اداري پاران
آءُ اڳ بہ لکي چڪو آهيان تہ ميڊم جھان آرا جو شاھ لطيف جو سٺو مطالعو ٿيل آهي. پاڻ رسالي مان جيڪي عنوان چونڊيندي آهي، انھن جي پسمنظر جي کيس ڄاڻ ھوندي آھي. اھو ھنر ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھ نہ آهي. ان لاءِ ٽيھن، چاليھن سالن جي لڳاتار ڪلاسيڪي ادب ۽ لطيفيات جو مطالعو گهرجي. پوءِ وڃي لکڻين ۾ ڪلاسيڪي رنگ رچندو آهي.
ھن ڪتاب ۾ سندس ٽي نڪور ناوليٽ،
1. زينت چري آهي.
2. من اندر جا لوچ.
3. مينھان ۽ نينھان
شامل آهن. ھر ھڪ ناوليٽ جو رنگ نرالو آهي، جنھن بابت اڄ جي سڄاڻ ليکڪ مانواري ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ نھايت تفصيل سان لکيو آهي. ڪردارن جو سندن نفسيات مطابق ڇيد ڪيو آهي. ان کان علاوہ ھو بہ مون جيان ادي جھان آرا سومرو جي ٻوليءَ جو مشتاق آهي.
لکي ٿو تہ، ”ٽئي ناوليٽ ڪمال جا لکيل آهن. ٽنھي ناوليٽن جي اھم خوبي اها آهي تہ انھن ٽنھي جي ٻولي تمام خوبصورت آهي. بلڪہ ٽنھي ناوليٽن جي ٻوليءَ ۾ اھو جادو آهي جو جڏهن پڙهڻ لاءِ کڻجن ٿا تہ ناوليٽن جا واقعا ۽ رونما ٿيندڙ لقاءَ پنھنجي جاءِ تي پر ٻوليءَ جي سادگيءَ جو حُسن پڙھندڙ کي پنھنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏي ٿو. ھنن ناوليٽن ۾ ڪي وڏيون ادبي تلميحون بہ ناهن تہ شعري استعارا ۽ ادبي مبالغہ آرائي بہ بنھہ ڪانھي. سنئين سڌي سادي ٻوليءَ ۾ ناوليٽ پنھنجي ڪردارن جي آڌار اڳتي وڌن ٿا.“ مھاڳ ۾ ڊاڪٽر نواب ڪاڪا بہ پاڻ ملھايو آهي. سندس تحرير ۾ جان آھي. مانواري ليکڪہ جي احساسن کي پروڙي ڊاڪٽر نواب ڪاڪا لکي ٿو تہ، ”عورت جيڪا محبت جو مجسم هئي، همدردي ۽ سچائي، حوصلي ۽ همت جو سبب هئي. هاڻ گهر ۾ سندس حيثيت فالتو ۽ غير ضروري سامان جيان رهي آهي. اها ڀوڳنا، پيڙا ڇا ٿيندي آهي، ادي جھان آرا ان کي نہ صرف گھرائيءَ سان محسوس ڪيو آهي بلڪہ پڙهندڙ کي بہ اهو درد ۽ تڪليف محسوس ڪرائي آهي.“ ٻنھي مانوارن ڊاڪٽرن جي تجزين کي پڙهڻ کان پوءِ ناوليٽن جي فلسفي کي سمجهڻ آسان ٿيو پوي. سائين علي بخش پٺاڻ بہ سٺي محنت ڪئي آهي. ڪردارن جي گڻ اوگڻ کي اول پاڻ سمجهي پوءِ پنھنجي تجزيي ۾ پيش ڪيو آهي.
پڙهندڙن کي گهرجي تہ اول اهي چاليھارو صفحا پڙهن پوءِ ناوليٽن جو مطالعو ڪن تہ کين ڪردارن جون گهڻيون ڳجهيون ڳالھيون ۽ ناوليٽ لکڻ جو مقصد سمجهہ ۾ اچي ويندو.
محترمہ جھان آرا جو زندگيءَ جي باري ۾ پنھنجو الڳ رايو آهي. سندس خيال آهي تہ، ”هن ڌرتيءَ تي جيڪو جيءُ، خاص طور انسان اچي ٿو، ان کي نصيب جي ڳوٿري ڏني وڃي ٿي، پوءِ هو ان کي ڪيئن ٿو سنڀالي، اهو سندس ڪردار آهي. بنيادي طور کيس باڪردار ۽ شريف النفس ڪري موڪليو وڃي ٿو. واٽ تي رهبر بہ آهن تہ رهزن بہ، جيڪي کيس ڀنڀلائن ٿا. هاڻي اها ان جي پرک آهي تہ هو ڪھڙيءَ ريت ڪُن مان نڪري ٿو.“ ان لاءِ ادي جھان آرا شاھہ لطيف جو نھايت ٺھڪندڙ بيت پڻ ڏنو آهي:
مون کي مون پرين، ٻڌي ووڌو ٻار ۾،
اُڀا ايئن ڇون، مڇڻ پانڌ پسائيين.
(آسا)
شاھہ لطيف جي نظر ۾ اهو زندگيءَ جو وڏو فلسفو آهي تہ منھنجا پرين! مون کي هٿن پيرن کي ڪڙي پوءِ پاڻيءَ جي تار تلاءَ ۾ ڦٽو ٿا ڪن. وري ڪناري تي بيٺل هڪلون پيا ڪن تہ متان پانڌ پسائين، متان دنيا جي دولاب ۾ اچي ڪڌو ڪم ڪرين. تون گدلي سينور ۾ بہ ڪنول جي گل جيان اڇو اجرو ٿي نڪر! ”ماءُ منھنجو جندڙو“، ”ڀريم جو پاڻي...“، ”ڪاٽا ٿيل لغڙ“ ۽ ٻيون کوڙ ڪھاڻيون ان پسمنظر ۾ لکيل آهن.
مٽي ۽ محبت ۾ جيڪا ازلي انسيت آهي، ان جي باري ۾ ميڊم لاجواب نُڪتو پيش ڪيو آهي. لکي ٿي تہ، ”مٽي، جيڪا هر هنڌ پئي هوندي آهي بي قيمت، بي حيثيت، رُکي رک، مٽيءَ تي پيار واري پالوٽ ٿئي تہ مُرڪي جيئري ٿيو پوي. گل گلزار بڻيو وڃي. ڪنڀار جي مھربان هٿن سان ڳوهجي چَڪَ تي پوندي آهي تہ ٺاهڻ واري جي محبت سان سھڻي شڪل وارن مرتبانن ۾ مجسم ٿي ويندي آهي. گويا محبت اهو سحر آهي، جيڪو بي جان ۾ جان وجهي ان کي انمول بنائي.
منھنجو ايمان محبت آهي. منھنجيون لکڻيون محبت جا نياپا آهن. محبت جو اعتراف نہ هجي ها تہ قلم کي قوت نہ هجي ها. جيون جو جبل جيڪو جهاڳڻ لاءِ مليو، جهاڳي نہ سگهان ها. قطرو قطرو زندگي ملي.“ (پنھنجي پاران تان ورتل)
اسان کي خاطري آهي تہ اڳ وارن ڪتابن، جن جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان، جيان هي ڪتاب بہ رنگ لائيندو. ليکڪہ سان گڏ اداري جو نالو بہ اوچو ڪندو.
ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
چيئرمين
پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچي