ناول

مينھان ۽ نينھان (ٽي ناوليٽ)

ميڊم جھان آرا سومرو تسلسل سان افسانوي ادب لکندي رھي آھي. سندس ڪھاڻين ۽ ناولن جا ڪردار ۽ واقعا آس پاس جي حالتن ۽ واقعن مان ئي کنيل آهن. نھايت سادي اسلوب ۽ وڻندڙ ٻولي ۾ لکي ٿي. ھن ڪتاب ۾ سندس ٽي ناوليٽ ”زينت چري آھي“، ”من اندر جا لوچ“ ۽ ”مينھان ۽ نينھان“ شامل آھن. ڪلاسيڪل ٻوليءَ ۾ لکيل هي ٽئي ناوليٽ سنڌي ادب ۾ پنھنجي منفرد سڃاڻ رکن ٿا.

Title Cover of book مينھان ۽ نينھان (ٽي ناوليٽ)

پنھنجي پاران

سدرة المنتھٰي جو پن چُريو- ھڪ روح روانو ٿيو- جيتامڙيءَ جو- ڌرتيءَ ڏانھن- ساھن جو انبار کڻي- سفر توري ڳوٿريءَ ۾ ڏنو ويو- احساسن ۽ جذبات سميت- رستي ۾ ملندڙ خوشين ۽ ايذائن جي ميراث بہ ميڙڻي ھئي- مليل ذميواري (Task) آسان نہ ھيو- رستو اڻانگو- واٽ تي رھبرن سان رھزن بہ گڏ- سڃاڻپ پاڻ کي ڪرڻي هئي. راحتن سان مشڪلاتون بہ گڏ- پر پار ڪرڻو آھي.
ٻَڌي مُون پِرينِ،کڻي وڌو ٻارِ ۾،
اُڀا ائين چَوَنِ، مَتان پاندُ پسائين.
وجود تہ محبت جي تخليق آھي ۽ محبت اھا ڳنڍ، جنھن سان جيون جو پن ڳنڍيل. اھا ڳنڍ کُلي تہ نزول ان دنيا ۾ جيڪا اڳيان وڃي بيڪران ٿيندي- سمنڊ جيان- طرحين طرحين ڦھلاءَ- ڪٿي ماٺيڻا ڪٿي پُرجوش- لطيف محسوسات، اکين جو مسحور ٿيڻ، لھرن جي لوڇ، جيڪا گرفت ۾ ئي نہ اچي. بس مبھوت ڪري اکين اڳيان دلفريب حريري پردا تاڻي ڇڏي- وقت جي تيز رفتار پرن تي رکيل زندگيءَ جي نالي وارو خواب، ساعت، ساعت جا بدلجندڙ نظارا، کن پل جا مسرور ڪندڙ احساس، ھڪڙي دم جي وندر، جدائيءَ جي چڀيل ڪنڊي جي ايذاءَ جي ”ويسر“- ”جدائي“ ان ازلي محبت جي، جنھن جو اظھار وجود جي تخليق آھي. ”وجود“ جنھن کي زندگيءَ جو رانديڪو ڏئي موڪليو ويو، اصل جي ڳولھا لاءِ ”اصل“ جنھن جو ادنيٰ حصو وجود آهي. اصل، جيڪو محبت آهي. جنھن جو وڇوڙو وندر ۽ بھلاون جي سنگت ۾ بہ وجود جي اندر واري اُساٽ کي اجهائي نہ سگهي ۽ اڻڄاڻائپ ۾ اهو تلاشيندو رھندو آهي، پنھنجي ان ”اصل“ کي جنھن جو جيتامڙو حصو هو پاڻ آهي. گڏوگڏ مليل ذميواري (Task) بہ نڀائڻو هوندو آهي.
جيتامڙي بہ تلاشيندي رهي- رزق ووڙڻ سان گڏ، ذميوارين نڀائڻ سان گڏ، جيڪي نياپا سفر سان گڏ توري ڳوٿريءَ ۾ ڏنا ويا، اهي پھچائڻ سان گڏ- ان ڳجهارت جي ٻُجهڻي اتي ملي، جتي ان ادنيٰ وجود جو سِرُ سجدي ۾ ڪريو. اندر واري اُساٽ گواهي ڏني، ”ھا“ اھا ئي تہ آهي انھيءَ محبت جي معراج، جنھن کي وجود سڄي عمر ڪنھن ٻئي ڏس سان تلاشيندو رھي ٿو. انھيءَ محبت جي چوڌاري تہ سڄي ڪائنات طواف ڪري ٿي. ان لامحدود، لافاني سچ جو حصو ئي تہ آھي ھر جيتامڙي تخليق. هر جيتامڙو ڪوھہ ندا جي سڏ تي ھر وندر ھر راحت ڇڏي، لبيڪ چوندو پنھنجي اصل، پنھنجي محبت ڏانھن ڊوڙندو وڃي ٿو. سندس رستو ڪھڙو بہ ھجي، يقين ڪھڙو بہ هجي منزل تہ بس اها ئي هڪ آھي.
پر ترسو- سچ کي پوري طرح پروڙڻ بہ ضروري آھي. سفر توري ڳوٿريءَ ۾ وجهي موڪلڻ جو مقصد رڳو سفر پورو ڪرڻ ناھي. واٽ تي ملندڙ خوشين ۽ ايذائن جي ميراث بہ ميڙڻي آھي. ساھن جي ھڙ بہ ايمانداريءَ سان خرچ ڪرڻي آھي. مليل ذميواريون بہ چڱي طرح نڀائڻيون آھن. مليل نياپا لفظن جي سڳي ۾ پوئي پھچائڻا آهن. تڏھين تہ مليل (Task) پورو ٿيندو. اھائي محبت آھي اھا ئي عبادت آھي.
محبت ڇا آھي؟ ڪائنات جو محرڪ، ڪائنات جي تخليق جو ڪارڻ محبت آھي- ابھم ٻار جي چپن جي پھرين خالص مُرڪ، مکڙيءَ مان ٽڙندڙ نڪور گل جي خوشبوءِ، ڌرتيءَ مٿان وڇايل واريءَ جي مثقالن جون حسين بناوتون ”محبت“ آھي. پيدا ڪرڻ واري جي محبت جو عظيم ثبوت ”انسان“ آھي. مٽيءَ جو ”خمير“
”مٽي“ جيڪا ھر ھنڌ پئي ھوندي آھي. بي قيمت، بي حيثيت. رکي رک مٽيءَ تي پيار واري پاڻيءَ جي پالوٽ ٿئي تہ مُرڪي جيئري ٿيو پوي- گل گلزار بڻيو وڃي- ڪُنڀار جي مھربان ھٿن سان ڳوھجي ”چڪ“ تي پوندي آھي تہ ٺاھڻ واري جي محبت سان سھڻي شڪل وارن مرتبانن ۾ مجسم ٿي ويندي آھي. گويا، محبت اھو سحر آھي جيڪا بي جان ۾ جان وجهي ان کي انمول بنائي ٿي.
منھنجو ”ايمان“ محبت آھي. منھنجيون لکڻيون محبت جا نياپا آھن. محبت جو اعتراف نہ ھجي ھا تہ قلم کي قوت نہ ھجي ھا. جيون جو جبل جيڪو جهاڳڻ لاءِ مليو، جهاڳي نہ سگهان ھا. قطرو قطرو زندگي ملي.
”محبت واري راند اکين تي“
وک وک ھلندي، ڏھاڪا ٽپي ويا. ساھي کڻڻ لاءِ ڪو دم ترسڻو پيو تہ ھٿن ۽ چھري جي گهنجن تي پار ڪيل عرصو نظر آيو. پر اکين جي آئيني ۾ نون سالن جي ھيسيل اٻاڻڪي ڇوڪري نظر آئي. جيڪا اڄ بہ ان چوواٽي تي بيٺي، ان رستي لاءِ واجهائي رھي ھئي، جيڪو ان کي منزل تائين پھچائي. هن جي رهنما، هن جي وجود کي دنيا ۾ وٺي اچڻ واري هن جي محبوب هستي، هن کي شروع سفر ۾ اڪيلو ڇڏي واپس وڃي چُڪي هئي. شايد ان ڪري تہ اڳتي هن کي بنا ڪمزور ٿيڻ جي اڪيلو سفر ڪرڻو هو. پنھنجي مليل ڳوٿريءَ جي آسري- ان محبوب هستيءَ کيس الوداع ڪندي چيو هو:
”وڃ لعل وڃ- وڃي پڙھہ“
هن کي مليل حوصلو، همت ۽ اها طاقت هئي، جنھن جي آسري هن کي سفر جاري رکڻو هو. اکين جي آئيني جيڪو ڏيکاريو ائين لڳو ڄڻ ان نَون سالن جي ڇوڪريءَ وقت جي سفر (Time Travell) ۾ سڌو سنئون 2021ع ۾ ٽپو ڏنو ھجي. ان وچين سفر ۾ ڪو ننڍپڻ ھوندو، ڪا جواني ھوندي، جوڀن وارا ھار سينگار ھوندا، محبتن ۽ لذتن وارا لمحا ھوندا، پر وقت جي ان اک ڇنڀ واري سفر (Time Travell) ۾ سڀ تيز رفتاري (fast forward) سان اڳتي وڌي ويا. ۽ ان فلم ۾ تہ پوئتي ورڻ (rewind) وارو (option) ذريعو ئي نہ ھيو. پر جيڪي حقيقتون سفر ۾ ميڙيون، اها ميراث ضرور حاصل ٿي.
منھنجي ان محبوب هستيءَ هدايت ڪئي هئي تہ، ”پڙھہ“ جيڪو پڙهائڻ پئي چاهي، اهو سمجهو ۽ پڙهيو. اڄ ان کي چوڻ ٿي چاهيان، ”اي منھنجي جنت، منھنجي وجود جو ڪارڻ تنھنجي ٻرندڙ ڏيئن جھڙن نياپن (ڇپيل ۽ اڌ لکيل تحريرن) جي جوت کي جيئري رکڻ جي عزم ئي مون کي همت ۽ اهو حوصلو ڏنو، جنھن جي مدد سان حالات ۽ مشڪلات سان جنگ ڪندي سفر جي اڄوڪي پڙاءَ تي پھتي آهيان. جيون جو جبل جهاڳندي ڪيترا خوشين جا موتي ميڙيا، ڪيترا ڪنڊا پيرن ۾ چڀيا، ڪيترن پٿرن ڦٽيو، ان جو ذڪر پنھنجي آتم ڪٿا ”جيتامڙي“ ۾ ڪري رهي آهيان. پنھنجي هڪ ڪھاڻيءَ ۾ هڪ نظم لکي ھيم:
ان ماڳ تي، ان موڙ تي،
ھل تہ موٽي ھلون، جهولي ڇنڊيون،
سڀ ڪک ڪنڊا، ڇاڻي ڇڏيون،
بس گل کڻون،
پوئتي رهيل ڪي محبتون،
وسري ويل ڪي چاهتون،
ميڙي کڻون، ٻيھر جيئون.
اھا تہ خواھش آھي يا ڪا حسرت پر جڏھين پوئتي ورڻ rewind جو ڪو ذريعو option ئي ڪونھي تہ ان واٽ تي ڪيئن ٿو موٽي سگهجي. جهوليءَ ۾ نھاريان ٿي تہ بيشمار لفظ لڇندا نظراچن ٿا. اظھار لاءِ تڙپندڙ، پر صحت جي کوٽ ۽ توانائيءَ جي گهٽتائيءَ سبب لکجن نہ ٿا. ان لاءِ ئي ڏات ڌڻين کي صلاح آھي تہ پنھنجين آڱرين کان جيترو اظھار ڪرائي سگهن تہ ضرور ڪن. دماغ ۾ موجود ھيرن جي کاڻين کي کولڻ ضروري آھي. علم جي خزانن سان ٻوليءَ کي مالامال ڪيو. ان کان اڳ جو وقت توانائي کڻي ھليو وڃي، لاٽ کٽڻ لڳي ۽ ھٿ اجهامڻ لڳن. منھنجين لکڻين ۾ وقت جا وقفا رھيا. ان جو سبب اڳين ڪتابن ۾ بيان ڪري چڪي آھيان. جيڪو وقت توري ڳوٿريءَ ۾ وجهي اماڻي وئي هئم ان جو گهڻي قدر ڀاڱو ذميوارين نڀائڻ ۾ کپي ويو. هر عورت جيان منھنجي مقدر ۾ بہ درجو اڌ پر ذميواريون ٻيڻيون آيون. ان لاءِ ڪو پڇتاءُ بہ ناھي. ڇاڪاڻ تہ اھو جبر نہ ھيو، محبت جو ئي ڦھلاءُ ھيو. منھنجي رهنما تہ مون کي اوائلي عمر ۾ وچ رستي تي ڇڏي وئي پر مون کي ان جي جانشينيءَ واري جاءِ ڀرڻي هئي. جيڪو وقت تور ۾ مليو، ان جو بيشتر حصو پنھنجي اولاد جي پالنا، تربيت ۽ رهنمائيءَ ۾ گذريو. جڏهن ڪنھن مرحلي تي اولاد جي ڪنھن اضافي ذميداريءَ جو مرحلو اچي بيھندو هو تہ پين ۽ پنا ويڙھي ڪٻٽن جي خانن ۾ سانڍڻا پوندا ھئا. جڏهن ذميداريءَ کان فارغ ٿيندي هيم تہ ڳولي ڳولي پنا ٻاھر ڪڍڻا پوندا ھئا. پين جي مس سڪي چڪي ھوندي ھئي، خيال وکري چڪا ھوندا ھئا. جن کي سھيڙڻو پوندو ھيو. قلم کي ٻيھر فعال بڻائڻو پوندو هيو. منھنجا ٻار جيڪي منھنجي وجود جو حصو آهن، منھنجي هر راحت ۽ هر درد جا شريڪ آهن. منھنجي طاقت بہ آهن تہ ڪمزوري بہ. هر مرحلي تي منھنجا مددگار هوندا آهن. ان ڪري ئي تہ مون کي ٻٽين ذميوارين کي نڀائڻ ۾ مدد ملي. ڪوشش ڪندي هيم تہ لکڻين جي تسلسل تي وقفي جو پاڇو نہ پوي. ذميدارين سان گڏ ڏات جو قرض بہ ادا ٿيندو رھي. آسپاس کان مٺيون محبتون، ڪڙيون حقيقتون گڏ ڪري جيڪو عطر ڪشيد ڪيو اھو ”ماءُ منھنجو جندڙو“ جي نالي سان، اکين جيڪي سچ ڏٺا، اندر جيڪي ايذاءَ محسوس ڪيا، اُھي ”مان جيڪر گل ھجان ھا“ ۾ ڏيکاريا. ٽين ڪتاب ”سوغات“ ۾ رشتن جا قيمتي موتي پوئي پيش ڪيا.
منھنجو ھي چوٿون ڪتاب ”مينھان ۽ نينھان“ ٽن ناوليٽن تي مشتمل آهي. ”زينت چري آ“ انھن عورتن جي نشاندهيءَ لاءِ جيڪي پنھنجي وجود جي بيقدري ڪن ٿيون ۽ موٽ ۾ ٻين کان بہ کين بي حيثيت هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي ٿو. اگرچہ اهو ناولٽ مون ويھہ سال اڳ لکيو هو. پر ان جو سچ ڪلھہ بہ سچ هيو، اڄ بہ سچ آهي ۽ سڀاڻي بہ رهندو. جيسيتائين عورت پنھنجي وجود، پنھنجي حيثيت کي مردن جي تارازيءَ ۾ توريندي رهندي، کيس بي وزن هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ئي ملندو رهندو. ۽ هوءَ پاڻ کي جيتامڙي ئي سمجهندي رهندي. اڄ جي ضرورت اها آهي تہ هن کي بي وزن هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ واري معاشري کي اها حقيقت ذهن نشين ڪرائڻي پوندي تہ جيتامڙي ڀلي ننڍڙو جِيوُ هجي. پر هوءَ پنھنجي ڪٽنب لاءِ پنھنجي وت، وزن کان وڌيڪ ٻوجهہ کڻندي آهي. پنھنجي ناتوان وجود جي پرواھہ نہ ڪندي ويراني توڙي وسوَن ۾ هر هنڌ پاڻ کان وڏن جيون کان بي خوف محنت ۽ جدوجھد ۾ لڳي پئي هوندي آهي.
”من اندر جا لوچ“ خالص محبت جي ڪھاڻي آهي. جذبات جي انمول موتين سان پوتل مالھا آھي. محبت جي روحاني، پاڪيزہ مرتبي جي نشاندهي آهي. اها ڪھاڻي اڳ ”سوجهرو“ ۾ ڇپجي چڪي آھي ۽ تمام گهڻي پسند ڪئي وئي آھي.
”مينھان ۽ نينھان“ شاھہ رح جي بيت جي عنوان سان لکيل ڪھاڻي آهي.
مــــيــنھان ۽ نـــيـــنھان، ٻـــــــئــي اکـــــــر هيڪڙي،
جي وسڻ جا ويس ڪري تہ ڪڪر ڪن ڪِينھان،
بــــــــــادل ٿــــــي بيھان، جــــــي آگـــم اچڻ جا ڪري.

انھن ٽن سٽن ۾ مينھن جي تشبيھہ وٺي، نينھن جي شدت واري تڙپ ۽ وڇوڙي جي بيقراري ۽ وصل جي آس جي جيڪا ڳجهارت جوڙي وئي آهي اها منھنجي هن ڪھاڻيءَ ۾ سمويل آھي. ان ۾ محبت جي معراج کي نہ پھچڻ جي تڙپ آھي. پر ان تڙپ ۾ برباد ٿيڻ جي ترغيب بدران محبت جي واٽ تي ملندڙ خوشين ۽ ايذائن جي ميراث ميڙي سفر جاري رکڻ جي سکيا آھي. ساھن جي ھڙ کي ايمانداريءَ سان خرچ ڪري مليل ڪم (Task) پورو ڪرڻ جي هدايت آھي. اها ڪھاڻي منھنجي هن وقت تائين لکيل سڀني تحريرن ۾ مون کي وڌيڪ پسند آهي. اميد تہ پڙهندڙن کي بہ منھنجو هي چوٿون ڪتاب پسند ايندو.
مان انھن ڀائرن جي احسانمند آھيان، جن مونکي ھن ڪتاب جي اشاعت ۾ مدد ڪئي. سڀ کان پھريان مان پنھنجي ڀاءُ محمد علي پٺاڻ جي بيحد ٿورائتي آھيان، جنھن منھنجي پھرين ڪتاب کان وٺي اڄ تائين نہ رڳو مون کي پنھنجي تحريرن کي نروار ڪرڻ لاء اتساھيو پر ان ڏس ۾ منھنجو ڀرپور ساٿ بہ ڏنو. ڀاءُ محمد علي پٺاڻ جو لکيل فليپ منھنجي ڪتاب لاءِ اعزاز آھي.
علي بخش پٺاڻ نہ رڳو منھنجي هنن ناوليٽن تي تبصرو ڪيو آهي، پر هِن ڪتاب جي جوڙجڪ ۾ سندس تمام گهڻو سھڪار رهيو. جنھن محنت ۽ خلوص سان هُن ڪتاب جي مواد جي ڪمپوزنگ ڪئي ۽ تمام گهڻي احتياط سان هر شئي جو خيال رکيو، ان لاءِ مان سندس ٿورائتي آهيان.
مان ڊاڪٽر نواب ڪاڪا جي پڻ تمام گهڻي شڪر گذار آھيان، جو ھن پنھنجو قيمتي وقت ڪڍي منھنجي ڪتاب لاءِ تفصيلي جائزو لکيو.
محترم شوڪت حسين شورو جي وڏي مھرباني، جنھن سٺن لفظن ۾ ڪتاب بابت لکيو. ۽ ڊاڪٽر شيرمھراڻي جا وڏا ٿورا جنھن تمام گهڻي باريڪ بينيءَ سان ڪھاڻين جو مطالعو ڪيو ۽ تفصيلي راءِ لکي.
ڀاءُ ننگر چنا جي بہ ٿورائتي آھيان، جنھن ڪتاب جي فليپ لاءِ سٺا لفظ لکيا.
آخر ۾ پيڪاڪ پبلڪيشن ڪراچيءَ جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. منھنجي پھرين ڪتاب کان وٺي هن چوٿين مجموعي تائين پيڪاڪ جي سموري سٿ مون سان تمام گهڻو سھڪار ڪيو آهي. ڪتابن جي لي آئوٽ سيٽنگ کان وٺي مارڪيٽنگ تائين تمام گهڻو خيال رکيو ۽ ڪتابن کي تڪميل تائين پھچايو. ان لاءِ مان سندن ٿورائتي آهيان
ٿورا ئي ٿورا مون تي ماروئڙن جا.

جھان آرا سومرو
28-01-2021
ڄامشورو