ناول

مينھان ۽ نينھان (ٽي ناوليٽ)

ميڊم جھان آرا سومرو تسلسل سان افسانوي ادب لکندي رھي آھي. سندس ڪھاڻين ۽ ناولن جا ڪردار ۽ واقعا آس پاس جي حالتن ۽ واقعن مان ئي کنيل آهن. نھايت سادي اسلوب ۽ وڻندڙ ٻولي ۾ لکي ٿي. ھن ڪتاب ۾ سندس ٽي ناوليٽ ”زينت چري آھي“، ”من اندر جا لوچ“ ۽ ”مينھان ۽ نينھان“ شامل آھن. ڪلاسيڪل ٻوليءَ ۾ لکيل هي ٽئي ناوليٽ سنڌي ادب ۾ پنھنجي منفرد سڃاڻ رکن ٿا.

Title Cover of book مينھان ۽ نينھان (ٽي ناوليٽ)

ارپنا

”محبتن“ جي نالي
جيڪي ”سمنڊ“ وانگر وشال آهن.
”سمنڊ“ جنھن جون ورهاستون تہ هونديون آهن، پر سرحدون نہ هونديون آهن.
”محبتون“ ان اولاد جون، جيڪي منھنجي وجود جو حصو ۽ منھنجي اولين ترجيح آهن.
”محبتون“ ان ڀيڻ جون، جيڪا پنھنجو درد وساري رب ڪائنات کان وٽس منھنجي هڪ رات جي سڪون ۽ آسانيءَ واري قيام لاءِ دعا گهري.