تخليقي ادب جو وڏو نالو، جھان آرا سومرو
تاج بلوچ لکيو هو، ”تخليقي عمل، اصل ۾ فرد جي اندر کان ٻاهر، سفر جو نالو آهي. قلمڪار انساني فطرت جي بيتابين ۽ تضادن جي ادراڪ کانپوءِ ئي قبولڻ جوڳو بڻجي ٿو. ۽ لکيل حرف کي وقار بخشي ٿو. سول سوسائٽيءَ ۾ سڃاپجڻ ۽ خاص رتبي تي پھچڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. هن جي سڃاڻپ ۽ اعلى پَدُ اصل ۾ ان جي سماج جي لاهين چاڙهين جو عڪاس هوندو آهي.“
اهڙي ئي تخليقي عمل جي ثابتي هن ”مينھان ۽ نينھان“ ۾ موجود آهي. جيڪو سنڌ جي وڏي ليکڪا جھان آرا سومرو جي ٽن ناوليٽن تي ٻڌل هڪ ڪتاب آهي. ميڊم جھان آرا سومرو بھترين ڪھاڻيڪارہ آهي. سندس ڪھاڻين جا ڪتاب ”ماءُ منھنجو جندڙو“ ۽ ”جيڪر مان گل هجان ها“ ۽ ناول ”سوغات“ اڳ ئي ڇپجي چڪا آهن. هن ڪتاب ۾ موجود سندس ڪھاڻين جا موضوع تہ عام آهن پر سندس ٽريٽمينٽ خاص آهي. هوءَ ڪردارن کي نئين انداز ۾ کڻي ٿي ۽ احساساتي سطح تي آڻي هوءَ عام ڪردارن کي خاص بڻائي ڇڏي ٿي. هن ڪتاب ۾ ٽي ناوليٽ موجود آهن؛ جن ۾ ”زينت چري آ“، ”من اندر جا لوچ“ ۽ ”مينھان ۽ نينھان“ ناوليٽ شامل آهن. ٽئي ناوليٽ ڪمال جا لکيل آهن. ٽنھي ناوليٽن جي اهم خوبي اها آهي تہ انھن ٽنھي جي ٻولي تمام خوبصورت آهي. بلڪہ ٽنھي ناوليٽن جي ٻوليءَ ۾ اهو جادو آهي جو جڏهن پڙهڻ لاءِ کڻجن ٿا تہ ناوليٽن جا واقعا ۽ رونما ٿيندڙ لقاءَ پنھنجي جاءِ تي پر ٻوليءَ جي سادگيءَ جو حسن پڙهندڙ کي پنھنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏي ٿو. هنن ناوليٽن ۾ ڪي وڏيون ادبي تلميحون بہ ناهن تہ شعري استعارا ۽ ادبي مبالغہ آرائي بہ تہ بنھہ ڪانھي. سنئين سڌي سادي ٻوليءَ ۾ ناوليٽ پنھنجن ڪردارن جي آڌار اڳتي وڌن ٿا.
”اونھارو گذريو، سيارو شروع ٿيو تہ زينت جو وڏي ڌام ڌوم سان منير سان مڱڻو ٿي ويو. زينت کي رکي رکي حيرت ٿي لڳي تہ آخر اهو سڀ ڪجهہ سولائيءَ سان ڪيئن ٿي ويو. نہ محبت ۾ ڪا رڪاوٽ آئي نہ ئي آزمائش. هن کي ٿورو اهو بہ محسوس ٿيو تہ هن جي ڪھاڻيءَ جو هيرو نہ ڪنھن عاليشان بنگلي جو مالڪ هو نہ ئي وٽس ڪا قيمتي ڪار هئي. هو تہ هڪ ننڍڙو ڪلارڪ هو، جيڪو سائيڪل تي هلندو هو. پر تڏهن بہ هوءَ جڏهن آڱر ۾ مڱڻيءَ جو ويڙھہ پائي پھريون دفعو اسڪول وئي تہ سھيلين جو شوق ۽ حسرت ڀريل نظرون ڏسي هن کي عجيب خوشي محسوس ٿي.“
هي ٽڪرو هن ڪتاب ۾ موجود پھرين ناوليٽ، ”زينت چري آ“ مان ورتل آهي. هن ناوليٽ جي هيروئين زينت هڪ عام ڳوٺاڻي گهر جي ڇوڪري آهي، جيڪا منير نالي ڇوڪري سان پيار ڪري ٿي. منير بہ ابتدا ۾ هڪ عام ڪلارڪ آهي، پر هو زينت کي هر ممڪن خوشي مھيا ڪري ڏيڻ لاءِ محنت ڪري ٿو ۽ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڳوٺ مان نڪري شھر پھچي ٿو. هو زينت کي هر آسائش مھيا ڪري ڏي ٿو. شھر ۾ اچڻ کان پوءِ منير تہ نوڪري ڪرڻ ۽ اپر ڪلاس ۾ اٿڻ ويھڻ سبب شھري مزاج جو ٿي وڃي ٿو. پر زينت ڳوٺاڻي ئي رهجي وڃي ٿي. هوءَ پنھنجي ڪُل ڪائنات منير کي ئي سمجهي ٿي.
”منير! “ زينت محبت ڀريل نظرن سان کيس ڏسندي چيو، ”منھنجو اصل سُک ۽ خوشي تہ تنھنجي محبت ۽ ساٿ آهي، اهو مون سان گڏ آهي تہ مون جھڙو ڪو امير ئي ڪونھي.“
پر هن نہ ٿي ڄاتو تہ ڪلاس ڪلچر جي تبديل ٿيڻ سان گڏ هن کي پاڻ ۾ بہ تبديليون آڻڻيون هيون. هوءَ تبديلي نٿي آڻي ۽ نتيجي طور منير گل اندام نالي ڪنھن ٻي ڇوڪريءَ ۾ انوالو ٿي وڃي ٿو. پھريان اها ڳالھہ هو زينت کان لڪائي ٿو، پر آخر ڳالھہ جڏهن کُلي وڃي ٿي تہ هو زينت کي ٻڌائي ٿو تہ شھري ڪلچر ۾ هلڻ لاءِ مون سان پڙهيل لکيل زال جو هجڻ ضروري آهي، ۽ هو گل اندام سان شادي ڪري ٿو. گل اندام هڪ چالاڪ ڇوڪري آهي، جيڪا اول تہ گهر ۾ پير رکي ٿي ۽ هوريان هوريان منير جي دل ۾ جاءِ ٺاهي وٺي ٿي. هوءَ جڏهن پرڻجي اچي ٿي تہ هوريان هوريان گهر جي هر شئي پنھنجي هٿ ڪري وٺي ٿي ۽ زينت پاڻ کي ان گهر ۾ اوپرو محسوس ڪرڻ لڳي ٿي, جنھن جي هر شئي هن پاڻ پنھنجي مرضيءَ سان جوڙائي هئي. سندس ٻار بہ تعليم جي نالي تي کانئس ڌار ڪيا ويا ۽ نيٺ هوءَ ڳوٺ هلي وڃي ٿي ۽ پيرن فقيرن کان ڌاڳا ڦيڻا ڪرائي مڙس کي مڃائڻ جا جتن ڪري ٿي. سندس ڳوٺاڻي ماءُ بہ کيس اهائي صلاح ڏئي ٿي:
ماءُ چيس، ”زينت، ڪو وظيفو ڪر، ڪو لک پڙھہ، ڪنھن پير فقير جي ڪڍ پئون. من رب ڪٿان ٻڌي ۽ منير وري پوي.“ زينت سياري جي راتين ۾ ڇت تي بيھي وظيفا پڙهيا، اونھاري جي ساڙيندڙ جهولن ۾ لک پڙهيا. پيرن فقيرن جي ڪڍ پري پري تائين پنڌ ڪيا. پر ڪيئي سيارا، اونھارا گذري ويا. زينت جا سمورا زيور هڪ هڪ ڪري وڪامجي ويا. منير جي نئين زال ٽي ٻار ڄڻيا. منير ڪراچيءَ نئون بنگلو وٺي شفٽ ٿي ويو. زينت جا ٻار ڪيڊٽ ڪاليج ۾ هليا ويا. پر منير نہ موٽيو. ڪڏهن ڀلجي بہ ليئو نہ پاتائين. زينت جي جسم جي چرٻي ڇڻي وئي. هڏن تان گوشت بہ ڪورجي ويو. وار اڇا ٿي ويا، اکيون ڏرا ڏئي ويون. هوءَ حالات سان سمجهوتو ڪري ماٺ ڪري ويھي رهي.“
توڙي جو هوءَ مڪمل ناڪام ٿي چڪي هئي پر ماڻھس وري بہ هڪ درويش وٽ وٺي وڃي ٿي:
”سفيد ڏاڙهي ۽ نوراني چھري واري درويش پنھنجي سامھون ململ جي رئي ۾ ويڙهيل زينت ڏانھن ڏٺو، جنھن جو بي رونق چھرو ۽ ويران اکيون سندس اڻانگي سفر جو داستان بيان ڪري رهيون هيون. ”مائي“ درويش ڳنڀير آواز ۾ پڇيو، ”خاوند رسي ويو اٿئي؟“
”ها سائين“ زينت مئل آواز ۾ چيو.
درويش معنيٰ خيز نظرن سان ڏٺو ۽ وري پڇيو:
”عذاب آهي؟ ڪيئن؟“
”ها سائين. ڏاڍو عذاب آهي!“
”جتن ڪونہ ڪياسين؟“
”ڏاڍا جتن ڪيم سائين، اٺ سال ٿيا اٿم ڏونگر ڏوريندي، پنھنجا هي حال ڪيا اٿم.“
”ڪونہ پرتئي؟“ درويش پڇيو.
”نہ سائين!“
”اوھہ چري مائي!“ درويش پنھنجي گوڏي تي هٿ هڻي چيو:
”خاوند جي رسڻ جي عذاب جوانيءَ ۾ پوڙهو ڪري ڇڏيو اٿي، خاوند حقيقيءَ جي رسڻ جو عذاب ياد نہ هيئي؟“ زينت هڪي ٻَڪي ٿي کيس ڏسڻ لڳي.
درويش ڌرتيءَ ڏانھن اشارو ڪندي چيو:
”مائي، اهي ڪشٽ ڪشالا خاوند حقيقيءَ لاءِ ڪرين ها تہ اڄ مان ائين تنھنجي قدمن ۾ ويھي توکان مراد گهران ها.“ زينت گم سم ٿي وئي.”مائي اهڙن ڪوڙن بُتن جي عبادت ڇو ٿيون ڪيو، جيڪي توهان جو قدر ئي نہ ڪن. اوجاڳا ڪيو ان مالڪ جا، جيڪو اوجاڳن جو قدر ڪري ڄاڻي.“
ناوليٽ اتي ختم ٿي وڃي ٿو.
حقيقت ۾ هيءُ ناوليٽ هڪ مخصوص دؤر جي نفسيات تي آڌاريل آهي. ان دؤر کي اسان ڀُٽي صاحب جو دور سڏي سگهون ٿا. ڀٽي صاحب جي دور ۾ ڪيترائي نوجوان ڳوٺن مان پنھنجين اکين ۾ سونھرا خواب کڻي شھرن ۾ آيا هئا، ۽ ڪجهہ محنت ۽ ڪجهہ ڀُٽي صاحب جي عوام دوست پاليسين تحت (پھريون ڀيرو مقابلي جي امتحانن ۾ هڪ پيپر ۾ فيل شاگردن کي بہ سنڌ جي ڪوٽا تي ڀُٽي صاحب جي حڪم تي پاس ڪيو ويو هو، جنھن ۾ ڪيترائي نوجوان پاس ٿي آخر وڏن عھدن تي پھتا.) اهي نوجوان جڏهن شھرن ۾ آيا تہ انھن مان گهڻو ڪري ڳوٺان پرڻجي آيل هئا، پر شھر ۾ اچي ۽ شھري ڇوڪرين جي زرق برق لباس کي ڏسي انھن ۾ پاڻ اڙائي ويٺا. انھن سان ڳوٺان آيل ڇوڪريون ڳوٺاڻيون ئي رهجي ويون هو شھري ڪلچر ۾ ضم نہ ٿي سگهيون، نتيجي طور گهڻن سنڌي نوجوانن شھرن مان ٻيون شاديون ڪيون. جن جي ٻين شادين جا سندن اڳين گهروارين مان ٿيل اولاد، سندن اڳين گهروارين توڙي سندن ڳوٺاڻن رشتن ناتن تي وڏا ناڪاري اثر پيا. گهڻيون عورتون مڙسن جي بيوفائن جو ماتم ڪنديون ڳوٺن ڏانھن موٽي ويون، ڪجهہ عورتن پنھنجن ٻارن تي توجهہ ڏني ۽ انھن جي تعليم شھرن ۾ ئي پوري ڪري کين سٺن عھدن تي پھچائي انھن سان خوش گذارڻ لڳيون. ۽ ڪي ٿورڙيون شھري ڪلچر ۾ پاڻ کي ايڊجسٽ ڪري سگهيون. جيڪي عورتون ان صورتحال ۾ ڳوٺ ويون اهي گهڻو ڪري پاڻ کي عبادتن ۾ ئي گم ڪري ويھي رهيون. اها سنڌي عورت جي خانداني شرافت ۽ قدرن جي پاسداري هئي نہ تہ جھڙي بيوفائي هن کي پلئہ پئي هئي هو موٽ ۾ ڪجهہ بہ ڪري پئي سگهيون.
ميڊم جھان آرا جي هن ناوليٽ ذريعي اسان ان مخصوص دور ۾ جڙندڙ سنڌي سماج ۽ ان جي نفسيات جو بھترين جائزو وٺي سگهون ٿا. اها ڳالھہ چٽي ٿي بيھي ٿي تہ ان دؤر ۾ مردن جو هڪ مخصوص گروھہ پنھنجي سماجي ۽ ثقافتي قدرن کان مُنھن موڙي چڪو هو، ۽ عورت انھن سڀني قدرن کي سانڍي جيئندي رهي جيڪي سندس مرم ۽ مريادا جي سڃاڻ هئا. ”زينت چري آ“ ناوليٽ ان سموري منظر نامي جي تصوير آهي.
نوبل لاريٽ گنٿر گراس لکيو هو،
From the start even before inserting his paper into typewriter the committed writer writes، not novel، poem or comedies، but committed literature.
”ابتدا ۾ ئي بلڪہ ٽائيپ رائٽر ۾ پنو وجهڻ کان اڳ هڪ ڪميٽيڊ ليکڪ ڪو ناول، نظم يا ڪا ٻي شئي ناهي لکندو پر هو ”ڪميٽيڊ ادب“ تخليق ڪندو آهي.“ ميڊم جھان آرا بہ ڪميٽيڊ ادب ئي تخليق ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود ٻيو ناوليٽ ”من اندر جا لوچ“ آهي. هن ناوليٽ جي ابتدا ۾ ئي ميڊم جھان آرا لکيو آهي تہ، ”محبت سبب تخليق ڪائنات آهي. ڪٿي منصور تہ ڪٿي زليخا آهي. عاشق کي گهاڻي ۾ پيڙيو تہ بہ انا الحق جو آواز پيو ڪڍندو ڪٿي واريءَ ۾ لٽجي بہ پرينءَ کي پسڻ ڪارڻ پيو پساھہ کڻندو. محبت نہ هجي ها تہ رابعہ بصري اڌ قلندر جي مرتبي کي نہ پھچي ها. محبت نہ هجي ها تہ ڌرتيءَ جي سيني تي تاج محل جو تمغو نہ سينگارجي ها. جنھن ان شراب جو چُڪو پيتو، تنھن بادشاهي ڇڏي فقيري اختيار ڪئي. محبت جي پيڙا کي اهي ئي سمجهي سگهندا، جن کي انھيءَ درد جو احساس ڇھي ويو هوندو.“
هيءُ ناوليٽ بنيادي طور تي هڪ پيار ڪھاڻي تي ٻڌل آهي. پيار ادب جو تمام پراڻو موضوع آهي، ۽ ان تي هزارين ناول، ڪيئي ڪھاڻيون ۽ لا تعداد شعري تحريرون لکيون ويون آهن. پر هيءُ ڪو اهڙو موضوع آهي جو ان تي جيترو بہ لکيو ويو آهي، اهو پڙهڻ کان پوءِ لڳي ٿو تہ اڃا ڪجهہ اور آهي، جنھن تي لکيو وڃي. پيار فرد جي بنيادي جبلت ۾ شامل آهي، ۽ هيءُ واحد جذبو آهي، جنھن تان فرد اڄ بہ پاڻ وارڻ لاءِ تيار آهي. ناوليٽ ”من اندر جا لوچ“ جي ڪھاڻي ٽن مکيہ ڪردارن جي چوڌاري ڦري ٿي. ايمن، ميمونہ ۽ منصور احمد. ايمن هڪ اهڙي ڇوڪري آهي، جيڪا پنھنجي ڀيڻ ميمونا جي نقلي نالي تي ٽريننگ ڪرڻ لاءِ اسلام آباد وڃي ٿي ڇاڪاڻ تہ سندس ڀيڻ ڪنھن امتحان جي تياري ڪري رهي هئي ۽ هوءَ اها ٽريننگ نہ پئي ڪري سگهي. ايمن ٽريننگ ڏيندڙ استاد منصور سان نينھن جو ناتو جوڙي وٺي ٿي. ڪجهہ ئي ڏينھن ۾ هنن جي وچ ۾ ڀرپور تعلق جڙي وڃي ٿو، جو هو ٻئي هڪٻئي سان گڏ جيئڻ مرڻ جا واعدا وچن ڪن ٿا.
”منصور تو ايتري محبت ڪٿي لڪائي رکي هئي؟“ ايمن پڇيو. هو آهستي کليو، اکيون بند ڪري کن پل سانت ۾ ليٽيو رهيو پوءِ اکيون کولي کيس ڏٺائين ۽ چيائين: ”جڏهن انسان هن دنيا ۾ لاٿو ويندو آهي تہ نصيب جي بجيٽ ۾ هر شئي کيس ڏني ويندي آهي. رزق، عيش آرام، ڏک، سُک ۽ محبتون. اهي محبتون هو رشتن ۾ ونڊيندو آهي. پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، دوست، يار“ هو خاموش ٿي کيس ڏسڻ لڳو پوءِ چيائين، ”مونکي محبتن ونڊڻ لاءِ ڪو رشتو ئي نہ مليو. ان ڪري اهي بيشمار محبتون سانڍي رکيون هيم، ڪنھن پنھنجي ۽ پياري هستيءَ لاءِ. مونکي يقين هو تہ هن دنيا ۾ ڪٿي نہ ڪٿي منھنجي اها پياري هستي ضرور آهي، جيڪا زندگيءَ جي ڪنھن نہ ڪنھن موڙ تي منھنجي سامھون اچي بيھندي“
ايمن ٽريننگ ختم ڪري واپس اچي ٿي ۽ منصور بہ ڪنھن طريقي سان واپس اچي ايمن جي گهر رشتو موڪلي ٿو. پر هو رشتو ايمن بدران ميمونا جي نالي جو موڪلي ٿو ڇاڪاڻ تہ ٽريننگ جي رڪارڊ ۾ ايمن پنھنجي ڀيڻ ميمونا جي نالي سان درج ٿيل هئي. ۽ رشتو ميمونا سان طئي ٿي وڃي ٿو. جيڪو راز گهڻو دير سان کلي ٿو. پر ان وقت گهڻي دير ٿي چڪي هئي. شاديءَ جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون هيون. اهڙي رشتي سبب منصور ۽ ايمن تمام گهڻو پريشان ٿيا ۽ ميمونا کي تہ وچ جي خبر ئي نہ رهي. شادي ٿيڻ کان پوءِ اهو راز ميمونا تي ان وقت کلي ٿو جڏهن هوءَ منصور سان گڏ اسلام آباد ۾ ٽڪيل هئي. هوءَ واپس خيرپور اچي ٿي ۽ ڀيڻ سان ان معاملي تي ڳالھائڻ چاهي ٿي.
ميمونا وڃي سندس سامھون بيٺي ۽ ڪافي دير تائين بيٺي سوچيندي رهي تہ ايمن کان ڪيئن پڇي. ايمن کي هن جي خاموشيءَ کان الجهن ٿيڻ لڳي. پڇيائين:
”ڪجهہ پڇڻ ٿي چاهين؟“
”ها“ ميمونا کيس غور سان ڏسندي پڇيو، ”منھنجي برباديءَ ۾ ڪنھن جو ڏوھہ آهي؟“
”تقدير جو“ ايمن وراڻيو.
”تو ان طوفان کي روڪيو ڇونہ؟“
”مونکي خبر نہ رهي، تقدير ۾ ائين لکيل هو.“ ايمن اکيون بند ڪري ڇڏيون.
”ان تباهيءَ جي طوفان کي ڪير روڪيندو؟“ ميمونا پڇيو.
ايمن هڪدم اکيون کولي ڪاوڙ مان ڏانھس ڏٺو ۽ چيائين:
”توکي طوفان جو مقابلو ڪري پنھنجو گهر بچائڻ نہ ٿو اچي؟“
”گهر؟“ ميمونا حيران ٿي پڇيو، ”اهو گهر ڪيئن بچايان، جنھن کي تون اول ئي برباد ڪري آئي آهين؟“
”منھنجا سمورا نشان ڊاهي ان گهر کي نئين سري سان آباد ڪر“ ايمن رکائيءَ سان چيو.
”گهر انسانن سان ٺھندو آهي.“ ميمونا چيو، ”ان گهر ۾ هڪ برباد ٿيل انسان بہ آهي.“
”تون ايتري ڪمزور ڪڏهن کان ٿي آهين؟“ ايمن کيس گهوريندي چيو، ”جيڪڏهن اجڙيل وستيون آباد نہ ٿين ها تہ هن ڌرتيءَ تي رڳو کنڊر ئي کنڊر هجن ها. مالھيءَ جي محنت بنجر زمين کي بہ آباد ڪري گل و گلزار بنائي ڇڏيندي آهي.“
”تون مونکي تسلي ٿي ڏين؟“ ميمونا پڇيو.
”نہ، مان توکي حوصلو ٿي ڏيان، يقين ٿي ڏيان. محنت ۽ محبت سان برباد ٿيل گهر وري آباد ڪري سگهجي ٿو.“
”۽ تون؟“ ميمونا پڇيو.
”منھنجو فڪر نہ ڪر“ ايمن چيو، ”توکي خبر آهي تہ مان ننڍپڻ کان مضبوط ارادن ۽ مضبوط برداشت واري آهيان. مان تقدير جي ان فيصلي کي قبول ڪري چڪي آهيان.“
ڪجهہ وقت خاموشيءَ سان تباهيءَ جي تياري ٿيندي رهي ٿي. ميمونا واپس اسلام آباد هلي وئي ۽ ڪجهہ ڏينھن ٽڪي منصور سميت واپس خيرپور اچي ٿي. منصور ايمن سان ملڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ هوءَ کيس ٽاريندي رهي ٿي. نيٺ هڪ ڏينھن گهر ۾ کيس اڪيلو ڏسي سندس سامھون اچي بيھي ٿو.
”تون ڇا ٿو چاهين منصور؟“ ايمن پوئتي هٽندي پڇيو. ”مان توکي ٿو چاهيان ايمن“ منصور کيس ڪلھن کان وٺي پاڻ ڏانھن سوريندي چيو، ”منھنجو نڪاح ڪنھن ٻئي سان نہ ٿيو هو، مون تنھنجي وجود کي قبوليو هو، توکي گهريو هو ۽ اڄ تائين فقط توکي گهران ٿو، توکي محسوس ڪرڻ چاهيان ٿو.“ منصور جي گرفت سوڙهي ٿيندي وئي. ايمن هن جي گرفت مان نڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي چيو: ”منصور، تنھنجي طلب ۾ محبت نہ وحشت آهي.“
”اها محبت جي انتھا آهي.“
”اهو گناھہ آهي“
”مان ڪنھن گناھہ ثواب کي نہ ٿو مڃيان“ منصور هن جي وارن ۾ مُنھن لڪائيندي چيو، ”تنھنجو قرب، تنھنجي سُپردگي منھنجي اندر ۾ ٻرندڙ آڳ جو انت آهي.“
”منصور“ ايمن ٻڏندڙ آواز ۾ چيو، ”تنھنجي طلب ۾ منھنجي حياءَ جو موت آهي ۽ بي حيائيءَ واري زندگي مونکي قبول ناهي.“ ان وقت دروازو کليو سامھون ميمونا سان گڏ سندس پيءُ سفري بيگ کنيون بيٺو هو. ايمن جون اکيون وحشت وچان کليون رهجي ويون. هن هڪ ڊگهو ساھہ کنيو، جيڪو هن جي سيني ۾ اندر ئي رهجي ويو ۽ هن کان ساھہ ٻاهر ڪڍڻ وسري ويو.“
ايمن منصور جي ئي ٻانھن ۾ مري وڃي ٿي. جيڪا هن محبت جي ابتدا ۾ وش بہ ظاهر ڪئي هئي ۽ منصور ان گهر مان ٻاهر نڪري هميشہ لاءِ گم ٿي وڃي ٿو.
ڏسڻ ۾ هيءَ هڪ راويتي پيار ڪھاڻي آهي پر جنھن طريقي سان هيءَ ڪھاڻي لکي وئي آهي، جيتري گھرائيءَ سان ڪردارن جي محبت، روش، پنھنجائپ، پيار ۽ ٻيا جذبا بيان ڪيا ويا آهن، اهي پڙهندڙ کي پنھنجي گرفت ۾ جڪڙي رکن ٿا. هيءُ ناوليٽ پڙهندي ڪيترن هنڌن تي جھڙوڪر ساھہ مٺ ۾ اچي وڃي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي اکيون زار زار ٽمڻ لڳن ٿيون. اها تحرير جي گرفت آهي جنھن ۾ پڙهندڙ قابو ٿي وڃي ٿو.
ڪتاب ۾ موجود ٽيون ناوليٽ ”مينھان ۽ نينھان“ بہ هڪ پيار ڪھاڻيءَ تي ٻڌل آهي. جنھن ۾ اين جي او سيڪٽر ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪري دل آويز جو مرڪزي ڪردار آهي، جيڪا اصل ۾ تہ پاڪستاني هئي پر سندس والدين ٻاهرين ملڪ سيٽل ٿيل هئا ۽ هوءَ ڪنھن پروجيڪٽ جي لاءِ پاڪستان اچي ٿي. هن ناوليٽ جو ٻيو اهم ڪردار مونس جو آهي. جيڪو مقامي آهي ۽ ٻاهرين اين جي او جي هن پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪري ٿو. دل آويز جڏهن کانئس سندس خاندان بابت پڇي ٿي تہ هو کيس ٻڌائي ٿو تہ، ”مونس، تنھنجي گهر ۾ ڪير ڪير آهي؟“ دل آويز هلندي هلندي پڇيو. ”منھنجو ڀاءُ، ڀاڄائي، انھن جا چار ٻار، امڙ ۽“ يونس چوندي چوندي رڪجي ويو. دل آويز سوالي نظرن سان ڏانھس ڏٺو ۽ پڇيو:
”۽ ٻيو“
”منھنجي هڪڙي ڪزن بہ رهندي آهي، امان جي ڀاڻيجي.“
”غير شادي شدہ؟“ دل آويز پڇيو.
”نہ، شادي شدہ آهي“ دل آويز جي دلچسپي هن لا ابالي جوان ۾ وڌي وڃي ٿي. هو هن ناوليٽ ۾ هونئن بہ تمام گهڻو محنتي ۽ هشاش بشاش ڏيکاريل آهي. هو شاعري پڙهي ٿو، سُر ۾ شاعري جهونگاري ٿو ۽ پنھنجين دلچسپ ڳالھين سان سڀني کي موهي وجهي ٿو. هو دل آويز کي بہ شاعري ٻڌائي ٿو هوءَ کيس چوي ٿي:
”جنھن بہ اها نظم لکي آهي، لڳي ٿو محبت ۾ مسحور ٿي لکي آهي.“
”محبت آهي ئي اهڙي شئي، جيڪا مسرور بہ ڪندي آهي، مسحور بہ.“
”ڇا محبت رڳو مسرور ئي ڪندي آهي؟“ دل آويز پڇيو.
”نہ“ يونس ترسي چيو، ”ڪڏهن محبت پيڙا ۽ دلگيري بہ ڏيندي آهي.“
دل آويز ڪنڌ ورائي يونس ڏانھن ڏٺو مڌم لھجي ۾ پڇيائين: ”مونس، تون ڪنھن سان محبت ڪئي آهي؟“
يونس ڪنھن سوچ ۾ گم ٿي ويو. کن پل رکي چيائين، ”الائي“
”ڇا مطلب؟“ دل آويز مُرڪي چيو، ”ان جو سڌو جواب تہ ها يا نہ ٿيڻ گهرجي.“
يونس ڀرسان واري دڙي تي ويھي رهيو چيائين: ”ماڻھوءَ کي زندگيءَ ۾ کوڙ محبتون ۽ نفرتون ملنديون آهن. محبتن لاءِ پھريائين هو فيصلو نہ ڪري سگهندو آهي تہ هن جي دل جي طلب ڪھڙي آهي.“
دل آويز سندس ڀرسان ويھي رهي. يونس آسمان ڏانھن ڏسندي چيو: ”محبت هڪ وسيع سمنڊ مثال آهي. جنھن جون سرحدون نہ هونديون آهن. پر ورهاستون ضرور هونديون آهن.“
”ڪھڙيون ورهاستون؟“
”تون ڪڏهن غور سان سمنڊ جي حقيقت ڏٺي آهي؟“ يونس پڇيو پوءِ چيائين، ”ان جو پاڻي ۽ ان جي حرڪت هر هنڌ تي الڳ هوندي آهي. ڪٿي ان ۾ لوڇ گهڻي هوندي آهي تہ ڪٿي مٿاڇرو ماٺيڻو هوندو آهي. محبت جون ورهاستون بہ ايئن هونديون آهن. دل انھن ورهاستن مان پنھنجو اهو حصو ڳوليندي آهي، جيڪو هن جي روشن رستن کان گذري گھرائيءَ وارين اونھين غفائن تائين پھچي وڃي.“
”ان جي سڃاڻپ ڪيئن ٿيندي؟“ دل آويز پڇيو.
يونس آهستي کليو، چيائين: ”جڏهن ڪنھن موڙ تي اها اچي سامھون بيھندي آهي تہ دل کي آگاهي اچي ويندي آهي تہ اها ئي محبت آهي، جنھن لاءِ دل جي دنيا خالي هئي.“
دل آويز ۽ يونس (جنھن کي هوءَ مونس ڪري سڏي ٿي) گڏ ڪم ڪن ٿا. ڪم کان واندا ٿي هو ڊگهي ڪچھري ڪن ٿا. يونس کيس مقامي ماڻھن جي ريتن، رسمن، اٿڻ ويھڻ ۽ ڪلچر جي باري ۾ ٻڌائي ٿو. جيڪو سڀ ڪجهہ ڄاڻي دل آويز حيران ٿي وڃي ٿي. دل آويز جي دل ۾ يونس جي لاءِ ڪڏهن پيار جو ڏيئو ٻريو اها کيس بہ ڄاڻ نہ پئجي سگهي. پر هن اهو محسوس ڪيو تہ هوءَ پنھنجي دل هن لا ابالي ۽ بيپرواھہ شخص جي پيرن ۾ وساري ويٺي هئي. ان وقت آسمان ۾ پکين جا ولر قطارن جي صورت ۾ آواز ڪڍندا اڏامندا ٿي ويا. دل آويز انھن ڏانھن ڏسندي پڇيو: ”اهي پکي ڏسين پيو؟“
”ها“ يونس وراڻيو، ”اهي ڪونجن جون قطارون آهن.“
”اهي ڪٿان آيون آهن؟“ دل آويز پڇيو.
”اهي ڪنھن پرانھين ملڪ کان اينديون آهن، جڏهن انھن جي ملڪ جي موسم سخت ٿي ويندي آهي تہ پوءِ انھن لاءِ داڻو پاڻي ملڻ مشڪل ٿي ويندو آهي. پوءِ اهي داڻي پاڻيءَ جي تلاش ۾ لڏ پلاڻ ڪنديون آهن ۽ سوين ميل پنڌ ڪري ٻين ملڪن ڏانھن وينديون آهن.“ يونس کيس ٻڌايو. دل آويز چپ چاپ ڪونجن جي قطارن کي ڏسڻ لڳي، جيڪي هڪ ئي جوڙ جڪ ۾ اڏامنديون ٿي ويون. ”توکي خبر آهي دل آويز“ يونس چيو، ”اهي قطارون ٺاهي ٽولي جي شڪل ۾ هلنديون آهن. اڳ ۾ انھن جو رهنما هوندو آهي. ۽ ٽي نگھبان هوندا آهن ٻہ ٻنھي پاسن کان ۽ هڪ آخري قطار جي پٺيان.“
”ڇو؟“
”ان ڪري تہ جيئن انھن جي جوڙ جڪ ٽُٽي نہ سگهي. جيڪڏهن ڪو خطرو هوندو تہ نگھبان انھن کي خبردار ڪندا ۽ آخر ۾ هلڻ وارو اهو خيال رکندو تہ ڪا بہ ڪونج پنھنجي ولر کان وڇڙي تہ اهي کيس سنڀالي واپس وٺي اچن.“
دل آويز انھن کي ڏسندي گم سم لھجي ۾ چيو: ”شايد مان بہ ڪنھن اهڙي ولر جو پکي آهيان، جيڪو پنھنجي ولر کان وڇڙي ويو هجي. پر ڇا ڪو اهڙو نگھبان بہ هوندو، جيڪو مون کي ڳولي پنھنجي ولر ۽ وطن ڏانھن ورائي اچي؟“
دل آويز يونس کي دل ڏئي ويھي ٿي، پر هو شايد بي پرواھہ مسافر هو، جنھن جي مٿي تي ڪيئي ذميواريون هيون. گهر جون ذميواريون، پوڙهي ماءُ جون ذميواريون، طلاقيل ماسات جون ذميواريون ۽ ٻين گهرڀاتين جون ذميواريون. هنن سڀني ذميوارين جي باوجود هو ڳالھين ۾ ڪنھن کي لکاءُ بہ نٿو ڏئي تہ مٿس ڪيتريون ذميواريون آهن. ناوليٽ ۾ اڳتي هلي يونس کي گم ٿيل ڏيکاريو ويو آهي، جنھن جو ڪو اتو پتو نٿو پوي. دل آويز هن جي لاءِ تمام گهڻي پريشان ٿئي ٿي ۽ هر وقت سندس سوچن ۾ رهڻ لڳي ٿي. تان جو هن کي محسوس ٿئي ٿو تہ هو کيس فون ڪري ٿو، پر سندس آواز نٿو اچي، هو کيس ڳولھڻ لاءِ اچي ٿو، پر کيس ڳولھي نٿو سگهي، هو کيس ملڻ لاءِ اچي ٿو، پر ملي نٿو سگهي. دل آويز عجيب نفسياتي ڪيفيت ۾ هلي وڃي ٿي. ۽ آخر هوءَ سندس ڳوٺ وڃي ٿي ۽ يونس جا سڀ قرض لاهي ٿي، هن کي ياد ڪري ٿي، هن جي ماءُ سان ملي ٿي، هن جون ڏنل سوکڙيون ساھہ سان سانڍي رکي ٿي ۽ واپس موٽڻ جا سانباها ڪري ٿي.
”ٿوري دير ائين ڀِڄڻ کان پوءِ هوءَ اٿي کڙي ٿي ۽ ڪئمپ ڏانھن هلڻ شروع ڪيائين. ڪجهہ وِکون هلي ترسي مڙي پوئتي وَسندڙ مِينھن ڏانھن ڏٺائين، چيائين: الوداع مونس، مون تنھنجو قرض ادا ڪري، توکي وجود ۽ مڪان جي قيد مان آجو ڪري ڇڏيو آهي. اسان صحرا سرابن ۾ ملون نہ ملون، مِينھن جي ڦوهارن ۾ ملون نہ ملون پر ملنداسين ضرور، اتي جتي وجود مڪان جو قيد نہ هوندو. ڪا وڇوڙي جي پيڙا ۽ دلگيري نہ هوندي، بس ملڻ واري مُسرت ۽ سرور هوندو، جتي بس مان تنھنجي روحي ۽ تون منھنجو مونس هوندين.“
ناوليٽ اتي ختم ٿي وڃي ٿو.
اڳين ٻن ناوليٽن وانگر هيءُ بہ دلفريب ٻوليءَ ۾ لکيل لازوال ناوليٽ آهي. جنھن ۾ پيار جي اڙانگن پيچرن تي هلندڙ ٻن دلين جي جذبن کي باريڪ بينيءَ سان لکيو ويو آهي. پيار جي جذبي کي جنھن گھرائيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي، ان جو ڪو جواب ناهي.
منھنجو ايمان آهي تہ ڪلاسيڪل ٻوليءَ ۾ لکيل هي ٽئي ناوليٽ سنڌي ادب ۾ پنھنجي الڳ سڃاڻ ٺاهي وٺندا. شابس آهي سائين محمد علي پٺاڻ صاحب کي جنھن ميڊم کان اهي ناوليٽ لکرائي پورا بہ ڪيا تہ مون کان بہ انتھائي مصروفيتن جي ڏينھن ۾ هي اکر لکرائي ورتائين. اهو سندس ٻاجهاري شخصيت جو ڪمال آهي جو سندس حڪم ۽ حُجت ڪو بہ دوست ٽاري ناهي سگهندو.
ڊاڪٽر شير مھراڻي
ڪراچي يونيورسٽي
19 مارچ 2021ع