ناول

مينھان ۽ نينھان (ٽي ناوليٽ)

ميڊم جھان آرا سومرو تسلسل سان افسانوي ادب لکندي رھي آھي. سندس ڪھاڻين ۽ ناولن جا ڪردار ۽ واقعا آس پاس جي حالتن ۽ واقعن مان ئي کنيل آهن. نھايت سادي اسلوب ۽ وڻندڙ ٻولي ۾ لکي ٿي. ھن ڪتاب ۾ سندس ٽي ناوليٽ ”زينت چري آھي“، ”من اندر جا لوچ“ ۽ ”مينھان ۽ نينھان“ شامل آھن. ڪلاسيڪل ٻوليءَ ۾ لکيل هي ٽئي ناوليٽ سنڌي ادب ۾ پنھنجي منفرد سڃاڻ رکن ٿا.

Title Cover of book مينھان ۽ نينھان (ٽي ناوليٽ)

ليکڪہ جو تعارف

نالو: جھان آرا سومرو. نڪ نيم- جانا
تاريخ پيدائش: چوڏھين آگسٽ.
اباڻو شھر: لاڙڪاڻو ساھہ سيباڻو.
والد: غلام قادر سومرو (ايريگيشن آفيسر)
والدہ: ليکڪا ”شعيب النساء“
تعليم: مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻو.
انٽرميڊيٽ: گورنمينٽ گرلس ڪاليج لاڙڪاڻو.
بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
پيشو: ايجوڪيشن آفيسر/ پرنسپل
شريڪ حيات: غلام مصطفي سومرو ايڊيشنل ڊائريڪٽر PND
اولاد : ست نياڻيون، ڇھ ڊاڪٽر ھڪ انجنيئر“. ھڪ پٽ ”انجنيئر“
پھرين ڪھاڻي: ”مان جيڪر گل ھجان ھا“ گل ڦل رسالي ۾ شايع ٿي عمر پندرنھن سال.
شايع ٿيل ڪتاب: ماءُ منھنجو جندڙو (ڪھاڻيون) ايوارڊ مليل
مان جيڪر گل ھجان ھا ( ڪھاڻيون)
سوغات ( ناول)
مينھان ۽ نيھان ( ٽي ناولٽ)

ايندڙ ڪتاب انشاء ﷲ:
ڪڪر منجهہ ڪپار ( ناول)
ڪھاڻيون
جيتامڙي (آتم ڪٿا)
موجودہ رھائش: سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي فيز 1 ڄامشورو.