ناول

مينھان ۽ نينھان (ٽي ناوليٽ)

ميڊم جھان آرا سومرو تسلسل سان افسانوي ادب لکندي رھي آھي. سندس ڪھاڻين ۽ ناولن جا ڪردار ۽ واقعا آس پاس جي حالتن ۽ واقعن مان ئي کنيل آهن. نھايت سادي اسلوب ۽ وڻندڙ ٻولي ۾ لکي ٿي. ھن ڪتاب ۾ سندس ٽي ناوليٽ ”زينت چري آھي“، ”من اندر جا لوچ“ ۽ ”مينھان ۽ نينھان“ شامل آھن. ڪلاسيڪل ٻوليءَ ۾ لکيل هي ٽئي ناوليٽ سنڌي ادب ۾ پنھنجي منفرد سڃاڻ رکن ٿا.

Title Cover of book مينھان ۽ نينھان (ٽي ناوليٽ)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪارہ ۽ ناول نگار جھان آرا سومرو جي ٽن ناوليٽن تي مشتمل ڪتاب ”مينھان ۽ نينھان“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ميڊم جھان آرا سومرو تسلسل سان افسانوي ادب لکندي رھي آھي. سندس ڪھاڻين ۽ ناولن جا ڪردار ۽ واقعا آس پاس جي حالتن ۽ واقعن مان ئي کنيل آهن. نھايت سادي اسلوب ۽ وڻندڙ ٻولي ۾ لکي ٿي. ھن ڪتاب ۾ سندس ٽي ناوليٽ ”زينت چري آھي“، ”من اندر جا لوچ“ ۽ ”مينھان ۽ نينھان“ شامل آھن. ڪلاسيڪل ٻوليءَ ۾ لکيل هي ٽئي ناوليٽ سنڌي ادب ۾ پنھنجي منفرد سڃاڻ رکن ٿا.
ھي ڪتاب 2022ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون علي بخش پٺاڻ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مھربانيون ادي جھان آرا سومرو جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com