ناول

مينھان ۽ نينھان (ٽي ناوليٽ)

ميڊم جھان آرا سومرو تسلسل سان افسانوي ادب لکندي رھي آھي. سندس ڪھاڻين ۽ ناولن جا ڪردار ۽ واقعا آس پاس جي حالتن ۽ واقعن مان ئي کنيل آهن. نھايت سادي اسلوب ۽ وڻندڙ ٻولي ۾ لکي ٿي. ھن ڪتاب ۾ سندس ٽي ناوليٽ ”زينت چري آھي“، ”من اندر جا لوچ“ ۽ ”مينھان ۽ نينھان“ شامل آھن. ڪلاسيڪل ٻوليءَ ۾ لکيل هي ٽئي ناوليٽ سنڌي ادب ۾ پنھنجي منفرد سڃاڻ رکن ٿا.

Title Cover of book مينھان ۽ نينھان (ٽي ناوليٽ)

زندگيءَ جي حقيقي رنگن وارا ناوليٽ

ميڊم جھان آرا سومرو سنڌي ادب جو اهم ۽ مانائتو نالو آهي. هوءَ وڏي عرصي کان ادب جي کيتر ۾ پاڻ ملھائيندي پئي اچي. ۽ لڳاتار فن جي اورچائيءَ سان زندگيءَ جي مختلف روپن جا چتر چٽيندي رهي ٿي. اهو عمل نہ رڳو سنڌي ادب لاءِ سٺو سنوڻ آهي پر خود ليکڪا لاءِ پڻ وڏو اعزاز آهي. هيل تائين سندس ڪھاڻين جا ٻہ مجموعا ”ماءُ منھنجو جندڙو“ ۽ ”جيڪر مان گل هجان ها“ ۽ ”سوغات“ جي سري وارو ناول پڙهندڙن وٽ وڏي مڃتا ۽ مانُ ماڻي چُڪا آهن. ميڊم جھان آرا سومرو ڪھاڻين، ناولن ۽ ناوليٽن جي مجموعن جي صورت ۾ سنڌي ادب کي وڌيڪ شاهوڪار بڻائڻ ۾ پنھنجو حصو ڳنڍيو آهي. ۽ پنھنجي قلم وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي نئين جلا بخشي آهي.
ميڊم جھان آرا سومرو جون ڪھاڻيون سليس، سھڻي ۽ مٺڙي ٻوليءَ واريون ۽ سجاوٽي نظرين کان آجون آهن. سندس ڪھاڻين ۾ ڪٿي بہ نعريبازي ڪونھي. هوءَ ڪَڙي کان ڪڙِي ڳالھہ ڪندي بہ لھجي جي نرمي برقرار رکڻ جو هُنر ڄاڻي ٿي. سندس قلم اهڙو پارس آهي، جيڪو لوھہ جھڙن لفظن کي سون بڻائي ٿو ڇڏي. هن جي قلم ۾ اها قوت آهي، جيڪا بي جان لفظن ۾ روح ڦوڪي ٿي ڇڏي.
هوءَ تمام آسانيءَ سان پنھنجي ڪردارن کي سندن ماحول ۾ جيئاري ٿي. سندس ڪھاڻين جا ڪردار جيئرا جاڳندا اسان منجهان آهن. سندس هر ڪھاڻي، ناول يا ناوليٽ پڙهندي ائين محسوس ٿيندو تہ اها ٻولي ۽ لھجو ڪردارن جو پنھنجو آهي، ڪٿي بہ ائين نہ لڳندو تہ ڪو هي جملا ڪردارن جا نہ پر ليکڪا جا آهن ۽ اها ئي سچي اديب جي وڏي ۾ وڏي خوبي آهي تہ هو ڪردارن جي وات ۾ پنھنجي زبان نہ رکي.
سانئڻ مھتاب محبوب کان پوءِ ميڊم جھان آرا سومرو پھرين سنڌي ليکڪا آهي، جنھن سڀ کان وڌيڪ اپر ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس جي زندگيءَ کي فوڪس ڪيو آهي. سندس ناول ”سوغات“ ۽ هي ٽي ناوليٽ ”زينت چري آ“، ”من اندر جا لوچ“ ۽ ”مينھان ۽ نينھان“ توڙي سندس ٻيون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون شھري زندگيءَ جون عڪاس آهن. ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي تہ سنڌي سماج نيم جاگيرداراڻو سماج آهي ۽ هتي جا اڪثر مسئلا ٻھراڙي ۽ پُٺ تي پيل ڳوٺن، وسندين، واهڻن ۽ پورهيت طبقي سان لاڳاپيل آهن. جن جو بيباڪ اظھار اسان جا قلمڪار پنھنجي تخليقن ۾ جا بجا ڪندا رهن ٿا. پر ان سان گڏو گڏ سنڌي سماج ۾ شھري زندگيءَ جا مسئلا ۽ پيچيدگيون بہ آهن، جن تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي.
”مينھان ۽ نينھان“ جي سري سان ميڊم جھان آرا سومرو جا هي ٽي ناوليٽ پڻ سنڌي فڪشن ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. هي ناوليٽ سادي ۽ بيانيہ انداز ۾ لکيل آهن پر پنھنجي پلاٽ، مڪالمن، ٻولي، ماحول ڪردار نگاري ۽ منظرنگاريءَ جي ڪري گھري تاثير وارا آهن.
هنن ناوليٽن ۾ اسان جي گهر، پاڙي، شھر ۽ اسان جي سماج جون ساديون ۽ ڏٺل وائٺل ڪھاڻيون بيان ٿيل آهن. جيئن ”زينت چري آ“ جي عنوان واري ناوليٽ جا مُک ڪردار زينت ۽ منير آهن. هو الھڙ جوانيءَ کان هڪ ٻئي سان محبت ڪن ٿا. زينت کيس پنھنجي خوابن جو شھزادو سمجهي ٿي ۽ جڏهن سندن شادي ٿي وڃي ٿي تہ هوءَ منير جي ڪلارڪيءَ واري گهٽ پگهار ۾ ڏکين مرحلن سان مُنھن ڏيڻ باوجود انتھائي گهڻو خوش آهي. ڇاڪاڻ تہ هوءَ پنھنجي وَر کي روايتي سنڌي عورت وانگر مجازي خدا ۽ پنھنجي ڪُل ڪائنات ڀانئي ٿي. پر جڏهن منير جو ڀاڳ کُلي ٿو ۽ هو وڏي پئسي وارو بڻجي پوي ٿو تہ پوءِ نہ رڳو سندس طبقاتي اسٽيٽس مٽجي وڃي ٿو پر سندس رويا، سوچ ۽ انداز بہ تبديل ٿي وڃن ٿا. هو والھانہ عشق ڪندڙ پنھنجي زال کي ڄَٽي، ڪم عقل ۽ جديد فيشن ايبل دور سان مطابقت رکندڙ نہ ٿو سمجهي ۽ نہ رڳو کيس نظر انداز ڪرڻ لڳي ٿو پر کانئس ٻچا بہ ڌار ڪري ٿو ڇڏي. جيڪو هڪ عورت لاءِ انتھائي عذابناڪ عمل آهي. منير پنھنجي بيحسي ۽ بيوفائيءَ جي حد ڪري ٿو ڇڏي. هو شھر جي هڪ شاطر ڇوڪريءَ جي زلفن جو اسير بڻجي آخر ۾ زينت کي سندس خوابن جي گهر مان بہ نيڪالي ڏئي ڇڏي ٿو.
اسان جڏهن ميڊم جھان آرا سومرو جو هي ناوليٽ پڙهون ٿا تہ بلڪل ائين محسوس ڪرڻ لڳون ٿا ڄڻ هيءَ ڪھاڻي، هي منظر، هي لقاءَ اسان جا پنھنجا آهن. ٿري ڊي ٽيڪنالاجيءَ وانگر اسان پاڻ ان ناوليٽ جو حصو بڻجي ٿا وڃون. ۽ محسوس ڪرڻ لڳون ٿا تہ ڄڻ زينت جون خوشيون، ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون اسان جون پنھنجون حاصلاتون آهن. ان جي خوشين کي ڏسي اسان جي چھرن تي مرڪون پکڙجي وڃن ٿيون! ۽ هن جا ڏُک، سُور ۽ اهنج، اسان پنھنجون تڪليفون ۽ سُور ڀانئيون ٿا. ۽ ان جي پِيڙا تي اسان ڏکارا بڻجي ٿا وڃون. ان کان وڌيڪ ڪنھن ليکڪ جي ٻي ڪاميابي ڪھڙي ٿي سگهي ٿي، جو پڙهندڙ ان جي ڪردارن کي پنھنجو ڀانئڻ لڳن!
ڪيترائي اهڙا ليکڪ آهن، جيڪي پنھنجا فڪر، فلسفا، نظريا، سموري علمي لياقت ۽ نام نھاد ڄاڻ غير ضروري طور ناولن، ڪھاڻين ۽ ناوليٽن ۾ پيوند ڪرڻ جا عادي نظر ايندا آهن، جنھن جي ڪري فڪشن جو اصل روح غائب ٿي ويندو آهي ۽ باقي بچندي آهي، سکڻي لفاظي، سياسي تقرير جھڙي اجائي پٽاڻ، جيڪا پڙهڻ سان تمام گهڻي ڪوفت ٿيندي آهي. مان تہ ان کي قلمي دهشتگردي سمجهندو آهيان. ناول، ناوليٽن توڙي ڪھاڻين ۾ ڪردار پنھنجي موضوعي ۽ معروضي حالتن ۾ پنھنجي ڏانوَ موجب بي ساختہ ڏاهپ، فڪر يا ڪنھن نظريي جي اُپٽار ڪندا تہ، اهو فطري اظھاري عمل جي ڳاڻيٽي ۾ ايندو. پر فڪشن ۾ مصنوعي دانشوري زبردستي پيوند ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي تہ تخليق بي چَسي ۽ محض لفاظي بڻجي پوندي، جنھن کي فني دائميت ڪڏهن بہ حاصل نہ ٿي سگهندي آهي. ڪردارن کي پنھنجي رڌم، توازن ۽ ڪھاڻيءَ جي پلاٽ سان نباھہ ڪندي اهڙي نموني خيالن جي اُپٽار ڪرڻ گهرجي، تہ جيئن اها گفتگو فطري لڳي. حقيقت پسندي ۽ سادگي ئي اصل ۾ سونھندڙ ۽ وڻندڙ لڳندي آهي. نامياري ناول نويس گارشيامارڪيز پڻ ان نموني شين کي انٽليڪچوئلائيز ڪرڻ بدران اديبن کي سندن ذاتي تجربن ۽ مشاهدن کي پنھنجو موضوع بڻائڻ جي صلاح ڏني آهي.
اهڙي طرح اسان ڏسون ٿا تہ ميڊم جھان آرا سومرو پنھنجي هنن ٽنھي ناوليٽن ۾ علم، عقل، ڏاهپ جا اهڙا بيش بھا موتي ميڙيا آهن ۽ اهڙا وکر وِهايا آهن، جيڪي سوچ کي نوان گس بہ ڏين ٿا ۽ ڪيترائي سوال پڻ اٿارين ٿا، جيڪي قاريءَ جي ذهن کي جهنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهن. پر سندس ناوليٽن ۾ ڪو بہ ڊائلاگ اجايو ٽُنبيل، غير ضروري ۽ اضافي ناهي. جيئن ”زينت چري آ“ ۾ ڏسو تہ ڪيڏي نہ فڪر انگيز ڳالھہ ڪئي اٿائين:
”دل آويز چيو، دنيا جو هر ماڻھو هڪ ٻئي کان الڳ هوندو آهي. ڪوبہ ڪنھن جھڙو نہ هوندو آهي. زندگي خوشيءَ سان گذارڻ لاءِ هڪ ٻئي جھڙو هجڻ ضروري ناهي، هڪ ٻئي لاءِ هجڻ ضروري آهي.“
ميڊم جھان آرا سومرو جو مشاهدو ايڏو تہ تُز ۽ تيز آهي، جو ٽنھي ناوليٽن منجهہ ڪٿي بہ جهول ۽ ڪمزوري نظر نہ ٿي اچي. سندس سگهاري مشاهدي جو هڪ انوکو مثال هي بہ آهي:
”ان واريءَ جو هڪ هڪ مثقال پنھنجي پوري شڪل ۾ ايترو تہ رنگين ۽ خوبصورت هيو، جنھن جو ڪو مثال نہ هو. اهي ذرڙا شڪل، سائيز ۽ رنگن ۾ هڪ ٻئي کان مختلف ۽ حيران ڪندڙ حد تائين خوبصورت هيا. ڄڻ ڪي تراشيل هيرا جواهر هيا، جن مان اندران رنگين روشنيون ٿي بَکيون. هوءَ واريءَ جي اها حقيقت ڏسي مھوت ٿي وئي. پڇيائين:
”ڇا واريءَ جو هر هڪ ذرو الڳ الڳ ايڏين بي شمار ۽ حسين بناوتن ۾ هوندو آهي؟
”بلڪل“ يونس کيس ٻڌايو، اسان جي قدمن هيٺان وڇايل واري جنھن کي اسان معمولي سمجهندا آهيون، ان جو هڪ هڪ ذرو پنھنجي وجود ۾ خوبصورت ۽ ٺاهڻ واري جي حيرت انگيز تخليق جو مظھر آهي.
ڇا سموري واري ائين ئي هوندي آهي؟
”نہ“ يونس چيو، هر هڪ هنڌ جي واري الڳ حُسن رکندي آهي. واري ريگستان ۽ سامونڊي ڪنارن جو لباس آهي ۽ اهو لباس هر جاءِ تي الڳ الڳ رنگ ۽ الڳ ڊزائن جو هوندو آهي. جيئن بھاماز جي مشھور پنڪ بِيچ جي واري صفا گلابي هوندي آهي. ان جا الڳ الڳ گلابي شيڊن جا مثقال مِلي اهڙو خوبصورت نظارو ٺاهيندا آهن، ڄڻ ڪنھن مصور گلابي رنگن جا شيڊ ملائي ڪينواس تي ڪا حسين تصوير ٺاهي هجي.
هن مُڙي دل آويز ڏانھن ڏٺو، جيڪا حيرت مان سندس ڳالھيون ٻڌي رهي هئي.
تنھنجي ملڪ آسٽريليا جي ٻيٽ جو ڪنارو ”وائيٽ هِيوِن“ تہ تو ضرور ڏٺو هوندو. يونس چيو، ان بِيچ جي کير جھڙي اڇي واري سمنڊ جي گھري نيري پاڻيءَ سان ملي جنت جو نظارو ٺاهيندي آهي.“
سندس ٻيو ناوليٽ ”من اندر جا لوچ“ بہ پنھنجي نوعيت جو انوکو محبت جو دستاويز آهي. جنھن ۾ شمع ايمن جڏهن ڀيڻ جي جاءِ تي اسلام آباد ٽريننگ لاءِ وڃي ٿي تہ اتي ڪاليج ۾ هڪ ٽرينر منصور سان نِينھن جو ناتو جوڙي ويھي ٿي. پر قدرت جي ڪرڻي اها ٿئي ٿي جو اوچتي هڪ اهڙي سچئوشن جُڙي ٿي پئي، جنھن ۾ منصور نالي جي غلطيءَ سبب شمع ايمن جي ڀيڻ سان نڪاح جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي وڃي ٿو. ۽ پوءِ ذهني ڪشمڪش شروع ٿي وڃي ٿي. هو مسئلي جي نبيري لاءِ وَسَ ڪري ٿو پر سماجي رڪاوٽن، مُروج ريتن رسمن ۽ قدرن جي ديوار اورانگهي نہ ٿو سگهي. ٻئي طرف سندس پيار جي لاحاصلات کيس سُک سُمھڻ نہ ٿي ڏئي. هڪ ڏينھن هو تياڳ وٺي ڪيڏانھن هليو وڃي ٿو. هن ناوليٽ ۾ جذبن ۽ احساسن جو هڪ سمنڊ آهي، جيڪو ڇوليون هڻي رهيو آهي.
هن مجموعي جو ٽيون ناوليٽ ”مينھان ۽ نينھان“ ڄڻ تہ محبت جو نئون عھد نامو آهي. جنھن ۾ نفس ۽ جسم جي قيد و بند کان بلڪل ڌار ۽ انوکي محبت جي ڪھاڻي بيان ڪيل آهي. هن ناوليٽ ۾ مجازي عشق کان حقيقي عشق جي سفر جو داستان اهڙيءَ ريت اسان جي سامھون آندو ويو آهي، جيڪو تصوف جي رمزن ۽ ذات جي تياڳ جو انوکو داستان آهي.
ميڊم جھان آرا سومرو جي ناوليٽن جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي، تہ اهي نہ پڙهندڙن کي بور ڪن ٿا ۽ نہ ئي ٿڪائن ٿا. ڪمال جي ڪردار نگاري ۽ منظر نگاريءَ وسيلي اهي پڙهندڙن کي Captivate ڪري مختلف انساني احساسن ۽ جذبن جي دنيا ڏانھن وٺي وڃن ٿا. ۽ پنھنجو ڀرپور تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا. پنھنجي ناوليٽن جي اندر هن ڪھاڻين جي ٽريٽمينٽ، موضوعن جي اڻت ۽ ان سان نڀاءُ بہ ڪمال جو ڪيو آهي.
هنن ناوليٽن ۾ هڪ پاسي ماڻھپي، سونھن، محبت، انسانيت ۽ معصوميت جا رنگ آهن تہ ٻئي طرف خود غرضي، بي وفائي، سنگدليءَ جا منظر موجود آهن. ٽئي ناوليٽ انوکن استعارن، تشبيھن توڙي تمثيلن سان ڀرپور آهن. ۽ اهي جُز ملي جُلي ٽنھي ناوليٽن جي سونھن ۾ تھائين اضافو ڪن ٿا ۽ پڙهندڙ جي دل تي گھرو اثر ڇڏين ٿا. ٽنھي ناوليٽن ۾ احساسن ۽ جذبن جو سمنڊ ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿو. زندگي ۽ سماج جي مشاهدن تي ٻڌل هي ناوليٽ سادي ۽ عوامي اسلوب ۾ احساساتي ۽ نزاڪت سان ڀرپور، جمالياتي جاذبيت سان مالا مال آهن. جن ۾ انساني اُمنگون، اُڌما، آنڌ مانڌ، بي رُخي، بيچيني، وڇوڙي جو ورلاپُ، برھہ جي بھار، عشق جا اُلا، پُر ڪيف جذبا، تمنائون، حسرتون، مُرڪون توڙي لُڙڪ مطلب تہ زندگيءَ جا هڙئي حقيقي رنگ انھن منجهہ ملن ٿا.


علي بخش پٺاڻ
ڏوڪري