو،
”توکان زور آ، ڇوڪري کي کڻندين تہ هٿ سُور ڪندئي؟“
”ڪري وجهي ريلو، ٽورو تہ.“
”پاڻ سو ڪندو ئي ناهين، سونَ جھڙي ٻچڙي کان ٿو ڪِرِڀَ ڪرين. جائي چيو ٿنِ، جيڪي ڄڻن سي ئي پالِن، گهوري ٻاجهہ ڪنھن .......“
ايئن ئي سڄي ڏينھن جي پورهئي ڪرڻ کان پوءِ گهڻي گهڻي رات تائين ڳالھيون ٻولھيون، گهڻي گهڻي رات تائين ٻارڙي سان ٻولا چاريون، سڀاڻي جا ويچار، سڀاڻي جون سوچون، سڀاڻي جا منصوبا. پوءِ ڪو پھر ڏيڍ ننڊ ڪئي نہ ڪئي جھڙي وري وڏي اسر اٿي ٻارڙي کي پيرن تي ويھارڻ، ٻارڙي کي ٿڃ پيئارڻ، ٻارڙي کي ٿڦڪي ڏيندي ٻرهر ننڊ ڪرائڻ ۽ پوءِ ڇڄ ۾ ان ڪڻا، ڏينھن جي ورءُ لاءِ جنڊ مٿان اچڻ. ان جنڊ جي تال ۾ پنھنجي ٿڪ کي ڀلائڻ لاءِ جهونگارڻ، آلاپڻ، سوچڻ، ويچارڻ ۽ پوءِ ڪا مھل نہ ڪنھن جھڙي ٻيھر ٻارڙي جو ٻاڪارڻ، تڏهن ڳڻتي ظاهر ڪندي ڀڻڪندي،
”اجهو، ڏاڍي ننڊ ڪيئين ...... الائي تہ ڪھڙو راڙو ٿي پيو اٿس. بي بيءَ جي جهاڙَ مان بہ ڪو اثر ئي ڇڏائي ويو آهي.“ پوءِ ستل مڙس تي هڪ نظر وجهندي،
”ڏس تہ ڪيئن نہ سنڌَڻِ لڳو پيو آهي، اٿس ڪا ٻي بہ ڳڻتي.“ ۽ پوءِ ايئن ئي سندس هٿ رڪجي ويندو، پاري کي ويجهو ڪندي تئونرَ مان اٽي جا ٻُڪ ڀري پاري ۾ وجهڻ لڳي هئي.
”مشن جو هجي تہ جيڪر جهٽ پٽ ٿي پوي. چوانس ٿي تہ ٻرو ٿو چڙهيس، ايڏو پري، اجايو روپيو پائِڻِ وڃائڻو، ڏنڊي آهين، اٽي لپ پِيھڻ ۾ ڪھڙي هلاڪي. مايون آهن جو ڪاسا ٿيون پِيھن، تون اچي پِڻڪي ٻن ۾........“
چوندي چوندي پارو ۽ ڇَڄُ کڻي اندر جهوپي ۾ رکي تڪڙيون تڪڙيون وِکون کڻندي ٻارڙي مٿان آئي هئي،
”او مان بسم ﷲ ڪيان، او مان........ پنھنجي ٻچڙي کي، بش، بش، بش......... ڪيلُ مالي، ڪيلُ مالي، منھنجي جگر کي بُکڙي لڳي آ، بُکڙي لڳي آ.“ ٻارڙي کي هنج ۾ ڪندي،
”اڙي هينٺ ٿي، ڙي مُئي، پنھنجي رانجهن پٽ کي روئارين ٿي.“ هن جي ڳالھائڻ ۽ ٻارڙي جي نہ کٽندڙ روڄ راڙي تي پريان ستل مڙسنھس جاڳي پيو هو. اوٻاسي ڏيندي پڇيو هئائين،
”مُئي ڪھڙي مھل ٿي آ؟“
”تنھنجي ننڊ تہ پوري ٿي، مان ان جي پڻڪي ڏيڍ پيٺي آهي يڪو .........“
”يڪو ڇا، سنڀال بہ تہ رات سُتو ڪڏهن آهيان.“
”تو سَئين مان ڄڻ نہ سُتي هيس. مان تہ پاڻ .......“
”چڱو، ٻڌاءِ ٽيم ڇا ٿيو هوندو؟“
”مان کي وري ڪھڙا گڙيال لڳا پيا آهن. هو ڏسين ٿو ڏينھن وارو تارو چِٽو ......“
”نہ نہ “ هن اُٻھر مان کٽ تي اٿي ويھندي چيو هو ۽ جوڻس سندس توجھہ ڀاڙو ڍوئيندڙ گاڏين ڏانھن ڇڪايو هو، جيڪي سکر ڏانھن ويندڙ ريل تي پھچائڻ لاءِ وڃي رهيا هئا.
”ٻيو، ٻُڌين نہ ٿو گاڏين جا رينگٽ، سنڌ ميل تي زيتون ٿيون کنيون وڃن.“ هن پوءِ ٻارڙي کي پيار ڪندي،
”چويس، ڙي ڪِنا بابا ڇڏ هانِي کَتَ، شاباس هانِي ڇڏ کَتَ تہ آني مالَ نہ ڪڍانءِ. ڏس مان بہ تو ٿي لِنڊُ ڏئي ويو هانءِ، هان هان........“ پوءِ مڙس سان مخاطب ٿيندي،
”شاباس هاڻي ڇڏ کٽ جي پچر، ننڊ مان پيٽُ ئي نہ ٿو ڀرجئي. اٿ ٺاھہ سنجَ.“
”تون تہ سدائين آئي رهندي آن، ٻڌاءِ تہ سھي آهي ڪو آرام؟ رڳو هڻ هڻان، هڻ هڻان. هيءَ جهٽڙي بہ نہ ٿي سُمھڻ ڏين.“
”مان کي سو ڳاڙهي کٽ تي ويھاريو ٿي. تو سَنئين مان ڄڻ....... اٺ ئي پھر گِيٿُ ملي ملي ڄَڙھہ ئي نڪري وئي آ.“
”چيم نہ تہ تون ڪا سمھڻ ڏيندينءَ ڇا........“ پوءِ کٽ تان اٿي پير ۾ ٽائر مان ٺھيل کرڪڻو پائيندي،
”اُٿ ڙي خاوند ڏنا، آرام تنھنجي نصيب ۾ ئي لکيل ڪونھي.“ هو کٽ تان اٿي ڪَرَ موڙي اوٻاسي ڏيندي پريان دلي طرف وڌي ويو هو. پاڻيءَ جا ٻہ ڇنڊا مُنھن تي، هٿ مُنھن ڌوتو نہ ڌوتي جھڙو، وري سنج ڪلھن تي ٻئي زال مڙس نڪري پيا هئا محنت مزدوريءَ ڪڍ.
........ رستي سان ويندي ويندي جوڻھس چيو هو........،
”خاوند ڏنا .......“
”هُون......“ هن هلڪي اوندھہ هجڻ تي ٿاٻو کائيندي چيو هو:
”اوندھہ ۾ خبر ئي ڪانہ ٿي پوي، ڪاٿئين ڪري پيو هو دِلو.“ ۽ اُمراھہ ٻارڙي کي ڪلھي تي سمھاريندي مٿس پوتيءَ جو پلاند ڍڪيندي چيو هو،
”خاوند ڏنا، ڏسين ٿو، لٽا سڀ ڳري پيا آهن، ذات چتي لڳل، مان کي تہ ماڻھن سامھان لنگهندي بہ شرم ٿو اچي.“
”اها ڪا ڳالھہ ڪرڻ جي آ، ڀلا مان کي نہ ٿي سُجهي، پر......“
”مان تہ مان پر هِن سدائين جُڙئي کي بہ پائڻ لاءِ ٿِڳڙي ڪانھي. چئہ ڪا ڇَٺيءَ کان وٺي ڏني اٿسي ڪا نئين اڳڙي. اڃان بہ شڪر ڪر جو ناناڻن سار لڌس نہ تہ جيڪر....... هئي وانڪائي تہ هڪ اڌ ٽوپ ڀري ورتم ۽ سو بہ وڃي پنھنجي گَرِٿَ ۾ هنيئي.“
”عمي ڳڻتيون ٿي ڪرين، رک تہ ڌڻيءَ تي، ٻہ ٽي ٻيون ڏهاڙيون هنيون سين تہ کوڙ لٽا ٿي پوندا.“
”گهڻن ڏينھن کان اُهي سکڻا دلاسا پيو ڏيندو اچين؟“
”هي گهمرو تہ اِتبار ڪر، پوءِ نہ تہ يا عُمر ڪوڙو چئجانءِ، رڳو هيءَ سيزن.......“
”تنھنجي اها سيزن کُٽندي بہ الائي...... وَرِهاريون اجايا خواب، جن جو نہ ڪو مُنھن نہ سِرُ. خبر ڪانھي اهي ڏکن جا ڏينھن کُٽندا بہ الائي......“ هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا. ۽ پوءِ ڪلھي تي ستل ٻارڙي تي ٻي ٻانھن بہ ورائي ڇڏي هُئائين. ٻَني تان هلندي هلندي ڪجهہ کنن جي خاموشيءَ کان پوءِ خاوند ڏني ڳالھايو هو،
”جائي ڪيڏي تہ هڻ هڻان ڪجي ٿي، چئہ ڪا پوُرت بہ آهي، نہ رڳو اسان پر هرڪو ٿو دانھان ڪري، هرڪو ٿو........ مان ٿو چوان الئي تہ ڇو ڏينھون ڏينھن ڪمائيءَ مان برڪت ڇڏائيندي پئي وڃي. الائي تہ ڪھڙو واءُ وريو آهي، ڏسندينءَ ڪنھن جي بہ مُنھن تي سَرهائي ڪونھي. اڳي وارا زمانا ڪھڙا هئا، اڄ آ جو هرڪو.......“ هن وقت جي شڪايت ڪندي چيو هو ۽ جوڻس نڪ سڻڪي گگهي آواز ۾ چيو هو،
”اڳي وري ڪھڙو هانباريءَ چڙهيل هوندا. اڳي وارا بہ ايئن ئي لوڙي لوڙي ڪِرنگهہ جا ڀَت، ناڙي جا ٻُوڙ کائي کائي مري ويا هوندا. ﷲ کي بہ اسان لاءِ ڪجهہ آهي ئي ڪونہ.“ هن بس دل جو بار هلڪو ڪرڻ چاهيو هو ۽ مڙسنھس دلداري ڏيندي چيو هو،
”اڙي چري........ رک تہ ﷲ تي، سدائين ڪو ھھڙا هونداسين ڇا، ڪڏهن تہ اسان لاءِ بہ سکن جو سج اڀرندو، ڪڏهن تہ پنھنجو وارو ورندو.“ هن پوءِ بيھي پٺتي نھاري زال جي ڪلھي تي ستل ٻارڙي کي چمي ڏئي زال کي ڪلھي تي ٻانھن رکندي چيو هو،
”وريو وارو اسان لاءِ.........“ اڃان بہ اڳتي ٿيندي گهڻي ڳڻ ڳوت کان پوءِ چيو هئائين،
”ڀلا هڪڙو انگلڙو ڪيانءِ؟“
”چئو......“
”چوندا آهن، صبح مردان سان ڪُتي جو چَڪُ بہ نہ ڪڍرائجي. سو تون بہ جي.......“
”مان چيو نہ.“
”مان ٿي چوان اڄ جيڪر مان کي اِزازَتَ ڏين تہ، ٻيو نہ رڳو مان پنھنجي لائيءَ کي هَٽَ تي ڏئي جيڪر ٻارڙي جا ڪپڙا ڪيان.“ هن چوندي چوندي مڙس جي مُنھن جا ڀاوَ ڏسڻ چاهيا هئا. کن جي خاموشيءَ کان پوءِ هلندي هلندي خاوند ڏني چيو هو،
”جنھن ۾ تون راضي پر ڪپڙا ٿيندا سھي!؟“
پوءِ نھايت سرهائيءَ مان وڏي وک کڻندي مڙس کي پڄڻ جي ڪوشش ڪندي چيو هئائين،
”ها ها، ڀلا نہ تہ ڍِلا ئي سھي. مڙئي سانوڻ جا ڏهاڙا ٽپائڻا، وري جي خدا ڏنو تہ .......“
...... تنھن ڏينھن ست ڀائي گهر آئي، سو ٻارڙي کي ھھڙن حالن ۾ ڏسي اهڙو تہ شڪي ڪيائين جو....... ڀائين، ”هڪڙيءَ ٽانگيءَ جي لاءِ ڳولي بہ هي لَٻَرَ لڌا ٿي.“ مڙس کي بنھہ خاموش ڏسي، ڪو بہ جواب نہ پائيندي ٻيھر چيو هئائين،
”ٻچڙو تہ ڍڪجي پوءِ اسان جا ڀاڳ اسان سان.“ ۽ ايئن ئي زندگيءَ جي ڏاڍاين، ڏکن سورن تي ڳالھائيندي، ڳالھائيندي ٻنيءَ ۾ پھچي ويا هئا. ان وقت سج پھرين چِيھہ ڪڍي هئي. هن پوءِ ٻنيءَ تي ٻن ڪاٺين کي کوڙي ان ۾ جهولي ٻڌي ٻارڙي کي سمھاريو هو. تنھن بعد مڙس سان گڏ لاباري کي جُنبي وئي هئي.
لابارو ڪندي ڪندي وڌيڪ جوش ڏيارڻ خاطر خاوند ڏني چيو هو،
”جود ڪر، جود ڪر، اڄ گوءِ ٿي، ڏسان تہ ڪير ٿو ٻني تي اڳ ۾ منھن پھچائي.“
”رکيئي گوءِ ...... ڪالھوڪي تہ شرط ڀري ڏي.“
پوءِ ڳچ ڳچ تائين خاموش ئي خاموش ٻئي هڪ ڪَنا ٿي لاب ڪندا رهيا. لاب ڪندي ڪندي هوءَ هر مُٺِ سان مشين جي چال جيان هيٺ مٿي ٿي رهي هئي.
ڪافي وقت جي آرام کان پوءِ ٻارڙي ٻاڪاريو هو. هن پوءِ ٻار ڏانھن وِکَ کڻندي چيو هو،
”مان ڇوڪري کي پيرن تي ويھاري اچان، ڪري نہ وجهي ڪپڙا خراب.“
”چڱو سيگهہ ۾ اچ، متان يڪو وڃي.......“ مڙسنھس پٺيان چيو هو. ۽ پوءِ، ريلو، ٽورو، ٻارڙي کي ٿڃ ڏني نہ ڏني جهڙي، وري ٻيھر لاب ڪرڻ لڳي هئي. لاب ڪندي ڪندي پريان هاريءَ ايندي هڪلايو هو،
”شابس بابا، شابس، ڏسو ٿا ڏيھہ جھان اڳتي نڪري ويو آ، رڳو تھان ئي....... جود ڪيو، جود ڪيو، صبح جو پھر آ، ٿڌ ۾ ڪا رهڙ ڏئي وٺوس پوءِ ڏينھن ٿو تپي تہ نڪران نڪران ٿا ڪيو.“
”اڙي چاچا، اسان ڀلا ڪو ويٺا آهيون ڇا، ڏسڻ وارو پاڻ آن تو سنئون، اڃان بہ توکان ڪي گهڙيون اڳ ٿا ٻنيءَ ۾ پير پايون تہ ورندي ٽيپھريءَ ٿا نڪرئون، ٻيو ڀلا.......“ خاوند ڏني چيو هو ۽ پوءِ ويندي ويندي هاريءَ چيو هو،
”چڱو چڱو ڇڏ ڳالھائڻ، وارو ڪري وٺ، اڄ ڪمدار بہ اچڻو آ، ايئن نہ تہ تھان بيٺا ٻولا چاريون ڪيو ۽ پوءِ زيڪ ڏياريو ٻئي کي، تنھن ڏينھن بہ ڪاراوي کي ڪاوڙائي ڇڏيو اَٿَوَ.
”ڪا ڪا، ڪاراوي کي ڪاوڙايو ٿس پنھنجن افعالن، اسان ڇو ......“
”چڱو چڱو مائي ڇڏ ڊيگهہ کي، وٺ پنھنجي ڪم کي.“
تنھن بعد اچي جو هڻ هڻان ڪئي هئائون تہ نيرن جي مانيءَ تائين چيلھہ نہ سڌي ڪئي هئائون. نيرن ڪئي نہ ڪئي جھڙي بس ڏڌ سان ٻہ ڦلڪا ڪڻڪ جا وري ساڳيو ئي ٻيھر لاب کي جنبي ويا هئا. نيرن کان پوءِ جيئن جيئن سج مٿي چڙهي رهيو هو تيئين تيئين سندس تپش ۾ واڌ ايندي رهي هئي. گرمي ۽ ٻوسٽ کان جڏهن ٻارڙي ٻاڪارڻ شروع ڪيو هو، تڏهن بہ ڏانھس ڪا نہ وئي هئي. بس رڳو خاموش ئي خاموش نماڻين نيڻين کيس تڪيندي ئي رهي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ممتا جي آَڻَ مَئي جذبي وچان ايئن ٿي ڀانئيو ڄاڻ ڪي ڄاڻ ڏاٽو اڇلايائين پر ٿورو ڏسڻ ، تڪڻ کان پوءِ ٻيھر لاب ڪرڻ ٿي لڳي. ٻارڙي جي حد درجي جي ٻاڪار کان پوءِ بہ ڇار مٺيون هڻي نيٺ ڏاٽو هڪ سٿريءَ تي اڇلايو هئائين ۽ پوءِ اُرھہ ۾ ڀرجي آيل کير کي هٿ جي تريءَ سان مھٽيندي ٻہ چار وکونمس کنيون هئائين جو ڪجهہ ياد ڪندي اوچتو بريڪ لڳي وئي هُيس ۽ پوءِ گهٻرائجي کنيل قدم واپس ڪري ٻيھر وڃي ڏاٽو کنيو هئائين. ان گهٻراهٽ ۾ هن کي ياد آيو هو، اڃان ڪالھہ ئي تہ کيس ڪارائي ڇڙٻيو هو.
هن جو جيئين ئي ٻارڙي ڏانھن توجھہ ڇڪجي ويو هو، تيئين ئي بي خياليءَ ۾ ڏاٽي سندس آڱر کي چيري رکيو هو. ڏاٽي جي گھڪي اچڻ سبب هن کان دانھن نڪري وئي هئي، جنھن تي پريان لاب ڪندڙ مڙسنھس ڇرڪي پڇيو هو،
”ڇو، خير تہ آهي!؟“
”خير وري ڪھڙو، آڱر جو ٻرو ئي لھي ويو آ.“
”آڱر جو ٻرو ئي لھي ويو آ، انڌي هئينءَ ڇا، مڳز تہ جاءِ ٿي، ڪم جي مند آئون.......“ مڙسنھس چنتا ظاهر ڪندي ڇڙٻيو هو.
”مان ڀلا ڄاڻي واڻي ٿورئي........“ هن رت بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو هو.
”چڱو هاڻِ زمين کوٽي آلي مٽيءَ جو پِنوڙو رکيس، ڪِنَ مان اچان؟“
”نہ نہ تون نہ سيڙج، تون نہ...... تون پنھنجو ڪم ڪر.“
هوءَ پوءِ زمين تي پلٿي ماري زمين کوٽي آلي مٽي ڪڍي وڍيل آڱر رکي رت بند ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪَڏي ڪَڏي ٻارڙي کي بہ تڪي رهي هئي. ان سندس واجهائيندي ئي مٿان اچي ڪاراوي بہ سلاماليڪي ڪئي هئي. هن پھريان ئي امراھہ کي ويٺل ڏسي هڪل ڪئي هئي،
”مائي وري ڇا وڃايو ٿي، لاباري تي آئين آهين ڪن گهمڻ، جڏي ڏس تڏي....... خاوند ڏنا تنھنجي زائفان مڙئي ڪم جي ڪاهلي ٿي ڏيکارجي. مھربان اڳ لاءِ ڇڏي ايندو ڪرينس پٺتي تہ ويٺي ڪانوَ تڙي.“
”نہ ڙي ڪاراوا صاحب، اهڙا ويڻ تہ نہ لاءِ، منھنجي زال ٿي اصلي مڙسن جھڙو مڙس.“
”ڪھڙو يار، اڃان ڏهين واري گاڏي ئي نہ آئي آهي تہ مائي ويٺي آهي ساھہ پٽڻ، ڄڻ تہ سڄو نمبر ئي لاهي وئي هجي.“
”ميان صاحب آڱر کي جهير اچي ويو ٿسِ، نہ تہ جيڪر......“
”هونءَ وري ڪھڙو لاب کي ڀيلي رکندي آهي، هونءَ بہ سڄو ڏينھن ڇوڪر پرچائڻ جي بلي هوندي آهي. رڳو رناڻا مِڪرَ. پر هاڻي جود ڪر، جود ڪر سيڙجين ٿو تو ڀي، خبر آهي ڇا ڪا تھان جي لاباري جي.“ ڪاراوي ويندي ويندي اهو سڀ ڪجهہ چيو هو. تنھن بعد امراھہ ڪروڌ ۽ نفرت ڀرين نگاهن سان ڪارائي کي نھاريندي پوتيءَ جي پلاند مان اڳڙي ڦاڙي آڱر کي ويڙهيندي مڙس ڏانھن وڌي آئي هئي،
”اچي هن کي ڳنڍ ڏي.“
”سُچيتائيءَ سان جو ڪم ڪرين تہ جيڪر.......“
”چڱو هاڻي ڇڏ جندُ، ماريو مناڪ ڏي بہ ڀريون ٻڌي ٿو، اها چڳ وَلِ جي ، جنھن لاءِ سون جھڙي ٻچڙي کي بہ روئاري روئاري اڌ مئو ڪيو ٿم.“
”ھھڙا جو هٿ وڍيئي تہ پوءِ اسان بہ ڪمايوسين. هون...... لابارو لاباري جي ماڳ متان ڪنھن ڏينھن لاهي رکين ڪرائيءَ کان چمبو.“
”چڱو هاڻي، خير صلين وائي تہ سڻائي ڪڍ، هي وري منھنجي لاءِ ٻيو ڪارائو ساماڻو.“
”ڪارائي جي سَڪي چڱائي پڄئي تہ گهر هلي ناس چپٽي وجهي بوبڪائي تماڪ جو پنُ ٻڌيس تہ ڪري نہ رکئي پڪريز، ڏسين ٿي اڳي ئي لڳي پئي آهي پاچُو مند.“
”ٺھيو ٺھيو پڪريز ڪيائين تہ توڏي نہ ڀائينديس.“ چوندي چوندي هوءَ ٻارڙي ڏانھن وڌي وئي هئي. پٺيان مڙسنھس چيو هو،
”وري ڪاڏي؟“
”وري ڪاڏي، وڃان ٿي ويھڻ، ڏسين نہ ٿو، ڪي مھلان ٿيون آهن جو رڪو ٿو ٻاڪاري، ويچاري جي اچي گِگَ سِنگهہ بہ گڏ ٿي هوندي.“ هن بہ ٻارڙي کي هنج ۾ ڪيو هو جو ڪڙميءَ نيرن جي ماني آندي هئي. هن ٻارڙي کي هنج ۾ ڪري ٿڃ ڏيندي دکيءَ مان ڏُڌَ جو جمن ڀري گرھہ وات ۾ وجهڻ جي ڪئي هئي تڏهن خاوند ڏني مذاق ڪندي چيو هو،
”عُمي، اڄ تہ کڻي ماني نہ کاءُ.“
”ڇو، الائي ڪھڙي گناھہ ۾.“
”ان کان وڌيڪ ڪھڙو گناھہ جو پاڻ کي اُڦٽ ماري رکيو ٿي.“
”ماريان تہ اُن مُئي ڪارائي کي ها پر خدا جو ملاحظو ڪري ٽري وئي مانس. ماريو ڪَسِيرڪُ ڪنھن جاءِ جو. پرائي مال تي ، ٽوپي نِراڙ تي. ٻئي جي ليکي ڄڻ بابھنس جي ميراث هجي. هون...... ماريو ٽُڪِريلُ ٽَڪي جو نوڪر.“
۽ اڄ بہ کنيل قدم واپس ڪندي، هن لاب ڪندي ڪندي روئيندڙ ٻارڙي ڏانھن بس ڪَڏي ڪَڏي ڪنڌ مٿي ڪري اُڀو ٿي تڪيو هو ۽ پوءِ نڪري ويو هئس،
”روءُ پُٽَ، روئي وڏو ٿيندين.“ هر مٺ لڻڻ سان هن جي ساھہ اُڌمو کاڌو هو. ڏاٽي ڪڻڪ جي سُڪن تيلن کي نہ ڄڻ سندس جگر کي ڪٽيو هو. هن ٻارڙي کي ٿڃ ڏيڻ ، ڀاڪر ۾ ڪرڻ، کيس ٻہ چار چميون ڏيڻ لاءِ گهڻيون ئي جهاتيون پاتيون هيون پر چري هڪ قدم بہ ڪانہ سگهي هئي. بس، مجبوري، بيوس بار تہ اُٺن بہ اُڇلايا. ڪڏهن ڪڏهن نڪري ويو هئس،
”مُئو ڏينھن تہ ٿيو آ، توبھہ....... هن سال الائي ڪاٿئون اچي گرمي پيدا ٿي آ. اڃان سانوڻ تہ پري پيو آ هاڻي ئي ساھہ ُ ساھہ ۾ نہ ٿو ماپي ، هي تہ تلڦڙو ٻارڙوآ هن ڏي ڪھڙو ڏوھہ . مٿان نِٽهڻ اُس، ڇانورو هوندو آهي تڏي بہ ٻي ڳالھہ.“ يا ڪَڏي ٽائيم جي شڪايت،
”مُئي ٽيمَ جي بہ خبر ئي نٿي پوي. ڪڏهن گهر پھچبو، ڪڏهن اَنُ ڪٽبو، ڇڙبو، ڇنڊبو، سو ڪپڙي ٽُڪر وٺبو. مُئو علو بہ شل هَٽُ بند نہ ڪري وڃي.“ ۽ ان ٻارڙي جي ڪپڙن وٺڻ واري خوشيءَ ۾ هن سڄو ڏينھن تصورن ۾ گذاريو هو. سڄو ڏينھن خيال پچايا هئا. هن کي ڪنھن وقت لڳي رهيو هو گهر جي آڳند ۾ وَلِ سٽي ڪُٽي رهي هجي. ڪَڏي اَنُ ڇڙي، ڇنڊي ڇڄ ڀري مٿي تي رکي گهر مان نڪرندي نڪرندي پٺيان مڙس کي ٻارڙي جي پارت ڪندي هجي.
”ٻارڙي جو خيال ڪجانءِ، مان اجهو آيس، هَٽُ نہ بند ڪري وڃي.“
”نيٺ نہ مُڙينءَ، چڱو سِيگهہ ۾ اچجانءِ.“
”او ها، ها ....... بس بيٺي پير ٿي موٽان.“
ڪڏهن ڪڏهن ٻيا اهڙائي تصور ڪندي هوءَ پنھنجو پاڻ کي دڪان ۾ ڏسندي رهي هئي. تصور ئي تصور ۾ دڪاندار سان ڳالھائيندي رهي هئي،
”مائي ڇا کپي؟“
”اڙِ ادا، توکي تہ صندليءَ تان لھڻ واڪَ ئي نہ ٿو ٿئي، ڪجهہ تہ سُرُ.“
”مائي کپي ڇا؟“
”اڙي ادا، ڏاڍو تہ هاڻي کائي گڙِ ٿي ويو آهين. اڳي بہ هُئين الائي هاڻي اچي نئينءَ مان ٿيو آهين، ٻيا بہ دڪاندار آهن، الائي تو اچي نئينءَ مان ڪڍيو آهي. نہ صندليءَ تان لٿين نہ اَنُ توريئي، پري کان پيو واڪ ڏين.“
”مائي تون آهين ڪُسڪِڻي ذري ذري تي پئي دانھون ڪندي آهين، انھن دانھن کان منھنجي ويندي آهي ڪَلَ.“
ڪَڏي ڪڏي کيس ايئن بہ ڀاسڻ لڳو ٿي تہ ڄڻ اَنُ توريندي دڪاندار بي ايماني ڪندو هجي،
”اسان کان ايڏي اُٽلَ سان وٺو ٿا، آئون پاڻ ڪيئن سنئينءَ ڳانيءَ ڏيندا آهيو، ڄڻ سون ٿا توريو.“
۽ پوءِ ڄڻ دڪاندار، اَنُ توري اٿيو هجي ۽ تارازي هڪ پاسي اڇلائيندي چوندو هجي،
”چئو مائي ڇا کپي؟“
”گهڻو ٿيو؟“
”پائڻ گهٽ پنج روپيا.“
”اڙي ادا، ﷲ ڏي ڏس، مان غريب کي ڦري ڪھڙا سونا ڪڪڙ ڌاريندين، آَنَ جي هيڏي ساري بيڊَڪَ، سڄي ڏينھن جي محنت، آئون پائڻ گهٽ پج روپيا!!؟“
تڏهن دڪاندار پنھنجي بي ايمانيءَ تي پردو وجهڻ لاءِ صفائي پيش ڪندو هجي،
”مائي مان ٺڳي نہ ڪندس، ﷲ سان ڪم پوندو. مان تہ رڳو تاراجيءَ ۽ زبان جو کٽيو کائيندو آهيان.“
”چڱو ادا، تنھنجو ئي ڀَتُ گهاٽو پر ٻڌاءِ تہ تو وٽ ڪوري ململ آهي؟“
”نہ“
ڪڏي ڪڏي کيس لڳو ٿي، دڪاندار غريب سمجهي شايد ڪپڙي جي نہ هجڻ جو ڪوڙ هڻندو هجي.
”اڙي ادا، خداءِ ڏي ڏس ايئن ڪيئن ٿو ڪرين. نياڻيءَ کي نہ موٽاءِ ﷲ کٽائيندئي.“
”مائي ڪوري ململ لڳي پئي آهي ذِرِ، غريب غربي کي پائڻ جو ڪو ساھہ آ.“
”مان کي رڳو ڏيڍ وال کن ٻارڙي لاءِ گهرجي، ڏي تہ هان غريبن جي ڪا دعا تہ کَٽُ، ﷲ ان ٻچڙي ۾ برڪت وجهئي.“
”مان ٻڌايانءِ وال اٿئي پائڻ چئين روپئين، پوءِ متان......“
”ڪجهہ لاهو گاهو.“
”تون کڻي ٻہ آنا نہ ڏجانءِ پر باقي؟“
هوءَ ڪڏي ڪڏي ايئن بہ سوچڻ لڳي،
”جي فرض ڪر پئسا کُٽِ پون تہ پوءِ؟“ تڏي خيالن ئي خيالن ۾ ان معمي کي بہ حل ڪرڻ لڳي هئي،
”ادا ڪھڙو نہ ڏسڻو وائِسڻو، تنھنجي ان ٻٽنِ ڪوڏين لاءِ ڳوٺ ڇڏي وينداسين، ڀڄي وينداسين.“
”مائي مٿو نہ کاءُ، نہ تہ کڻ پنھنجو اَنُ، نڪري وڃ دڪان مان، اڳي ئي مڙسنھن ڏي پروڪا اڍائي روپيا پيا آهن، سي ڏئي ڏئي ٿڪا آهيو باقي.......“
”عُمي........“
مڙس جي اوچتي سڏ تي ڇرڪي پئي هئي پوءِ پاڻ سنڀائيندي چيو هئائين،
”هُـــــــون......“
”اڄ ڪھڙن پورن ۾ پئي آهين، نہ ڳالھائڻ نہ ٻولھائڻ!“
”پُور وري ڪھڙا، چوين جو ٿو تہ ڳالھائڻ تي لاب نہ ٿو نبري.“
”پوءِ ماٺِ تہ گهُٽي رکندي. ٻُڌُ، وليداد واري پوک ڏٺي ٿي؟“
”نـــــــــہ.......“
”ڪلھہ مليو چيائين تہ ڀائين، مان کي بہ پوک لُڻي ڏيو.“ واھہ جو ڀٽاريءَ کي اَنُ آ. جھڙو اٿس اَنُ تھڙو وري ترُ، چون ٿا اصلي ڪِري پئي آهي ڪِري.“
”هيل ڪو فصلن جو بہ سمون آهي. اسان بہ ڪيون جو ها ڪو لائو لسو زمين جو ڳڀو تہ جيڪر ٻہ چار مڻ تہ اچن ها.“
”اچن تہ ها پر ڪھڙا رکيا ٿي ڍڳا، لاب نڪتي کان پوءِ هل تہ بيٺي پير اک مان ڪيون هلئون.“
”هُـــــــون.......“ ننڍڙو ٻار ڊَڊيءَ تي، پٺيان گهر جي چوچي ڀانگهي سان منھن، وري اڄ ڪپڙي ٽڪر لاءِ بہ تہ ........“
”چڱو، تون پنھنجي لائي کنيون ڇوڪر سوڌي هلجانءِ گهر، مان پاڻھي ڦريو ايندس.“
پوءِ جڏهن هڪ بجي واري گاڏيءَ ڪُوڪَ ڪئي هئي تڏهن ٻئي راڄ سان گڏ هي بہ نڪرڻ لڳا هئا. هاريءَ ۽ ڪارائي اچي کين سڄي ڏينھن جي محنت عيوض ڪڻڪ جي وَلِ جون صرف ٻہ چار سَٿرِيون ڏنيون هيون. اُمراھہ پريان ڪنھن انائين سَٿريءَ ۾ هٿ ڳنڍيا هئا تہ هاريءَ هڪلايو هو،
”او مائي، هيءَ نہ ٿي وڻئي ڇا، جو وتين ٿي سڄي پوک لتاڙيندي.“
”او نہ نہ ڪاڪا بس آيس.“
۽ پوءِ جڏهن پوتي لاهي زمين تي وڇائي هئائين تڏهن هاريءَ کي وَلِ وجهندو ڏسي شايد زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو لڄ لاهي ايلاز مِنٿَ ڪئي هئائين،
”ڪاڪا اڄ مڙئي پارت ٿي، ڪجهہ ڪَسَرِڙي ڏجانءِ.“
”ڇا جي ڪري....... جو لاب کي بہ ڀڃي رکيو ٿي.“ هاري وات ڦاڙي چيو هو،
”سڄو ڏينھن آهين ٻار پرچائڻ جي بِلي، آئون ڀانئين.“ ۽ پوءِ کيس ڀري ٻڌرائيندي،
”ڪير چوندو تہ هي ٻن ڄڻن جو لاب آ، لاٿو اٿوَ ڪو جريب ٻه.“
”اڙي چاچا ڪڇي تہ ڏس، باقي رڳو، جريب ڏيڍ جي بات آ!“ پوءِ ڀري ٻڌرائيندي ئي پريان مٿي تي ڀري رکيون هٿ ۾ دِلو لڙڪائيندو مڙس کي ويندو ڏسي،
”ڪاڪا خداءِ خداءِ ڪر، اهڙي نمڪ حرامي ڪبي ڇا، پنھنجي کاڌي ۾ ڪو وِھہ وجهبو ڇا، پورهيت جو آ پورهيو.......“
”اڙي ميان وارو ڪري وٺ، هو ڏسين ٿو ٻيا همراھہ بہ نھارن ٿا، مان کي انھن سان بہ مُنھن ڏيڻو آهي. اجايو زائفان ماڻھوءَ سان......“ نظرداري ڪندڙ ڪارائي چيو هو. پوءِ جڏهن هن هاريءَ کي وَلِ کڻائڻ لاءِ چيو هو تڏهن هاريءَ پريان اُس ۾ پيل ٻاڪاريندڙ ٻارڙي ڏانھن اسارو ڪيو هو،
”ڇو اڄ ٻارڙو وسري ويو ٿي ڇا مائي؟“
”نہ، هيءَ چڳ او هن ٻٻر جي ڇانوري هيٺان رکي پوءِ ٿي اچي کڻي وڃانس.“
هن پوءِ مٿي تي رکيل گَڏي کي گهڻو اڳتي ويندي پريان گس تي بيٺل ٻٻر جي ڇانوَ ۾ رکيو هو. گَڇو رکڻ کان پوءِ ڳچيءَ کان پگهر اُگهي چولي جي آڳي کي هوا ۾ لھرائيندي سخت گرمي ۽ ٻوسٽ کان جان ڇڏائڻ جو ڪوشش ڪئي هئي.
”اڙي هاءِ هاءِ........ ڪھڙي تہ ٻٻر جي ڇانوَ وڻي ٿي.“ پوءِ ڪنھن هوا جي جهوٽي اچڻ تي،
”او اهڙو........ مٺڙا رب اهڙو تہ ڪو جهوٽو لاھہ.“ روئيندڙ ٻارڙي ڏانھن پھرين وِکَ وڌائيندي،
”اڙي آيس، آيس، منھنجا حاڪم پٽڙا.“ پوءِ ٻار جي حال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي،
”ڇا تہ ٻاڪاري ٻاڪاري نڙي ئي ويھجي وئي ٿس، ٻوسٽ ۾ ڪھڙو تہ اچي بليکم ٿيو هوندو، هجي جو ڪا پٺيان پھر تہ جيڪر......“ ڪجهہ وِکون کڻندي چيرن آيل ٻانھن کي کنھندي،
”باھہ ڏِيان ڪُرن تہ ٿيون ڪرايون.“ ايئن ڊڀائين ٻني تان هلندي هلندي پير ۾ ڊڀوڙي ٽنبجي وئي هيس تڏهن دانھن ڪري ٻني تي ويھجي وئي هئي.
”ابوءِ .........“
پوءِ ٻني تي ويھي چولي جي ڳچيءَ مان ٻِلُ ڪڍي پير مان ڊَڀوڙِي ڪڍندي،
”باھہ ڏيانس، جُتيءَ کان سواءِ بہ آهي تادِي.“
ان ڊڀوڙي ڪڍندي هن کي ڏاڍو ايذاءُ اچي رهيو هو،
”مُئيءَ ۾ ڏاڍو ڪو زهر آهي، اصلي نانگ کان بہ وڌيڪ، سڄو پير ئي ٽارو ٿي ويو آهي.“
دڀوڙي ڪڍڻ کان پوءِ هوءَ منڊڪائي ٻَني بجاءِ هيٺ کيڙيءَ مان هلي رهي هئي. ٻارڙي کي ڪجهہ قدم پريان ئي هن هڪ نگاھہ پُٺِ تي نھاريو هو. پٺتي ڏسندي ئي کائنس هڪ هينئين ڦاٽي دانھن نڪري وئي هئي،
”هي هي....... کَلا ٿي، کَلا ٿي ڀٽاري، کلا ٿي...... او هل هل، هل........ شل ڪا هچا پوندئي.“ هن پويان پير ڪندي وڏيون رڙيون ۽ وڏيون ورانگهون کڻي تيزيءَ ۾ وَلِ بچائڻ لاءِ ڊُڪَ ڀري هئي.
”او هل، هل....... مرنئي مالڪ، ابوءِ....... وڄي ويس، ڌنار بہ مُئا.......“
هن ان وَلِ جي گڏي کي بچائڻ لاءِ انتھا درجي جا جَتن ڪيا هئا پر پوءِ جڏهن ڀريءَ مٿان آئي هئي تڏهن مالُ تہ ٽڙي پکڙي ويو هو پٺيان ڇڏي ويو هو ٽڙيل پکڙيل، ڊوباڙيل سوباڙيل، سنگ سنگ ڌار، ڳني، ڳني ڌار، داڻو داڻو ڌار.....!! ۽ ان ٽڙيل پکڙيل، سنگ سنگ ڌار، وَلِ مٿان بيٺي بيٺي ڪو وقت تہ حسرت ڀريل نظرن سان پنھنجي سڄي ڏينھن جي تباھہ ۽ برباد ٿيل محنت کي ڏسندي ئي رهي هئي، بس ڏسندي ئي رهي هئي. سندس سڄو جسم پگهر ۾ شلِ ۽ بدن چِڙ ۽ بد حواسيءَ مان ڪنبي رهيو هو. پريان گرميءَ جي شدت کان ٻارڙي جي ٻاڪارن ۾ جيئين پوءِ تيئين واڌارو ٿي رهيو هو ۽ پوءِ جڏهن بيٺي بيٺي ئي تباھہ ٿيل وَلِ، خالي پٽھيءَ تان نظرون کڻي، مٿي ڪنڌ ڪري ٻارڙي کي ڏٺو هئائين تڏهن سندس اکين مان ٻہ ڪوڙا ڳوڙها ڳڙي سندس ڳلن تي ڪري پيا هئا ۽ آواز گوليءَ جيان نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هو. هوءَ پوءِ مئل قدم کڻندي روئيندڙ ليلائيندڙ ٻارڙي طرف وڌي هئي. خالي ڦاٽل پوتيءَ ۽ خالي ڳڀا ڳڀا ٿيل دِلِ سان.