مھاڳ: افسانوي ادب ۾ قدرن جي ليکڪا
هونئن عورتن جي مسئلن تي لکڻ ۾ اسان جي هر عورت ليکڪا حق بجانب آهي. جيترو اسان وٽ عورت ڀوڳي ٿي اوترو هن جي نمائندگي اسان جي ادب ۾ ناهي ٿيندي. ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ اڄ تائين صرف عورت ليکڪائن جي تاريخ ڏسجي تہ آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ليکڪائون ملنديون. اهڙي سماج ۾ جيڪا سجاڳ عورت قلم کڻي سماج جا عڪس چٽي، وقت ۽ حالتن تي گهري نظر رکي تہ اها نہ صرف عورتن جي سجاڳي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي بلڪہ مردن جي سماج ۾ انھن کي احساس ڏياريندي تہ عورت هر فورم تي پاڻ ملھائي سگهي ٿي. اهڙيون ليکڪائون سموري سنڌي سماج لاءِ هڪ وڏو مثال آهن.
هن ڪتاب ۾ پھريون ناوليٽ ”زينت چري آ“ جي نالي سان شامل آهي. شروعات ۾ هڪ پئراگراف عورت جي سماج ۾ طئہ ٿيل حيثيت ۽ اهميت ۽ ان جي ڀوڳنائن تي لکيو ويو آهي. جنھن ۾ مرد سان گڏ عورت کي ٻي عورت پاران ملندڙ دردن ۽ تڪليف جي احساس کي بہ ظاهر ڪيو ويو آهي. ناوليٽ جي ڪھاڻيءَ ۾ هڪ عام سادي سودي، معصوم طبعيت خوابن ۾ پاڻ کي رومانوي ڪھاڻين جي هيروئن سمجهندڙ زينت جو ڪردار آهي. جنھن کي آسانيءَ سان خوابن جو شھزادو ملي ٿو وڃي، جيڪو زينت جي سھاري ۽ مدد سان زندگي ۾ پنھنجي جدوجھد ڪندي هيٺئين غريب طبقي مان اسري وڃي مٿئين طبقي ۾ هڪ امير ۽ دولتمند جي حيثيت ماڻي ٿو. ان سوسائٽي ۾ اٿڻ ويھڻ انھن جا طور طريقا عمل ۾ آڻڻ شروع ڪري ٿو. اتان کان زينت جي ڀوڳنائن جو سفر شروع ٿئي ٿو. هن جي خوابن واري شھزادي جو بت ڀُرڻ شروع ٿئي ٿو. هيءَ جيڪا منير سان غربت ۽ مسڪينيءَ وارن ڏينھن کان ئي بي پناھہ محبت ڪندڙ هئي، هاڻي ٻارن پيدا ٿيڻ کان پوءِ ۽ مٿئين طبقي جي عورتن جي لباس، جسم جي خد و خالن، چال چلت، چالاڪين ۽ ٻين دلفريب ادائن کان پري رهندڙ هئي. جنھن ڪري منير ان سوسائٽيءَ جي گهرج مطابق کيس نظر انداز ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سندس جاءِ فيشن ايبل عورت گل اندام اچي والارڻ شروع ڪري ٿي. اها زينت جنھن مرد جي ڪاميابيءَ لاءِ هن جي ڏک سک ۾ هن جو ڀرپور ساٿ ڏئي هن کي ڪاميابين سان همڪنار ڪيو، پنھنجي سچي ۽ معصوم محبت جا سمورا گل کيس آڇيا، خدمت ڪئي، هاڻي اها نظرانداز ٿيڻ شروع ٿي ايتري تائين جو منير کيس ڇڏي بغير ٻڌائڻ جي ٻي شادي بہ ڪري ڇڏي. اولاد کي پڙهائيءَ لاءِ ماءُ کان جدا ڪيو ويو. هوءَ هر حال ۾ مڙس سان رهڻ لاءِ تيار آهي پر پوءِ بہ مڙس ۽ سندس ٻي زال کيس مختلف بھانن سان گهران ئي نيڪالي ڏيئي ڇڏين ٿا.
عورت جيڪا محبت جو مجسم هئي، همدردي ۽ سچائي، حوصلي ۽ همت جو سبب هئي هاڻ گهر ۾ سندس حيثيت فالتو ۽ غير ضروري سامان جيان وڃي رهي. اها ڀوڳنا، اها پيڙا ڇا ٿيندي آهي. ادي جھان آرا ان کي نہ صرف گھرائيءَ سان محسوس ڪيو آهي بلڪہ پڙهندڙ کي بہ اهو درد ۽ تڪليف محسوس ڪرائي ٿي. عورت کي پنھنجي پناھہ گاھہ کان جڏهن بي دخل ڪيو ٿو وڃي تہ هن جي ڇا حالت ٿيندي آهي، اهو درد ۽ ظاهري چمڪ ۽ ڏيکاءُ تي سچن رشتن، مضبوط تعلقاتن کي ڪيئن ٽوڙيو وڃي ٿو. هڪ عورت ڪيئن بي حس ٿي پاڻ جھڙي ٻي عورت جو ڇانورو کسي ٿي وٺي. جنھن رت ست ڏيئي هڪ پناھہ گاھہ ٺاهي اڄ ان مان کيس بي دخل ڪيو ويو. جديديت پڄاڻان واري صورتحال ۾ انسان وٽ رشتن ناتن، قدرن، روايتن، اصولن ۽ سچائيءَ جي ڪا بہ اهميت ناهي. منير جي روش ان صورتحال جو چٽو مثال آهي. آخر ۾ ڪنھن بزرگ کيس ايتري انسان جي خدمت ۽ ان جي اندر ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ وقف ڪيل وقت بجاءِ کيس خاوند حقيقي جو ڏس ڏنو. زينت چري ناهي، زينت سماج ۾ عورت جو هڪ سچو ۽ مخلص ڪردار آهي. پر سماج جيڪو صدين کان هن عورت سان سلوڪ ڪندو آهيو آهي، جديد دؤر ۾ ساڻس اهوئي رويو اختيار ڪيو ٿو وڃي. عورت جيڪا سراپا محبت آهي، جنھن لاءِ مشھور فلاسافر ول ڊيورانٽ پنھنجي ڪتاب پليئرس آف فلاسافي ۾ لکي ٿو تہ، ”عورت جو محبت وارو جذبو مرد جي ڀيٽ ۾ شديد گهٽ هوندو آهي، پر ان ۾ وسعت ۽ گهرائي وڌيڪ هوندي آهي. محبت جو جذبو عورت جي زندگيءَ جي هر حصي ۾ داخل ٿيل هوندو آهي. هوءَ زنده ئي تڏهن رهي سگهندي آهي، جڏهن ساڻس محبت ڪئي وڃي.“
ان مطابق ڏسجي تہ اسان وٽ نفرت جي باھہ ۾ عورت جو وجود سدائين سڙندو، پڄرندو رهيو آهي. جيڪا بي حس ۽ هن ظاهري ڏيکاءَ واري سماج ۾ نٿي هلي تہ کيس دنيا جي ٺوڪرن ۾ اڇليو وڃي ٿو. ادي جھان آرا آسان ۽ عام فھم ٻوليءَ ۾ فطري ماحول، منظر ۽ ڪردارنگاريءَ ذريعي وقت جي بي رحمي ۽ سماج ۾ عورت جي حيثيت کي وڏي بھادري ۽ سچائيءَ سان پيش ڪري سماج کي پنھنجي تصوير ڏيکاري آهي. جنھن سان سماج جي زوال ۽ اخلاقي تباهي جا ڪارڻ واضح نظر اچن ٿا.
هن ڪتاب ۾ ٻيو ناوليٽ ”من اندر جا لوچ“ نالي سان آهي. بلڪل منفرد موضوع آهي. توڙي جو سماج ۾ ظاهري طور تي ائين ممڪن نظر نٿو اچي پر ناول نگار جن حالتن ۽ واقعن کي پيش ڪيو آهي، انھن ۾ ائين ممڪن ڪري ڏيکاريو آهي. ميمونہ جي جاءِ تي ايمن ٽريننگ لاءِ اسلام آباد وڃي ٿي. اُتي ميمونا جي نالي ۾ ايمن، منصور احمد سان محبت جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وڃي ٿي. منصور احمد پنھنجي اڪيلائيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ جنھن قسم جي ساٿيءَ جي تلاش م هو، کيس اهو ايمن جيڪا اتي ميمونا ٿي آئي هئي، ان صورت ۾ ملي ويو هو. ٻنھي ڪردارن جي هڪٻئي لاءِ شديد ۽ سچي محبت جي پر خلوص جذبن کي ظاهر ڪيو ويو آهي. جھان آرا وٽ ڪردارن جي جذبن کي سمجهڻ ۽ انھن جي اظھار جو وڻندڙ ۽ پُر اثر انداز آهي. منصور احمد آخرڪار ميمونا جو رشتو حاصل ڪري ورتو. کيس ملي بہ وئي پر اهو سڀ ڪجهہ اهڙي صورت حال ۾ ٿي ويو، جنھن ۾ ايمن بلڪل بي خبر هئي. جڏهن کيس خبر پئي تڏهن دير ٿي چڪي هئي. لاحاصل محبت جو لاش کڻي ڪردار هلن ٿا. ڪھاڻيءَ جو انجام ايمن جي پساهن جي پڄاڻي ۽ منصور احمد جي گمنامي تي ٿئي ٿو. پر اهم ڳالھہ ڪردارن جي سنجيدگي، پڙهيل لکيل خاندان جي نياڻين جي روشن خيالي، هڪٻئي کي سمجهڻ، هڪٻئي لاءِ قرباني ڏيڻ، سھپ، صبر، ماءُ پيءُ جو احترام انھن جي عزت ۽ شرافت جو خيال رکڻ، سماج ۾ پڙهيل لکيل با ڪردار ۽ سجاڳ نياڻين جي ڪردارن جي پيش ڪش بہ آهي. ٻن محبت ڪندڙن جا سچا جذبا جمالياتي احساس ۽ وڇوڙي جي ڀوڳنا جي درد کي ادي جھان آرا ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو آهي.
هن ڪتاب جي ٽئين ناوليٽ ”مينھان ۽ نينھان“ جي ڪھاڻي بہ بلڪل منفرد محبت جي شديد جذبي ۽ ڪردارن جي بي وسيءَ کي ظاهر ڪندڙ آهي. آسٽريليا ۾ رهندڙ عبدالحميد جي نياڻي دل آويز دوست جي پٽ نويد سان گڏ پاڪستان سنڌ جي ريگستاني علائقي ۾ بک ۽ بد حالي جو شڪار ماڻھن جي ڀلائيءَ لاءِ هڪ بين الاقوامي تنظيم پاران پراجيڪٽ جي سلسلي ۾ اچن ٿا. ريگستاني علائقي ۾ پھچڻ بعد کين مقامي ماڻھو بہ مددگار طور ملازمت ۾ شامل ڪرڻا پون ٿا. انھن ۾ هڪ بيحد ذهين با صلاحيت ڪردار محمد يونس عرف مونس پنھنجي تجربي، صلاحيتن سان موهيندڙ گفتگو ذريعي نہ صرف دل آويز بلڪ سمورن کي متاثر ڪري ٿو. ۽ هو هن پراجيڪٽ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. ٿوري ئي عرصي ۾ پنھنجي محنت ۽ ڪم سبب پاڻ مڃائي ٿو. سندس منفرد ۽ وڻندڙ شخصيت دل آويز کي متاثر ڪيو. هوءَ ساڻس محبت ڪري ويٺي. هو بہ کيس پنھنجي روحي سڏيندي گنگنائي ٿو.
روحي او روحي،
صحرا جي اس ۾ ڇانَوَ تون،
روحي منھنجي روحي،
مان جسم، منھنجو روح تون،
صحرائن سرابن ۾ ملون،
مينھن جي ڦوهارن ۾ ملون،
ڪونجن قطارن ۾ ملون،
اڏندا وڃون،
هلندا وڃون،
گم ٿي وڃون.
مونس غير معمولي ذهانت رکندڙ، سيلاني طبعيت وارو ريگستان جي نٽھڻ اس، بک، بدحالي، ڏڪار ۽ ٻين انيڪ دردن ۾ وڪوڙيل آهي. ننڍپڻ جي مڱ پئسن عيوض ڪنھن وٽ گروي ٿيل ان جي جند کي آجو ڪرائڻ لاءِ جتن ڪندڙ، گهر جي ٻين ڀاتين ماءُ ۽ ڀائرن، ڀاڄاين لاءِ سھارو بڻيل ڪردار آهي. اهڙين گهڻن ئي زنجيرن ۾ جڪڙيل سحر انگيز شخصيت جي محبت ۾ جيئن پوءِ تيئن هي پرديسي دل آويز محبت ۾ جڪڙ جندي وئي.
هن ڪھاڻيءَ جي انت ۾ مونس جي گمشدگي آهي، ليکڪا آخر ۾ پنھنجو خيال بيان ڪندي ڏيکاري ٿي تہ دل آويز جي دل جي تڙپ مونس کي طلبيندي رھي ٿي. جنھن جي بيقراريءَ کي ماٺيڻو ڪرڻ لاء قدرت طرفان ھڪ مست جي ذريعي مبھم اطلاع ۽ ھدايت ملي ٿي. اھي نج روح انساني ۽ روحاني دنيا جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪندا آھن. ڇاڪاڻ تہ انھن جي باطني اک کليل ھوندي آھي. ان رابطي وسيلي دل آويز کي ان حقيقت کان آگاھي ملي ٿي تہ مونس وجود ۽ مڪان جي قيد مان آزاد ٿي چڪو آھي ۽ ھن جي واپسي ممڪن نہ آھي. پر دل آويز جي طلب ۽ بيقراري ۽ اڌ ۾ رھيل سندس اھم ذميواريون کيس اڳتي وڃڻ نہ ٿيون ڏين ان ڪري دل آويز کي ھدايت ملي ٿي تہ قدرت جي فيصلن کي مڃيندي ھوءَ سندس تانگه ڇڏي ڏي ۽ کيس وڃڻ ڏي.
هي ناول صحرائي علائقن جي ماڻھن جي دردن، تڪليفن، اهنجن، بکن ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن کي پيش ڪري ٿو. اهڙن ئي صحرائن ۾ ڀٽڪندڙ ڪيترن ئي باصلاحيت نوجوانن جون ڳرندڙ سڙندڙ حياتيون بہ هن ناوليٽ جو حصو آهن. محبت جا شديد جذبا ٻين ڪھاڻين جيان هن ڪھاڻي ۾ نھايت نفاست، نزاڪت سان اهڙن ئي خوبصورت لفظن ۾ پيش ڪيا آهن، جھڙا نفيس جذبا ۽ ماڻھو آهن. ادي جھان آرا ڪردارن جي نفسيات جي ڄاڻو، محبت ڪندڙن جي مزاج کان واقف، عام سماج جي مسئلن، واقعن، حالتن تي نظر رکندڙ وقت جي بي رحمين کي خوبصورت لفظن ذريعي دل جي سچائي سان لکي ٿي. ڪھاڻي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پڙهندڙ ڪيتري وقت تائين ڪردارن جي سحر ۾ ورتل رهي ٿو. هو درد ۽ پيڙا مان ڄڻ پاڻ گذري ٿو. اهائي هڪ ڪامياب ليکڪ جي نشاني هوندي آهي. وقت جي سچائي کي فنڪارانہ انداز ۾ پيش ڪرڻ، محبتن ۽ چاهتن جي انمول جذبن جو قدر ڪرڻ انھن جي شدت کي محسوس ڪري تحرير ۾ محفوظ ڪرڻ جو ڏانءُ ادي جھان آرا وٽ آهي.
جھان آرا سماجي سطح تي هڪ باصلاحيت منتظم رهي آهي، اولاد خاص طور نياڻين کي پڙهائي لکائي اعلى عھدن تائين پھچائيندڙ هڪ خود دار ۽ سجاڳ عورت آهي. جنھن جا افسانوي ڪردار محبت جي جذبن سان سرشار سچ، خلوص، نيڪي، شرافت ۽ وفا جي دائري کان ٻاهر نٿا وڃن. عام لکندڙن جيان تحرير ۾ تاثر ۽ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪنھن بہ فحش سوچ ۽ عمل ذريعي اجايو جنسي لاڳاپن ۾ الجهائڻ بدران فطرت جي پاڪيزہ ۽ نفيس محبت جي جذبن کي پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. هوءَ روايتن ۽ سماجي قدر کي کڻي ٿي. ڪردارن ٻولي سندن عمل ۽ طرز زندگيءَ جا عمدہ رنگ خوبصورتيءَ سان پيش ڪندي جھان آرا صرف عورت ليکڪائن ۾ نہ بلڪہ اڄ جي افسانوي ادب لکندڙن ۾ هڪ منفرد ۽ قدرن ۽ روايتن جي ليکڪا طور پنھنجي سڃاڻپ پيدا ڪري رهي آهي. توڙي جو هي ڪھاڻيون سندس آڳاٽيون لکڻيون آهن، جن ۾ ڪي واقعا ۽ عمل اڄ جي دؤر سان ميل نٿا کائن پر پوءِ بہ مجموعي طور جن روايتن، قدرن ۽ سچي محبت جي جذبن کي پيش ڪيو آهي اهي اڄ بہ گهربل آهن، ڪالھہ بہ هئا. سڀاڻي بہ رهندا. سندس قلم لاڳيتو هلي رهيو آهي. سندس تحريرون مختلف رخن کان پڙهندڙن جي احساسن خيالن تصورن ۽ مسئلن جي ترجماني ڪن ٿيون. افسانوي ادب جو مطالعو ڪندڙن کي ادي جھان آرا جون تحريرون ضرور پڙهڻ گهرجن. جئين محبت جذبن ۽ پنھنجي روايتن ۽ قدرن کان بہ واقفيت حاصل ڪجي. خوبصورت ٻولي ۽ اظھار جي وڻندڙ انداز سبب جذبي جي سچائي جمالياتي احساس کي بہ جاڳائي ٿي، نفرتن، ڪوڙ، دوکي، لوڀ، لاچ سبب وڌندڙ ڊپريشن سبب پيدا ٿيندڙ نفسياتي مونجهارن کان هن قسم جون تحريرون بچائي سگهن ٿيون. ٻن عالمي جنگين کان ويندي اڄ جي ڪرونا واري حياتياتي جيوڙي واري جنگ تائين انساني ترقيءَ جي عروج واري هن دؤر ۾ مڪاري، فريب، دوکو، ڪوڙ، لالچ، موقعي ۽ مفاد پرستيءَ جي حياتي ۽ ڇڙواڳي بہ عروج تي پھتل آهي. پر زندگيءَ کي امن، نيڪي، شرافت، محبت ۽ انسانيت جھڙا قدر گهربل آهن. هنن ڪھاڻين ۾ اهڙن ئي اعلى قدرن جي پچار آهي.
ڊاڪٽر نواب ڪاڪا
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ چيئر
سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو