مينھان ۽ نينھان
”هيلو ليڊيز ڇا مان ناشتي تي توهان کي جوائن ڪري سگهان ٿو؟“
۽ پوءِ جواب جو انتظار ڪرڻ کان اڳ ئي ڪرسي سوري ويٺو ۽ محمودہ بيگم ڏانھن ڏسندي چيائين:
”گريما، اصل ۾ مون کي اوهان جي هٿ جا افراٽا کائڻا آهن.“
”کوڙ افراٽا پُٽ“ محمودہ بيگم افراٽن جي پليٽ ڏانھس سوريندي چيو.
امتياز علي ۽ عبدالحميد ويھہ سال اول گڏجي روٽي روزيءَ جي تلاش ۾ آسٽريليا آيا هئا. ڪجهہ عرصو جدوجھد ڪرڻ بعد هنن گڏجي هڪ ننڍڙو بوڪ اسٽور ۽ فوڊ ڪارنر کولي ورتو، جيڪو ويھن سالن جي محنت ۽ ڪوشش بعد هڪ وڏي ڊپارٽمينٽل اسٽور ۽ ريسٽورينٽ جي درجي کي پھچي چڪو هو. هنن جي ريسٽورنٽ جا ايشيائي کاڌا بہ گهڻا مقبول ٿي ويا هئا. هنن جا گهر گڏ گڏ هيا. سندن ٻارن بہ گڏ تعليم حاصل ڪئي هئي. ٻئي ڪٽنب ائين رل مل ٿي رهندا هئا، ڄڻ پاڻ ۾ رت جا ويجها رشتا هجن. نويد حسن جي ٻنھي ڇوڪرين سان تمام گهڻي دوستي هئي پر درشھوار کيس گهڻي پسند هئي. انھن جي هم خيالي ڏسندي ٻنھي ڪٽنبن گڏيل رضامنديءَ سان سندن سڱ طئي ڪري ڇڏيو هو.
نويد ۽ دل آويز هڪ ئي بين الاقوامي تنظيم ۾ ڪم ڪندا هئا، جيڪا غريب ۽ ترقي پذير ملڪن لاءِ مفت سھولتون مھيا ڪندي هئي. درشھوار هڪ مقامي اداري ۾ ڪم ڪندي هئي.
ناشتي جي دوران عبدالحميد نويد کان پڇيو:
”نويد، توهان جي نئين پروجيڪٽ جي ڪھڙي پروگريس آهي؟“
”بس انڪل، ٿورن ڏينھن ۾ پيپر ورڪ فائينل ٿي ويندو. يارنھن ماڻھن جي ٽيم آهي، جنھن ۾ مختلف ملڪن جا پنج ٽرينڊ پروفيشنل ماڻھو تہ چونڊيا آهن، باقي ڇھہ اتان جا لوڪل هائر ڪبا. ڇھہ گاڏيون بہ الاٽ ڪيون ويون آهن. هاڻي دل آويز فيصلو ڪري تہ ان جا ڪاغذ انٽري ڪيون.“
عبدالحميد ڪنھن سوچ ۾ پئجي ويو. نويد هن کي سوچ ۾ گم ڏسي پڇيو:
”توهان ڇا سوچيو آهي انڪل؟“
”سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻو پوندو“ عبدالحميد چيو.
”پر بابا، مان تہ هن کان اول بہ ٻہ پروجيڪٽ ٻين ملڪن ۾ ڪري چڪي آهيان“ دل آويز چيو.
”ها انڪل، دل آويز تمام گهڻي ڪانفيڊنٽ ۽ ٽرينڊ آهي“ نويد چيو.
عبدالحميد کن پل ترسي چيو:
”توهان ٻئي صحيح ٿا چئو پر ورلڊ نيوز مان اندازو ٿئي ٿو تہ پاڪستان جا حالات اڄ ڪلھہ ڪھڙا آهن. خبر ناهي ڪنھن ڇوڪريءَ جو پاڪستان جي ريموٽ علائقن ۾ وڃي ڪم ڪرڻ سيف آهي يا نہ“
محمودہ بيگم، جيڪا انھن جي گفتگو ٻڌي رهي هئي ڌيرج سان چيو:
”حميد، بُرا ڀلا ماڻھو تہ هر ملڪ ۾ هوندا آهن، رات جو هتي بہ عورتون ٻاهر نہ نڪرنديون آهن، ان ڪري تہ انھن لاءِ مناسب نہ هوندو آهي. هرو ڀرو پنھنجي ملڪ لاءِ ائين سوچڻ بہ صحيح ناهي. اتان جا ماڻھو ايترا بہ جاهل ناهن جو پنھنجن سڄڻن کي نقصان پھچائن.“
”امان“ عبدالحميد فڪرمند ٿيندي چيو، ”ويھہ سال اڳ واري ماحول جي ڀيٽ نہ ٿي ڪري سگهجي، هاڻي اتي بدامني گهڻي وڌي وئي آهي.“
”انڪل، هي انٽرنيشنل پروجيڪٽ آهي“ نويد چيو، ”اتان جي حڪومت حفاظت جي خاطري ڏياري آهي، هاءِ سڪيورٽي هوندي. اوهان اطمينان رکو.“
عبدالحميد ڪو جواب نہ ڏنو. ناشتو ختم ڪري اٿيو، چيائين:
”ٻارئو، توهان آرام سان ناشتو ڪيو، مان اسٽور ڏانھن ٿو وڃان، ڪافي دير ٿي وئي آهي.“
دل آويز ڪچن ۾ بيٺي ڏاڏيءَ سان ڪم ۾ مدد ڪري رهي هئي.
”گريما“ هن رنگ برنگي ڀاڄيون ڪٽنگ بورڊ تي ڪَٽيندي پڇيو:
”ڇا پاڪستان ۾ بہ اهڙائي کاڌا هوندا؟“
محمودہ بيگم جي اکين ۾ اداسي تري آئي، ٿڌو ساھہ کڻندي چيائين:
”منھنجي ديس جي ساڳ، پليءَ جو سواد هِتي ڪٿي.“
”توهان کي پاڪستان ۾ رهڻ وڌيڪ پسند هو؟“
”ها“ محمودہ بيگم چيو، ”پنھنجي ديس جي تہ ڳالھہ ئي ٻي آهي.“
”پوءِ توهان پنھنجو ملڪ ڇڏي هتي ڇو آيا؟“
محمودہ بيگم اداسيءَ مان چيو، ”مٺي، اهو تہ تقدير لکڻ واري جو فيصلو هيو. هن اسان جي تقدير ۾ هتان جو داڻو پاڻي جو لکيو هو.“
”گريما“ دل آويز سبزيون بائول ۾ وجهندي چيو، ”مان بہ پنھنجي وڏن جو وطن ڏسڻ ٿي چاهيان پر مون کي لڳي ٿو بابا صاحب ان جي حق ۾ ناهي، ان ڪري مون کي سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي مان ڪھڙو فيصلو ڪيان.“
”جاني، اسان ڪير ٿيندا آهيون فيصلو ڪرڻ وارا، اسان جي زندگيءَ جا سمورا فيصلا تہ تقدير لکڻ وارو ڪندو آهي. ڪيڏانھن وينداسين، ڪنھن سان ملنداسين، ڪنھن کان وڇڙنداسين، اهو سڀ ڪجهہ لکيل آهي. جيڪڏهن تنھنجي تقدير ۾ پاڪستان جو داڻو پاڻي لکيل هوندو تہ توکي ڪو بہ روڪي نہ سگهي.“
”پر گريما، مون کي ڪيئن خبر پوندي تہ منھنجي تقدير ۾ ڇا لکيل آهي؟
”اهو تہ وقت ئي توکي ٻڌائيندو“ محمودہ بيگم چيو، ”اگر تنھنجي تقدير ۾ وڃڻ لکيل آهي تہ مقرر وقت تي اها تنھنجي مرضي بڻجي تنھنجي سامھون اچي ويندي.“
نئين ملڪ، نئين جاءِ تي آئي ٻہ هفتا گذري ويا هئا. پروجيڪٽ کي باقائدہ شروع ڪرڻ کان اڳ سمورا ضروري انتظام بہ مڪمل ٿي چڪا هئا. مقامي انتظاميہ جي مدد سان هنن شھر جي ٻاهرين ڪناري تي هڪ سرڪاري جاءِ ۾ ڪيمپ آفيس ٺاهي هئي. هيٺئين حصي ۾ آفيسون ۽ مٿئين حصي ۾ رهائشي ڪمرا سيٽ ڪيا هئائون.
دل آويز پنھنجي آفيس ۾ ويٺي، پنھنجي ليپ ٽاپ تي ڪم ڪري رهي هئي تہ نائيڪ گلو اندر آيو ۽ پنھنجي مخصوص هٻڪي ڳالھائڻ واري آواز ۾ کيس ٻڌايائين:
”ميڊم...... هو، ٻاهر، آيو، آهي. مون، کيس سمجهايو تہ انٽرويو، ختم ٿي، چڪا آهن، پر، اوهان سان، ملڻ لاءِ، ضد ٿو ڪري.“
”اهو ڪير آهي؟“ دل آويز پڇيو.
”م، م، م، نس، نالو، اٿس“
”مونس؟ دل آويز پڇيو.
ان وقت دروازي مان هڪ قداور نوجوان اندر داخل ٿيو. هن جا وڏا وار وکريل ۽ پينٽ شرٽ گهنجيل هيس، ڪلھي تي هڪ پراڻو شولڊر بيگ لٽڪيل هيس. ان حليي جي برعڪس هن جو چھرو هشاش بشاش ۽ اعتماد واري چمڪ سان ڀريل هيو. هن دل آويز کي سلام ڪري چيو:
”سوري ميڊم مان ليٽ ٿي ويو آهيان پر مون سان ملڻ کان پوءِ شايد اوهان مون کي ڪنسيڊر ڪيو.“
”انٽرويو ختم ٿي چڪا آهن مسٽر“ دل آويز چيو، ”سليڪشن ڪميٽي پيپر فائينل ڪري چڪي آهي، هاڻي ڪنسيڊر ڪرڻ جي گنجائش ناهي.“
هو سندس سامھون ڪرسيءَ تي ويھي رهيو ۽ مرڪي چيائين، ”ڪڏهن ڪڏهن ڪجهہ بيسٽ حاصل ڪرڻ لاءِ قاعدن ۾ لچڪ پيدا ڪرڻ ضروري آهي.“
”۽ اهو بيسٽ ڇا آهي؟“ دل آويز کيس غور سان ڏسندي پڇيو.
”اهو مان آهيان“ هن اعتماد سان ڪلھا لوڏيندي چيو، ”اگر مون کي موقعو ملندو تہ اوهان جي پروجيڪٽ لاءِ بيسٽ بينيفشل ورڪر ثابت ٿي ڏيکاريندس.“
”سو ڪيئن؟“ دل آويز پڇيو.
هو مُرڪيو، شولڊر بيگ کڻي ٽيبل تي رکيائين ان مان ويڙهيل سيڙهيل ڪجهہ پنا ڪڍي اٿيو ۽ دل آويز جي سامھون ٽيبل تي رکندي چيائين:
”ميڊم هي منھنجي سي وي ۽ تجربي جا سرٽيفڪيٽ آهن، جيڪي اوهان کي ٻڌائيندا تہ مان توهان جي پروجيڪٽ لاءِ موسٽ اليجبل پرسن آهيان“
دل آويز هن جي بغير فائيل وارا ويڙهيل سيڙهيل پنا ڏسندي چيو:
”توهان جي پريزنٽيشن ئي ٻڌائي ٿي تہ توهان ڪيتري قدر اليجيبل پرسن آهيو، ايني وي“
هن ويڙهيل ڪاغذ کوليا ۽ ڏسڻ لڳي.
”ميڊم“ هن ڪجهہ چوڻ لاءِ کيس مخاطب ڪيو.
”دل آويز“ دل آويز ڪاغذن کي جاچيندي بي خياليءَ ۾ کيس پنھنجو نالو ٻڌايو.
”ٿينڪ يو“ هن خوش ٿيندي چيو.
دل آويز ڪاغذن تان نظر هٽائي کيس ڏٺو ۽ حيران ٿي پڇيائين، ”ڇا لاءِ؟“
”منھنجي لياقت جي تعريف ڪرڻ لاءِ“ هن سندس هٿ ۾ جهليل ڪاغذن ڏانھن ڏسندي چيو، ”دل آويز منھنجو نالو آهي مسٽر مونس“ دل آويز کيس گهوري چيو.
هو مرڪيو ۽ چيائين:
”منھنجو نالو محمد يونس آهي.“
”واٽ ايور“ دل آويز ڪلھو لوڏي چيو، ”توهان جي قابليت ۽ تجربو سٺو آهي پر اسان جا ڪجهہ قاعدا ۽ قانون آهن. سليڪشن ڪميٽيءَ ۾ هڪ مان نہ پر پنج ٻيا ميمبر آهن، هو پنھنجو فورم مڪمل ڪري چڪا آهن.“
”اوهان منھنجو پروفائيل ڏسي ڪھڙو فيصلو ڪيو ميڊم؟“
”مان ڪميٽيءَ سان اوهان جي باري ۾ ڊسڪس ڪنديس پوءِ جيڪو فيصلو انھن ڪيو، اهو فائينل هوندو مسٽر مونس“
”محمد يونس“ يونس کيس مُرڪي ياد ڏياريو.
”واٽ ايور“ دل آويز لاپرواهيءَ مان چيو، ”اوهان ٻن ڏينھن بعد اچي معلوم ڪجو.“
”اوڪي ميڊم“ يونس اٿندي چيو پوءِ مُڙيو ۽ ٻاهر نڪري ويو.
يونس جي قابليت جا سرٽيفڪيٽ ۽ اعتماد ڏسي دل آويز کي لڳو تہ هو سندن پروجيڪٽ جي ڪاميابيءَ لاءِ بھتر ثابت ٿي سگهي ٿو. هن ٻين ميمبرن سان صلاح مشورو ڪيو. سڀني دل آويز جي راءِ سان اتفاق ڪيو ۽ گڏيل صلاح سان يونس کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهڙي طرح يونس هنن جي ٽيم جو حصو بڻجي ويو.
هڪ مھيني جي عرصي ۾ يونس هنن جي پروجيڪٽ ۾ اهم ۽ خاص اهميت حاصل ڪري ورتي. هو تمام ذهين هو، هن جو ڪم ٻين کان وڌيڪ بھتر هو. عمدہ ۽ کلمک طبيعت جو هيو ان ڪري سڀ کيس پسند ڪرڻ لڳا هئا. هن جي خاص خوبي هن جو ساز ۽ آواز هو. هن وٽ رباب جھڙي شڪل وارو ساز هوندو هيو ۽ آواز سُريلو هيس. اڪثر رات جو سڄو عملو گڏ ٿيندو هو ۽ کانئس فرمائش ڪندا هئا. هو رباب وڄائيندو هيو ۽ سُريلي آواز ۾ کين گيت ٻڌائيندو هو. هن جو ڪم گهڻي قدر دل آويز سان مشترڪہ هوندو هيو ان ڪري اڪثر گڏ رهندا هيا.
نويد، دل آويز ۽ يونس جي دوستي گھري ٿي وئي هئي. هو اڪثر ماني بہ گڏ کائيندا هيا ۽ شام جو گڏجي چھل قدمي ڪندا هئا. هڪ ڏينھن ائين گهمندي نويد چيو:
”يونس، ٻہ مھينا ٿي ويا آهن توکي ڪم ڪندي، اگر تون چاهين تہ پنھنجي گهران چڪر ڏئي اچ.“
”نويد سر“ هن ڊگهو ساھہ کڻي چيو، ”منھنجي گهر ۾ منھنجي ڪمي ايتري گهڻي محسوس نہ ڪئي ويندي آهي.“
”ڇو؟“ دل آويز پڇيو.
هو کليو ۽ چيائين:
”سڀني کي خبر آهي تہ مان سيلاني ماڻھو آهيان، منھنجو ڪو ٺڪاڻو نہ هوندو آهي.“
”اوڪي گائيز“ نويد چيو، ”مان ٿڪجي پيو آهيان، واپس ڪيمپ ٿو وڃان توهان هلو ٿا يا اڃا واڪ ڪندئو؟“
”تون ڀلي وڃي آرام ڪر نويد، اسان ٿورو واڪ ڪنداسين“ دل آويز چيو. نويد واپس ڪيمپ هليو ويو.
”مونس، تنھنجي گهر ۾ ڪير ڪير آهي؟“ دل آويز هلندي هلندي پڇيو.
”منھنجو ڀاءُ، ڀاڄائي، انھن جا چار ٻار، امڙ ۽“ يونس چوندي چوندي رڪجي ويو. دل آويز سوالي نظرن سان ڏانھس ڏٺو ۽ پڇيو:
”۽ ٻيو“
”منھنجي هڪڙي ڪزن بہ رهندي آهي، امان جي ڀاڻيجي.“
”غير شادي شدہ؟“ دل آويز پڇيو.
”نہ، شادي شدہ آهي“ يونس کليو ۽ چيائين، ”ڇڏيو ميڊم، في الحال منھنجو ارادو ناهي ڳوٺ وڃڻ جو“
”آخر تون مون کي ميڊم ڇو سڏيندو آهين؟“ دل آويز ڀرون تاڻي پڇيو، ”مان تنھنجي باس ٿورئي آهيان، هي پروجيڪٽ ورڪ آهي، اسين سڀ هائر ٿيل ميمبر آهيون، گڏجي ٽيم ورڪ ڪندا آهيون.“
”ميڊم، توهان جي ۽ منھنجي حيثيت ۾ ڏينھن رات جو فرق آهي، اوهان عھدي ۽ سينارٽيءَ ۾ مون کان وڌيڪ آهيو.
”مونس“ دل آويز چيو، ”هتي ٽيم ورڪ آهي ۽ اسان وٽ سر ۽ ميڊم چوڻ جو ڊيڪورم ناهي.“
”بس عادت پئجي وئي آهي.“
”۽ اها عادت ڪيئن ويندي؟“ دل آويز پڇيو.
”جڏهن توهان مون کي مونس بدران يونس سڏينديون“ يونس مرڪي چيو.
دل آويز کلي ۽ پڇيائين:
”باءِ دي وي مونس جي معنيٰ ڇا آهي؟“
”درد ونڊيندڙ“ يونس کيس ٻڌايو.
”هون“ دل آويز سوچيندي مرڪي ۽ چيائين، ”پوءِ تہ يونس کان صحيح مونس ئي آهي.“
پروجيڪٽ جو ڪم روان دوان هيو، پھرين مرحلي جي پروگريس رپورٽ کڻي ليزا ۽ جيڪسن آسٽريليا هليا ويا هيا. پوئتي رهيل ميمبر پنھنجو ڪم ڪرڻ ۾ مصروف هيا. يونس جي موجودگيءَ سان ڪيمپ ۾ رونق رهندي هئي. هن جا چرچا ڀوڳ ۽ رباب وارا گيت ريگستان جي گرم اس ۽ ٿڌين چانڊوڪين کي وڻندڙ بڻائي ڇڏيندا هيا. ريگستان هن جي وڻندڙ جاءِ هئي. هڪ ڏينھن هن دل آويز کي سڏ ڪري پنھنجي ليپ ٽاپ جي اسڪرين تي واريءَ جي تصوير ڏيکاريندي پڇيو:
”دل آويز تون ڪڏهن واريءَ جي اصليت ڏٺي آهي؟“
”مطلب؟“ دل آويز پڇيو.
”واريءَ جي خوبصورتي ڏسڻي هجي تہ چانڊوڪيءَ ۾ ڏسجي. واريءَ جا ذرا چنڊ جي ڪرڻن سان سرشار ٿي هيرن جواهرن جي ذرڙن جيان چمڪڻ لڳندا آهن.“
دل آويز اٿي اچي هن جي ليپ ٽاپ جي اسڪرين تي مجموعي وڏي سائيز (ميگزيمائيز) ٿيل واريءَ جي تصوير ڏسڻ لڳي. ان واريءَ جو هڪ هڪ مثقال پنھنجي پوري شڪل ۾ ايترو تہ رنگين ۽ خوبصورت هيو، جنھن جو ڪو مثال نہ هو. اهي ذرڙا شڪل، سائيز ۽ رنگن ۾ هڪ ٻئي کان مختلف ۽ حيران ڪندڙ حد تائين خوبصورت هيا. ڄڻ ڪي تراشيل هيرا جواهر هيا، جن مان اندران رنگين روشنيون ٿي بکيون. هوءَ واريءَ جي اها حقيقت ڏسي مھوت ٿي وئي. پڇيائين:
”ڇا واريءَ جو هر هڪ ذرو الڳ الڳ ايڏين بي شمار ۽ حسين بناوتن ۾ هوندو آهي؟“
”بلڪل“ يونس کيس ٻڌايو، ”اسان جي قدمن هيٺان وڇايل واري جنھن کي اسان معمولي سمجهندا آهيون، ان جو هڪ هڪ ذرو پنھنجي وجود ۾ خوبصورت ۽ ٺاهڻ واري جي حيرت انگيز تخليق جو مظھر آهي.“
”ڇا سموري واري ائين ئي هوندي آهي؟“
”نہ“ يونس چيو، ”هر هڪ هنڌ جي واري الڳ حسن رکندي آهي. واري ريگستان ۽ سامونڊي ڪنارن جو لباس آهي ۽ اهو لباس هر جاءِ تي الڳ الڳ رنگ ۽ الڳ ڊزائن جو هوندو آهي. جيئن بھاماز جي مشھور پنڪ بِيچ جي واري صفا گلابي هوندي آهي. ان جا الڳ الڳ گلابي شيڊن جا مثقال مِلي اهڙو خوبصورت نظارو ٺاهيندا آهن، ڄڻ ڪنھن مصور گلابي رنگن جا شيڊ ملائي ڪينواس تي ڪا حسين تصوير ٺاهي هجي.“
هن مُڙي دل آويز ڏانھن ڏٺو، جيڪا حيرت مان سندس ڳالھيون ٻڌي رهي هئي.
”تنھنجي ملڪ آسٽريليا جي ٻيٽ جو ڪنارو ”وائيٽ هيوِن“ تہ تو ضرور ڏٺو هوندو“ يونس چيو، ”ان بيچ جي کير جھڙي اڇي واري سمنڊ جي گھري نيري پاڻيءَ سان ملي جنت جو نظارو ٺاهيندي آهي. هوائيءَ جي پاپا ڪوليا بيچ جي واري صفا سائي رنگ جي هوندي آهي. ان کي هٿ ۾ کڻي ان جي ذرن جي بناوت ڏسبي تہ لڳندو، اهي سائي رنگ جي جواهرن جا مثقال آهن. آسٽريليا جي رينبو بيچ جي واري 74 رنگن جي خوبصورت شيڊن جو ميلاپ ۽ انڊلٺ جو عڪس لڳندو آهي.“
”اهي سڀ تنھنجا ڏٺل هنڌ آهن؟“ دل آويز کيس غور سان ڏسندي پڇيو.
هو کليو ۽ چيائين، ”مون تہ توکي اڳ ۾ ٻڌايو هو تہ مان سيلاني ماڻھو آهيان.“
دل آويز واپس پنھنجي جاءِ تي وڃي ويٺي. کن پل رکي پڇيائين، ”مونس، تون ايترو ٽئلنٽيڊ ۽ بولڊ آهين، تون ڪنھن بہ ٻاهرين ملڪ ۾ سٺو جاب ڪري سگهين پيو تہ پوءِ واپس هيڏانھن ڇو هليو آئين؟“
”هتي منھنجو ڪم رهيل آهي نہ“ هن چيو.
”ڪھڙو ڪم؟“
”اهو بعد ۾ ڪڏهن ٻڌائيندو مانوَ“ يونس نٽائيندي چيو.
ريگستان جي چانڊوڪي بہ عجيب سحر سان ڀريل هوندي آهي. هوائن جا سنسناهٽ وارا آواز ڄڻ ڪا لاهوتي موسيقي پاڻ سان کڻي اينديون آهن. اهڙي پُر اسرار چانڊوڪيءَ ۾ رباب جو آواز جادوءَ جو ڪم ڏيندو آهي. رباب جو آواز ٻڌي دل آويز پنھنجي ڪمري جي دريءَ جو پردو هٽائي هيٺ نھاريو. يونس ڪاٺ جي ڊرم تي ويٺو مست ٿي رباب وڄائي رهيو هو ۽ مڌر آواز ۾ ڳائي رهيو هو. ڪيمپ وارا ڪجهہ ماڻھو سندس چوڌاري ويٺا کيس ٻڌي رهيا هئا. دل آويز غور سان ٻڌڻ لڳي تہ هو آخر ڇا ڳائي رهيو هو. هن جي گيت جا ٻول بہ عجب هيا:
روحي، او روحي،
صحرا جي اس ۾ ڇانوَ تون،
روحي، منھنجي روحي،
مان جسم منھنجو روح تون،
روحي، او سھيلي،
مان ننڊ، منھنجا خواب تون،
روحي، منھنجا روح اچ،
بي روح خوابن ۾ ملون،
صحرا سرابن ۾ ملون،
مينھن جي ڦوهارن ۾ ملون،
ڪونجن قطارن ۾ ملون،
اڏندا وڃون،
هلندا وڃون،
گم ٿي وڃون.
ٻي ڏينھن صبح جو جڏهن هو ڪيمپ ڏانھن وڃي رهيا هئا تہ گڏ هلندي دل آويز پڇيو:
”مونس، تنھنجو آواز ڏاڍو سٺو آهي، ڀلا تو ڳائڻ ڪٿان سکيو؟“
”دوستن جي ڪچھريءَ ۾ سکيو“ هن کلي چيو.
”ڳائڻ تنھنجو شوق آهي؟“
”بس جڏهن خوش هوندو آهيان تہ ڳائيندو آهيان.“
”۽ تون ڪڏهن خوش هوندو آهين؟“ دل آويز مُرڪي پڇيو.
”مان تہ هميشہ خوش رهندو آهيان“ هن مُرڪي چيو.
هڪ ساعت رکي دل آويز پڇيو:
”چڱو ڀلا اهو تہ ٻڌاءِ اها روحي ڪير آهي؟“
يونس هلڪو ٽھڪ ڏنو ۽ چيائين:
”اها تہ جسٽ نظم آهي ڪنھن شاعر جي.“
”جنھن بہ اها نظم لکي آهي، لڳي ٿو محبت ۾ مسحور ٿي لکي آهي.“
”محبت آهي ئي اهڙي شئي، جيڪا مسرور بہ ڪندي آهي، مسحور بہ.“
”ڇا محبت رڳو مسرور ئي ڪندي آهي؟“ دل آويز پڇيو.
”نہ“ يونس ترسي چيو، ”ڪڏهن محبت پيڙا ۽ دلگيري بہ ڏيندي آهي.“
دل آويز ڪنڌ ورائي يونس ڏانھن ڏٺو مڌم لھجي ۾ پڇيائين:
”مونس، تون ڪنھن سان محبت ڪئي آهي؟“
يونس ڪنھن سوچ ۾ گم ٿي ويو. کن پل رکي چيائين، ”الائي“
”ڇا مطلب؟“ دل آويز مُرڪي چيو، ”ان جو سڌو جواب تہ ها يا نہ ٿيڻ گهرجي.“
يونس ڀرسان واري دڙي تي ويھي رهيو چيائين:
”ماڻھوءَ کي زندگيءَ ۾ کوڙ محبتون ۽ نفرتون ملنديون آهن. محبتن لاءِ پھريائين هو فيصلو نہ ڪري سگهندو آهي تہ هن جي دل جي طلب ڪھڙي آهي.“
دل آويز سندس ڀرسان ويھي رهي. يونس آسمان ڏانھن ڏسندي چيو:
”محبت هڪ وسيع سمنڊ مثال آهي. جنھن جون سرحدون نہ هونديون آهن. پر ورهاستون ضرور هونديون آهن.“
”ڪھڙيون ورهاستون؟“
”تون ڪڏهن غور سان سمنڊ جي حقيقت ڏٺي آهي؟“ يونس پڇيو پوءِ چيائين، ”ان جو پاڻي ۽ ان جي حرڪت هر هنڌ تي الڳ هوندي آهي. ڪٿي ان ۾ لوڇ گهڻي هوندي آهي تہ ڪٿي مٿاڇرو ماٺيڻو هوندو آهي. محبت جون ورهاستون بہ ايئن هونديون آهن. دل انھن ورهاستن مان پنھنجو اهو حصو ڳوليندي آهي، جيڪو هن جي روشن رستن کان گذري گھرائيءَ وارين اونھين غفائن تائين پھچي وڃي.“
”ان جي سڃاڻپ ڪيئن ٿيندي؟“ دل آويز پڇيو.
يونس آهستي کليو، چيائين:
”جڏهن ڪنھن موڙ تي اها اچي سامھون بيھندي آهي تہ دل کي آگاهي اچي ويندي آهي تہ اها ئي محبت آهي، جنھن لاءِ دل جي دنيا خالي هئي.“
دل آويز مُرڪي، چيائين:
”پوءِ تہ دل جا دروازا کلڻ ۾ ڪا دقت ئي نہ هجڻ گهرجي.“
”دقت پوءِ بہ هوندي آهي“ يونس چيو، ”ماڻھو وقت ۽ حالات جي ڪري ان ورهاست مان ڪا محبت کڻي پنھنجي ميراث ٺاهي ڇڏيندو آهي. جيڪا هن جي وفا ۽ ذميواري بڻجي ويندي آهي. ايمانداري ان ۾ هوندي آهي تہ ذميواريءَ کي نڀائجي.“
”۽ محبت جو ڇا؟“ دل آويز پڇيو.
”ان حصي ۾ پيڙا ۽ دلگيري ئي ايندي“ يونس دڙي تان اٿيو ۽ اڳتي هلڻ شروع ڪيائين.
هلندي هلندي دل آويز چيو، ”پروجيڪٽ جا ٻہ مھينا گذري ويا آهن، وقت گذرڻ جي خبر ئي نہ ٿي پئي.“
”هون“ يونس مُرڪي ڪنڌ ڌوڻيو.
”باقي چار مھينا بہ ائين ئي گذري ويندا پوءِ هرڪو پنھنجي ماڳ تي موٽي ويندو ۽ هن وقت کي ڏاڍو مس ڪنداسين.“
”سو تہ آهي“ يونس چيو.
”ڀلا تون هن پروجيڪٽ کان پوءِ ڇا ڪندين؟“ دل آويز پڇيو.
”خبر ناهي“ يونس چيو، شايد ڪو ٻيو پروجيڪٽ ڳوليندم يا ڪا نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندم. نوڪري نہ ملي تہ ڳوٺ وڃي ڀاءُ سان ٻني ٻاري جو ڪم ڪندس.“
”تون ايترو ذهين ۽ محنتي آهين، توکي نوڪري ڇو نہ ملندي؟“
”محترمہ“ يونس چيو، ”هتي نوڪري ملڻ لاءِ ذهانت ۽ محنت نہ پر پئسي ۽ سفارش جي ضرورت پوندي آهي ۽ اهي ٻئي شيون مون وٽ ناهن.“
”ضروري ناهي“ دل آويز چيو، ”ميرٽ جي اهميت تہ هر هنڌ هوندي آهي. ڪوشش ڪرڻ سان نوڪري ملي ئي ويندي.“
”دل آويز“ يونس کيس ڏسندي چيو، ”تون ٻاهرين ملڪ ۾ رهين ٿي، جتي ميرٽ جي اهميت آهي ۽ روزگار بہ آسانيءَ سان ملي وڃي ٿو. پر اسان هتان جا ماڻھو هر پل پنھنجي بقا لاءِ جنگ ڪندا آهيون. تون هتان جي ڏتڙيل ماڻھن لاءِ جيڪو بھتريءَ جو پروجيڪٽ کڻي آئي آهين، اهو چند مھينن جي مدد سان انھن جي تقدير بدلائي نہ ٿو سگهي.“
”ان لاءِ ئي تہ مان سوچيان پئي تہ آئندہ لاءِ بہ هتي رهي ان ڪم کي اڳتي بہ جاري رکان“ دل آويز چيو.
”مطلب؟“ يونس کيس سوالي نظرن سان ڏٺو.
ان وقت آسمان ۾ پکين جا ولر قطارن جي صورت ۾ آواز ڪڍندا اڏامندا ٿي ويا. دل آويز انھن ڏانھن ڏسندي پڇيو:
”اهي پکي ڏسين پيو؟“
”ها“ يونس وراڻيو، ”اهي ڪونجن جون قطارون آهن.“
”اهي ڪٿان آيون آهن؟“ دل آويز پڇيو.
”اهي ڪنھن پرانھين ملڪ کان اينديون آهن، جڏهن انھن جي ملڪ جي موسم سخت ٿي ويندي آهي تہ پوءِ انھن لاءِ داڻو پاڻي ملڻ مشڪل ٿي ويندو آهي. پوءِ اهي داڻي پاڻيءَ جي تلاش ۾ لڏ پلاڻ ڪنديون آهن ۽ سوين ميل پنڌ ڪري ٻين ملڪن ڏانھن وينديون آهن.“ يونس کيس ٻڌايو.
دل آويز چپ چاپ ڪونجن جي قطارن کي ڏسڻ لڳي، جيڪي هڪ ئي جوڙ جڪ ۾ اڏامنديون ٿي ويون.
”توکي خبر آهي دل آويز“ يونس چيو، ”اهي قطارون ٺاهي ٽولي جي شڪل ۾ هلنديون آهن. اڳ ۾ انھن جو رهنما هوندو آهي. ۽ ٽي نگھبان هوندا آهن ٻہ ٻنھي پاسن کان ۽ هڪ آخري قطار جي پٺيان.“
”ڇو؟“
”ان ڪري تہ جيئن انھن جي جوڙ جڪ ٽُٽي نہ سگهي. جيڪڏهن ڪو خطرو هوندو تہ نگھبان انھن کي خبردار ڪندا ۽ آخر ۾ هلڻ وارو اهو خيال رکندو تہ ڪا بہ ڪونج پنھنجي ولر کان وڇڙي تہ اهي کيس سنڀالي واپس وٺي اچن.“
دل آويز انھن کي ڏسندي گم سم لھجي ۾ چيو:
”شايد مان بہ ڪنھن اهڙي ولر جو پکي آهيان، جيڪو پنھنجي ولر کان وڇڙي ويو هجي. پر ڇا ڪو اهڙو نگھبان بہ هوندو، جيڪو مون کي ڳولي پنھنجي ولر ۽ وطن ڏانھن ورائي اچي؟“
اهو ڏاڍو گرم ساڙيندڙ ڏينھن هو، جڏهن هو ان ڏورانھين ريگستاني علائقي جي ٽڙيل پکڙيل آبادين ڏانھن وڃي رهيا هئا. رواني ٿيڻ کان اڳ نويد دل آويز کي چيو:
”دل آويز، اڄ ڏاڍو گرم ڏينھن آهي، تون متان ريگستان جي گرمي برداشت نہ ڪري سگهين. منھنجو خيال آهي تہ تون ڪيمپ ۾ ئي رھہ، اسين هليا ٿا وڃون.“
ان وقت يونس کليو ۽ چيائين:
”درد ونڊيندڙ ڀلا گرمي سختيءَ کان ٿورئي ڊڄندا آهن.“
”آف ڪورس“ دل آويز شولڊر بيگ کڻي وڃي سندس ڀرسان بيٺي. چيائين، ”مان اڪيلي ڪيمپ ۾ ويھي ڇا ڪنديس؟“
ان ريگستاني علائقي ۾ ايڏي تہ گرمي ۽ گرم هوا هئي جو چند ڪلاڪن جي سروي ۾ هنن جا چپ خشڪ ۽ اکيون گرم ٿي ويون. يونس دل آويز جي تپندڙ چھري ڏانھن ڏسندي چيو:
”دل آويز، ڪجهہ دير گاڏيءَ جي اي سي هلائي ٿوري دير رليڪس ٿي، ڪجهہ دير بعد اڳتي هلنداسين.“
”آءِ ايم اوڪي“ دل آويز چيو.
پر يونس هن جي ڳالھہ کي نظرانداز ڪندي کيس گاڏيءَ ۾ وڃي ويھاريو. گاڏيءَ جو ايئر ڪنڊيشنڊ هلائي ڪولر مان پاڻي اوتي کيس پيئڻ لاءِ ڏنائين. دل آويز پاڻي پيئندي گاڏيءَ جي شيشي مان ٻاهر ڏٺو. پريان دڙي تي ٺھيل ماڻھن جا ڪکاوان چونئرا نظر اچي رهيا هئا. ٻاهر جهولي جي گرم هوا ۾ واري اڏامي رهي هئي.
”هي ماڻھو هيڏي سخت موسم ۽ رُڃ ۾ ڇو ٿا رهن. اتان ڪنھن محفوظ ۽ سھولتن واري هنڌ ڏانھن ڇو نہ ٿا لڏي وڃن؟“ دل آويز حيران ٿي پڇيو.
”اهي اتان نہ ويندا ڪيڏانھن بہ“ يونس چيو.
”ڇو؟“
”ان ڪري تہ اهو انھن جو ماڳ آهي“ يونس چيو، ”اتي انھن جا اباڻا ڪک آهن. اتي رهي مھينن جا مھينا گرم ساڙيندڙ موسم ۾ انتظار ڪندا آهن.“
”ڇا جو انتظار؟“
”مِينھن وسڻ جو“ يونس چيو.
”واٽ؟“ دل آويز حيران ٿي پڇيو، ”اهي مھينن تائين گرميءَ ۾ سڙي، چند ڏينھن واري برسات جو انتظار ڪندا آهن؟“
”ها، اها چئن ڏينھن واري برسات هنن جي لمبي انتظار جي عيد هوندي آهي. اها هنن کي اهڙي خوشي ڏئي ويندي آهي، جنھن کي ٻيھر ڏسڻ لاءِ هو سوين ڏينھن جو انتظار ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. ان ڪري ئي اهي پنھنجي اها عيد، اها خوشي ڇڏڻ نہ چاهيندا آهن.“
دل آويز گم سم انھن جهوپڙن ڏانھن ڏسندي رهي.
”جڏهن هن رُکي ڌرتيءَ تي مِينھن وَسندا آهن تہ هنن جو هي برپٽ گل و گلزار ٿي ويندو آهي، هر طرف رڳو ساوڪ نظر ايندي آهي. کڏون ۽ ڍورا پاڻيءَ سان ڀرجي ويندا آهن. ماڻھو ۽ مال خوش رهندا آهن. انھن جا روزي روٽيءَ جي تلاش ۾ پري پري ويل ڀاتي ماڳ تي موٽي ايندا آهن. ساز سُرندا ٻاهر نڪرندا آهن. انتظار ۾ سمھيل گيت جاڳي پوندا آهن. هر روز عيد جھڙو هوندو اٿن.“
دل انداز جيڪا سحر زدہ انداز ۾ سندس ڳالھيون ٻڌي رهي هئي، خواب واري ڪيفيت ۾ چيو:
”مونس، مان بہ اها عيد، اها خوشي محسوس ڪرڻ ٿي چاهيان.“
”ان لاءِ گرميءَ جي لُڪ سھڻ ضروري آهي.“ يونس چيو.
”مان گرميءَ جي لُڪ سھڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪڏهن ڪو درد ونڊيندڙ منھنجي لاءِ اها عيد، اها خوشي کڻي اچي تہ.“
يونس آهستي کليو پوءِ سندس اکين اڳيان هٿ لوڏيندي چيائين:
”اوڪي ميڊم دل آويز، في الحال تہ هل تہ اڳتي هلون، ڳوٺ جو نيڪ مرد انتظار ڪندو هوندو.“
پوءِ هو گاڏيءَ مان لھي ان پاسي وڃڻ لڳا، جيڏانھن نويد ۽ شوڀم ويا هئا.
هنن کي ان ڳوٺ لاءِ طبي سھولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اتان جي نيڪ مرد سان، جنھن کي پَٽيل پيا چَوَن ملڻو هيو ۽ پروگرام طئي ڪرڻو هيو. ڳوٺ جي ٻاهران چند ڪيبن نُما دڪان هيا، جن تي ضرورت جي سامان سان گڏ ڪجهہ علائقائي ثقافت جون شيون پڻ رکيل هيون. دل آويز انھن دڪانن تي لٽڪيل دستڪاريءَ جون رنگ برنگي شيون ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. اندر گهرن ڏانھن گاڏين جي وڃڻ جو رستو نہ هيو. گاڏيون هنن کي ٻاهر ئي بيھارڻيون پيون، جتان هو پيدل هلڻ لڳا. دل آويز دڪانن ڏانھن گهمي ڦري شيون خريد ڪرڻ لڳي. ٻين کي بہ پنھنجي رفتار هن جي ڪري سُست ڪرڻي پئي. هوءَ هڪ ڪيبن وٽ بيھي هڪ رنگين موتين جي مالھا ڏسڻ لڳي. دڪاندار کان قيمت پڇيائين:
”هزار روپيہ“ دڪاندار آڱر جي اشاري سان کيس ٻڌايو.
”دل آويز“ مونس سندس ويجهو سُري آهستي چيو، ”هنن ڳوٺاڻن کي معصوم نہ سمجهہ، وڏين گاڏين کي ڏسي ٽَڪي جي شئي روپئي ۾ ٻڌائيندا آهن.“
دل آويز هڪ رنگين مڻين، موتين واري پازيب کڻي کيس ڏيکاري پوءِ مٿي ٽنگيل رنگ برنگي چُنيءَ ڏانھن اشارو ڪندي چيائين:
”مونس، هي سڀ ڪيڏيون نہ خوبصورت ۽ فنڪي شيون آهن. مون اڳ ۾ اهڙيون شيون ڏٺيون ناهن.“
”اوڪي“ يونس چيو، ”اسان کي اول ان ڪم ڏانھن ڌيان ڏيڻ گهرجي، جنھن لاءِ آيا آهيون. پَٽيل صاحب انتظار ڪندو هوندو. نماز جو وقت ٿيڻ وارو آهي پوءِ سڀ مسجد ڏانھن هليا ويندا. واپسيءَ ۾ آرام سان سڀ شيون ڏسي وٺجانءِ.“
هوءَ سندس ڳالھہ مڃي اوڏانھن هلي وئي، جتي نويد وارا بيٺا سندس انتظار ڪري رهيا هئا. يونس ڪجهہ دير بعد اچي ساڻس گڏيو.
پَٽيل ۽ ٻين ماڻھن سان ڳالھہ ٻولھہ ڪندي کين ڪافي وقت لڳي ويو. جڏهن واپسيءَ وقت بازار وٽ پھتا تہ اهو دڪان، جنھن تي دل آويز ڪجهہ شيون پسند ڪيون هيون ۽ هڪ ٻہ ٻيا دڪان بند ٿي ويا هئا. اهو ڏسي دل آويز مايوس ٿي وئي. يونس کيس ٻڌايو:
”گرميءَ جي ڪري اڪثر دڪاندار منجهند جو دڪان بند ڪري گهرن ڏانھن هليا ويندا آهن. اهي هاڻي ڏينھن ٺرڻ بعد شام جو ئي کوليندا.“
”پر مون کي تہ اتان مالھا وٺڻي هئي.“ دل آويز اداس ٿيندي چيو.
”اها مالھا تہ نقلي هئي“ يونس مُرڪي چيو، ”مان توکي اصلي موتين وارو ڪنٺو آڻي ڏيندس.“
دل آويز ڪجهہ نہ ڪڇيو، چپ چاپ هنن سان گڏ وڃي گاڏيءَ ۾ چڙهي ۽ واپسيءَ لاءِ روانا ٿي ويا. شام ٿي چُڪي هئي، واپسيءَ جو رستو ڪجهہ ڊگهو هو. هو رستي ۾ هڪ ڪچي آباديءَ وٽ چانھہ پيئڻ لاءِ ترسيا. ڪچي ڇاپري جي ڀرسان اوطاق نما چونئرو هو، جنھن جي پڪي مٽيءَ واري ٿلھي تي پندرنھن کن ماڻھو ويٺا راڳ ٻڌي رهيا هئا. سندس سامھون ٽي ماڻھو علائقائي ساز کڻي ويٺا وڄائي رهيا هئا. هڪ آلاپن سان راڳ ڳائي رهيو هو.
نويد ۽ ٻيا گاڏين مان لٿا. يونس دل آويز کي منع ڪندي چيو:
”دل آويز، تون اتي گاڏيءَ ۾ ئي ويھہ، اسان تنھنجي لاءِ چانھہ هيڏانھن موڪلي ٿا ڏيون.“
”هتي چانھہ ملي ويندي؟“ دل آويز پڇيو.
”ها بلڪل“ يونس سامھون چونئري ڏانھن اشارو ڪندي چيو، جنھن جي ڀرسان ڇاپري جي هيٺان مٽيءَ جي چلھن تي چانھہ جو وڏو ٻاٽو چڙهيل هو. دل آويز دري کولي راڳ جي محفل ڏسڻ لڳي. ڳائڻ وارن جي آواز ۾ عجيب لاها چاڙها ۽ تاثير هيو. علائقائي ٻولي هجڻ ڪري هن کي ٻول سمجهہ ۾ نہ آيا پر راڳ جو سحر هن کي موهڻ لڳو. ٿوري دير بعد يونس چانھہ جو پيالو کڻي آڻي کيس ڏنو.
”مونس“ هن يونس کان پڇيو، ”اهي ڇا ٿا ڳائن؟“
يونس ڪنڌ ڦيرائي راڳين ڏانھن ڏٺو. مُرڪي پڇيائين:
”تون ڄاڻڻ ٿي چاهين تہ اهي ڇا ٿا چَونِ؟“
دل آويز هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
”اها هڪ محبت ڪرڻ واري جي فرياد آهي. اهو چوي ٿو، اي محبوب توکي ڳولڻ لاءِ شاهي چوغو لاهي فقيري چولو پاتم. تنھنجي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ڪپڙا ڦاڙي ديواني جو روپ ورتم پوءِ بہ تون نہ ملين. تنھنجي عشق ۾ ديس ڇڏيم، دنيا ڇڏيم، مذهب ڇڏيم پوءِ بہ تون نہ ملين.“
دل آويز گم سم ٿي راڳين ڏانھن ڏسڻ لڳي. ساز ۽ سوز ملي ڪري عجيب ماحول ٺاهي ڇڏيو هو.
”ڇا محبت ائين بہ هوندي آهي؟“ هن مدهوشيءَ واري ڪيفيت ۾ چيو.
”ها“ يونس چيو، ”اهو ان عشق جي تڙپ جو اظھار آهي، جيڪو هرشئي کان بي نياز ڪري ڇڏيندو آهي ۽ محبوب جي هڪ جهلڪ لاءِ سڄي دنيا تياڳي ڇڏڻ جي سگهہ رکندو آهي.“
دل آويز ڪجهہ دير ائين ئي گم سم ويٺي رهي پوءِ مڌم لھجي ۾ پڇيائين:
”مونس، تون ڪڏهن ڪنھن سان اهڙي محبت ڪئي آهي؟“
يونس هڪدم ماٺ ٿي ويو پوءِ مُنھن ٻئي طرف ڪندي چيائين:
”تنھنجي چانھہ ٿڌي ٿي ٿئي دل آويز، مان بہ نويد وارن ڏانھن ٿو وڃان. منھنجو انتظار ڪندا هوندا ۽ هو لھي چونئري ڏانھن هليو ويو.
هو جڏهن ڪيمپ پھتا تہ رات ٿي چڪي هئي. رات جي ماني تيار هئي. هنن فريش ٿي ماني کاڌي. ڪجهہ وقت ڏينھن جي مصروفيتن تي ڪچھري ڪئي پوءِ سڀ پنھنجن ڪمرن ڏانھن وڃڻ لڳا. دل آويز ڏاڪڻ تي چڙهي رهي هئي تہ يونس تڪڙا ڏاڪا ٽپي سندس ڀرسان آيو ۽ هڪ پلاسٽڪ بيگ ڏانھس وڌائيندي چيائين:
”دل آويز، هي تنھنجي لاءِ آهي.“
دل آويز حيران ٿيندي کانئس بيگ ورتو پوءِ هو کيس گُڊ نائيٽ چئي واپس هليو ويو. ڪمري ۾ پھچي دل آويز بيڊ تي ويٺي. بيگ کوليائين، ان ۾ ساڳي رنگين چُني ۽ موتين واري پازيب هئي، جيڪا هن کي ڳوٺ ۾ پسند آئي هئي. هن جي چپن تي مُرڪ ڇائنجي وئي ۽ اکين ۾ چَمڪ. هن پيرن ۾ پازيب پاتي ۽ چُني اوڙهي وڃي آئيني جي سامھون بيٺي. هن جي سامھون انگريزي لباس پائڻ واري پرڏيھي دل آويز نہ هئي پر ڪا ڏيھي ڇوڪري هئي. جنھن جي مٿان هن ڏيھہ جو رنگ چڙهندو ٿي ويو. هن جي اکين ۾ نئين چمڪ ۽ ڳلن تي شفق پکڙيل هئي. اهو ڪو نئون آرسيلو احساس هو، جيڪو اڄ کان اڳ هن محسوس نہ ڪيو هو. آسپاس جي هر شئي خوبصورت ۽ پنھنجي پنھنجي لڳي رهي هئي. هن مدهوشيءَ مان نڪرڻ نہ ٿي چاهيو. ان ڪري پازيب پائي چُنري اوڍي ائين ئي بيڊ تي سمھي پئي.
هوءَ ٿڪل هئي. ائين بي خبر سُمھي پئي هئي، جو خبر ئي نہ پيس تہ ڪڏهن صبح ٿيو ۽ ڪڏهن هائوس ڪِيپر شيبا سندس ڪمرو صاف ڪرڻ لاءِ اندر آئي. دريءَ مان ايندڙ سج جي روشني سندس چھري تي پئجي رهي هئي.
”مئڊم“ شيبا کيس آهستي سڏ ڪيو، ”اوهان تي اُس ٿي پوي.“
هوءَ جاڳي پئي ۽ آرس ڀڃي اٿي ويٺي. کيس اُن وقت بہ چُني اوڍيل هئي. ان جو احساس ٿيندي، هُن چُني لاهي بيڊ تي رکي ۽ پڇيائين:
”شيبا، هيءَ چادر هتان جي خاص شئي آهي؟“
”هي چادر نہ پر چُني آهي مئڊم.“ شيبا چيو.
”هن ۾ ڪھڙي خاص ڳالھہ آهي؟“ دل آويز چُني هٿ ۾ کڻندي چيو.
”مئڊم“ شيبا چيو، ”اسانجن ڪپڙن ۾ ڪي خاص ڪپڙا خاص نالن سان هوندا آهن، جيڪي الڳ الڳ موقعن تي پائڻ لاءِ هوندا آهن.“
”پوءِ ڀلا هيءَ چُني ڪھڙن خاص موقعن لاءِ هوندي آهي؟“ دل آويز پڇيو.
”اِها خوشيءَ جي موقعن تي پائبي آهي. اڪثر عورتون ۽ جوان ڇوڪريون شوق مان بہ پائينديون آهن. خاص ڪري جڏهن ڪنھن ڇوڪريءَ جو سَڱُ طئي ٿيندو آهي تہ ساهرن طرفان اها چُني پارائي ويندي آهي، جنھن جو مطلب اهو هوندو آهي تہ اها ڇوڪري هاڻي اسان جي ٿي ويئي.“
”سچ پچ!“ دل آويز جي اکين ۾ چمڪ ۽ چھري تي مُرڪ ڇائنجي وئي. پوءِ هوءَ مدهوشيءَ واري عالم ۾ اٿي ۽ واش روم ۾ وڃي تيار ٿيڻ لڳي.
آفيس ۾ آئي تہ يونس اڳواٽ ئي ويٺو ڪمپيوٽر تي ڪم ڪري رهيو هو. هن کيس سلام ڪيو. يونس مُرڪي کيس جواب ڏنو ۽ وري ڪم ۾ مصروف ٿي ويو.
”مونس“ ڪجهہ دير بعد دل آويز چيو، ”ٿئنڪس“
”ڇا لاءِ؟“ هن بدستور ڪم ڪندي چيو.
”گفٽ لاءِ“
”اوھہ“ هو مُرڪيو، ”ويلڪم“
”پر هڪڙي شئي تہ مون کي نہ ملي.“ دل آويز چيو.
”ڪھڙي؟“
”مالھا“
هو ڪرسي ڦيرائي ڏانھس ڏسڻ لڳو. مُرڪي چيائين، ”اها تہ نقلي مالھا هئي، مان پرامز ٿو ڪيان توکي اصلي موتين جي مالھا آڻي ڏيندس.“
صحرا جي شام بہ عجيب هوندي آهي، دل خوش هجي تہ صحرا دلفريب لڳندي آهي. دل اُداس هُجي تہ سڄو نظارو ئي مايوس نظر ايندو آهي. يونس ۽ دل آويز هڪ ڀِٽَ تي ويٺا هيا. پَر ڀَرو ڇِڊا ڇِڊا وڻ نظر اچي رهيا هئا. هر طرف پُر سڪون سانت هُئي. بس رکي رکي پکين جا آواز ٻُڌڻ ۾ ٿي آيا.
”وقت ڪيڏو نہ تڪڙو ٿو گذري“ دل آويز چيو، ”مان هن وقت کي ڏاڍو ياد ڪنديس.“
”ڇو، جلدي وڃڻ جو ارادو آهي ڇا؟“ يونس پڇيو.
”وينداسين تہ پروجيڪٽ مڪمل ٿيڻ بعد“ دل آويز چيو، ”پر عجيب ڳالھہ آهي، جڏهن شروع ۾ مان هتي آئي هُيم، وقت ايڏو تہ ڊگهو لڳندو هو، جو مان سوچيندي هُيم تہ اِهو وقت ڪيئن پورو ٿيندو...... ۽ هاڻي“ هوءَ چُپ ٿي سوچڻ لڳي.
”۽ هاڻي؟“ يونس پڇيو.
”اڌ وقت باقي بچيو آهي“ دل آويز ڊگهو ساھہ کڻي چيو، ”هاڻي ائين لڳندو آهي، ڄڻ وقت کي پَرَ لڳي ويا آهن اُڏامندو ٿو وڃي.“
يونس خاموش ٿي آسمان ۾ اُڏامندڙ پکين کي ڏسي ڪجهہ سوچڻ لڳو.
”مونس“ کن پل رکي دل آويز چيو، ”ڪڏهن ڪڏهن منھنجي دل ۾ خيال ايندو آهي تہ مان هتي ئي رهي پوان.“
”پوءِ رهي پئو نہ“ يونس ڏانھس ڏسندي مُرڪي چيو.
”سچ پچ“ دل آويز کيس غور سان ڏسندي پڇيو.
”فيصلو تہ تنھنجي اختيار ۾ آهي.“ يونس چيو.
دل آويز ڪجهہ دير سوچيندي رهي پوءِ هڪ ڊگهو ساھہ کڻي چيائين:
”منھنجي گريما چوندي آهي، اسان جي زندگيءَ جا فيصلا لکڻ واري لکي ڇڏيا آهن. اسان جي زندگيءَ ۾ ڪھڙا موڙ ايندا، ڇا ملندو، ڇا هليو ويندو سڀ ڪجهہ لکيل آهي.“
”تہ پوءِ؟“
”مان ڏسڻ ٿي چاهيان تہ، تقدير واري منھنجي تقدير ۾ ڇا لکيو آهي؟“
”اها خبر توکي ڪيئن پوندي؟“
دل آويز نظرون ڦيرائي کيس ڏٺو ۽ چيائين:
زندگيءَ جي هر موڙ تي منھنجي لاءِ تقدير جا ڪي نہ ڪي اشارا ضرور موجود هوندا، جيڪي مون کي منھنجي مقدر جي راھہ ڏيکارڻ ۾ مدد ڪندا.“
”مونس، تو ئي تہ چيو هو تہ ڪڏهن اسان جي اصل محبت اوچتو اچي سامھون بيھندي آهي ۽ دل گواهي ڏيندي آهي تہ، اهائي آهي، جنھن لاءِ منھنجي دنيا خالي آهي.“
هوءَ ڪجهہ دير تائين کيس ڏسندي ڪجهہ سوچيندي رهي پوءِ سنجيدگيءَ سان چيائين:
”مونس، زندگيءَ جي سفر ۾ کوڙ واٽھڙو هڪ ٻئي سان ملندا آهن ۽ وڇڙندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن خبر ئي نہ پوندي آهي تہ هلندي هلندي ڪو واٽھڙو همسفر بنجي اسان جي ذات جو اهڙو خاص حصو بنجي ويندو آهي، جنھن کان وڇڙڻ جو تصور بہ ڏکوئيندڙ لڳندو آهي.“
يونس نظرون ڦيرائيندي چيو، ”ڪڏهن ڪڏهن ائين جُڙي وڃڻ لاءِ اهڙا سمجهوتا ڪرڻا پوندا آهن، جيڪي اڳتي هلي ڳرا پئجي ويندا آهن.“
”منھنجي خيال ۾ اهي سمجهوتا وڇوڙي جي تڪليف کان ڳرا نہ هوندا آهن.“
کن پل خاموشي رهي پوءِ دل آويز يونس ڏانھن ڏسندي پڇيو:
”مونس، مونسان شادي ڪندين؟“
يونس هن جي اوچتي سوال تي هڪو ٻَڪو ٿي کيس ڏسڻ لڳو. ڪجهہ دير ائين رهڻ بعد اوچتو هن جي چھري تي مُرڪ ظاهر ٿي ۽ پوءِ ڪنڌ ڌوڻي کلڻ لڳو. ڪجهہ دير کلڻ بعد چيائين:
”اها تہ بريڪنگ نيوز ٿي وئي. هڪ انٽرنيشنل پروجيڪٽ جي اعليٰ عھديدار ليڊي هڪ معمولي ايمپلائيءَ سان شادي ڪري پاڪستان ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو.“
”مونس، ڇا فيلنگس جي اڳيان عھدن ۽ حيثيت جو فرق ڪا اهميت رکي ٿو؟“ دل آويز سنجيدگيءَ سان پڇيو.
هن کي ناراض ڏسي يونس سنجيدہ ٿي ويو ۽ نرميءَ سان چيائين:
”سوري دل آويز، منھنجو مقصد توکي هرٽ ڪرڻ نہ هيو پر اهو دانشمنديءَ وارو فيصلو ناهي.“
”ڇو؟“ دل آويز پڇيو.
تو وٽ مضبوط حيثيت، سٺو فيملي بيڪ گرائونڊ ۽ سٺو مستقبل آهي. تون ڪنھن خانہ بدوش بي حيثيت ماڻھوءَ سان وابستہ ٿي، پنھنجي زندگي ڪيئن ٿي ضايع ڪري سگهين!“
”تون پاڻ کي ايترو انڊر ايسٽيميٽ ڇو ٿو ڪرين؟“ دل آويز چيو.
”مون وٽ اهڙو ڪجهہ بہ ناهي، جنھن تي فخر ڪري سگهان.“ يونس چيو، ”ڪمزور سھارن جي آسري نہ لڳبو آهي.“
”مون کي سھاري جي نہ ساٿ جي ضرورت آهي.“ دل آويز چيو.
”اها ضرورت آهي يا......“ يونس چوندي چوندي رُڪجي ويو.
دل آويز سوالي نظرن سان کيس ڏسڻ لڳي. يونس کيس غور سان ڏسندي پڇيو:
”دل آويز، ڇا تون مون سان محبت ڪرڻ لڳي آهين؟“
آزاد مغربي ملڪ ۾ پلجڻ جي باوجود هوءَ بيباڪيءَ سان جواب نہ ڏئي سگهي. دٻيل آواز ۾ چيائين:
”شايد.“
”دل آويز“ يونس هڪ ڊگهو ساھہ کڻي چيو، ”اها محبت ناهي، بس گڏ وقت گذارڻ سبب پيدا ٿيل وقتي ڪشش آهي، تون ڀٽڪي رهي آهين.“
”۽ تنھنجي دل ۾ ڇا آهي؟“ دل آويز پڇيو.
”سوري دل آويز“ يونس پنھنجون نظرون ٻي پاسي ڦيرائيندي چيو، ”منھنجي دل ۾ تنھنجي لاءِ اهڙي ڪابہ فيلنگ ناهي. تون منھنجي بيسٽ فرينڊ آهين، بس.“
پوءِ هو اٿيو ۽ پوئتي مُڙي هلڻ لڳو. دل آويز اُتي ئي ويٺي رهي. اهو ريگستان اوچتو ويران صحرا ۾ تبديل ٿي ويو هيو. پري پري تائين خاموشي ۽ سُڃ هئي. سج لھي چُڪو هو. ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تي زمين ۽ آسمان ائين لڳي رهيا هئا، ڄڻ هڪ ٻئي سان ملي هيڪڙائيءَ ۾ بدلجي ويا هئا. پر هن کي خبر هئي تہ اهي ڪڏهن بہ هڪ ٻئي سان ملي هڪ ٿي نہ سگهندا آهن. شايد هن جو بہ يونس سان ميل لکيل نہ هيو. پر دل اها ڳالھہ مڃڻ لاءِ تيار نہ هئي. هن کي خبر ئي نہ پئي تہ ڪڏهن هوءَ محبت جي ان سفر تي نڪري پئي هئي، جنھن جي منزل جي ڪا تصديق ئي نہ هئي. ۽ بنا ڪنھن ضمانت جي هلندي رهي. هاڻي تہ ايترو پنڌ پري هلي آئي هئي، جو دل واپسيءَ جو فيصلو مڃڻ لاءِ تيار ئي نہ هئي. ان موڙ تي فيل ٿيڻ جو احساس ۽ رد ٿي وڃڻ واري ڳالھہ هن کي ٻٽي اذيت پھچائي رهي هئي. ٺڪرائڻ جي احساس هن جي انا کي مجروح ڪري ڇڏيو هو. ان حالت ۾ اچي هن جي اکين مان بي اختيار ڳوڙها وهڻ لڳا. جڏهن هن جي اکين جا چشما کٽي ويا ۽ دل خالي ٿي وئي تہ هوءَ اٿي ۽ ڊانواڊول قدمن سان ڪيمپ ڏانھن واپس هلڻ لڳي.
زندگيءَ جو اهو لمحو هن کي ڪمزور ڪري رهيو هو، ان ڪري هن ان کي وسارڻ ٿي چاهيو، جنھن لاءِ هن کي همت ۽ طاقت جي ضرورت هئي. هن کي پنھنجي شخصيت کي بحال ڪرڻو هو.
ٻئي ڏينھن صبح جو جڏهن هو ڪيمپ آفيس مان نڪري گاڏين ڏانھن وڃي رهيا هئا تہ هر شئي پنھنجي معمول تي هئي. دل آويز بہ شانت هئي. ان وقت يونس تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو ڏانھس آيو ۽ ساڻس گڏ گڏ هلندي چيائين:
”دل آويز، جيڪڏهن مان توکي هرٽ ڪيو آهي تہ آءِ ايم ويري ساري.“
”آءِ ايم آل رائيٽ.“ دل آويز مُرڪي چيو.
يونس هُن جي سُجيل اکين ڏانھن ڏسندي پڇيو، ”آر يُو آل رائيٽ؟“
”بلڪل“ دل آويز ڪنڌ ڌوڻي چيو.
يونس هڪ ڊگهو ساھہ کنيو ۽ ڌيرج سان چيائين:
”دل آويز، اها تڪليف جيڪا اسان کي هڪ دفعو هرٽ ڪري اِها ان تڪليف کان هزار دفعا بھتر آهي، جيڪا اسان کي زندگيءَ ۾ بار بار هرٽ ڪرڻ واري هجي.“
دل آويز ڪجهہ نہ ڪڇيو. گهڙي کن رکي يونس کيس چيو:
”دل آويز تون معمولي ناهين. تمام گهڻي خاص آهين، منھنجي بيسٽ فرينڊ آهين. مان نہ ٿو چاهيان تہ توکي زندگيءَ ۾ ڪنھن بہ آزمائش مان گذرڻو پوي.“
پوءِ ڪجهہ ترسي پڇيائين، ”تون مونکان ناراض تہ ناهين.“
”نہ“ دل آويز اطمينان سان وراڻيو.
”شوئر“ هن کيس غور سان ڏسندي پڇيو.
دل آويز هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”فرينڊس؟“ يونس پڇيو.
دل آويز ٻيھر هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ پوءِ ٻئي وڃي گاڏين ۾ ويٺا. دل آويز نويد سان گڏ گاڏيءَ ۾ ويٺي. رستي تي هلندي نويد ٻہ ٽي دفعا ڪنڌ ورائي دل آويز جي وِساڻيل چھري ڏانھن ڏٺو. دل آويز اهو نوٽ ڪيو ۽ ڌيرج سان پڇيو:
”ڇا ٿيو نويد؟“
”اهو تہ تون ٻڌائيندينءَ“ نويد چيو.
”ڇا مطلب؟“
”دل آويز“ نويد ڊگهو ساھہ کڻي چيو، ”انڪل توکي منھنجي ڀروسي هيڏانھن موڪليو آهي. منھنجي ذميداري آهي تہ مان تنھنجي سلامتي ۽ خوشيءَ جو خيال رکان.“
هو کن پل ترسيو، ”مان ڪافي ڏينھن کان ڏسي رهيو آهيان، تون پريشان آهين، تنھنجو يونس سان گهڻو وقت گڏ گذارڻ بہ سڀ نوٽ ڪن ٿا.“
دل آويز ڪو جواب نہ ڏنو، خاموش ويٺي رهي.
”ڇا تون يونس سان اِنوالو ٿي وئي آهين؟“ نويد پڇيو، ”آر يُو اِن لَوِ؟“
دل آويز ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. پر هن جي چھري تي ڦھليل مايوسي نويد کان لِڪي نہ سگهي. نويد هڪ ڊگهو ساھہ کنيو ۽ چيائين:
”دل آويز، اسان هن کان اڳ بہ اهڙا پروجيڪٽ ڪري چُڪا آهيون، مون توکي هميشہ اسٽرانگ ۽ پريڪٽيڪل ڏٺو آهي. هن کان اڳ تہ تون ڪڏهن بہ ڪنھن سان اِنوالِو نہ ٿي آهين.“
دل آويز اکيون کڻي نويد ڏانھن ڏٺو ۽ ڀنل اکين سان چيائين:
”هن کان اڳ ڪڏهن ڪو مونس بہ تہ نہ مليو هيو نہ.“
نويد کن پل چپ رهيو پوءِ پڇيائين:
”يونس ۾ اهڙي ڪھڙي ڳالھہ آهي. هو هڪ عام ماڻھو ئي تہ آهي.“
”هو عام معمولي ماڻھو ناهي“ دل آويز هڪ ڊگهو ساھہ کڻي چيو، ”هو ڪيترو خاص آهي، اِها مون کي خبر آهي.“
نويد ڪجهہ دير خاموشيءَ سان ڊرائيونگ ڪندو رهيو پوءِ پڇيائين:
”ڇا يونس بہ تنھنجي لاءِ سيريس آهي؟“
”دل آويز ڪجهہ سوچيندي رهي پوءِ چيائين:
”مون کي پَڪي خبر ناهي، شايد هو اسٽيٽس ڊفرنس جي ڪري اڳتي نہ ٿو وڌي.“
”پوءِ تو آئندہ لاءِ ڇا سوچيو آهي؟ نويد پڇيو.
دل آويز هڪ ڊگهو ساھہ کنيو، چيائين:
”مان انتظار ڪنديس، منھنجي دل گواهي ڏئي ٿي. هو منھنجي دل جي سچائي سمجهي هڪ ڏينھن ضرور مون ڏانھن موٽي ايندو.“
يونس چانھہ جا ٻہ ڪوپ کڻي وڃي ان ٽيبل تي رکيا، جتي نويد ۽ شوڀم ويٺا چانھہ پي رهيا هئا. هن جي پٺيان دل آويز بہ اچي اتي ويٺي. شوڀم پنھنجي فون جي گئلري کولي فوٽو ڏسڻ لڳو. يونس پڇيو:
”پنھنجي فئمليءَ کي مِس ٿو ڪرين؟“
”هون“ شوڀم ڪنڌ ڌوڻي چيو، ”آءِ مِس ماءِ فيانسي، ماءِ لَو مونا.“
”توکي خبر ناهي يونس“ نويد چيو، ”شوڀم جي فيانسي مسلم آهي.“
يونس حيران ٿي پڇيو:
”مسلم ۽ هندو ڀلا گڏ ڪيئن؟!“
”عشق نہ پُڇي ذات“ نويد کلي چيو، ”محبت جو ڪو مذهب ئي ناهي. جتي عقل جي حد ختم ٿيندي آهي، اتان محبت جي حد شروع ٿيندي آهي.“
”پر تون تہ ٻڌاءِ يونس“ شوڀم فون ٽيبل تي رکندي کِلي پڇيو:
”تنھنجي بہ ڪا لَوِ اسٽوري آهي يا ويڪنسي خالي آهي؟“
”لَوِ اسٽوري!“ يونس کِلي چيو، ”اسان جھڙن ماڻھن جي رڳو اسٽوري هوندي آهي ۽ اها هوندي آهي پنھنجي بقا جي جنگ وڙهڻ.“
دل آويز مُرڪي چيو:
”هي ماڻھو دل جا دروازا کوليندا ئي ناهن، نہ ئي ڪنھن کي اندر اچڻ ڏيندا آهن.“
”اهو بلڪل سچ ناهي“ يونس اطمينان واري مُرڪ سان چيو، ”اسين تہ هن ڌرتيءَ جا محبتي ماڻھو آهيون. هر ڪنھن کي جيءَ ۾ جاءِ ڏيندا آهيون.“
نويد ۽ شوڀم چانھہ ختم ڪري اٿي ويا. دل آويز ۽ يونس جي چانھہ اڃا باقي هئي، اهي ويٺا رهيا.
”مونس“ دل آويز اوچتو سنجيدگيءَ سان پڇيو، ”هڪ ڳالھہ پڇانءِ، سچ ٻڌائيندين؟“
”تون ڄاڻندي آهين، مان ڪوڙ ناهيان ڳالھائيندو.“
”ڇا تنھنجي دل ۾ منھنجي لاءِ سچ پچ ڪا فيلنگ ناهي؟“ دل آويز پڇيو.
هن جي اوچتي سوال تي يونس ماٺ ٿي ويو. ڪجهہ دير خاموش رهي ڌيرج سان چيائين:
”دل آويز، تون منھنجي سڀ کان پياري دوست آهين. دوستي بہ محبت جو هڪ رُوپ آهي. منھنجيءَ دل ۾ تنھنجي لاءِ جيڪا خاص جاءِ آهي، اها تون سمجهي نہ سگهندينءَ. مان تنھنجي لاءِ هر اهو ڪم ڪري سگهان ٿو، جنھن ۾ تنھنجي ڀلائي هجي. ان جي برعڪس ڪوبہ اهڙو ڪم ڪرڻ جو سوچي بہ نہ ٿو سگهان، جنھن سان توکي ڪا تڪليف پھچي.“
”ان ڪامپليڪيٽيڊ اسٽيٽمينٽ جو مطلب ڇا آهي؟“ دل آويز منجهيل نظرن سان کيس ڏسندي پڇيو.
يونس هڪ ڊگهو ساھہ کنيو ۽ اٽل لھجي ۾ چيائين:
”دل آويز، تون ۽ مان الڳ الڳ دنيا جا ماڻھو آهيون. هڪ ٻئي جا دوست تہ رهي سگهون ٿا پر همسفر بنجي زندگي گڏ گذاري نہ ٿا سگهون.“
”مونس“ دل آويز چيو، ”دنيا جو هر ماڻھو هڪ ٻئي کان الڳ هوندو آهي. ڪوبہ ڪنھن جھڙو نہ هوندو آهي. زندگي خوشيءَ سان گذارڻ لاءِ هڪ ٻئي جھڙو هجڻ ضروري ناهي، هڪ ٻئي لاءِ هجڻ ضروري آهي.“
”توکي منھنجي حقيقتن جو ادراڪ ناهي دل آويز، منھنجون حقيقتون ڏاڍيون ڪَڙيون آهن.“
”اهي ڪڙيون حقيقتون آهن، جن تنھنجا هٿ ٻڌي رکيا آهن؟“
يونس اکيون بند ڪري هڪ ڊگهو ساھہ کنيو پوءِ اکيون کولي گنڀيرتا سان چيائين:
”دل آويز، تون هڪ ترقي يافتہ ملڪ جي شھري آهين. تنھنجي اڳيان بھترين مستقبل موجود آهي. پر مان هڪ غريب ڌرتيءَ جو ڏتڙيل فرد آهيان، جنھن جي مستقبل جي ڪا ضمانت ناهي، نہ ئي ڪو مستقل روزگار آهي. مان توکي ڪو عاليشان مستقبل ڏئي نہ ٿو سگهان.“
”اها ئي حقيقت آهي يا تون ٽريڪ بدلائڻ جي ڪوشش ٿو ڪرين؟“ دل آويز کيس گُهوريندي پڇيو.
هن جي ان ڳالھہ تي يونس کي کِل اچي ويئي. پر جلد ئي پاڻ کي نارمل ڪري ورتائين. دل آويز کيس ڏسندي رهي پوءِ پنھنجو هٿ سندس هٿ تي رکي چيائين:
”مونس، تون جيڪو اسٽيٽس ڊفرنس ٻڌائي مون کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪرين ٿو، مون کي ان سان فرق نہ ٿو پوي. توکي شايد خبر ناهي مان ڏاڍي قناعت پسند آهيان. مان توقعات اوچو ناهيان رکندي. خوشيون محبت جي پيداوار آهن، ان لاءِ ڪنھن عاليشان محل ۾ رهڻ جي ضرورت نہ هوندي آهي. گهر تہ ريگستان ۾ بہ ٺاهي سگهجي ٿو.“
يونس خاموش ٿي کيس ڏسڻ لڳو. دل آويز ڀرپور محسوسات سان مڌم لھجي ۾ چيو:
”مان سادي چُني پائي، تنھنجا آندل پازيب پيرن ۾ پائي هن ريگستان ۾ خوشين سان ڀرپور زندگي جِي سگهان ٿي. ريگستان جي جادوءَ سان ڀريل چانڊوڪي، واريءَ جي ذرن ۾ لِڪل هيرا جواهر، برسات سان گڏ ايندڙ عيد جھڙيون خوشيون. رباب جي سُر تي ڳايل تنھنجا گيت، صحرا کي گُل و گلزار بنائڻ لاءِ ڪافي آهن.“
”اهي فقط خوبصورت خواب آهن دل آويز، اهي حقيقت ۾ وجود نہ ٿا رکن. پنھنجي دل کي ڀٽڪڻ کان بچاءِ.“
يونس اٿي کڙو ٿيو.
پروجيڪٽ جو وڏو مرحلو پورو ٿيڻ بعد سڄي عملي کي ڪجهہ ڏينھن جو آرام مليو. دل آويز يونس جو پروگرام معلوم ڪرڻ لاءِ سندس ڪيبن ۾ وئي تہ هو پنھنجو بيگ پيڪ ڪيون وڃڻ لاءِ تيار بيٺو هو.
”مونس“ دل آويز پڇيو، ”تون گهر پيو وڃين؟“
”نہ“ هن وراڻيو، ”مان پراڻن دوستن سان ملڻ پيو وڃان.“
هن ٽيبل جو خانو کولي پنھنجي ڊائري ڪڍي ۽ بيگ جي ٻاهرين خاني ۾ رکڻ لڳو. دل آويز مُرڪي پڇيو:
”مونس، تون انھن ماڻھن مان آهين، جيڪي پنھنجي ڊائري لکندا آهن؟“
”ها“ يونس مُرڪي چيو، ”هن ۾ منھنجا اُهي پل هوندا آهن، جن کي اڪثر پڙهي مان پاڻ سان ملاقات ڪندو آهيان، تہ جيئن مان پاڻ سان ڪيل واعدن کي وساري نہ ڇڏيان.“
”مونس“ دل آويز افسوس وچان چيو، ”تون پنھنجي ڪائنات کي بند ڪمري ۾ ڇو لڪائي رکيو آهي، ٿي سگهي ٿو ٻاهر ڪو تنھنجي انتظار ۾ بيٺو هجي. ڇا تنھنجي دل جو دروازو ڪنھن لاءِ بہ کُلي نہ ٿو سگهي؟“
يونس آهستي کليو ۽ مذاقي لھجي ۾ چيائين:
”دل آويز، تون واقعي دل آويز انسان آهين. اڳ ۾ ملين ها تہ دل جا سڀ دروازا تو لاءِ کولي ڇڏيان ها.“
دل آويز جي چھري تي مايوسيءَ جي لھر لنگهي وئي. ڌيمي لھجي ۾ پڇيائين:
”ڇا اهي ان لاءِ بند آهن تہ اتي اڳ ۾ ئي ڪو وڃي چڪو آهي؟“
يونس ڪو بہ جواب نہ ڏنو. بيگ کڻي دروازي ڏانھن ڏٺائين. دل آويز مُڙي ڪمري کان ٻاهر هلي وئي.
يونس ڪرسيءَ تي ويھي رهيو افسردگيءَ مان ڀڻ ڀڻ ڪيائين:
”دل آويز، توکي خبر ناهي محبت اها طوفاني لھر آهي، جنھن کي بند دروازا روڪي نہ سگهندا آهن. پر مان واعدن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيان.“
هو اٿيو ۽ بيگ کڻي دروازي ڏانھن وڌيو، ان وقت دل آويز واپس ايندي نظر آئي. هن جي هٿن ۾ موبائل فون جو نئون دٻو هيو، هن اهو يونس ڏانھن وڌائيندي چيو:
”مونس، منھنجي طرفان هي گفٽ آهي تولاءِ. پنھنجي سموري سفر ۾ مون سان ڪانٽيڪٽ ۾ رهجانءِ ۽ هر جاءِ جا فوٽو ڪڍجانءِ. مان بہ تنھنجي اکين سان تنھنجو مُلڪ ڏسي وٺندم.“
”پر هر هنڌ سگنل نہ هوندا آهن.“ يونس چيو.
”اهڙي جاءِ تي ميسيج لکجانءِ، جڏهن سگنل ايندا تہ پھچي ويندا.“
يونس مُرڪي چيو:
”هن گفٽ جي عيوض مون کي بہ ڪا گفٽ ڏيڻي پوندي.“
”ها نہ“ دل آويز چيو، ”تو مون سان واعدو ڪيو آهي تہ منھنجي لاءِ موتين واري مالھا آڻيندين.“
”اوڪي پرامز“ هن نرڙ تي هٿ رکي سلام ڪيو ۽ بيگ کڻي ٻاهر نڪري ويو.
يونس جي وڃڻ جي ٻن ڏينھن بعد دل آويز کي هن جي فون جو پھريون پيغام مليو. يونس لکيو هو:
”دل آويز، تو مون کي فرمائش ڪئي هئي تہ مان هر هنڌان توکي احوال موڪليندو وڃان. مان پھرين پڙاءَ تي هڪ لوڪل هوٽل ۾ ترسيو آهيان، ڪوشش ڪيم تہ توسان فون تي ڳالھيان پر هتي سگنل ڪمزور آهن. آواز ڪٽجي ٿو، ان ڪري ميسيج ڪيان ٿو. مان هتان صبح جو روانو ٿي ويندس. ڊيم تي پھچي اتان ٽرين پڪڙي دوستن ڏانھن روانو ٿي ويندس.“
ٻن ڏينھن بعد يونس جو ٻيو ميسيج دل آويز کي پھتو:
”مان هڪ ڏينھن ڊيم تي ترسي رليڪس ڪرڻ بعد منجهند جو ٽرين پڪڙي روانو ٿيو آهيان. اٽڪل اڌ رستو گذرڻ بعد سج لھي ويو آهي. آسمان تي هلڪي هلڪي روشني اڃان باقي آهي، سامھون عجيب موهيندڙ نظارو آهي. پَر ڀرو ڪا فيڪٽري آهي، جنھن جون ٽي اوچيون چمنيون ترتيب سان گڏ بيٺل آهن. انھن ۾ هيٺان کان چوٽيءَ تائين جا بجا مڌم رنگن واريون روشنيون آهن. چمنين مان نڪرندڙ دونھون آسپاس پکڙجي انھن رنگين روشنين کي پاڻ ۾ ائين رل مل ڪري رهيو آهي، ڄڻ ڪي ٽي آسماني اپسرائون هَٿُ هَٿَ ۾ ڏئي محو رقص آهن. جنھن ڪري انھن جا مسحور ڪندڙ رنگن وارا لباس هوا ۾ اڏامي رهيا آهن.“
دل آويز کي فقط اهي ٻہ پيغام ئي يونس کان مليا هئا. ان کان پوءِ هن جو يونس سان ڪو رابطو نہ رهيو. هن ڪيترا دفعا يونس جو نمبر ملائي ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي پر يونس جي فون بند هئي.
يونس هڪ هفتي لاءِ ويو هيو پر هن کي وئي ٻہ هفتا گذري ويا هئا. نہ هو پاڻ موٽيو هو نہ ئي ڪو رابطو ڪيو هئائين. هن جي ائين غائب ٿي وڃڻ تي نہ رڳو دل آويز پريشان ٿي وئي هئي، بلڪہ سڀ ڪيمپ وارا هن لاءِ فڪرمند ٿي ويا هئا. دل آويز اهو سوچي پريشان ٿي ويندي هئي تہ آخر يونس سان اهڙو ڇا ٿيو هوندو، جو هن سان رابطو ئي نہ ٿي رهيو هو.
ان رات هوءَ ان بابت سوچيندي سوچيندي ننڊ پئجي وئي. ڪجهہ دير بعد کڙڪن تي هن جي اک کلي وئي. ٻاهر طوفان ۽ تيز برسات هئي. هوا جي زور سان ڪمري جي کليل دري مسلسل کڙڪي رهي هئي. وِهاڻي جي ڀرسان رکيل هن جي فون جي گهنٽي پڻ وڄي رهي هئي. هن فون کڻي ڏٺي، اسڪرين تي يونس جو نالو ٻري رهيو هو. هن فون آن ڪري ڪن تي رکي، ٻاهر طوفان ۽ برسات جي شور ۽ فون جي گڙ ٻڙ سگنل جي آوازن سان گڏ هن کي پري پري کان يونس جو بار بار ڪٽجي وڃڻ وارو مڌم آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. هن کي فقط اهو ٻڌڻ ۾ آيو تہ يونس چئي رهيو هيو:
”مان واپس پھچي ويو آهيان دل آويز.“
”تون ڪٿي آهين مونس؟“ هن ڏاڍيان آواز ۾ پڇيو.
يونس جو رُڪيل رُڪيل آواز آيو:
”مان گيٽ تي آهيان.“
پوءِ فون ڪَٽجي وئي. هن فون بيڊ تي ڦٽي ڪئي ۽ گائون پائي ٻاهر ڊوڙي. تڪڙي تڪڙي ڏاڪڻ لھي چوڪيدار کي سڏ ڪري چيائين:
”جلدي گيٽ کول، ٻاهر يونس بيٺو آهي.“
چوڪيدار ننڊ جي کيپن مان نڪرندي گيٽ ڏانھن ويو. لائيٽ نہ هئي. ان ڪري ٽارچ ٻاريائين، گيٽ کولي ٻاهر ڏسڻ لڳو. برسات، گجگوڙ جي وچ وچ ۾ کِنوڻ جي تيز چمڪاٽن ۾ چوطرف ڏسڻ لڳو پر پري پري تائين ڪوبہ انسان، جانور يا پکي نظر نہ آيس. دل آويز برسات جي پرواھہ نہ ڪندي ڀڄندي گيٽ کان ٻاهر نڪري وئي. ۽ چوڌاري ڊڪندي يونس کي سڏ ڪندي رهي. چوڪيدار سندس ڀرسان اچي چيو:
”مئڊم، هتي ڪوبہ ڪونھي.“
”ائين نہ ٿو ٿي سگهي، يونس پاڻ مون کي فون ڪئي تہ هو گيٽ تي بيٺو آهي.“
چوڪيدار چيو، ”مئڊم ٿي سگهي ٿو تيز برسات جي ڪري يونس صاحب ڪٿي وڃي پناھہ ورتي آهي. اوهين اندر وڃو. مان گيٽ تي نظر رکان ٿو، جڏهن بہ يونس صاحب ايندو، اوهان کي اطلاع ڪندس.“
هوءَ واپس ڪمري ۾ آئي ڀِنل ڪپڙا مٽائي، اِيزي چيئر تي ويھي انتظار ڪرڻ لڳي. ٻہ دفعا هيٺ وڃي چوڪيدار کان بہ پڇا ڪيائين پر يونس نہ آيو.“
”مئڊم“ چوڪيدار چيو، ”يونس صاحب، جن اتي ئي ڪٿي وڃي ترسيا هوندا. اوهين آرام ڪيو، صبح جو اچي ويندا.“
پر نہ هن کي تسلي آئي نہ ئي ننڊ. سڄي رات ائين ننڊ، جاڳ ۾ گذري وئي.
صبح پاڻ سان گڏ طويل انتظار کڻي آيو. سڄو ڏينھن گذري ويو پر يونس جي ڪا خبر نہ ملي. طوفان جي ڪري بجلي ۽ ٽيليفون جا سڀ رابطا ٽُٽي ويا هئا، جنھن ڪري معلوم بہ نہ ٿي سگهيو تہ يونس ڪٿي رهجي ويو.
اهو انتظار ڊگهو ٿيندو ويو ۽ ان سان گڏ دل آويز جي برداشت بہ گهٽ ٿيندي وئي. هاڻي تہ ڪمپنيءَ جا سڀ ماڻھو يونس لاءِ فڪرمند ٿيڻ لڳا هئا. ڪنھن کي بہ ڪو اطلاع نہ هيو تہ يونس ڪٿي رهجي ويو.
دل آويز اٿي نويد جي آفيس ڏانھن وئي. سندس سامھون ويھندي پڇيائين:
”نويد توکي ياد آهي، گذريل طوفان ڪھڙي تاريخ تي آيو هو؟“
”ها، پنجويھہ تاريخ تي.“ نويد کيس ٻڌايو.
نويد، مون توکي ٻڌايو هيو نہ تہ ان رات يونس مون سان فون تي ڳالھايو هيو. اگرچہ فون لائن ۾ شور جا آواز هيا پر مون کي صاف ٻڌڻ ۾ آيو هيو تہ هو چئي رهيو هيو تہ هو گيٽ تي پھچي ويو آهي.“
نويد ڪجهہ سوچيندي پڇيو:
”توکي يقين آهي تہ هن ريزيڊنس گيٽ تي پھچڻ لاءِ ٻڌايو هيو؟“
دل آويز سوچ ۾ پئجي وئي، ڪجهہ وقت سوچڻ بعد چيائين:
”هن فقط گيٽ تي پھچڻ جو ٻڌايو هيو.“
”ممڪن آهي ڪنھن ٻي هنڌ واري گيٽ لاءِ چوندو هجي.“ نويد چيو.
دل آويز وري سوچڻ لڳي پوءِ چيائين:
”اگر ڪنھن ٻئي هنڌ پھچڻ لاءِ چوندو هجي ها تہ مون کي فون ڇو ڪري ها؟“ پوءِ هن پنھنجي فون ۾ ڪال رڪارڊ کولي نويد کي ڏيکاريو ۽ چيائين، ”پندرهين تاريخ، جنھن رات طوفان آيو هيو، يونس مون کي ڪال ڪئي هئي.“
نويد کانئس فون ورتي ۽ ڪال رڪارڊ ڏسڻ لڳو. ڪجهہ دير بعد چڱيءَ طرح ڏسڻ کان پوءِ چيائين:
”دل آويز، هن فون ۾ پندرهين تاريخ ۾ يونس جي ڪابہ ڪال رڪارڊ ناهي.“ نويد سندس فون ڏانھس وڌائيندي چيو، ”۽ توکي شايد ياد ناهي، پندرهين تاريخ تيز طوفان ۽ برسات جي ڪري بجلي ۽ فون جا رابطا ختم ٿي ويا هئا، جيڪي ٻن ڏينھن کان پوءِ بحال ٿيا هيا تہ توکي يونس جي فون ڪيئن رسيوِ ٿيندي؟“
دل آويز فون وٺي بار بار چيڪ ڪئي پر فون ۾ پندرهين ۽ سورهين تاريخ جو ڪوبہ ڪال رڪارڊ نہ هيو. هوءَ حيران پريشان ٿي نويد کي ڏسڻ لڳي. پوءِ گم سم لھجي ۾ چيائين:
”متان ڀل ۾ ڪال ڊليٽ ٿي وئي هجي.“
نويد بي يقينيءَ ۾ کيس ڏٺو پوءِ چيائين:
”اوڪي رليڪس، اسان ڪمپنيءَ جي طرفان اڳ ۾ ئي اختياريءَ وارن کي يونس جي جاچ لھڻ جو چئي چڪا آهيون. اميد تہ جلد ئي خبر ملي ويندي.“
دل آويز جو سڄو ڏينھن پريشاني ۽ مونجهاري ۾ گذريو. رات جو بہ هن جي ننڊ ڦٽِي وئي. ننڊ جاڳ جي وقفن ۾ اوچتو موبائل فون جي گهنٽيءَ تي هن جي اک کلي وئي. هن تڪڙ ۾ فون کڻي آن ڪئي. ٻي طرف کان پري پري کان يونس جو مڌم آواز رڪجي رڪجي ٻڌڻ ۾ ٿي آيو.
”مونس، تون ڪٿي آهين؟“ دل آويز بي چين ٿي پڇيو، ”تنھنجو آواز ٻڌڻ ۾ نہ ٿو اچي.“
ٻئي طرف کان يونس ڪجهہ چئي رهيو هيو پر آواز صاف ٻڌڻ ۾ نہ ٿي آيو. هوءَ فون کڻي دريءَ وٽ آئي، دري کوليائين تہ جيئن سگنل صاف ٿين. بدلجندڙ موسم جي ٿڌي هوا اندر گهڙي آئي.
”مونس، تنھنجو آواز سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي. تون ڪٿي آهي؟“ پوءِ هوءَ هڪ ڪن بند ڪري غور سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. هوا جي گهوگهاٽن ۾ هن کي يونس جو آواز ڪجهہ ڪجهہ سمجهہ ۾ اچڻ لڳو.
”دل آويز، هتي برفاني هوا ٿي لڳي. ڏاڍي ٿڌ آهي.“
”اها ڪھڙي جاءِ آهي مونس، پليز ان جو نالو تہ ٻڌاءِ؟“
هوءَ زور زور سان ڳالھائي پڇڻ لڳي. پر فون لائن ڪٽجي وئي. هوءَ بار بار يونس جو نمبر ملائڻ لڳي. پر رابطو نہ ٿيو.
عجيب ماحول هيو، عجيب وقت هيو. ڪمپنيءَ جو ڪم معمول مطابق هلي رهيو هو. البتہ يونس جي ڪمي ۽ ان جو ائين غائب ٿي وڃڻ سڀني کي پريشان ڪري رهيو هيو. هو پنھنجي ڪم ۽ طبيعت جي ڪري ڪمپنيءَ جو روح روان بنجي چڪو هيو. ان جي ڪمي سڀني کي محسوس ٿيڻ لڳي هئي. ڪمپني اختياريءَ وارن سان بار بار رابطو ڪري رهي هئي پر اختياريءَ وارن جي ڪوششن جي باوجود يونس جي ڪا خبر نہ ٿي ملي.
يونس جي گمشدگيءَ جو سڀ کان وڏو اثر دل آويز تي پيو. ان موڙ تي اچي هن کي احساس ٿي رهيو هيو تہ هن جي دل ۾ جاڳيل يونس جي چاهت شدت جي ڪھڙي اوچي منزل تي پھچي چڪي هئي. هن جون اکيون هر روز يونس کي پنھنجي سامھون ڏسڻ جون عادي ٿي چڪيون هيون. ان جي نہ اچڻ سان هر شئي رڃ وانگر رُکي ۽ اُجڙيل لڳي رهي هئي. وقت ايڏو تہ ڊگهو ٿي ويو هيو، جو گذرندو ئي نہ هيو. اهڙن ئي ڳرن ڏينھن راتين ۾ هن کي هڪ رات وري يونس جي فون آئي.
ٻي طرف کان پاڻيءَ جو شور ۽ پڙاڏا هيا پر آواز ڪجهہ بھتر هو. هوءَ غور سان يونس جو آواز ٻڌڻ لڳي. پر هن جي ڳالھائڻ مان سمجهي وئي تہ هو ڇا جي باري ۾ ڳالھائي رهيو هيو. هن جي اڌو گابرن جملن مان هن اهو سمجهو تہ هن جا جمع ٿيل پئسا ڳوٺ ڏانھن اماڻين، جتي هن جي ڪا قيمتي شئي گروي رکيل آهي.
”يونس“ دل آويز بي چين ٿي پڇيو، ”تون ڪھڙي جاءِ تي آهين، جتي سگنل بہ صحيح ناهن؟“
”هتي ڊيم تي پاڻيءَ جو شور ۽ هوا جا آواز آهن.“ ٻئي طرف کان يونس ٻڌايو.
”تون پاڻ ڇونہ ٿو اچين؟“
”واپسيءَ جو رستو ٻڏي ويو آهي.“ پريان يونس جو ڪٽيل سَٽيل آواز آيو. ان کان پوءِ فون ڪٽجي وئي.
هوءَ مسلسل فون ملائيندي رهي پر وري رابطو نہ ٿي سگهيو.
ٻئي ڏينھن تي هن آفيس ۾ ويھي يونس جي پگهارن ۽ ٻين الائونسن جا حساب سيٽ ڪيا ۽ ليٽر ٺاهي هيڊ آفيس ڏانھن منظوريءَ لاءِ موڪلي ڇڏيو.
ڏينھن تہ ان مصروفيت ۾ گذري ويو پر جڏهن رات لھي آئي تہ وقت هن لاءِ منجمند ٿي ويو، ننڊ غائب ٿي وئي.
اٿي سوچڻ لڳي تہ آخر ڪھڙو ذريعو اختيار ڪجي تہ يونس جي باري ۾ معلوم ٿي سگهي.
هوءَ پنھنجي ڪمري ۾ ايزي چيئر تي اکيون بند ڪري سوچ ۾ گم ويٺي رهي. سج لھي ويو. اوندھہ ڪمري ۾ گهڙي آئي. پر هوءَ ائين ئي ويٺي رهي. ان وقت هن جي موبائل فون جي گهنٽي وڳي. هن فون کڻي آن ڪئي، اسڪرين تي ٻرندڙ يونس جو چھرو ڏسي خبر پيس تہ يونس جي ئي فون هئي.
”هيلو مونس“ هن بيتاب ٿي پڇيو، ”تون ڪٿي آهين؟“
ٻئي طرف کان ڪنھن تيز رفتار ٽرين جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. دل آويز بُلند آواز ۾ پڇيو:
”مونس، پليز ڪجهہ تہ ڳالھاءِ، تون ڪٿي آهين، ٽرين ۾ ڪيڏانھن پيو وڃين؟“ پر ٻئي طرف کان رڳو ٽرين جو آواز ئي ٻڌڻ ۾ آيو.
”مونس، پليز مونسان ڳالھاءِ“ هن جو ڳلو ڀرجي آيو، ”اوھہ گاڊ پليز هيلپ مي.“
”دل آويز“ نويد، دل آويز کي هٿ کان وٺي لوڏيندي سڏ ڪيو، جيڪا فون هٿ ۾ کنيون اکيون بند ڪيون ويٺي هئي ۽ اکين مان بي اختيار ڳوڙها وهي رهيا هئس. هن اکيون کولي نويد ڏانھن ڏٺو.
”دل آويز“ نويد سندس آلين اکين کي ڏسندي پڇيو، ”توکي ڇا ٿي ويو آهي، تون اوندھہ ۾ ڇو ويٺي آهين؟“
دل آويز اٿي واش روم ۾ ويئي. مُنھن ڌوئي ٻاهر نڪتي تہ نويد بتيون ٻاري ويٺو سندس انتظار ڪري رهيو هو. هوءَ وڃي بيڊ تي ويٺي ۽ فون کڻي نويد ڏانھن وڌائيندي چيائين:
”ٿوري دير اڳ يونس جي فون آئي هئي، هو ٽرين ۾ هو.“
نويد فون کڻي چيڪ ڪئي ۽ پوءِ دل آويز ڏانھن واپس وڌائيندي چيائين:
”هن ۾ تہ يونس جي ڪابہ ڪال نہ آئي آهي.“
”امپاسيبل“ دل آويز فون وٺي چيڪ ڪرڻ لڳي، ”مون پاڻ ڪال رسِيو ڪئي آهي، اهو ڪليئر ٽرين جو آواز هيو.“
”نويد گهڙي کن کيس ڏسندو رهيو پوءِ چيائين:
”دل آويز، پليز پاڻ تي ڪجهہ ڪنٽرول ڪر، لڳي ٿو تہ يونس جي گمشدگي تنھنجي دماغ تي گھرو اثر ڇڏيو آهي. يونس، اسٽرانگ ماڻھو آهي ضرور موٽي ايندو.“
هوءَ هَڪي ٻَڪي ٿي نويد کي ڏسڻ لڳي. نويد کيس ٻڌايو:
”مان جڏهن ڪمري ۾ آيم تہ تون ڪُرسيءَ تي ويٺي ويٺي ننڊ پئجي وئي هئينءَ ۽ ننڊ ۾ روئي رهي هئينءَ. فون تنھنجيءَ جهوليءَ ۾ پئي هئي.“
هوءَ ائين ئي گم سم ويٺي رهي.
”دل آويز“ نويد چيو، ”تو جھڙي اسٽرانگ ۽ انرجيٽڪ ڇوڪريءَ کي ايترو ڪمزور ۽ بي بس ٿيندو ڏسي مان حيران آهيان.“
پوءِ گهڙي کن رکي چيائين:
”منھنجو هڪڙو چوڻ مڃيندينءَ“
دل آويز سوالي نظرن سان ڏانھس ڏٺو.
”هڪ دفعو سائڪياٽرسٽ سان ملي وٺ. توکي دوا ۽ ريسٽ جي ضرورت آهي.“ نويد هٻڪندي چيو.
هن جو خيال هو تہ دل آويز ان ڳالھہ تي چڙندي يا انڪار ڪندي پر ان جي برعڪس هن هڪ ڊگهو ساھہ کڻي چيو:
”اوڪي.“
سائڪياٽرسٽ، دل آويز جي موبائل فون چيڪ ڪرڻ ۽ هن کان ڪجهہ سوال جواب ڪرڻ کان پوءِ ٿوري دير خاموش سوچيندو رهيو. پوءِ چيائين:
”سموري احوال معلوم ڪرڻ بعد مان جنھن نتيجي تي پھتو آهيان، اهو هي آهي تہ اوهان کي مسٽر يونس جي طرفان ڪابہ فون ڪال نہ ملي آهي. جيڪو ڪجهہ اوهان سمجهيو آهي، اهو محض اوهان جي لاشعور جي خواهش آهي. جنھن کي اوهان جو شعور حقيقت سمجهي ويٺو آهي.“
دل آويز تحمل سان چيو، ”ڊاڪٽر صاحب مان ڪا ڪمزور دماغ انسان نہ آهيان. مان نويد جي چوڻ تي اوهان سان ملڻ آيس، باقي مون کي مڪمل يقين آهي تہ يونس مون کي ڪيترا دفعا فون ڪئي آهي. مون هن جو آواز ٻڌو آ. هو بار بار مون سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر هو ڪنھن اهڙي جاءِ تي ڦاسي پيو آهي، جتان رابطو صحيح نموني نہ ٿو ٿي سگهي.“
”مس دل آويز“ ڊاڪٽر چيو، ”منھنجي علم مطابق اهو دماغي خلل جو هڪ قسم آهي. جڏهن انسان جي اندر ۾ ڪا شديد قسم جي خواهش يا بي چيني پيدا ٿيندي آهي تہ هن جو لاشعور اهڙا قصا ٺاهيندو آهي. جيئن تہ اوهان مسٽر يونس جي گمشدگيءَ کي تمام گهڻو محسوس ڪيو تہ اوهان جي لاشعور اهو قصو ٺاهيو تہ هو ضرور ڪنھن مصيبت ۾ هوندو ۽ توهان سان ڪانٽيڪٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ پوءِ توهان ان کي سچ مڃڻ شروع ڪيو.“
دل آويز خاموش ٿي کيس ڏسڻ لڳي.
”مان اوهان کي سُڪون لاءِ ڪجهہ دوائون لکي ٿو ڏيان، جن سان اوهان آرام محسوس ڪنديون.“
ٻن ڏينھن اندر يونس جا پئسا منظور ٿي ويا. دل آويز نويد کي چيو:
”نويد، مون سوچيو آهي تہ يونس جا پئسا خود کڻي سندس ڳوٺ ڏانھن وينديس.“
”ڇو؟“ نويد پڇيو.
”متان يونس پنھنجي گهر ڪو اطلاع موڪليو هجي. اتان ڪونہ ڪو سِرو ملي سگهي.“
ٻئي ڏينھن هوءَ ڊرائيور سان گڏجي يونس جي ڳوٺ ڏانھن رواني ٿي. هو جڏهن ڳوٺ پھتا تہ ٽيپھري ٿي چڪي هئي. مال وٿاڻن ڏانھن موٽي رهيو هو. رستي تي اڳيان مينھن ۽ ڳئن جو ڌڻ هيو، جنھن جي کُرن سان ڪچي سڙڪ تان ڌوڙ اٿي رهي هئي. ڊرائيور گاڏي هڪ پاسي ڪري بيھاري ۽ مال جي اڳتي وڃڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
دل آويز دريءَ جي شيشي مان ٻاهر ڏٺو. آسمان تي ڇانيل رائي ۽ مال جي پيرن سان اڏامندڙ رئي ۽ سامھون هڪ نيزي تي بيٺل ٿالھہ جھڙو وڏو ڳاڙهو سج نظر اچي رهيو هو. واهيري ڏانھن موٽندڙ ڪانون جي ڪان ڪان جا آواز ملي ڪري عجيب ماحول ٺاهي رهيا هئا. هن کي ياد آيو تہ هوءَ ٻھراڙيءَ جو اهو ماحول ڏسڻ جي خواهشمند هئي. پر يونس سان گڏ. ۽ اڄ جڏهن اهو ماحول هن جي اڳيان هيو تہ يونس هن سان ساڻ نہ هو. ۽ اهو سڀ ڪجهہ هن کي وِياڪل ڪري رهيو هو. هن اکيون بند ڪري شيشي سان ٽيڪ لڳائي ۽ سوچن جي اونھاين ۾ لھي وئي. تہ اوچتو هن کي سرسراهٽ وارو مڌم آواز ٻڌڻ ۾ آيو.
”دل آويز“ ڄڻ يونس سندس ڀرسان ئي کيس سڏي رهيو هو. هن هڪدم اکيون کولي چوطرف ڏٺو پر آس پاس ڪجهہ بہ نہ هو. بس يونس جي موجودگيءَ جو احساس هو.
ان وقت دريءَ واري شيشي مان ڪا ڳوٺاڻي ڇوڪري اندر نھاريندي نظر آئي. دل آويز دريءَ جو شيشو هيٺ ڪري ڏانھس ڏٺو. پڇيائين:
”توکي يونس جي گهر جي خبر آهي؟“
”ڀائو يونس؟“ ڇوڪريءَ خوش ٿي پڇيو، ”او هن لوڙهي جي پٺيان، جيڪو وڏو ڪاٺ وارو دروازو آهي، اهو گهر آهي ڀائو يونس جو.“
گاڏي وڃي لوڙهي جي ڀرسان ڪاٺ جي وڏي پراڻي گيٽ جھڙي دروازي وٽ بيٺي. هوءَ گاڏيءَ مان لھي اندر گهر ۾ گهڙي، دروازي جي ڀرسان هڪ جوان صحتمند عورت بيٺي ڪُتر جي مشين هلائي رهي هئي. ڀت سان لڳ ٻہ ڪونر لڳل هئا. ڪِلن ۾ ٻہ مينھون ٻڌيون پيون هيون، جيڪي شايد تازيون وٿاڻ تان موٽيون هيون. عورت هن کي ڏسي مشين روڪي ڏانھس آئي.
مٿي تي پاتل پوتيءَ جي پلاند سان ميرا هٿ اُگهي، ڏانھس وڌائيندي چيائين:
”ڀلي آئينءَ ادي، ڪير آهين، ڪنھن ۾ ڪم اٿئي؟“
دل آويز ساڻس هٿ ملائيندي چيو:
”هي محمد يونس جو گهر آهي؟“
”هائو“ مائيءَ وراڻيو، ”مان ان جي ڀاڄائي آهيان.“
”مان ان جي آفيس مان آئي آهيان، يونس جي امڙ ڪٿي آهي؟“
”او هن ڪوٺيءَ ۾ ويٺي اٿئي.“ نوجوان عورت سامھون اشارو ڪندي کيس ٻڌايو.
اڱڻ جي سامھون هڪ ڪچو پڪو ننڍو گهر هو. ان کان پَر ڀرو سڄي هٿ تي هڪ پڪو ڪمرو هيو، جنھن ڏانھن هن اشارو ڪيو.
”يونس پاڻ نہ آيو ڇا؟“ عورت پڇيو، ”کوڙ وقت ٿيو اٿس، گهر ئي نہ آيو آهي نہ ئي ڪو پئسو ڏوڪڙ موڪليو اٿئين.“
دل آويز ڪو جواب نہ ڏنو، کيس اتي ئي ڇڏي ان ڪمري ڏانھن وئي.
ڪمري ۾ اندر وئي تہ سامھون کٽ تي هڪ پوڙهي لاغر عورت ويٺي تسبيح پڙهي رهي هئي. ڪمرو صاف سٿرو هيو. هڪ پاسي لوهي الماڙي ۽ چار ڪرسيون رکيون هيون. دل آويز سلام ڪري وڃي سندس سامھون ويٺي. پوڙهي عورت پنھنجي ٿلھي چشمي جي شيشن مان کيس ڏٺو ۽ چيائين:
”ڀلي آئينءَ امان، ڪٿان آئي آهين؟“
”امان منھنجو نالو دل آويز آهي.“ دل آويز کيس ٻڌايو، ”مان يونس جي آفيس ۾ ڪم ڪندي آهيان.“
”جي بسم ﷲ امان“ پوڙهيءَ چيو، ”يونس پاڻ نہ آيو ڀلا؟“
”اهو آفيس جي ڪم سان هڪ پاسي ويل آهي.“
”ها امان“ پوڙهيءَ ڪنڌ ڌوڻي چيو، ”هن جي عادت آهي، هميشہ ائين ئي گم ٿي ويندو آهي، وري پاڻ ئي موٽي ايندو آهي.“
”ڪاش، هاڻي بہ پاڻ ئي موٽي اچي“ دل آويز اداس ٿي سوچيو.
هن پرس مان پئسن وارو لفافو ڪڍيو ۽ پوڙهيءَ ڏانھن وڌائيندي چيائين:
”امان، يونس اوهان لاءِ ڪجهہ پئسا موڪليا آهن. شايد اوهان کي ڪا قسط ڏيڻي آهي.“
پوڙهيءَ کانئس لفافو وٺي ڪجهہ سوچڻ لڳي، ان وقت ٻاهران قدمن جو آواز ٻڌي هڪدم لفافو پٺيان رکيل وهاڻي جي هيٺان رکي ڇڏيائين.
يونس جي ڀاڄائي ڪمري ۾ گهڙي اچي ڀرسان رکيل ٻي کٽ تي ويٺي. پوڙهيءَ چيس:
”جانل، پريءَ کي چئو تہ مزمان لاءِ چانھہ ٺاهي.“
”چيو اٿمانس“ جانل اتان وڃڻ لاءِ تيار نہ هئي. هن پوڙهيءَ کي نظر انداز ڪندي دل آويز کي چيو:
”ادي، يونس ڪو پئسو ڏوڪڙ نہ موڪليو آهي گهر ڏانھن؟“
دل آويز پوڙهيءَ ڏانھن ڏٺو پر هوءَ خاموش رهي. دل آويز ٿوري دير رکي پنھنجي پرس مان چند وڏا نوٽ ڪڍي چيو:
”ها، هي ڏنا اٿئين توهان لاءِ.“
جانل هڪدم اٿي کانئس نوٽ وٺي پنھنجي رئي جي ڪُنڊ ۾ ٻڌي ڇڏيا. پوءِ اٿندي چيائين:
”ڀلا مان مال جا ڪونر ٺاهي اچان.“
ائين چئي ٻاهر نڪري وئي. پوڙهيءَ جي چپن تي مُرڪ اچي وئي. چيائين:
”يونس، سياڻو آهي، هميشہ هن کي الڳ ڏيندو آهي تہ جيئن وات بند هجيس.“
”امان، ڇا اوهان الڳ آهيو هنن کان؟“ دل آويز پڇيو.
”نہ امان“ پوڙهيءَ وراڻيو، ”منھنجو وڏو پُٽ بچل نيڪ صالح آهي. اسان ٻہ ڄڻيون تہ آهيون رڳو، اسان جي ماني ڪھڙي ڳري آهي؟“
”ٻي ڪير آهي اوهان سان؟“
”منھنجي ڀاڻيجي مون سان رهندي آهي.“ پوڙهيءَ چيو، ”يونس ان لاءِ تہ پئسا موڪليندو آهي، منھنجي نياڻي ڳھہ پئي آهي نہ.“
”ڇا مطلب؟“ دل آويز پڇيو.
”امان، اهو وڏو قصو آهي“ پوڙهيءَ هڪ ڊگهو ساھہ کڻي چيو، ”يونس، توسان ڳالھہ ناهي ڪئي؟“
ڪجهہ دير چپ رهي پوڙهيءَ چيو:
”منھنجي ڀيڻ هڪڙي ڌيءُ ڄڻي گذاري وئي، ان جو مڙس موالي آهي. هو ٻار مون کي ڏئي هليو ويو. بعد ۾ وڃي ٻيو پرڻو ڪيائين. نياڻي مون نپائي يونس سان گڏ. ٻنھي جي ننڍي لاءِ کان گهڻي هئي هڪ ٻئي سان، يونس پڙهائيندو بہ پاڻ هُيس. سامائي مس تہ موالي گهمائڻ جي بھاني وٺي ويس، پاڻ وٽ رهائي ڇڏيائينس.“
پوڙهي خاموش ٿي وئي. کن پل رکي کيس ٻڌايائين:
”اسان ڪجهہ نہ پيا ڪري سگهون. پيءُ وارث آهي. اسان جي تہ حُجت نہ هلي. پوءِ هن مال جي هڪڙي واپاري پوڙهي کي ٽڪا وٺي ڌيءُ پرڻائي ڇڏي. ڇوڪري وجهہ وٺي ڀڄي نڪتي، اچي اسان وٽ پھتي. مڙس بہ ڳولي اچي پھتس. يونس ڇوڪري موٽائڻ کان جواب ڏنن. چئن چڱن وٽ فيصلو ٿيو. ڇوڪريءَ جي مڙس چيو تہ هن جيڪي پئسا ڏنا هيا اهي موٽائي ڏين، اسان غريب ماڻھو ايترا پئسا هڪ منو ڏئي نہ سگهياسين، قسطن ۾ ڏيڻ جو واعدو ڪيو.“
دل آويز سوچ ۾ پئجي وئي. هن کي يونس جا لفظ ياد پيا، جڏهن هن کيس ٻڌايو هيو تہ هن جي ڪا شئي گروي رکيل آهي، جنھن جا پئسا ڏيندو آهي.“
”پوڙهيءَ هڪ ڊگهو ساھہ کڻي چيو:
”يونس اهو قرض لاهڻ لاءِ تہ محنت ڪندو آهي.“
ان وقت هڪ نوجوان ڇوڪري چانھہ جي ٽري کڻي اندر آئي. اها ڪڻڪ رنگي سنھي قد جي وڻندڙ مھانڊن واري ڇوڪري هئي. هن کيس سلام ڪيو ۽ چانھہ جي ٽري ڪرسين جي اڳيان رکيل ٽپائيءَ تي رکندي، ڪرسين ڏانھن اشارو ڪندي چيو:
”ادي، هتي اچي چانھہ پيئو.“
دل آويز اٿي وڃي ڪرسيءَ تي ويٺي. چانھہ پيئندي مُرڪي پڇيائين:
”تون پڙهندي آهين؟“
”اسان جي ڳوٺ ۾ وڏيرن هڪ پرائيويٽ اسڪول کوليو آهي، مان اتي پڙهائيندي آهيان.“
دل آويز حيران ٿي کيس ڏٺو، هوءَ سندس حيرت ڏسي مُرڪي. چيائين:
”منھنجي عمر ايڪويھہ سال آهي، مان بي اي پاس آهيان.“
پوڙهيءَ ڏانھن ڏٺو ۽ مُرڪي چيو:
”اهي سڀ امتحان يونس هن کي پڙهايا آهن.“
”بس امان، ﷲ يونس جي محنت ساب ڪري، نياڻيءَ جي جند آجي ٿئي.“ پوڙهيءَ چيو.
”ان کان پوءِ ڇا ڪندئو؟“
پوڙهي مُرڪي ۽ چيائين:
”اها تہ يونس جي ذميواري ۽ واعدو آهي، اهو ئي هن سان شادي ڪندو. ٻيو وري نياڻي ڪيڏانھن ويندي؟“
دل آويز ڪنڌ ورائي پريءَ ڏانھن ڏٺو، جنھن جي چھري تي خوشي ۽ حياءَ واري مُرڪ ڦھليل هئي. دل آويز جي ڪنن ۾ يونس جا لفظ گونجڻ لڳا.
”ايمانداري ان ۾ هوندي آهي تہ واعدي کي ذميواري سمجهي نڀائجي.“
هن هڪ ڊگهو ساھہ کنيو ۽ سوچيو:
”تہ يونس، اها هئي تنھنجي ذميواري، جنھن کي تون محبت واري خاني ۾ کڻي رکيو هو.“
هن پنھنجي دل ۾ عجيب پيڙا ۽ دلگيري محسوس ڪئي. پوءِ کائن موڪلائي واپسيءَ واري سفر تي رواني ٿي. موٽ وارو سفر ڏاڍو اڻانگهو هو. رونق ۽ روشني رخصت ٿي چڪي هئي. اوندھہ ٿيڻ کان اڳ ان جا بچيل نشان ئي رستي تي ڏسڻ ۾ ٿي آيا. ان بي ڪيف رستي تي هلندي هوءَ پاڻ کي ان مسافر جيان محسوس ڪري رهي هئي، جيڪو وڏي عرصي کان صحرا ۾ نخلستان جي تلاش ۾ ڀٽڪندو رهيو هجي. پر اوچتو هن کي آگاهي ٿي وئي هجي تہ اهو تہ محض هڪ سراب هو.
يونس جي گمشدگيءَ کي ڇھہ هفتا گذري چڪا هئا. سرڪاري ذريعن جي مدد ۽ تلاش جي باوجود يونس جي باري ۾ ڪا معلومات نہ ملي سگهي هئي. جيئن جيئن وقت گذرندو ٿي ويو، دل آويز جي اُڻ تڻ وڌندي ٿي وئي. هن جي ڪمي سڄي يونٽ جا ماڻھو محسوس ڪري رهيا هئا. پر ڪيمپ جي روز مره معمول تي اچي وئي هئي.
هڪ ڏينھن دل آويز، پنھنجي آفيس ۾ ويھي ڪو فائل چيڪ ڪري رهي هئي تہ نائڪ هڪ پارسل کڻي آڻي سندس اڳيان ٽيبل تي رکيو، چيائين:
”مئڊم، هي پارسل ڪوريئر وارو ڏئي ويو آهي.“
نائڪ واپس هليو ويو. هن فائل بند ڪري پارسل کوليو. اندران يونس جو سامان نڪتو. جنھن ۾ يونس جو پرس، ڊائري ۽ موبائل فون کان سواءِ هڪ پرچي بہ هئي، جنھن تي لکيل هو:
”اسان کي هي سامان رستي تان ويندي مليو، سامان مان ملندڙ ڪمپنيءَ جي ايڊريس تي سامان موڪلجي ٿو تہ جيئن اهو ان جي مالڪ کي ملي سگهي.“
هيٺان موڪليندڙ جو نالو لکيل هو، جيڪو اڻ سڃاتل هو.
دل آويز موبائل فون چيڪ ڪئي پر بئٽري ختم ٿيڻ سبب اها بند هئي. يونس جي بٽونءَ ۾ هن جا ڪجهہ ڪارڊ ۽ پرچيون هيون پر ڪوبہ پئسو ڏوڪڙ نہ هيو. هن اندريان ٻاهريان سڀ خانا چيڪ ڪيا. هڪ لڪل خاني مان هڪ تصوير نڪتي. اها خود دل آويز جي تصوير هئي، جنھن جي پٺئين پاسي ”منھنجي روحِي“ لکيل هو.
دل آويز کي حيرت ۽ جهٽڪو لڳو. هوءَ تصوير هٿ ۾ جهليون ڪجهہ وقت سانت ۾ ويٺي رهي. پوءِ تصوير پنھنجي پرس ۾ رکي يونس جي ڊائري کوليائين. ان ۾ يونس جون پراڻيون ياداشتون هيون، ڪا خاص ڳالھہ نہ هئي. آخري لکيل پني تي يونس جي تازي لکت هئي. هن لکيو هو:
”دل آويز، مون کان پڇيو هيو اهي ڪھڙيون حقيقتون آهن، جن منھنجا هٿ ٻڌي رکيا آهن. منھنجي دل جي دروازن پٺيان ڇا لڪيل آهي. اهو مان کيس ٻڌائي نہ ٿو سگهان. منھنجي زندگي هڪ ڏکئي موڙ تي اچي بيھي رهي آهي. جتي اڳيان ٻہ واٽون آهن. مان تہ گهڻو وقت اڳ ذميوارين ۽ واعدن واري واٽ اختيار ڪري سفر تي نڪتو هيس پر هن موڙ تي هڪ ٻي واٽ اچي ان سان ملي آهي، جيڪا منھنجي روح لاءِ مسرور ۽ مسحور سفر جو پيغام کڻي آئي آهي. مون کي خبر نہ هئي تہ زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو موڙ بہ ايندو، جتي ڪا دل آويز اچي منھنجي سامھون بيھندي، جنھن کي ڏسي منھنجي دل گواهي ڏيندي تہ اها ئي آهي منھنجي روحي. جنھن جو انتظار منھنجو روح صدين کان ڪري رهيو هو. مون کي سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي مان ڪھڙي واٽ اختيار ڪيان. هڪ واٽ تي منھنجو ايماندار ضمير منھنجو انتظار ڪري رهيو آهي. ٻي واٽ تي منھنجو آسائتو روح مون کي سڏي رهيو آهي.
ڪاش ڪو ٽيون رستو هجي، جيڪو مون کي انھن ٻنھي جي ميار کان آجو ڪري. شايد مان ان ٽين رستي جي تلاش ۾ ئي نڪتو آهيان.
دل آويز يونس جي ڊائري هٿن ۾ جهليون ڪافي دير تائين گم سم ويٺي رهي پوءِ سندس اکين ۾ لڙڪ تري آيا، ڀريل ڳلي سان چيائين:
”تون ان ٽين رستي جي تلاش ۾ ايترو پري ڇو هليو ويو آهين مونس، تون واپس موٽي اچ. مان عمر ڀر جي دلگيري کڻڻ لاءِ تيار آهيان. پر تنھنجي ايماندار ضمير کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏينديس.“
دل آويز پنھنجي ڪئبن ۾ ڪرسيءَ تي ڪنھن سوچ ۾ محو ويٺي هئي. يونس کي وئي پنج مھينا گذري چڪا هئا. پر هن جي ڪا خبر نہ ملي هئي. البتہ هن کي ٻہ ٽي دفعا نا معلوم نمبرن تان فون ڪال بہ آيون هيون، جنھن ۾ يونس جو ناقابلِ سماعت آواز محسوس ٿيو هو. پر ڪو واضح جملو ٻڌڻ ۾ نہ آيو هيو. هوءَ ائين ئي محو ويٺي هئي تہ نويد ڪئبن ۾ اچي سندس سامھون واري ڪرسيءَ تي ويٺو. چيائين:
”دل آويز، اسان جو پروجيڪٽ مڪمل ٿي چڪو آهي، ان سان گڏ اسان جو اسٽي پيريڊ بہ پورو ٿي ويو آهي. هر شئي وائينڊ اپ ٿي چڪي آهي. اسان کي هاڻي واپس هلڻو آهي.“
دل آويز ڪو جواب نہ ڏنو، ائين ئي خالي خالي ويٺي رهي.
”منھنجو خيال آهي تہ هلندڙ هفتي ۾ اسان واپسيءَ جو پروگرام ٺاهيون، تنھنجو ڪھڙو ارادو آهي؟“
دل آويز گھرو ساھہ کنيو، چيائين:
”مان ڪجهہ وقت هتي رهڻ ٿي چاهيان.“
”اهو ممڪن ناهي.“ نويد چيو، ”اسان کي ان جي اجازت نہ ملندي، ويزا ٽائيم ختم ٿي چڪو آهي.“
دل آويز خاموش ٿي سوچڻ لڳي. ڪجهہ دير بعد چيائين:
”ڪو طريقو نہ ٿو ٿي سگهي تہ مان ڪجهہ وقت وڌيڪ هتي ترسي پوان.“
”نہ“ نويد چيو، ”هيڊ آفيس ان جي اجازت نہ ڏيندي. اگر تون ترسي يونس جو انتظار ڪرڻ ٿي چاهين تہ ان جو بہ ڪو فائدو ناهي. پنج مھينا گذري چڪا آهي، اختياريءَ وارن بہ فائل بند ڪري ڇڏيو آهي. تون هتان جو ماحول سمجهي چڪي آهين، اهو هتي ڪو نئون واقعو ناهي. يونس جي واپسي ناممڪن آهي.“
دل آويز ان دڙي تي ويٺي هئي، جتي هوءَ ۽ يونس اڪثر ويھي ڪچھري ڪندا هئا. آسمان تي هلڪا هلڪا ڪڪر پکڙيل هئا. ڪونجن جون قطارون اڏامنديون ٿي ويون. هوءَ خاموش ويٺي اڏامندڙ پکين کي ڏسي رهي هئي. هن جي ذهن ۾ يونس جي گيت جا ٻول گونجي رهيا هئا.
روحي، منھنجا روح اچ،
بي روح خوابن ۾ ملون،
صحرا سرابن ۾ ملون،
مينھن جي ڦوهارن ۾ ملون،
ڪونجن قطارن ۾ ملون،
اڏندا وڃون، هلندا وڃون،
گم ٿي وڃون.
ان وقت گهنٽين جي آواز هن جي محويت ٽوڙي ڇڏي. پنھنجي سامھون هڪ مست ملنگ ماڻھو ڏسي، هن ڇرڪ ڀريو ۽ اٿي بيھي رهي. اهو عجيب ميرو گدلو ماڻھو هيو. وڏيون ڳاڙهيون اکيون، بي ترتيب وکريل وڏي ڏاڙهي هيس، رنگ برنگي ڪپڙا پاتل هيس. هٿ ۾ وڏو ڪشڪول هيس. ٻي هٿ ۾ ڏنگي ڦڏي لٺ هيس. جنھن ۾ ننڍڙيون گهنڊڙيون ٻڌل هيون. ڳلي ۾ مڻين جو رنگين ڪنٺو پاتل هيس.
”ڪونہ موٽندو“ هن کيس گهوريندي لٺ کي زمين تي هڻندي چيو. جنھن جون گهنڊڙيون وڄڻ لڳيون.
دل آويز حيران ٿي کيس ڏسڻ لڳي.
”نہ موٽندو“ هن وري لٺ وڄائيندي چيو.
”ڇو؟“ دل آويز ڊڄندي ڊڄندي پڇيو.
”وجود ۽ مڪان کان نڪري ڀلا ڪير موٽندو آهي؟“ هو کِليو. هن وري کيس گهوريندي چيو:
”آزاد ٿي بہ آجو ناهي ٿيو.“
”ڇو......؟“
”توکي ڪيترا ڀيرا سمجهائي“ مست ڪاوڙجي چيو، ”واعدي جا زنجير اٿس، ڪم رهيل اٿس.“
پوءِ هن پنھنجي ڳچيءَ وارو ڪنٺو لاهي سندس هٿ پڪڙي ڪنٺو سندس تريءَ تي رکيو، چيائين:
”هن کي آجو ڪر، وڃڻ ڏينس.“
پوءِ هو لٺ کڙڪائيندو واپس هليو ويو. دل آويز ڪنٺو هٿ ۾ جهليون ساڪت بيٺي کيس ويندو ڏسندي رهي.
”نويد اسان جي روانگي ڪھڙي ڏينھن آهي؟“ دل آويز نويد کان پڇيو.
”چئن ڏينھن کان پوءِ فلائيٽ آهي.“ نويد وراڻيو.
”منھنجو هڪڙو ڪم ڪندين؟“
”ها، چئو“
هن پروجيڪٽ لاءِ منھنجي سموري الاٽ ٿيل پيمينٽ مون کي ٻن ڏينھن اندر گهرجي، تون ڪرائي سگهندين؟“
”ها، ٿي سگهي ٿو“ نويد چيو، ”ٿوري ڪوشش ڪرڻي پوندي، پر توکي ڪھڙي فوري ضرورت آهي ان جي؟“
”ضرورت آهي“ دل آويز چيو، ”مون کي يونس جو قرض ادا ڪرڻو آهي. ان کي آجو ڪرڻو آهي.“
”اوڪي“ نويد ڪنڌ ڌوڻي چيو، ”مان جيترو جلد ٿي سگهي ٿو اهو ڪم ڪرائي ٿو وٺان.“
”نہ رڳو اهو پر اهي سمورا پئسا هن جي ماءُ جي نالي سان اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڪاغذ هن جي ماءُ جي حوالي ڪرڻا آهن، تفصيل مان توکي ڏيندم.“
نويد ڪنڌ ڌوڻي حامي ڀري.
هن ملڪ ۾ اها هنن جي آخري شام هئي. دل آويز ساڳي دڙي تي مڻين وارو ڪنٺو هٿ ۾ جهليون ويٺي آسمان ڏانھن ڏسي رهي هئي. آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا، جيڪي برسات جي آمد جي خبر ڏئي رهيا هيا. پکي تڪڙا اڏامندا پنھنجن واهيرن ڏانھن وڃي رهيا هئا. هوءَ ائين ئي ويٺي هئي تہ اوچتو ڇم ڇم مِينھن پوڻ شروع ٿي ويو. هوءَ اکيون بند ڪري اتي ئي ويٺي ڀڄندي رهي. وياڪلتا مان چيائين:
”برسات تہ موٽي آئي مونس پر ان سان ايندڙ عيد جھڙيون خوشيون تہ توسان گڏ هليون ويون. ڪاش تون بہ ان سان گڏ اچين ها عيد جھڙيون خوشيون کڻي.“
ٿوري دير ائين ڀِڄڻ کان پوءِ هوءَ اٿي کڙي ٿي ۽ ڪئمپ ڏانھن هلڻ شروع ڪيائين. ڪجهہ وِکون هلي ترسي مڙي پوئتي وَسندڙ مِينھن ڏانھن ڏٺائين، چيائين:
الوداع مونس، مون تنھنجو قرض ادا ڪري، توکي وجود ۽ مڪان جي قيد مان آجو ڪري ڇڏيو آهي. اسان صحرا سرابن ۾ ملون نہ ملون، مِينھن جي ڦوهارن ۾ ملون نہ ملون پر ملنداسين ضرور، اتي جتي وجود مڪان جو قيد نہ هوندو. ڪا وڇوڙي جي پيڙا ۽ دلگيري نہ هوندي، بس ملڻ واري مُسرت ۽ سرور هوندو، جتي بس مان تنھنجي روحي ۽ تون منھنجو مونس هوندين.“