زينت چري آ
”شبانہ تون منھنجي زندگي آهين. مان توکان سواءِ جيئرو رهي نہ سگهندس“ اسلم بيحد جذباتي انداز ۾ شبانہ کي چيو.
شبانہ جي ڳلن جا گلاب ٽڙي پيا هن شرمائيندي چيو:
”اسلم مان زندگيءَ جي آخري دم تائين تنھنجي ٿي رهنديس“
اسلم سندس هٿ، پنھنجي هٿن ۾ جهليندي چيو:
”بدتميز نالائق، توکي شرم نہ ٿو اچي، ڪلاس ۾ ويھي رسالا ٿي پڙهين“ ٽيچر غوثيہ سٽ ڏئي زينت کان رومانوي رسالو کسيندي چيو.
زينت ڇرڪ ڀري اسلم ۽ شبانہ جي ڪھاڻيءَ مان نڪري آئي. هو ڳچ دير کان ڪلاس جي پوئين ڊيسڪ تي ويھي رومانوي رسالو پڙهي رهي هئي. ۽ افساني جي سحر ۾ ائين محو ٿي وئي هئي، جو کيس خبر ئي نہ پئي تہ ڪھڙي وقت ٽيچر ڪلاس ۾ آئي ۽ چُپ چُپ ڪري اچي سندس مٿان بيٺي. ٽيچر غوثيہ کيس تنبيھہ ڪندي چيو:
”زينت، جيڪڏهن اڳتي مون توکي ڪلاس ۾ رومانوي رسالا پڙهندي ڏٺو تہ پرنسپل کي شڪايت ڪنديمانءِ.“
زينت سعادت منديءَ سان ڪنڌ لوڏي چيو، ”معاف ڪيو آپا آئندہ نہ پڙهندم.“
پر ڀلا ائين ٿي سگهيو ٿي تہ زينت رومانوي رسالا پڙهڻ ڇڏي ڏي. اهڙيون معافيون تہ هوءَ ڪيترائي ڀيرا وٺي چُڪي هئي. پر روماني رسالن پڙهڻ جو جنون نہ ڇڏي سگهي هئي. اهي ڪھاڻيون هن کي خوابن جي اهڙي دنيا ۾ وٺي وينديون هيون جتي هوءَ پاڻ کي ڪھاڻيءَ جي هيروئن سمجهندي لفظن جي خوبصورت گلستان ۾ ٽلندي وتندي هئي.
هوءَ هيٺئين ۽ وچولي طبقي جي وچ واري شريف ۽ روايت پرست گهراڻي جي ڇوڪري هئي. هن جي زندگي اسڪول کان گهر ۽ گهر کان اسڪول تائين محدود هئي. باقي دنيا جا سڀ حسين رنگ هن افسانن ۽ ڪھاڻين ۾ ڏٺا هئا. پيءُ آفيس ۾ هيڊ ڪلارڪ هو. سڄو ڏينھن پنھنجي ڪم ۽ ڌنڌن سان گهر کان ٻاهر رهندو هو. ماءُ سڌي سادي گهريلو عورت هئي. هن کي خبر ئي نہ پوندي هئي تہ زينت پنھنجي ڪمري ۾ ويٺي اسڪول جو ڪم ٿي ڪري يا ڪتابن جي وچ ۾ لڪائي ڪو رومانوي رسالو ٿي پڙهي. هونئن بہ هن کي روڪ ٽوڪ ڪرڻ وارو ڪونہ هو. هوءَ چئن ڀائرن ۾ سڪيلڌي ڀيڻ هئي. شڪل صورت ۾ بہ سھڻي هئي. ان ڪري پيءُ ماءُ پنھنجي حور پريءَ جھڙي ڌيءُ کي ڏسي پيا ٺرندا هئا.
زينت عمر جي ان دور ۾ هئي، جتي جواني اچي در کڙڪائيندي آهي ۽ ننڍپڻ موڪلائيندو آهي. بدن جي باغ ۾ بھار ايندو آهي. بُت ۾ مٺڙي مٺڙي پيڙا جاڳندي آهي. انگ انگ ۾ جوڀن جي سُڳند رچي ويندي آهي. اکين تي آرس چڙهي ويندا آهن ۽ اکيون جاڳندي خواب ڏسنديون آهن. هوءَ تہ هونئن ئي خوابن جو مسافر هئي. افسانوي رنگين دنيا هن کي ڏاڍو موهيندي هئي. رومانوي ڪھاڻين ۾ ايڏو تہ کوئجي ويندي هئي، جو پاڻ کي ڪھاڻين جي هيروئن سمجهڻ لڳندي هئي. جيڪا اوچتو ڪنھن موڙ تي ڪنھن خوبصورت، سمارٽ ۽ دولتمند، سھڻي جوان سان ٽڪرائجي ويندي هئي. ۽ پوءِ محبت جو سلسلو نوجوان جي قيمتي ڪار جي سير کان شروع ٿي وڃي محلن ۾ نڪرندو هو. تڏهن ئي ڪو وِلين، ڪا ويمپ يا دولت جي ديوار ٻن دلين جي وچ ۾ اچي ويندي هئي پر سچي محبت سڀ ديوارون ڊاهي وڃي منزل ماڻيندي هئي.
زينت جي زندگيءَ ۾ بہ سچ پچ اهڙو موڙ اچي ويو پر ڪجهہ جدا نموني جو. اونھاري جي ٽاڪ منجهند هئي. تيز ساڙيندڙ جهولو ٿي لڳو. ان ڏينھن اسڪول جي موڪل کان پوءِ هوءَ پنھنجي سھيليءَ سان ڪچھريءَ ۾ ايتري تہ محو ٿي وئي جو هن جي پاڙي جون ڇوڪريون بہ گهر هلي ويون. هن کي احساس ٿيو تہ هوءَ اٿي جلدي برقعو پائي گهر رواني ٿي وئي. گهر ڪو گهڻو پري نہ هو پر سخت گرميءَ جي ڪري هر ڪو گهر اندر هو. ان ڪري گهر واري گهٽي بہ سُڃي لڳي پئي هئي. هوءَ جيئن ئي وڏي گهٽي ٽپي گهر واري گهٽيءَ ڏانھن لڙي تہ سامھون ايندڙ سائيڪل سان ٽڪرائجي وئي. ڪتاب سندس هٿن مان ڇڏائجي گهٽيءَ ۾ پکڙجي ويا. هوءَ ٿاٻڙجندي وڃي ڀت وٽ ڪري. سائيڪل سَوار پنھنجي سائيڪل اتي ئي ڦٽي ڪري هن ڏانھن ڀڳو ۽ هن کي ڀت سان ٽڪرائجڻ کان بچائڻ لاءِ پنھنجي ٻانھن جو سھارو ڏئي جهليائين. زينت جو برقعو بہ لھي ويو ۽ وار وکرجي ويا. ڪاري برقعي جي ڪڪرن مان نڪتل چنڊ جھڙو چھرو ڏسي سائيڪل وارو نوجوان مھوت ٿي کيس ڏسڻ لڳو.
پاڻ کي هڪ ڌارئي نوجوان جي ڀاڪر ۾ ڏسي ڪاوڙ ۽ شرم وچان زينت جو چھرو ڳاڙهو ٿي ويو. هن هڪدم کيس پري ڌڪو ڏنو ۽ پنھنجو برقعو ٺاهڻ لڳي. نوجوان بہ پنھنجن حواسن ۾ موٽي آيو ۽ شرمسار ٿي سندس گهٽيءَ ۾ پکڙيل ڪتاب ميڙيندي چيائين:
”معاف ڪجو، مان توهان کي نہ ڏٺو“
اهو سانوري رنگ جو سنھڙو، سڪڙو نوجوان هو. هن کي ناسي رنگ جي سلوار قميص پاتل هئي. زينت چُپ چاپ کانئس ڪتاب ورتا ۽ ان ڳالھہ جو شڪر ادا ڪندي گهر رواني ٿي تہ کيس ان حالت ۾ ڪنھن پاڙيواري نہ ڏٺو، ورنہ ڏاڍي خواري ٿئي ها.
هوءَ اندر ڪمري ۾ ويٺي فرش کي پوچي ڏئي رهي هئي تہ ٻاهران ورانڊي مان ڪو ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌڻ ۾ آيس. جا تيزيءَ سان هلندڙ هٿ رڪجي ويا. هوءَ پوچيءَ وارو ڪپڙو اتي ئي ڇڏي اٿي ۽ بي آواز قدمن سان هلندي ڪمري جي دروازي ڏانھن وئي. دروازي جي تاڪ مان آهستي آهستي وڌائيندي ٿورو مُنھن ٻاهر ڪڍي ڏٺائين سامھون صندل تي سندس ماءُ ويٺي سلائي مشين هلائي رهي هئي. ان جي سامھون ساڳيو نوجوان ڪرسيءَ تي ويٺو هو، جنھن جي سائيڪل سان هوءَ ٻہ ٽي ڏينھن اول ٽڪرائجي وئي هئي.
ان وقت ماڻس سان ڳالھائيندي نوجوان جون نظرون سامھون کڄيون تہ هن دروازي جي اوٽ مان هوري هوري ظاهر ٿيندڙ زينت جو چھرو ڏٺو ۽ حيرت وچان سندس وات کُلي ويو. ان وقت الائي ڪٿان ڪا مک اڏامندي آئي، جيڪا سندس کُليل وات ۾ هلي وئي. هو زور زور سان کنگهيو ۽ پوءِ کنگهہ ۾ ٻُٽجي ويو. زينت کان بي اختيار ٽھڪ نڪري ويو. ۽ پوءِ هوءَ پيٽ کي هٿ ڏئي کلندي اندر ڀڄي وئي. پٺيان ماڻس سڏ ڪيو:
”زينت، او زينت پاڻيءَ جو گلاس تہ ڀري اچ جلدي.“
زينت پنھنجي کِل تي ڪنٽرول ڪندي ٻاهر نڪتي ۽ پاڻيءَ جو گلاس ڀري کڻي آئي.
”منير کي ڏي پاڻي“ ماڻس چيو، ”ويچاري جي نڙي سُري وئي آ“
هن گلاس منير ڏانھن وڌايو. منير گلاس وٺندي کنگهندي هن ڏانھن ڏٺو. هن جو چھرو کلڻ سبب گلابي ٿي ويو هو.
منير پاڻي وٺي ٻاهر اڱڻ ۾ وڃي گرڙيون ڪرڻ لڳو.
”زينت، تو منير کي ڪونہ سڃاتو؟“ ماڻس چيو، ”شھداد ڪوٽ واري ادي رحمت ﷲ جو پُٽ آهي نہ“
رحمت ﷲ سندن ڏاڏاڻو مائٽ هو. ڪڏهين ڪڏهين شادي غميءَ تي ساڻن ملڻ ٿيندو هو. سو بہ وڏا ايندا ويندا هئا. باقي ڪٽنب جا ننڍا ورلي ملندا هئا. البتہ ڪجهہ ڏينھن اڳ هن کي اها ڳالھہ ٻڌڻ ۾ آئي هئي تہ منير کي اتي ڪنھن آفيس ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ملي وئي هئي. منير اتي پرڻيل وڏي ڀيڻ جي گهر ۾ رهندو هو. نوڪري بہ ڪندو هو ۽ وڌيڪ پڙهائيءَ جي تياري بہ ڪندو هو.
خالي گلاس زينت کي واپس ڏيندي منير چور نظرن سان ڏانھس ڏٺو ۽ هوءَ چپن ئي چپن ۾ مٿس کلندي گلاس کڻي رڌڻي ڏانھن هلي وئي. منير ڳچ دير اتي ويٺو رهيو ۽ سندس نظرون زينت جي تلاش ۾ ڀٽڪنديون رهيون. پر هوءَ ٻاهر نہ نڪتي. آخر منير موڪلائي اٿيو.
”پُٽ ايندو ڪر نہ“ زينت جي ماءُ کيس چيو.
”ها چاچي ايندس“ هن وراڻيو ۽ پوءِ کيس خدا حافظ چئي ٻاهر نڪتو. هاسيڪار ٿورو وڪڙ ڪر رڌڻي وٽان لنگهيو ۽ لنگهندي رڌڻي ڏانھن ڏٺائين، جتي زينت منجيءَ تي ويٺي توريون ڇلھي رهي هئي. زينت هن کي ڏسي آهستي کِلي ۽ منجي سوري ڀت جي اوٽ ۾ ٿي وئي.
ان رات جڏهن هوءَ سمھڻ لاءِ کٽ تي ليٽي تہ سمورا واقعا کيس ترتيب وار ياد آيا. هن جو منير سان گهٽيءَ ۾ ٽڪرائجڻ، منير جو سندن گهر ۾ اچڻ ۽ کيس چوريءَ چوريءَ تڪڻ، گويا محبت جي افساني جي شروعات ٿي چڪي هئي.
منير جي سندن گهر ۾ اچ وڃ شروع ٿي چڪي هئي. هو شرميلو ۽ شريف ڇوڪرو هو. هن زينت سان ڪڏهن بہ ڳالھائڻ جي ڪوشش نہ ڪئي. بس جڏهن بہ ايندو هو چوري چوري کيس تڪيندو هو. ان وقت زينت کي افسانن جا اهي سوٽيڊ بوٽيڊ ٻھڪندڙ خوبصورت هيرا ياد ايندا هيا، جيڪي پنھنجي محبوبائن کي ڇيڙيندا هيا. ساڻن محبت وارا ڊائلاگ ڳالھائيندا هيا. پر منير انھن کان صفا ابتڙ هو. سھڻو بہ نہ هو ۽ سدائين سلوار قميص پائيندو هو، جيڪا هن جي سنھڙي بُت تي بنھہ ڪونہ ٺھندي هئي. هن جون گونگيون مشتاق نظرون ڏسي زينت سوچيندي هئي، ”ڀلا هي ڏٻرو ڊڄڻو ڇوڪرو ظالم سماج جو ڪھڙي طرح مقابلو ڪري سگهندو.“
پر هن جي محبت واري افساني ۾ نہ ڪو ظالم سماج آيو نہ ئي ڪو ولينِ ويمپ. چند مھينن تائين منير جي اکين جي ٿڪائيندر اکٻوٽ هلي، جنھن کان پوءِ هن جو پيءُ رحمت ﷲ ٻہ ٽي دفعا آيو. سندس پيءُ ماءُ سان الائي ڪھڙيون ڳالھيون ڪيائين. زينت جي ماءُ چيو:
”زينت جا پيءُ چڱا بيٺل ماڻھو آهن. پنھنجي رت هڏ آهن، سِڪَ سان ساهن ٿا تہ هائو ڪري ڇڏ.“
پڻس چيو، ”اڃان تہ زينت ننڍي آ، توکي ڪھڙي تڪڙ لڳي آ؟“
ماڻس چيو، ”چوندا آهن تہ کير اگهامي تہ ڌونئري تائين نہ ڌرجي. ڇوڪرو لياقت وارو آهي. هڻي ماري هنڌ ڪندو. جواب ڏيڻ جو ڪو ڪارڻ ئي ڪونھي.“
پڻس ڪجهہ دير سوچڻ کان پوءِ چيو، ” چڱو ڀلا، ﷲ توهار ٿا ڪيون.“
اونھارو گذريو، سيارو شروع ٿيو تہ زينب جو وڏي ڌام ڌوم سان منير سان مڱڻو ٿي ويو. زينت کي رکي رکي حيرت ٿي لڳي تہ آخر اهو سڀ ڪجهہ سولائيءَ سان ڪيئن ٿي ويو. نہ محبت ۾ ڪا رڪاوٽ آئي نہ ئي آزمائش. هن کي ٿورو اهو بہ محسوس ٿيو تہ هن جي ڪھاڻيءَ جو هيرو نہ ڪنھن عاليشان بنگلي جو مالڪ هو نہ ئي وٽس ڪا قيمتي ڪار هئي. هو تہ هڪ ننڍڙو ڪلارڪ هو، جيڪو سائيڪل تي هلندو هو. پر تڏهن بہ هوءَ جڏهن آڱر ۾ مڱڻيءَ جو ويڙھہ پائي پھريون دفعو اسڪول وئي تہ سھيلين جو شوق ۽ حسرت ڀريل نظرون ڏسي هن کي عجيب خوشي محسوس ٿي.
هن جي مڱڻيءَ کان پوءِ رمضان جي پھرين عيد هئي. زينت گلابي وڳو پائي هار سينگار ڪري تيار ٿي هئي. سندس پيءُ جڏهن عيد گاھہ کان واپس موٽيو تہ منير بہ ساڻس گڏ آيو. منير جو آواز ٻڌي زينت جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي. هنن جي گهراڻي ۾ مڱيندي جي مُنھن پوڻ جو رواج نہ هو. ان ڪري هوءَ ڊوڙي وڃي رڌڻي ۾ ويٺي ۽ پليٽن ۾ سَيون لاهڻ لڳي.
”پُٽ تون ويھہ اتي، سَيُون وغيرہ کاءُ تہ مان ادا جن سان عيد ملي اچان.“ زينت جي پيءُ منير کي چيو. پوءِ پُٽن کي ساڻ ڪري ڀاءُ جي گهر عيد مبارڪ ڏيڻ هليو ويو.
زينت جي ماءُ رڌڻي مان سَينِ جي پليٽ کڻي آڻي منير کي ڏني. زينت رڌڻي ۾ ويٺي کين ڳالھائيندو ٻڌندي رهي. ٿوري دير کان پوءِ ماٺ ٿي وئي. زينت ليئو پائي ٻاهر ڏٺو. ماڻس ڪنھن ڪم سان مٿي ماڙيءَ تي وئي هئي. سامھون ورانڊي جي ٺلھہ وٽ منير سين جي پليٽ هٿ ۾ جهليون چور نظرن سان رڌڻي ڏانھن ڏسي رهيو هو. کيس جيئن ئي زينت جي جهلڪ نظر آئي. هن هڪدم سين جي پيلٽ کٽ تي رکي ۽ تڪڙو رڌڻي ڏانھن ويو. زينت هن ڏانھن ڏٺو. هو سندس سامھون بيٺو پوريون اکيون کولي کيس يڪ ٽڪ ڏسي رهيو هو. پوءِ هن جهڪي سندس هٿ پڪڙيو ۽ سندس چھري ڏانھن جهڪندي چيائين:
”عيد مبارڪ“
زينت شرمائجي هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن سندس هٿ نہ ڇڏيو. ٻي هٿ سان پنھنجي کيسي مان ڪا شئي ڪڍي سندس هٿ تي رکي ۽ آهستي چيائين:
”اڄ تون ڏاڍي سھڻ ٿي لڳين“
ان وقت ڏاڪڻ تان زينت جي ماءُ جي لھڻ جو آواز آيو تہ منير سندس هٿ ڇڏي ٻاهر ڀڳو ۽ ٺلھہ وٽ وڃي سين جي پليٽ کڻي سيون کائڻ لڳو. زينت پنھنجي هٿ ۾ جهليل ڳاڙهي پني کي کولي ڏٺو ان ۾ اڇن ٻڙن وارا ٻہ نقلي والا جهم جهم ڪري رهيا هيا. پيار جي ان پھرين تحفي تي هن جي دل باغ بھار ٿي وئي.
اونھاري جي ٽاڪ منجهند هئي. گهر جا سڀئي ڀاتي وڏي ڪمري ۾ ننڊ پيا هئا. زينت پنھنجي ڪمري ۾ کٽ تي ليٽي رومانوي رسالو پڙهي رهي هئي. هر طرف گهري سانت ڇانيل هئي، جنھن ۾ رڳو پراڻي ڇت پکي جو گهرڙ گهرڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. ان وقت ٻاهريون در کڙڪيو. هن رسالو اونڌو ڪري وهاڻي تي رکيو ۽ اٿي چمپل پائي ٻاهر نڪتي. اکڻ ۾ تيز اُس پکڙيل هئي. هوءَ اکين اڳيان هٿ جهلي دروازي وٽ آئي. بولٽ ڪيرائي دروازو ٿورو کولي ٻاهر ڏٺائين. ٻاهر منير بيٺو هو. زينت کي ڏسي هن جون واڇون ٽڙي ويون. چيائين، ”مان رات هتي ڪتاب وساري ويو هئس.“
”هن ٽاڪ منجهند جو ياد پيو اٿئي“ زينت دروازو بند ڪندي چيو.
”در تہ بند نہ ڪر“ منير در جي وٿيءَ ۾ هٿ ڏئي کيس در بند ڪرڻ کان روڪيو، ”آفيس کان هن وقت تہ موٽيو آهيان، سڀاڻي منھنجي ٽيسٽ آ“ هو در کولي اندر ٽپي آيو.
”اندر وڃي ڳولھہ“ زينت ائين چئي تڪڙي پنھنجي ڪمري ڏانھن هلي وئي. منير بہ پٺيان سندس ڪمري ۾ آيو. دٻيل آواز ۾ چيائين:
”مان ايڏي گرميءَ ۾ آيو آهيان، توکي احساس ئي ڪونھي.“
زينت رئو مٿي تي ڪري پٺيري ٿي بيھي رهي. منير جي ويجهڙائيءَ جي احساس کان هن جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي. هن وڌي پنھنجا ٻئي هٿ سندس ڪلھن تي رکيا ۽ کيس پاڻ ڏانھن موڙيندي چيائين:
”مان ڪتاب لاءِ ٿورئي آيو آهيان، مان تہ توکي ڏسڻ آيو آهيان“
”ڇو؟“ زينت پڇيو.
”تنھن جي سِڪَ لڳي هئي.“ منير چيو، ”مون کي خبر هئي تہ هن وقت سڀ ننڊ پيا هوندا ۽ تون رسالا پڙهندي هوندينءَ“
”توکي ڀئو نہ ٿو ٿئي؟“ زينت سندس هٿ ڪلھن تان پري ڪندي چيو.
”ڀئو ڇو ٿيندو؟“ منير سندس هٿ پڪڙيندي کيس پاڻ ڏانھن ڇڪيندي چيو، ”مان ڪو بزدل آهيان ڇا“
زينت ڇڪجي وڃي سندس ڇاتيءَ سان لڳي. هن ٻئي ٻانھون ورائي کيس سوگهو ڪيو. زينت سٽ ڏئي پنھنجو پاڻ ڇڏايو ۽ ٻنھي هٿن سان دروازي ڏانھن ڌڪيندي چيائين:
”بابو اٿيو نہ تہ بھادري ڏيکاري ڇڏيندئي چڱي طرح.“
منير ٻاهر نڪرڻ نہ ٿي چاهيو پر زينت جي جوڀن جي طاقت سان ڀريل هٿن سندس سنھڙي بُت کي ٿيلھي ڪمري کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هن جي ٻاهر نڪرڻ شرط زينت دروازو بند ڪري هڪدم بولٽ چاڙهي ڇڏيو ۽ دريءَ جي شيخن وٽ بيھي کيس کِلي ڏسڻ لڳي. هو ٺلھہ جي ڀرسان بيٺو خار کائيندي کيس ڏسي رهيو هو.
”بس طاقت بہ ايتري اٿئي نہ؟“ زينت کِلي کيس چيڙائيندي چيو.
”بيھہ، تون مون وٽ اچ، ڏيکاريندومانءِ طاقت“ منير کاڏيءَ تي هٿ ڦيرائيندي چيو.
اهڙين کٽ مٺڙين ڳالھين ۾ وقت گذري ويو. منير بي ڪام پاس ڪئي. منير جي پيءُ جي مرضي هئي تہ منير کي ڪا سُٺي نوڪري ملي تہ پوءِ سندس شادي ڪن. پر منير کي زينت جي جهاتي پائيندڙ جلون ايترو تہ بي قرار ڪيو هو، جو هو وڌيڪ انتظار ڪرڻ لاءِ تيار نہ هو. ۽ هن جي ضد اڳيان مجبور ٿي گهر وارن کي وهانوَ جي تِٿ ٻڌڻي پئي.
زينت سوچيو، ”هي محبت جي ڪھاڻي تہ مختصر نڪتي. هوءَ خوشبخت تہ بنا ڪنھن آزمائش جي بامراد منزل تائين پھچي وئي.“
ونواھہ کان وهانوَ تائين وارا ست ڏينھن بہ عجيب ڪيفيت سان ڀريل هئا. اڻ ڄاتل جذبن جون بجليءَ جي لھرن جھڙيون ڪتڪتايون ڏيندڙ سوچون، بي قابو ڌڙڪنون ۽ بي ترتيب خيال، شاديءَ واري رات عجيب طلسماتي رات هئي. سرتين هن کي سينگاريو. ڳاڙهي وڳي، زيورن ۽ گلن هن جي روپ کي چار چنڊ لڳايا.
ان رات مدهوشيءَ جي سحر ۾ هلندي هوءَ منير جي سيج تي پھتي. سونھن ۽ سُڳنڌ جو اهو اڻ ملھہ تحفو جڏهن منير جي آغوش ۾ آيو تہ هن کان ان موقعي لاءِ ياد ڪيل سڀ ڊائلاگ، تعريفون ۽ تمھيدون وسري ويون. هن کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ هو ڇا چوي. بس هِن هُن جي مھڪندڙ، ٻھڪندڙ وجود کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي سندس ڪن ۾ ڀڻڪيو:
”هاڻي ٻڌاءِ طاقت آهي يا نہ؟“
جھڙي طرح فلم جي وچ ۾ انٽرويل ٿيندي آهي، اهڙي طرح زندگيءَ جي عرصي ۾ بہ هڪڙي انٽرويل ايندي آهي، شاديءَ جي رات“ هڪ اهڙي رات، جنھن جي پل پل ساعت ساعت انسان پنھنجي مرضي ۽ خوشيءَ جي گذاريندو آهي. ان وقت نہ ڪو فڪر هوندو آهي نہ غريبيءَ جو غم نہ روزگار جي ڳڻتي. منير بہ ان رات جو هڪ هڪ لمحو مسرتن جي نشي ۾ مدهوش ٿي گذاريو. اهو چوڏهينءَ جو چنڊ، جنھن جي هڪ جهلڪ لاءِ هو سڪڻن جيان واجهائيندو هو، سندس جهوليءَ ۾ لھي آيو هو. ۽ هن جي اڃايل اکين کي ان جا جلوا ڏسڻ لاءِ ڪا پابندي ڪا روڪ ٽوڪ نہ هئي.
منير ان هيٺئين وچولي طبقي جو فرد هو، جيڪو پنھنجي سفيد پوشيءَ جي ڀرم رکڻ لاءِ پيو پيڙبو آهي. ۽ پاڻ کي ڪنھن ڳڻ قطار ۾ رکڻ لاءِ هن وٽ سواءِ کوکلين روايتن جي علمبردار هجڻ جي ٻي ڪابہ دعويٰ نہ هوندي آهي. هو هيو تہ معمولي ڪلارڪ پر خواب وڏا وڏا ڏسندو هو ۽ پنھنجي خوابن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ نوڪريءَ سان گڏو گڏ تعليم بہ جاري رکندو هو. هن جي طبيعت ۾ اڳتي وڌڻ جي اڻ تڻ تمام هئي. ۽ زينت سان شادي ڪرڻ بعد اها اڻ تڻ ويتر وڌي وئي هئي. زينت جي محبوب وجود، جتي هن جي زندگيءَ کي هڪ خوبصورت موڙ ڏنو هو. زينت کي هڪ پر آسائش، خوشحال زندگي ڏيڻ هن جو اولين مقصد بنجي ويو هو. هو گهڻي کان گهڻي محنت ڪري ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳي ويو.
انھن ڏينھن ۾ هن کي ترقي ڏئي دادو موڪليو ويو، جتي کيس ٻن ڪمرن وارو ننڍڙو ڪواٽر بہ کاتي طرفان مليو. زينت جي زندگي ۽ ان جو مقصد بہ بدلجي ويو هو. هوءَ ان ننڍڙي ڪواٽر ۾ بہ تمام گهڻو خوش هئي. هن رومانوي ڪھاڻيون پڙهڻ ڇڏي ڏنيون هيون. هن جي سمورين مصروفيتن جو عنوان منير هو. هوءَ منير لاءِ ماني پچائيندي هئي، سندس ڪپڙا ڌوئي استري ڪري رکندي هئي. سندس بوٽ پالش ڪري رکندي هئي. گهر جي ڪم ڪار بعد جيڪو وقت ملندو هيس تہ منير جو انتظار ڪندي هئي. هن پيڪن ڏانھن وڃڻ بہ ڇڏي ڏنو هو. ڇاڪاڻ تہ منير هن کي هڪ ڏينھن لاءِ بہ پاڻ کان پري رکڻ پسند نہ ڪندو هو. هو بہ سواءِ آفيس جي ۽ ضروري ڪم ڪار جي گهر کان ٻاهر نہ رهندو هو. هن جون سموريون دلچسپيون ۽ تفريحون بس زينت جي دلنواز صحبت ۾ لڪل هيون. هنن جي زندگي تمام گهڻي پُرسڪون ۽ مثالي هئي. منير کي ڪا بہ فضول عادت نہ هئي. ۽ زينت بہ مھانگي زال نہ هئي. هن جو حُسن ڪنھن سينگار جو محتاج نہ هو. شاديءَ کان اول هوءَ هر نوجوان ڇوڪريءَ جيان هار سينگار ۽ ميڪ اپ کي پسند ڪندي هئي پر شاديءَ کان پوءِ هن جون ترجيحات بدلجي چڪيون هيون. هوءَ منير ۽ گهر جي باري ۾ اول سوچيندي هئي ۽ پنھنجي لاءِ بعد ۾.
زينت ڪم ڪار لاهي اندر ڪمري ۾ آئي. منير اڃان تائين ميز تي ٽيبل ليمپ اڳيان ويٺو پڙهي رهيو هو. سندس اڳيان ٽيبل تي ڪتاب ۽ فائيل کُليا پيا هيا. زينت سندس اڳيان ٽيبل تي چڙهي ويٺي ۽ پڇيائين:
”آخر تون ايتري محنت ڇالاءِ ٿو ڪرين. اسان خوش آهيون پنھنجي حال ۾.“
منير ڪتاب بند ڪري ٽيبل تي رکيو ۽ سندس اُجرا هٿ پنھنجن هٿن ۾ جهليندي چيائين، ”مان محنت ڪري وڏو امتحان پاس ڪرڻ ٿو چاهيان تہ جيئن وڏي نوڪري ڪري پنھنجي راڻيءَ کي نوڪر چاڪر رکي ڏيان تہ جيئن هي گلن جھڙا هٿڙا ڪم ڪري ڪري خراب نہ ٿين.“
هن واري واري تي زينت جا ٻئي هٿ چُميا.
”سرڪار“ زينت سندس وارن ۾ هٿ گهمائيندي چيو، ”توڙي تون نوڪر رکندين تہ بہ تنھنجو ڪم تہ مان انھن ئي هٿن سان ڪنديس.“
”تون منھنجون عادتون جو خراب ڪري ڇڏيون آهن“ منير چيو، ”نہ مون کي ڪنھن ٻئي جي هٿ جي ماني وڻندي آهي نہ ڪو ٻيو ڪم. تون ڄاڻي واڻي مون کي پنھنجو محتاج ڪيو آهي نہ.“ منير کلڻ لڳو.
”ها نہ“ زينت کيس چيڙائيندي چيو، ”توکي اهڙو کاريو اٿم جو مجال آ جو ڪنھن ٻي عورت ڏانھن اک کڻي ڏسين.“
کن پل ٻئي کلندا رهيا پوءِ منير پنھنجو مٿو سندس جهوليءَ ۾ رکندي چيو، ”زينت تون تہ منھنجي گل ڦل راڻي آهين. مان توکي ڪم ڪار ڪندي ڏسندو آهيان تہ ڏک ٿيندو اٿم. مان تنھنجي خاطر محنت ڪري ايتري ترقي ڪندس تہ جيئن توکي دنيا جو هر سُک مھيا ڪري سگهان.“
”منير“ زينت سندس وارن ۾ آڱريون گهمائيندي چيو، ”منھنجو سُک، منھنجيون خوشيون تہ تنھنجي سِر سان آهن. تون مون سان گڏ آهين تہ هي ننڍڙو ڪواٽر بہ منھنجي لاءِ جنت آهي ۽ زينت پنھنجي جنت ۾ خوش آهي.“
”ان ڪري جو زينت چري آ“ منير اٿيو ۽ کيس ننڍڙن ٻارن جيان هنج ۾ کڻي کٽ ڏانھن ويو ۽ ويندي ويندي چيائين، ”زينت تون ڪيڏي تہ هلڪڙي آهين. ڪڏهن بہ ٿلھي نہ ٿجانءِ. مون کي ٿلھيون مايون بنھہ ڪونہ وڻنديون آهن.“
مئي جو مھينو هو. رات جو بہ گرم جهولو لڳندو هو. منير اڱڻ ۾ ميز ڪرسي رکي ليمپ تي ويھي پڙهندو هو. هو تحريري امتحان پاس ڪري چڪو هو ۽ زباني امتحان لاءِ تياري ڪري رهيو هو. زينت غسلخاني ۾ وهنجڻ وئي هئي. هن کي اميدواري هئي. گرميءَ ۽ طبيعت جي خرابيءَ کيس ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. کيس ماني صفا نہ وڻندي هئي. منير ليڊي ڊاڪٽر کان سندس چڪاس ڪرائي هئي، جنھن کيس تاڪيد ڪيو هو تہ هوءَ گهڻو آرام ڪري ۽ خوراڪ جي گهٽتائي پوري ڪرڻ لاءِ ميوو گهڻي انداز ۾ واپرائي. منير جي وس ۾ هجي ها تہ هو زينت لاءِ ميووي جا ڍير لڳائي ڇڏي ها. پر هن جو کيسو تنگ هو. ٿوري پگهار مان پڙهائي ۽ امتحان جي خرچن بعد ايترو پئسو مشڪل سان بچندو هو جو مھيني جو گذر سفر ٿي سگهي. هو ڪوشش ڪري ٿورو ٿڪو ميوو تہ وٺي ايندو هو پر گهڻي ڪنجوسيءَ بعد بہ بجليءَ جو پکو نہ وٺي سگهيو هو. زينت گرميءَ کان بچڻ لاءِ هر هر غسلخاني ۾ وڃي پاڻي وَسائيندي هئي.
زينت وهنجي ٻاهر نڪتي تہ منير کي ڪتاب اڳيان جهلي ڪنھن سوچ ۾ گم ڏٺائين. هوءَ هلي سندس ڀرسان آئي ۽ پڇائين:
”ڪھڙي سوچ ۾ گم آهين منير“
منير هن جي آواز تي خيالن مان نڪري آيو ۽ زينت ڏانھن ڏٺائين، جنھن کي سادي وائل جا ڍلا ڪپڙا پاتل هئا. جيڪي سندس آلي جسم کي چھٽيل هيا. ڀنل وار چيلھہ تائين پکڙيل هيا. چھري تي عجيب تازگي ۽ چمڪ هئي. هوءَ پنھنجي وڌيل پيٽ ۽ بي ڊولي جسم جي باوجود منير کي ڏاڍي وڻي.
”اڄ پڙهڻ تي دل نہ ٿي چوي“ منير اٿندي چيو، ”مٿي ۾ سُور بہ آهي.“
”اچ تہ زور ڏيانءِ“ زينت کٽ تي ويھندي چيو.
هو وڃي کٽ تي ليٽيو. زينت مٿن کان ويھي کيس زور ڏيڻ لڳي. هلڪي لوڏي سان زينت جي چيلھہ تي پکڙيل ڀنل وارن جون پڇڙيون وڃي ٿي منير جي چھري سان لڳيون. ڪي سنھڙا پاڻيءَ ڦڙا منير جي چھري تي ٿي ڪريا. ان گرم رات ۾ گرم چھري تي ڪرندڙ برکا جون اهي معمولي بوندون ڄڻ سُرور جي ڪا لھر کڻي ٿي آيون.
منير هٿ وڌائي زينت جا ڀنل وار کڻي پنھنجي منھن تي پکيڙي ڇڏيا ۽ ٿڌي سُرور واري احساس کان سندس اکيون بند ٿي ويون.
زينت جي ٻار ڄڻڻ جو وقت ويجهو اچي ويو. منير هن کان پري رهڻ لاءِ تيار نہ هو. پر زينت جو پيڪي گهر وڃي ويم ڪرڻ ضروري هو. ڇاڪاڻ تہ هن کي ان وقت ۾ پنھنجن جي مدد ۽ خدمت جي ضرورت هئي. ان ڪري منير دل تي پٿر رکي کيس سندس پيءُ سان وڃڻ جي اجازت ڏني. جيڪو خاص طور تي کيس وٺڻ آيو هو. زينت ان سان گڏ پيڪن ڏانھن هلي وئي. ۽ هڪ هفتي بعد اتي کيس پُٽ ڄائو. پُٽ ڄمڻ جو ٻڌي ٻن ڏينھن بعد منير بہ اتي اچي پھتو ۽ زينت کي ڏسڻ شرط کيس کِلي خوشخبري ٻڌايائين:
”زينت، مان امتحان ۾ پاس ٿي ويس“
پوءِ هو ننڍڙو پُٽ هنج ۾ کڻي ويٺو. امتحان جي ڪاميابي ۽ پُٽ ڄمڻ جي خوشيءَ وچان هن جو چھرو ٻھڪي رهيو هو.
زينت تندرست ٿيڻ بعد پنھنجي گهر هلي وئي ۽ زندگي وري روان دوان ٿي وئي. ننڍڙو احسان ڇا ڄميو ڄڻ هنن جي لاءِ خوشين جو دروازو کلي ويو. هڪ مھيني اندر منير کي سٺي گريڊ واري نوڪريءَ جو آرڊر مليو. هن لفافو زينت کي ڏيکاريندي چيو:
”زينت هاڻي اسان حيدرآباد هلي رهنداسين. ڏسجانءِ اسان جلد ئي پنھنجو گهر ٺاهينداسين. فرنيچر وٺنداسين. تون جيڪو چوندينءَ توکي وٺي ڏيندس.“
زينت ننڍڙي احسان کي وهنجاريندي ڏانھس مرڪي ڏٺو.
”تون خوش نہ ٿي ٿئين زينت؟“ منير سندس ڀرسان وڃي پڇيو.
زينت ننڍڙي کي ٽوال ويڙهي کٽ تي ويھاريندي چيو:
”منھنجي خوشي تہ تون آهين، تون خوش تہ مان خوش.“
منير ٽوال ۾ ويڙهيل ننڍڙي احسان کي هنج ۾ کڻي سندس گول مٽول ڳل چمندي چيو:
”پر مان تہ توکي خوش رکڻ لاءِ ٿو پاڻ پتوڙيان نہ، توکي بنگلو وٺي ڏيان، ڪار وٺي ڏيان. مان دنيا جو هر سُک توکي مھيا ڪري ڏيڻ ٿو چاهيان.“
”منير“ زينت محبت ڀريل نظرن سان کيس ڏسندي چيو، ”منھنجو اصل سُک ۽ خوشي تہ تنھنجي محبت ۽ ساٿ آهي، اهو مون سان گڏ آهي تہ مون جھڙو ڪو امير ئي ڪونھي.“
”يار، تنھنجون ڳالھيون ٻڌي سچ پچ لڳي ٿو تہ“ منير کلي کيس ڏٺو ۽ چيو، ”زينت چري آ“
نئين نوڪريءَ منير جي حالت ئي بدلائي ڇڏي. هڪ سال جي عرصي ۾ هو ماضيءَ کي ڪوهين پوئتي ڇڏي آيو. فضل ربيءَ واري نوڪري هئي. جنھن ۾ پئسو ۽ حرص وڌندو ئي ويندو آهي. پھرين هڪ سال ۾ هن مسواڙ تي گهر ورتو ۽ ان کي سنواريو، سينگاريو. اسڪوٽر ورتو. ٽين سال جي شروعات ۾ هن ذاتي ڪار ورتي ۽ گهر لاءِ پلاٽ ورتو. ان سال زينت کي ٻيو ٻار ڄمڻ وارو هو. منير کي دادوءَ وارو اهو وقت ياد هو، جڏهين احسان ڄمڻ وارو هو. کيس ڪو کاڌو نہ وڻندو هو ۽ هو چاهڻ جي باوجود هن لاءِ سٺي خوراڪ جو بندوبست نہ ڪري سگهندو هو. زينت کي گرمي گهڻي لڳندي هئي پر هو کيس گرميءَ کان بچائڻ لاءِ پکو بہ نہ وٺي ڏئي سگهيو هو. ڇاڪاڻ تہ ان وقت وٽس پئسو نہ هو. پر هن وقت هن وٽ پئسي جي ڪمي نہ هئي. ان ڪري هن زينت کي هر سُک ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هن گهر ۾ ايئرڪنڊيشنر لڳرايو، رڌ پچاءَ لاءِ بورچي رکيو ۽ هن جي کائڻ پيئڻ لاءِ طرحين طرحين شيون ۽ ميوا وٺي فرج ڀري ڇڏيندو هو. پنھنجن هٿن سان ميوي جو رس ڪڍي کيس پيئاريندو هو.
زينت شھر جي سڀ کان مھانگي ۽ سُٺي اسپتال ۾ پُٽ کي جنم ڏنو. ان ٻار جي پيدائش تي زينت کي تمام گهڻي تڪليف ۽ طبيعت جي خرابيءَ سان مُنھن ڏيڻو پيو. هوءَ سوچڻ لڳي تہ جڏهين سُک ۽ سھولتون مُيسر نہ هيون تہ هن کي پھرين ٻار جي پيدائش تي گهڻي تڪليف نہ ٿي پر جڏهين هر شئي جي فراواني آهي تہ هن کي ڪيئن نہ گهڻي تڪليف ڏسڻي پئي. ليڊي ڊاڪٽر منير کي تاڪيد ڪندي چيو:
”توهان جي مسز کي هن ٻار سان ڪجهہ ڪامپليڪيشن ٿي ويو آهي، ان ڪري اوهان کي ٻي ٻار لاءِ ڪجهہ سالن جو وقفو ڪرڻو پوندو“
زينت کي هميشہ کان خواهش هئي تہ هن کي ننڍڙي ڌيءُ هجي، جنھن کي هوءَ سنواري سينگاري خوش ٿئي. پر منير کيس چيو:
”زينت اسان کي ڪنھن بہ شئي جي ڪمي ناهي. ٻہ پُٽ آهن، اهي ڪافي آهن اسان جي خوش رهڻ لاءِ، ان ڪري مان آئندہ توکي هن تڪليف ۾ وجهڻ نہ ٿو چاهيان.“
ٻي پُٽ ذيشان جي ڄمڻ بعد منير جي ڪاميابين ۽ ترقيءَ جو سفر اڃا بہ تيز ٿي ويو. گهر ۾ خوشين ۽ آسائشن جو واڌارو ٿي ويو. ائين ٿي لڳو ڄڻ قدرت هن جي مٿان نوازشن جو دروازو کولي ڇڏيو هو. هن کي پنھنجو معيار بلند کان بلند ڪرڻ جو اهڙو چشڪو لڳي ويو هو جو هو قناعت ڪري ويھڻ بدران ترقيءَ جي جدوجھد ۾ مصروف ٿي ويو. دولت جي بارش هن جي روپ ۽ مزاج کي بہ بدلائي ڇڏيو هو. هاڻي هو اڳيون سنھڙي بُت وارو سانورو منير نہ پر ڀريل صحتمند جسم ۽ کلندڙ رنگ وارو بردبار مرد هو. هن جي ڪٻٽن جا وارڊ روب قيمتي مھانگن لباسن سان ڀريل هوندا هئا. هن جي بُت مان هر وقت مھانگين سينٽن ۽ عطرن جي خوشبو ايندي هئي. نہ بدلي هئي تہ زينت ۽ منير جي محبت. منير اڄ بہ زينت سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو. هن جي ناز برداري ڪندو هو. ۽ زينت جي زندگيءَ ۾ منير جي اهميت اڃا بہ وڌي وئي. ٻن ٻارن جي سار سنڀال جي باوجود هن جو ڌيان منير تان نہ هٽيو هو. گهر ۾ نوڪرن چاڪرن هوندي هوءَ منير جو هر ننڍو وڏو ڪم پاڻ ڪندي هئي. هن جي ماني پنھنجي هٿن سان پچائيندي هئي.سالھا سال جي خدمت ۽ پرواھہ منير کي نازڪ مزاج بنائي ڇڏيو هو. ۽ گذريل چند سالن جي پُر آسائش زندگي هن جي عادتن کي نئين تشڪيل ڏئي ڇڏي هئي. هو مختصر ۽ سٺو کاڌو کائڻ جو عادي ٿي ويو هو. جيڪو زينت پاڻ هن لاءِ پچائيندي هئي. ٿانون تي يا ٻين شين تي مٽيءَ جي ٿوري دز بہ بداشت نہ ڪندو هو ۽ هن جي انھن عادتن جي ڪري زينت گهر کان ٻاهر وڃڻ کان ڪيٻائيندي هئي.
”زينت هي ڏس“ هڪ ڏينھن منير زينت آڏو وڏو نقشو ڦھلائيندي چيو، ”هي تنھنجي بنگلي جو نقشو آهي“
”سچ“ زينت نقشي ڏانھن ڏسندي چيو.
هن جي چھري تي اهڙي خوشي ظاهر ٿي، جيڪا خواهشن پوري ٿيڻ وقت ٿيندي آهي.پنھنجي گهر جو خيال ئي ماڻھوءَ کي تحفظ ۽ سڪون جو احساس ڏياريندو آهي. هن وقت تائين هنن ٽي مسواڙي گهر مٽايا هيا ۽ زينت جي خواهش هئي تہ هوءَ جلد ئي اهڙي گهر ۾ رهي، جيڪو پنھنجو هجي. جتان ٻي هنڌ وڃڻ جو خفو نہ هجي.
”نقشو پاس ٿي ويو آهي. بس ٺيڪيدار کي آرڊر ڏيڻو آهي تہ جلد کان جلد بنگلي جو ڪم شروع ڪري“ منير نقشو ويڙهيندي چيو. پوءِ هو اٿي زينت جي ڀرسان بيٺو ۽ ٻانھون ورائي کيس ڀاڪر ۾ ڀريند چيائين:
مان جلد کان جلد توکي تنھنجي گهر ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو.“
”ڇڏ“ زينت آهستگيءَ سان پاڻ ڇڏائيندي چيو، ”ٻار ڏسندا تہ ڇا سوچيندا. شاديءَ کي ڇھہ سال ٿي ويا آهن ۽ توکي اڃا تائين ٿيون مستيون سجهن.“
”ڇو مان ڪو ڪراڙو ٿي ويو آهيان ڇا جو مستيون نہ ڪيان“ منير پنھنجي گرفت سوڙهي ڪندي چيو.
”مان تہ پراڻي ٿي وئي آهيان نہ“ زينت چيو.
”ڪير ٿو چوي تہ تون پراڻي آهين“ منير کيس وٺي ڊريسنگ ٽيبل جي سامھون وڃي بيھاريو، ”اڃا تہ من لڳي پئي آهين“
پوءِ سندس ڪن ۾ آهستي چيائين، ”البتہ ٿوري ٿلھڙي ٿي پئي آهين“
منير بنگلي جي تعمير شروع ڪرائي. تعمير سان گڏو گڏ باغيچي جي جوڙجڪ بہ شروع ڪئي. انھن ڏينھن ۾ هن کي ترقي بہ ملي ۽ هو ان عھدي تي پھچي ويو، جنھن کي ماڻھو ناڻي جي ندي بہ سڏيندا آهن. زينت روز شام جو منير سان گڏجي مرحلي مرحلي ٺھندڙ پنھنجي گهر کي ڏسندي هئي. ۽ ان ڏينھن جو انتظار ڪندي هئي، جڏهن هوءَ هميشہ لاءِ اچي پنھنجي گهر ۾ رهندي. خوابن ۽ انتظارن جا ٻہ ڊگها سال گذري ويا تہ زينت جو بنگلو بہ تيار ٿي ويو. ۽ باغ ۾ پوکيل وڻ ۽ ٻوٽا بہ وڏا ٿي ويا. هوءَ جڏهين گهر مالڪياڻيءَ جي حيثيت رهڻ لاءِ پنھني گهر ۾ گهڙي تہ خوشيءَ وچان هن جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا.
هن جي منير سان گڏجي پنھنجي ان جنت کي پنھنجين خواهشن ۽ آرزوئن مطابق سينگاريو. گهر ۾ مھانگا غاليچا، فانوس، پردا ۽ مھانگو فرنيچر سجايو. سڄي گهر جو سڀ کان خوبصورت ڪمرو هن جو ۽ منير جو بيڊ روم هو. جنھن جي جھازي سائيز جي ڊبل بيڊ ۽ ڊريسنگ ٽيبل کان وٺي ڪمري جي هر شئي عاليشان ۽ خوبصورت هئي. زينت ايتري بخت جو تصور ئي نہ ڪيو هو، جيڪو نصيب سان هن کي مليو هو. خوبصورت گهر، اعليٰ معيار واري رهائش، بي پناھہ محبت ڪرڻ وارو مڙس، ٻہ سھڻا پُٽ. هوءَ دادوءَ واري سوڙهي ڪواٽر کان هلي هڪ عاليشان بنگلي تائين پھتي هئي.
اها هڪ عورت جي حدِ ڪماليت هئي
اعليٰ معيار واري پُر آسائش زندگيءَ جتي منير کي تبديل ڪندي وئي اتي زينت ۾ بہ بدلاءُ آندو هو. هن جي سنھڙي چيلھہ جا لَڪ ڀرجي ويا هئا. پيٽ تي بہ ڪجهہ قدر چرٻي چڙهي وئي هئي. هوءَ اڳي واري نازڪ اندام ڇوڪري زينت نہ پر هڪ بردبار صحتمند عورت هئي. منير معاشري جي اهڙي طبقي جو فرد بنجي چڪو هو، جنھن جو رنگ روپ ۽ حدون ئي الڳ هونديون آهن. هو زينت کي بہ ان طبقي جي تقاضائن مطابق ڏسڻ چاهيندو هو. پر زينت خالص گهريلو عورت هئي. هن جو ايمان مڙس ۽ گهر هو. هوءَ پاڻ کي سينگارڻ کان وڌيڪ اهم پنھنجي گهر سينگارڻ کي سمجهندي هئي. منير چاهيندو هو تہ هوءَ ٻين بيگمات وانگر هار سينگار ڪري ساڻس گڏ دعوتن ۽ محفلن ۾ شريڪ ٿئي. پر زينت جو پراڻو روح انھن محفلن ۾ شرڪت کي بي پردگي سمجهندو هو. هوءَ ان سوسائٽيءَ جي اصولن مطابق ورزش ۽ ڊائيٽنگ وسيلي پاڻ کي فٽ رکڻ ۽ پسند نہ ڪندي هئي. اهوئي سبب هو جو هن جي بُت تي چرٻيءَ جو تھہ چڙهي ويو هو.
انھن ڏينھن ۾ هنن جي بنگلي جي ڀر وارو بنگلو هڪ بزنس مين جاويد هاشمي خريد ڪيو ۽ اتي رهائش اختيار ڪئي. جاويد هاشمي ۽ ان جي گهر واري رفيعہ هاشميءَ سان جلد ئي هنن جو اچ وڃ جو تعلق ٿي ويو. رفيعہ هاشمي اوچي سوسائٽيءَ جي مخصوص حليي واري فيشن ايبل ۽ ماڊرن اڌڙوٽ عمر جي عورت هئي. پر رلڻي ملڻي طبيعت جي هئي، ان ڪري جلد ئي هنن سان سِڪ ۽ پنھنجائپ جو رشتو قائم ٿي ويو.
آچر جو ڏينھن هو. منير زينت ۽ ٻارن کي غلام محمد بئراج وٺي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. زينت ٻارن کي تيار ڪري رهي هئي تہ ان وقت مسز هاشمي اتي اچي نڪتي. ساڻس گڏ ڪٽيل وارن واري هڪ فيشن ايبل نوجوان ڇوڪري بہ گڏ هئي.
”زينت، هيءَ منھنجي ننڍي ڀيڻ گل اندام آهي“ مسز هاشميءَ ان جو تعارف ڪرائيندي چيو، ”هيءَ ڪجهہ ڏينھن مون وٽ رهڻ آئي آهي.، مون سوچيو توهان سان ملائي اچانس.“
زينت خوش اخلاقيءَ سان سندن آجيان ڪئي ۽ کين ويھڻ جي آڇ ڪئي. گل اندام ناز نخري سان ٽلندي وڃي ڪوچ تي ويٺي. هن جا تنگ ڪپڙا هن جي جسم جي ور وڪڙن کي لڪائڻ ۾ ناڪام هيا. ڪٽيل وارن جا ور وڪڙ ڪلھن تي پکڙيل هئا. چپ ۽ ڳل لاليءَ سان رچيل هيا. هوءَ ٽَنگ ٽَنگ تي چاڙهي ناز نخري سان ويٺي چوڌاري ڏسي رهي هئي.
ان وقت منير تيار ٿي اتي آيو. مسز هاشميءَ هن سان بہ پنھنجي ڀيڻ جو تعارف ڪرايو.
”هيلو“ منير مرڪي کيس کيڪاريو.
مسز هاشمي منير کي ۽ ٻارن کي تيار ڏسي پڇيو، ”منير صاحب توهان ڪيڏاهن وڃو پيا؟“
”ها بس اڄ ٻارن کي ٿورو آئوٽنگ تي وٺي وڃڻ جو پروگرام آهي.“
”سوري“ مسز هاشميءَ چيو، ”اسان شايد غلط وقت تي آيا آهيون.“
”نہ نہ خير آ“ منير چيو، ”توهان ويھو، اسان ڪجهہ دير بعد هليا وينداسين“ پوءِ ڪجهہ سوچيندي چيائين:
”مسز هاشمي، اوهان کي ڪو خاص ڪم نہ هجي تہ اوهان بہ اسان سان گڏ ڇو نہ ٿيون هلو. گڏجي انجواءِ ڪنداسين.“
مسز هاشمي کن پل سوچيو، پنھنجي ڀيڻ ڏانھن ڏٺائين ۽ پوءِ چيائين، ”گڊ آئڊيا، منير صاحب گڏجي ٿا هلون. گل جي بہ آئوٽنگ ٿي ويندي. مزو ايندو.“
”تہ پوءِ اچو تہ هلون“ منير ڪار جي چاٻي کڻندي چيو.
زينت اندران وڃي پنھنجو برقعو کڻي آئي. گل اندام جون اکيون حيرت مان کلي ويون. هن حيران ٿي پڇيو:
”مسز منير، اوهين برقعو پائي هلنديون؟!“
”زينت پردو ڪندي آهي“ مسز هاشميءَ کيس ٻڌايو.
”ريئلي!“ گل اندام بدستور حيرت ۾ هئي.
”ان ۾ هن ويچاريءَ جو ڪھڙو ڏوھہ؟“ مسز هاشميءَ زينت سان همدردي ڏيکاريندي چيو، ”هي مسٽر منير پاڻ ڏس ڪيڏو نہ سمارٽ ۽ ماڊرن آهي. پر پنھنجي گهرواريءَ کي پردي ۾ لڪائي ٿو رکي.“
منير شرمندہ ٿي زينت ڏانھن ڏٺو ۽ چيائين، ”اهڙي ڪا بہ ڳالھہ ناهي، مسز هاشمي منھنجي طرفان زينت کي ڪا بہ اهڙي پابندي ناهي. هيءَ پاڻ پنھنجي مرضيءَ سان برقعو پائيندي آهي.“
زينت ان سموري بحث دوران برقعو هٿ ۾ جهليون بيٺي واري واري سان هنن کي ڏسي رهي هئي.
”مسز منير، اسان سڀني جي وچ ۾ اوهان برقعو پائي هلنديون تہ ڏاڍو آڪورڊ لڳندو.“ گل اندام چيو. پوءِ کانئس برقعو وٺي پاسي تي رکيائين ۽ پيار وچان چيائين:
”اڄ کان برقعو ختم“
زينت بي بسيءَ مان منير ڏانھن ڏٺو. منير ڪنڌ لوڏي کيس گل اندام جي تائيد ڪرڻ جو اشارو ڪيو. زينت وٽ منير جو حڪم مڃڻ کان سواءِ ڪو چارو نہ هو. هوءَ ائين ئي ساڻن گڏ هلي.
ان ڏينھن جڏهن هو مٿي المنظر تي ويٺا هيا تہ ڪچھريءَ جي دوران منير جو ڌيان بار بار گل اندام ڏانھن ٿي ويو. گهميل هوا ۾ اڏامندڙ گل اندام جا وار، جن کي هٽائڻ لاءِ هن جا نيل پالش ۽ مُنڊين سان سينگاريل هٿ بار بار ٿي کڄيا. ڪپڙن جو اسٽائل ۽ ناز انداز سان ڳالھائڻ جو طريقو ڏسي منير جي دل ۾ خواهش اڀري تہ، ”ڪاش زينت بہ هن جھڙي ماڊرن هجي.“
ڪولڊ ڊرنڪ ختم ڪرڻ کان پوءِ گل اندام اٿندي چيو، ”اچو تہ ڀلا درياھہ تان گهمي اچون.“
”مون کي پاڻيءَ کان ڊپ لڳندو آهي“ زينت چيو.
هن جي اها ڳالھہ ٻڌي گل اندام کان ٽھڪ نڪري ويو. منير ٿورو شرمندہ ٿي ويو. مسز هاشمي ڳالھہ سنڀاليندي چيو:
”ڪائي ڳالھہ ناهي مان ۽ زينت هتي ويھي ٿا گپ شپ ڪيون، توهان ٻارن کي وٺي گهمائي اچو.“
مسز هاشمي ڏاڍي گهڻ ڳالھائڻي عورت هئي. هوءَ هر موضوع تي بنا ساهي پٽڻ جي ڳالھائيندي هئي ۽ ڪڏهن بہ سامھون واري جي رد عمل کي محسوس ڪرڻ جي زحمت گوارہ نہ ڪندي هئي. ان وقت بہ هوءَ ٻين بيگمات جا بکيا اڊيڙڻ ۾ مصروف هئي. زينت رڳو ڪنڌ لوڏڻ تائين محدود هئي. هن جو سمورو ڌيان سامھون درياھہ جي ڪپر ڏانھن هو، جتي منير ۽ گل اندام ٻارن سميت نظر ٿي آيا. خبر ناهي گل اندام منير سان ڪھڙي ڳالھہ ٿي ڪئي جو منير جو سڄو ڌيان مسلسل ان ڏانھن هو. خبر ناهي ڪھڙا اڻ ڄاتل وسوسا زينت جي ذهن ۾ اڀريا جن جي ڪري هوءَ پريشان ٿي وئي.
ان رات جڏهن هوءَ ٻارن کي سمھارڻ کان پوءِ پنھنجي بيڊ روم ڏانھن وئي تہ منير ننڊ پئجي چڪو هو. هوءَ ويتر پريشان ٿي وئي. منير عام طور تي هن جي بيڊ تي اچڻ کان اڳ ننڊ نہ ڪندو هو. هن جي سالن جي عادت هئي. هو جيسيتائين کيس ڀاڪر ۾ ڀري نہ سمھندو هو، کيس ننڊ نہ ايندي هئي. هوءَ بيڊ جي پاسي تي ويھي چوڌاري ڏسڻ لڳي. ڪمري جي هر هڪ شئي مھانگي ۽ قيمتي هئي. پر هن سوچيو سڀ کان وڌيڪ قيمتي ۽ اڻ ملھہ تہ اتي منير ئي هو. جنھن جي محبت جي ڇانوَ ۾ هن جو بخت هو. هن جي دل ۾ عجب وسوسا اڀرڻ لڳا. هن منير ڏانھن ڏٺو ۽ پنھنجي هٿ سان منير جي نرڙ تي پکڙيل وار هٽائيندي دل ۾ سوچيائين:
”منير، مان توکي ڪاٿي لڪايان جو توکي ڪو مون کان کسي نہ سگهي.“
هن جي آڱرين جي ڇھاءَ تي منير اکيون کوليون. ننڊ جي خمار سان ڀريل اکين سان ڏانھس ڏسي مُرڪيو ۽ ٻانھن ورائي ڇڪي کيس آغوش ۾ ڪيرايائين ۽ ٻانھن جي گهيري ۾ ڀري سُڪون سان ننڊ پئجي ويو.
”مان بہ ڪھڙن وهمن ۾ مبتلا ٿي وئي آهيان“ زينت سوچيو، ”منير منھنجو آ، مون کان ڪير بہ کسي نہ ٿو سگهي“ ۽ پوءِ پنھنجو مٿو منير جي سيني تي رکي سُمھي پئي.
ايندڙ ڪجهہ ڏينھن ۾ گل سندن گهر ۾ ائين هِري مِري وئي ڄڻ سندن ورهين جي واقف هئي. منير سان تہ هوءَ دوستن جيان بي تڪلف ٿي وئي. هن کي گفتگو ڪرڻ جو هنر ايندو هو. لباس پائڻ جو سليقو هيس. اعليٰ طبقي واري سوسائٽيءَ جي اٿڻ ويھڻ جا طريقا ڄاڻندي هئي. پاڻ کي هر وقت ٺاهي ٺڪي رکندي هئي.
منير جي همت افزائي ڪرڻ تي هوءَ سندن گهر جي هر هڪ شئي تي عمل دخل ڪرڻ لڳي. گهر کي سنوارڻ ۽ دعوتن جي انتظام ۾ مدد ڪرڻ کان وٺي ٻارن جي هوم ورڪ ۾ بہ سندن مدد ڪندي هئي.
”زينت، ٻارن جي پروگريس ڇو گهٽجي وئي آهي؟“ هڪ ڏينھن منير احسان ۽ ذيشان جا پروگريس ڪارڊ ڏسندي زينت کان پڇيو.
”خبر ناهي“ زينت صوفن جا ڪَوَر بدلائيندي چيو.
ان وقت منير گل ڏانھن ڏٺو، جيڪا سامھون ويٺي احسان ۽ ذيشان جي هوم ورڪ ۾ سندن مدد ڪري رهي هئي.
”گل، توهان ڏسو هنن جي پروگريس ڪھڙي سبب کان گهٽ ٿئي ٿي“ منير وڃي سندس ڀرسان بيٺو.
”منير صاحب ٻارن کي اسڪول ۽ ٽيوشن کان علاوہ گهر ۾ بہ اڪيڊمڪ ماحول هجڻ ضروري آهي.“ گل چيو.
”جيڪڏهن گهر ۾ اڪيڊمڪ ماحول نہ هجي تہ ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ منير ڀرسان پيل صوفي تي ويھندي پڇيو.
زينت ان گفتگوءَ کي اهم نہ سمجهو. صوفن جا ميرا ڪَوَر کڻي ٻاهر هلي وئي.
ٻئي ڏينھن تي صبح جو ناشتي ڪرڻ دوران منير زينت کي چيو:
”زينت، مان سوچيان ٿو احسان ۽ ذيشان کي مري ڪانوينٽ ۾ داخل ڪرايان“
زينت جي دل جي ڌڙڪن ذري گهٽ رڪجي وئي. هن ڪڏهن ڀل ۾ بہ پنھنجن ٻارن کي پاڻ کان جدا ڪرڻ جو نہ سوچيو هو. پريشان ٿي چيائين:
”منير، اها ڪھڙي ڳالھہ ٿو ڪرين، احسان ۽ ذيشان تہ صفا ننڍڙا آهن. هن گهر جي وَسَون ۽ سُونھن آهن، انھن کي ايڏو پري موڪلڻ جو تون ڪيئن ٿو سوچين“
منير چمچو پليٽ ۾ رکي گهڙي کن خاموش رهيو پوءِ ڌيرج سان چيائين:
”زينت، تون ڇاٿي سمجهين، منھنجا پُٽ مون کي پيارا ناهن. منھنجي جان رکيل آ انھن ۾، مان انھن جي ڀلائيءَ لاءِ نہ سوچيندم تہ ٻيو ڪنھن جي لاءِ سوچيندم“
”ڀلا هتي اسڪول ڪونھن، ايڏو پري موڪلڻ ۾ انھن جي ڪھڙي ڀلائي آهي؟“
”زينت“ منير ڳنڀيرتا سان چيو، ”توکان شايد وسري ويو آ تہ هن منزل تي پھچڻ لاءِ مون ڪيڏا نہ ڌڪا ٿاٻا کاڌا هيا. ڪيڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪئي هئي. ڇا ڪاڻ تہ منھنجا حالات نہ هيا تہ ڪنھن وڏي اسڪول ڪاليج ۾ مھانگي تعليم حاصل ڪيان ها. پر مان نہ ٿو چاهيان تہ منھنجي اولاد بہ اهڙو اڻانگو رستو اختيار ڪري. اڄ مون وٽ سڀ ڪجهہ آهي. ايترو پئسو آهي جو مان پنھنجن ٻارن کي مھانگي کان مھانگي اسڪول ۾ پڙهائي سگهان ٿو. ٻين وڏن ماڻھن جي ٻارن وانگر هو ننڍپڻ کان ڪنھن مشھور انگريزي اسڪول ۾ پڙهندا تہ هنن جو مستقبل يقين سان روشن ٿيندو.“
زينت کي خبر هئي تہ ڏھہ مھينا پيٽ ۾ رکڻ، عذاب کائي ڄڻڻ ۽ اوجاڳا ڪري پالڻ واري ماءُ کي پنھنجي ئي اولاد جي باري ۾ ڪو فيصلو ڪرڻ جو اختيار نہ هوندو آهي. هن سماج ۾ اهو اختيار هميشہ پيءُ کي حاصل هوندو آهي. ان ڪري هن جي نہ مڃڻ جي باوجود منير پنھنجو فيصلو نہ مٽايو. البتہ هن جي تڪليف جو احساس ڪندي، ذيشان کي موڪلڻ جو فيصلو هڪ سال پوئتي ڪري ڇڏيو ۽ احسان کي مري ڪانوينٽ موڪلي ڇڏيو.
منير ڪراچيءَ ۾ هڪ ننڍي فيڪٽريءَ ۾ پارٽنر شپ ورتي ۽ آهستي آهستي فيڪٽريءَ جا شيئر خريد ڪندو ويو. گل اندام تہ ڄڻ هنن جي گهر جو لازمي حصو بنجي وئي. زينت کي ان جو ايترو عمل دخل نہ وڻندو هو پر منير کي ان تي ڪو اعتراض نہ هو. هن جو خيال هو تہ گل هن جي گهر ۽ زينت کي سوسائٽيءَ جي تقاضائن تي آڻڻ ۾ مدد ڪري رهي هئي. هو اڪثر گهر ۾ دعوتون ڪندا هيا ۽ انھن جو انتظام ڪرڻ ۾ هوءَ سندن مدد ڪندي هئي. منير جڏهن ڪراچيءَ واري فيڪٽريءَ جا سمورا شيئر خريد ڪري، فيڪٽري پنھنجي ملڪيت ۾ ورتي تہ ان خوشيءَ ۾ هن گهر ۾ دعوت ڏني. ان دعوت جو انتظام هن گل جي حوالي ڪيو. هو گل اندام کي وٺي مختلف شين جي خريداريءَ لاءِ شھر ويندو هو ۽ شام جو جڏهن ٻئي ڄڻا ڪار بنڊلن سان ڀري واپس ايندا هيا ۽ کلندا ڳالھائيندا ڪار مان لھندا هيا تہ کن پل لاءِ زينت جي دل وهمن ۽ وسوسن ۾ مبتلا ٿي ويندي هئي. پر رات جو هوءَ منير جي گرمجوش آغوش ۾ پھچندي هئي تہ سندس سڀ وسوسا ڪافور ٿي ويندا هئا ۽ پاڻ تي غلط سوچڻ لاءِ ملامت ڪندي هئي.
دعوت واري ڏينھن سڄي بنگلي کي رنگين روشنين ۽ گلن سان سينگاريو ويو هو. باغ ۾ کائڻ جا بوفي لڳايا ويا هيا. جن ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ بيرا گهرايا ويا هيا. اها گڏيل دعوت هئي، جنھن ۾ مردن سان گڏ بيگمات بہ آيل هيون. پھريان تہ منير عورتن ۽ مردن جو الڳ انتظام ڪندو هو پر منير هن دفعي گل جي صلاح سان اهو گڏيل پروگرام رکيو هو. زينت منير جي زور ڀرڻ جي باوجود پاڻ کي ان ڳالھہ لاءِ تيار ڪري نہ سگهي تہ هوءَ منير سان گڏجي مھمانن جو استقبال ڪري. ان ڪري منير گل کي استقبال تي بيھڻ جي گذارش ڪئي. زينت پاسي پاسي تي رهي. ان ڏينھن گل اندام بہ اهڙو تہ لباس پائي هار سينگار ڪري آئي هئي جو اڪثر ماڻھن جون نظرون وڃي ٿي هن تي کُپيون. هن کي دعوت ۾ پيش پيش ڏسي اڪثر مردن ائين ئي سمجهو تہ هوءَ منير جي بيگم آهي.
منير جي هڪ دوست رئوف قاضيءَ، گل اندام ڏانھن ڏسندي چيو، ”يار اڄ پھريون دفعو ڀاڀيءَ سان ملاقات ٿي آهي، ايترو وقت ڪٿي لڪائي رکيو هيوسي.“
منير هن جي ڳالھہ ٻڌي الجهن ۾ پئجي ويو. هن جي الجهن کي سمجهندي گل اڳتي وڌي ۽ پريان بيٺل زينت کي سڏ ڪندي چيائين:
”هيڏانھن اچو مسز منير، مھمان اوهان سان ملڻ ٿا چاهن.“
پوءِ مھمان قاضيءَ سان مخاطب ٿي چيائين:
”سر، مان منير صاحب جن جي فيملي فرينڊ آهيان“
هن جي آس پاس بيٺل ٻيا مھمان، جيڪي پڻ گل اندام کي منير جي گهرواري سمجهي رهيا هيا، حيران ٿي ڪڏهن زينت کي تہ ڪڏهن گل اندام کي ڏسڻ لڳا.
دعوت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ زينت سامان وغيرہ ٿانيڪو ڪرائي فارغ ٿي بيڊ روم ۾ آئي تہ منير ٻئي هٿ مٿي هيٺان ڏيون ليٽيو پيو هو ۽ ڪنھن خوشگوار سوچ جي ڪري سندس چھري تي خوشگوار مُرڪ پکڙيل هئي.
”ڇا ٿو سوچين؟“ زينت سندس ڀرسان ويھندي پڇيو.
”اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان“ منير چيو، ”اڄ جي دعوت ڪامياب وئي. ماڻھن تي سُٺو امپريشن پيو.“
پوءِ زينت ڏانھن ڏسندي چيائين، ”گل ڏاڍي ٽيڪٽ فل ڇوڪري آهي، اڄ جي پارٽي ان جي ڪوششن سان ئي سٺي ٿي وئي“
زينت جي دل ۾ هلڪي مايوسي جاڳي، منير پنھنجو مٿو سندس جهوليءَ ۾ رکندي چيو:
”زينت توکي خبر آهي تہ مان ڪيتري وقت کان سيٺ عارف جي ڪڍ هُيس پر هو عارف انٽرپرائز ۾ شيئر ڏيڻ لاءِ راضي ئي نہ پيو ٿئي. پر اڄ هن پاڻھي مون کي شيئر وٺڻ جي آڇ ڏني.“
”تہ اها هئي منير جي خوشي“ زينت جي دل تي جيڪا مايوسيءَ جي وير چڙهي آئي، اها واپس لھي وئي. ۽ هوءَ پاڻ کي هلڪو ڦلڪو محسوس ڪرڻ لڳي. منير پنھنجون ٻانھون سندس چيلھہ جي چوڌاري ورايون پوءِ سندس چيلھہ تي هٿ گهمائيندي چيائين:
”زينت، تون روز بروز ٿلھي ٿيندي ٿي وڃين، ڪجهہ ڪوشش ڪندي ڪر فٽ رهڻ لاءِ، ڏس گل اندام ڪيئن فٽ آهي.“
زينت کي ائين لڳو ڄڻ واپس ويل وير اڳي کان وڌيڪ طاقتور ٿي ڏانھس موٽي رهي هئي.
گل اندام پنھنجي ڀيڻ مسز هاشميءَ وٽ گهمڻ آئي هئي پر اتي رهندي کيس ٻہ مھينا گذري چڪا هيا. ۽ زينت کي هن جي واپس وڃڻ جو ڪوبہ ارادو نظر نہ ٿي آيو. هوءَ هاڻي تہ هر وقت هنن جي گهر سان واسطو رکندي هئي. گهر جي معاملن، سجاوٽ ۽ ترتيب هر شئي ۾ دخل اندازي ڪندي هئي. زينت کي هن جي اها بي تڪلفي نہ وڻندي هئي. اهو هن جو گهر هو ۽ گهر جي هر شئي زينت جي مرضيءَ ۽ خواهش مطابق ورتل ۽ سجايل هئي. هن کي پنھنجي گهر جي ذري ذري سان عشق هو. زينت ٻہ ٽي دفعا منير سان پنھنجي ناگواريءَ جو اظھار بہ ڪيو پر منير هر دفعي کيس اهو چئي نظر انداز ڪندو هو تہ:
گل اعليٰ تعليم يافتہ ۽ وڏي سوسائٽيءَ سان تعلق رکي ٿي ان کي ماڊرن طور طريقن جي ڄاڻ وڌيڪ آهي. اگر هوءَ ان ڄاڻ وسيلي گهر کي ماڊرن ڏيکاءُ ڏي ٿي تہ زينت کي ناراض ٿيڻ بدران اهي سکڻ گهرجن.
زينت کي منير جو رد عمل اگرچہ نہ وڻيو پر هوءَ چپ رهي. البتہ هن پنھنجي ناگواري اڪثر گل کي محسوس ڪرائي. پر گل هن جي ناگواريءَ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ پنھنجون ڪوششون جاري رکيون. منير سيٺ عارف جي ڪراچيءَ واري فيڪٽريءَ جا شيئرز خريد ڪرڻ جون بہ ڪوششون شروع ڪيون. جلد ئي ڪجهہ شيئرز ورتا ۽ ٻين شيئرز خريد ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکي. نوڪري ۽ بزنس ٻنھي طرفن کي مُنھن ڏيڻ جي ڪري هو تمام گهڻو مصروف رهڻ لڳو هو. اڪثر رات جو دير سان گهر ايندو هو ۽ ايترو ٿڪل هوندو هو، جو ليٽڻ شرط ننڊ پئجي ويندو هو.
ذيشان جو امتحان ويجهو هيو تہ کيس ٽائيفائڊ جو بخار ٿيو. جنھن ڪري هو ٻہ هفتا بيمار رهيو. اڪثر اسڪول کان بہ موڪل ٿي ويندي هيس. جنھن ڪري امتحان جي صحيح تياري نہ ڪري سگهيو. جڏهن امتحان کان پوءِ هن جو پروگريس ڪارڊ منير وٽ آيو تہ هن جون مارڪون ڏسي منير زينت کي چيو:
”زينت، ذيشان جو اسٽينڊرڊ تہ ڏينھون ڏينھن گهٽ ٿيندو ٿو وڃي. منھنجي خيال ۾ گهر جي ماحول ۾ هن جي پروگريس سٺي نہ ٿي ٿئي. هن کي هاسٽل ۾ وجهڻو پوندو.“
زينت اهو ٻڌي پريشان ٿي وئي. چار سال اول منير احسان کي بہ پڙهائيءَ جي نالي تي کانئس جدا ڪيو هيو. هاڻي ذيشان کي بہ هاسٽل موڪلڻ جو ارادو ٿي ڏيکاريائين. ذيشان هن جي اڳيان هوندو هيو تہ هوءَ ان جي مصروفيت ۽ وندر ۾ خوش رهندي هئي. هن ڏکاري ٿي منير کي چيو:
”هاسٽل ۾ رهي ذيشان جي پروگريس وڌي ويندي ڇا؟“
”تون سمجهين نہ ٿي زينت“ منير چيو، ”هاسٽل ۾ رهڻ سان هن جو سمورو ڌيان پڙهائيءَ ڏانھن رهندو اتي تعليمي ماحول هوندو آهي. هن کي سُٺي تعليم ۽ تربيت جي ضرورت آهي.“
“منير“ زينت روئڻھارڪي ٿي وئي. ”مون خوشحال زندگيءَ جي خواهش ضرور ڪئي هئي پر اها خبر نہ هيم تہ وڏو ماڻھو ٿيڻ لاءِ ٻارن کي بہ پاڻ کان جدا ڪرڻو پوندو آهي.“
”زينت“ منير کيس ڳراٽڙي پائي چيو، ”مان ٻارن کي توکان جدا ٿورئي ٿو ڪيان. انھن جي سُٺي مستقبل لاءِ چند سالن لاءِ انھن کي بھتر تعليمي ماحول ۾ ٿو موڪليان. ڪيڏيون بہ مصروفيتون هونديون آهي، اسين احسان سان پيا ملڻ ويندا آهيون. ذيشان تہ هتي هن ئي شھر ۾ هوندو. تون هر هفتي ساڻس ملي سگهين ٿي.“
زينت خاموش ٿي وئي. هوءَ عورت هئي. معاشري ۽ ماحول هن کي اهو ئي سيکاريو هيو تہ هن کي پنھنجي زندگي مجازي خدا جي مرضيءَ مطابق ئي گذارڻي آهي. چاهي ان جو فيصلو هن جي دل لاءِ نا قابلِ قبول ئي ڇونہ هجي. منير جي مرضيءَ مطابق ذيشان هاسٽل هليو ويو. منير پنھنجين پراڻين ۽ نين مصروفيتن ۾ گم ٿي ويو. زينت بيزاريءَ مان گل جي انھن حرڪتن کي ڏسڻ لاءِ واندي رهجي وئي. جيڪي هن کي سمجهہ ۾ نہ پئي آيون تہ زينت کي ماڊرن بنائڻ لاءِ ڪري رهي هئي يا کيس جاهل ثابت ڪرڻ لاءِ ٿي ڪيائين. زينت کي هن جي انھن حرڪتن سان ڪا بہ دلچسپي نہ هئي. نہ ئي کيس فيشن ايبل يا ماڊرن ٿيڻ جي خواهش هئي.
عيد ويجهي هئي احسان ۽ ذيشان گهر اچڻا هيا. زينت ڏاڍي پرجوش هئي. ڪيترن ئي ڏينھن کان پوءِ هن جي گهر جي رونق ۽ چھچٽو گهر ۾ واپس اچي رهيو هو. آچر ڏينھن هن سڄي گهر جي صفائي ڪرائي نئين سري سان آرائش ڪئي. ٻارن جو ڪمرو سينگاريائين. رات جو دير تائين بورچيخاني ۾ ويھي اڪيچار شيون پچائي فرج ۾ رکيائين ان مصروفيت ۾ کيس گهڻي ئي دير لڳي وئي. هن سمجهو منير ننڊ پئجي ويو هوندو. پر جڏهن بيڊ روم ۾ آئي تہ منير پلنگ جي سيرانديءَ سان ٽيڪ لڳايون ويٺو جاڳي رهيو هو ۽ ڪنھن اونھي سوچ ۾ غرق هو. زينت سندس ڀرسان ويھندي پڇيو:
”ڇا ڳالھہ آهي منير، ڪا پريشاني آهي ڇا؟“
”هون“ منير هن ڏانھن ڏسندي چيو، ”بزنس جا ڪجهہ مسئلا آهن.“
”ايڏي جاکوڙ ڇو ٿو ڪرين، ﷲ جو ڏنل سڀ ڪجهہ آهي هاڻي تہ“ زينت چيو.
”هي سڄي سوسائٽي ترقيءَ جي طلسم ۾ مبتلا آهي.“ منير چيو، ”هر ڪو هڪ ٻئي کان ڊوڙ کٽي وڃڻ جي جدوجھد ۾ مصروف آهي. قناعت ڪري ويھڻ هار مڃڻ برابر آهي. پر اهي ڳالھيون توکي سمجهہ ۾ نہ اينديون زينت.“ هو ويھاڻو سوري ليٽي پيو.
”مالش ڪيانءِ؟“ زينت پڇيو.
”ائين ڪر“ منير مٿو ڏانھس سوريندي چيو، ”تيل نہ هڻجانءِ“
زينت کي خبر هئي تہ ماڊرن ٿيڻ کان پوءِ هن تيل هڻڻ ڇڏي ڏنو هيو. زينت هوري هوري سندس وارن ۾ پنھنجين آڱرين سان مالش ڪرڻ لڳي.
”زينت“ ڪجهہ وقت کان پوءِ منير اکيون کولي چيو، ”تنھنجي جسم مان پگهر جي بانس ٿي اچي، هي جيڪي پائوڊر ۽ پرفيوم مان تنھنجي لاءِ وٺي ايندو آهيان، اهي آخر ڇا جي لاءِ آهن؟“
زينت ڪجهہ نہ ڪڇيو. گهٽتائي ۽ شرمندگيءَ جي احساس کان هٽي پري ٿي ويٺي. اهو پھريون دفعو هيو جو منير کيس ٽوڪيو هيو. ان وقت هن پاڻ سان واعدو ڪيو تہ هوءَ اڳتي پاڻ لاپرواھہ نہ ٿيندي نہ ئي منير کي اهڙي شڪايت جو موقعو ڏيندي.
پر پوءِ ڪجهہ مصروفيتن، ڪجهہ لاپرواهيءَ جي ڪري ان ارادي تي پابند رهي نہ سگهي.
اهو عورت جو آغاز زواليت هيو
انھن ئي ڏينھن ۾ زينت کي احساس ٿيو تہ هوءَ اميد سان هئي. گهڻن ئي سالن کان پوءِ ان خبر سان هن کي نئين خوشي، نئين اُمنگ محسوس ٿي. هن جڏهن اها ڳالھہ منير سان ڪئي تہ هو پھريان مُرڪيو پوءِ فڪرمند ٿيندي چيائين:
”زينت توکي احتياط ڪرڻ گهربو هو. ليڊي ڊاڪٽر توکي منع ڪئي هئي. ڪو مسئلو نہ ٿي پوي.“
”منير، ليڊي ڊاڪٽر منع نہ ڪئي هئي، وقفو ڪرڻ لاءِ چيو هو. ذيشان هن وقت ڏهن سالن جو آهي، اهو گهڻو وقفو ناهي؟“ زينت چيو. پوءِ مرڪندي چيائين:
”هن دفعي منھنجي خواهش آهي تہ اسان کي ڌيءُ ڄمي.“
زينت جي شديد خواهش هئي تہ کيس ڌيءُ ڄمي. هن جي طبيعت هن دفعي شروع کان ئي خراب هئي. طبيعت جي گراني، چڪرن ۽ الٽين جي باوجود هوءَ ننڍڙي ڌيءُ جي استقبال جون تياريون ڪندي رهندي هئي. ننڍڙا ننڍڙا فراڪ سبندي هئي ۽ ٻار جا سامان وٺندي رکندي ويندي هئي. اسٽور مان ذيشان جو جهولو ڪڍي ان تي نئون روغن بہ ڪرائي ڇڏيائين.
جيئن جيئن ڏينھن گذرندا ويا، زينت جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيندي وئي. ليڊي ڊاڪٽر چڪاس بعد کيس دوائون ڏنيون. دوائن جي استعمال کان پوءِ هن جي طبيعت ۾ ڪجهہ بھتري تہ آئي پر دماغ تي هر وقت کيپ طاري رهندا هيس. گهر ۾ اڪيلي هوندي هئي. منير ڪراچيءَ جي چڪرن ۾ ۽ نوڪريءَ جي مصروفيتن ۾ اڪثر گهر ۾ نہ هوندو هو. زينت اڪثر سمھي وقت گذاريندي هئي. منير اگر ڪڏهن جلدي بہ گهر ايندو هيو تہ هن جي طبيعت جو خيال ڪري کيس نہ جاڳائيندو هيو.گل اندام سڄو سڄو ڏينھن وٽس رهندي هئي. جڏهن منير جلدي گهر ايندو هيو تہ منير جي ماني بہ گرم ڪري لڳائيندي هئي. هاڻي زينت کي هن سان چڙ نہ ٿيندي هئي. بلڪہ هوءَ سوچيندي هئي تہ گل اندام هن جو ساٿ ڏيندي هئي تہ ان ۾ ڪا برائي ناهي.
اهڙي ئي هڪڙي ڏينھن ٻارن جي ڪمري ۾ سمھي پئي هئي تہ اڌ ٻيڪڙيل دروازي جي وٿيءَ مان هڪ جهرڪي اندر هلي آئي ۽ هلندڙ ڇت پکي جي پرن سان ٽڪرائجي سٽجي هيٺ ڪري پئي. پرن جي ڦرڙاٽ ۽ جهرڪيءَ جي چين چين تي زينت جي اک کلي وئي. هن اٿي سٽيل جهرڪيءَ کي کنيو، ان جي زخمي کنڀڙيءَ تي پائوڊر لڳائي کيس دريءَ جي پويان ڪنڊ ۾ رکيو. ان وقت سندس نظر گهڙيال تي پئي، منجهند جا ساڍا ٽي ٿي رهيا هئا. جمعي جو ڏينھن هو. منير جلدي گهر اچڻو هو. هن سوچيو منير هن جي طبيعت کي ڏسي کيس نہ جاڳايو هوندو. هوءَ پنھنجي غفلت تي پاڻ کي ملامت ڪندي ٻاهر نڪتي. گهر ۾ سانت لڳي پئي هئي. نوڪر ٻاهر پنھنجين ڪوٺين ۾ هيا. هن ڊائننگ روم ۾ ليئو پاتو. ميز تي رکيل اڌ ڀريل جڳ، خالي پليٽن ۾ استعمال ٿيل نيپڪن مان ظاهر هو تہ منير ماني کائي چڪو هو. هوءَ پنھنجي روم ڏانھن وئي پر منير اتي نہ هو. پوءِ اسٽڊيءَ ڏانھن وئي. سوچيائين شايد اتي ويٺو پنھنجو ڪم ڪندو هوندو. زينت دروازي جي پردي کي ٿورو هٽائي اندر ليئو پاتو. اندر اوندھہ ۽ سانت لڳي پئي هئي. پھريائين تہ زينت کي ڪجهہ نظر نہ آيو. پر پوءِ هن کي هلڪي روشنيءَ ۾ هر شئي نظر آئي. سامھون ڪوچ تي منير ۽ گل اندام نظر آيا. گل اندام منير جي گود ۾ ويٺي هئي. سندس ٻانھون منير جي ڳچيءَ ۾ وڪوڙيل هيون ۽ منير جون گل اندام جي چيلھہ جي چوڌاري. هنن ٻنھي ۾ ڪو مفاصلو نہ هيو. هن وڌي در جي ڀرسان ئي لڳل بٽڻ دٻائي لائيٽ ٻاري. منير ۽ گل اندام هڪدم هڪ ٻئي کان هٽي ويا. گل اندام هٽي پري ٿي بيھي رهي.
زينت هن کي ڏسي پٿر بنجي وئي. سندس دل وڏو ڳوڙهو بنجي ڄڻ سيني مان اڇل کائي اچي نڙيءَ ۾ ڦاٿي هيس. هوءَ ڪجهہ وقت ايئن ئي ساڪت بيٺي رهي پوءِ الائي جي ڪٿان همت ۽ جوش اچي کيس حرڪت ۾ اچڻ تي مجبور ڪيو. هوءَ وٽ کائي گل اندام ڏانھن وڌي. هن جو ارادو هو تہ کيس وارن کان پڪڙي گھليندي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏي.
هن کي پاڻ ڏانھن ايندو ڏسي گل اندام هڪدم هٽي منير جي پٺيان بيٺي ۽ رڙ ڪري چيائين:
”منير“
منير بہ زينت جو ارادو سمجهي کيس هٿ کان پڪڙيو ۽ تڪرو وٺي دروازي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. زينت منير جو رَويو ڏسي ماٺ ۾ اچي وئي. پوءِ اتان تڪڙي تڪڙي نڪري پنھنجي ڪمري ڏانھن هلي وئي. ۽ پلنگ تي وڃي پاڻ سٽيائين. ۽ بي اختيار روئڻ لڳي. اڄ هن جي ڀرم جو بُت ڀڄي پيو هو. هن کي منير تي جيڪو انڌو اعتماد ۽ غرور هيو، منير ان کي چڪنا چور ڪري ڇڏيو هو. ڪافي دير تائين هوءَ ڳوڙها ڳاڙيندي رهي پر منير هن ڏانھن نہ آيو. دل جو غبار ڳوڙهن جي صورت ۾ هليو ويو تہ هوءَ اٿي ويٺي ۽ سوچڻ لڳي:
”زينت اهو سڀ ڪجهہ تنھنجي غفلت ۽ لاپرواهيءَ جو نتيجو آهي. تون پنھنجي مڙس جي ترقي ۽ وڌندڙ ذاتي معيار کي ڏسندي بہ پاڻ ۾ بدلاءُ نہ آندو پر رهندو پاڻ کان غافل ۽ لاپرواھہ ٿيندي وئينءَ. ان غلط فھميءَ ۾ تہ تنھنجو سالن جو ساٿ، وفاداري ۽ خدمت جي ڪري هو هميشہ تنھنجو قدر ڪندو ۽ ساٿ نہ ڇڏيندو. اهو ئي سوچي تون گهر ۾ نوجوان ۽ بيباڪ ڇوڪريءَ جو آزادانہ اچڻ وڃڻ منظور ڪيو. توکي شايد خبر نہ هئي تہ مرد، عورت وانگر ڪڏهن بہ هڪ ئي بُت جي پوڄا تي مطمئن نہ رهي سگهندو آهي. هو پنھنجي معبد ۾ گهڻا ئي بُت رکڻ پسند ڪندو آهي. جڏهن بہ ڪو نئون بُت، پھرين کان وڌيڪ دلڪش نظر ايندس ۽ آسانيءَ سان ملي ويندس تہ پنھنجي بُت خاني ۾ ضرور رکندو. اهڙي طرح عورت پنھنجو جوڀن، جسم ۽ روح بہ هن لاءِ وقف ڪري بہ هن کي فقط پاڻ لاءِ محدود نہ ٿي ڪري سگهي. هن اڳيان ڪا نئين ڊش يا ڪا نئين عورت سھولت سان مُيسر هوندي تہ هو ان کي ڪڏهن بہ هٿان نہ وڃائيندو.“
زينت، جنھن جي قيمتي دولت ۽ سرمايو فقط منير جي محبت ۽ وفا هئي، اڄ پاڻ کي مفلس ۽ ڪنگال محسوس ڪري رهي هئي. جڏهن هوءَ پنھنجي مڙس جي سلطنت جي اڪيلي ملڪه هئي تہ اهو احساس هن جي خوشي ۽ فخر جو ڪارڻ هيو. پر اڄ هن هڪ ٻي عورت کي هن جي تخت تي ويھاري کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي هن جي وجود جي توهين ڪئي هئي. هن کي بي قيمت ۽ غير اهم هجڻ جو احساس ڏياريو هو. ذلت ۽ شڪست جي احساس هن کي ڄڻ پاتال ۾ ڪيرائي ڇڏيو هو.
هوءَ سج لھڻ تائين، ڪمري ۾ بيد تي پئي روئيندي ۽ سوچيندي رهي پر منير هن وٽ نہ آيو. هوءَ پاڻ ئي اٿي ٻاهر نڪتي. بورچيخاني ۾ بورچي ويٺو سندس انتظار ڪري رهيو هيو تہ هوءَ اچي کيس مانيءَ لاءِ آرڊر ڏي. ان کان پڇڻ تي کيس خبر پئي تہ منير منجهند ئي گهر مان نڪري ڪيڏانھن هليو ويو هو. رات جو هوءَ ڄاڻي واڻي ٻارن جي ڪمري ۾ وڃي سمھي تہ شايد منير پڇتائيندو ۽ کيس پرچائڻ ايندو. پر سڄي رات گذري وئي، منير نہ آيو. صبح جو بہ هو ساڻس ملڻ کان سواءِ ڪراچيءَ هليو ويو. اهو ڏسي هن جي دل ٻڏڻ لڳي. هن کي اميد هئي تہ منير وٽس ضرور ايندو. کائنس معافي وٺندو ۽ آئندہ گل اندام سان واسطو نہ رکڻ جو واعدو ڪندو. پر منير تہ هن جي بيقراريءَ جو احساس ئي نہ ڪيو.
هن پنھنجو پاڻ کي چيو:
”زينت، تون چري آهين. ان ڀونئري کي نئين گل جو واس آيو آهي. تنھنجي پراڻي پئماني جو چشڪو ڪشش وڃائي چڪو آهي.“
پر انھن سڀني سوچن جي باوجود هوءَ منير کان نفرت نہ ٿي ڪري سگهي. منير هن جي هستيءَ جي ڪائنات جو خدا هيو. هن جي جنت ۾ خلل اندازي ڪرڻ ۽ منير کي ڀٽڪائڻ واري ٻي عورت هئي. هوءَ بي مقصد گهر ۾ ڀٽڪڻ لڳي. اهو گهر ئي هن جي ڪُل ڪائنات هيو. هن جي جذبن جي جنت هو پر هن جي جنت تہ منير جي حوالي سان هئي. منير جي نالي ٿيڻ بعد ئي تہ هوءَ ان جنت جي ڌياڻي بڻي هئي. پر منير هن تي ٻي عورت کي ترجيح ڏئي، هن جي وجود جي حيثيت کي ڪمتر ڪري ڇڏيو هو.
”اي عورت، تون ڪيڏي نہ ستم رسيده آهين. تنھنجي جنت جو شداد تنھنجي هستيءَ جي هر هڪ ذري تي پنھنجو حق سمجهندي، تنھنجي جذبن جي سمورن وهڪرن کي بند ٻڌي پنھنجي لاءِ مخصوص ۽ محدود ڪري ٿو. تنھنجي ڪا معمولي لغزش بہ در گذر نہ ٿو ڪري سگهي. پر پنھنجي هر خطا کي معمولي غلطي سمجهي توکي در گذر ڪرڻ جو پابند ڪري رکي ٿو.“
زينت پرائيويٽ اسپتال جي بيڊ تي ننڊ پئي هئي. ٻن ڏينھن جي سخت تڪليف کان پوءِ کيس آرام آيو هيو. منير جي ڪراچيءَ وڃڻ کان پوءِ ڏک ۽ اُڻ تڻ سبب سندس طبيعت بگڙي وئي. برداشت جي حد ٽپڻ بعد هوءَ ان اسپتال ۾ هلي آئي، جتي چيڪ اپ ڪرائيندي رهندي هئي. ليڊي ڊاڪٽر سندس حالت خراب ڏسندي کيس اسپتال ۾ داخل ڪري ڇڏيو. ۽ کيس اسقاط کان بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. ٻن ڏينھن بعد هوءَ خطري مان نڪري آئي. ان وقت هوءَ دوائن جي زير اثر ننڊ پئي هئي تہ هن جي خوابيده ذهن کي ڪنھن ڄاتل سڃاتل خوشبوءِ جو احساس ٿيو. اها منير جي مخصوص پرفيوم جي خوشبوءِ هئي. هن هڪدم اکيون کوليون. منير سندس هٿ پنھنجن ٻنھي هٿن ۾ جهليون ويٺو کيس پريشانيءَ مان ڏسي رهيو هو. کيس جاڳندو ڏسي، سندس ويجهو آيو پڇيائين:
”ڪيئن آهين زينت؟“
زينت جي اکين جا بند ٽُٽي پيا ۽ بي اختيار ڳوڙها وهڻ لڳا. منير اٿي سندس بيڊ تي مٿن کان ويٺو ۽ هن کي مٿي هيٺان ٻانھن ڏئي پنھنجي سيني سان لڳائيندي کيس پرچائيندي چيائين:
”چري روئين ڇو ٿي، مون کان غلطي ٿي وئي نہ، بس معاف ڪر نہ“
زينت ڪجهہ دير سندس سيني ۾ مُنھن لڪائي روئيندي رهي. پوءِ سڏڪن دوران چوڻ لڳي:
”تون مون کي ڇڏي هليو وئين“
منير سندس مٿي تي هٿ ڦيريندي چيو:
”چري مان توکي ڇڏي ڪيڏانھن ويندس. تون منھنجي ٻچن جي ماءُ آهين. منھنجي ڏُک سُک جي ساٿياڻي آهي. مان ڀلا توکي ڇڏي ڪيڏانھن ويندس.“ پوءِ کيس ويھاڻي تي ليٽائي، سندس سامھون ٿي ويٺو ۽ ڪنن جون پاپڙيون پڪڙي چيائين:
”توبھہ ڪئي بابا، بس هاڻي تہ معاف ڪر“
ان واقعي کان پوءِ زينت جي زندگيءَ ۾ اهڙي ماٺيڻي سانت اچي وئي، جيڪا اڪثر طوفان ختم ٿيڻ کان پوءِ ٿيندي آهي. هن کي منير جي طرفان جيڪا تڪليف ۽ ڏک مليو هو، اهو آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو. پر گل اندام تي جيڪا ڪاوڙ هئي، اها ويتر وڌي وئي. هن پنھنجي انصاف جي تارازيءَ مان منير جي پُڙ مان سمورو ڏوھہ ڪڍي گل اندام جي پاسي ڏانھن وڌو ۽ فيصلو ڪيو تہ آدم بي گناھہ هيو، هن کان گناھہ ڪرائڻ واري حوا هئي.
هونئن بہ ان ڏينھن کان پوءِ گل اندام هميشہ لاءِ هن جي گهر جي جنت مان تڙجي چڪي هئي. نوڪرياڻيءَ کان خبر پيس تہ گل اندام ڪراچيءَ واپس هلي وئي هئي. منير بہ پھريان واري ماحول ۾ موٽي آيو هيو. البتہ گهڻين مصروفيتن جي ڪري گهڻي قدر گهر کان ٻاهر رهندو هيو. گهر جو ماحول پُرسڪون رهندو هيو. زينت جي ڊليوريءَ ۾ ٻہ مھينا بچيا هيا تہ هڪ ڏينھن هن جو وڏو ڀاءُ ساجد اچي نڪتو. هوءَ گهڻن ڏينھن کان پوءِ ڀاءُ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي ۽ سندس آدر ڀاءُ ڪرڻ لڳي. حال احوال کان پوءِ ساجد کيس چيو:
”ادي، مان توکي وٺڻ آيو آهيان.“
”ڇو، خير تہ آهي نہ؟“ هوءَ وائڙي ٿي وئي.
”ها ڀيڻ ٻيو سڀ خير آهي پر بابا جي طبيعت گهڻن ڏينھن کان خراب آهي. توکي ڏاڍو سنڀالي ٿو. تون تہ اسان کي صفا وساري ڇڏيو آهي“
”ڀائو مان ڇا ڪيان“ ڀريو تريو گهر ڪنھن جي حوالي ڪري وڃان. پٺيان گهر رُلي ويندو، منير بہ پٺيان ڏکيو ٿيندو“
”ادي، تون ٻہ ٽي ڏينھن پيءُ ماءُ جي گهر هلندينءَ تہ ڀائو منير ڏکيو ڪونہ ٿيندو. ڪم ڪار لاءِ نوڪر چاڪر اٿس. بابي جي بيماريءَ جو ٻڌي بہ ڪونہ هلندينءَ، موت ملاقات جو ڪو وقت ئي نہ هوندو آهي.“
ان وقت منير بہ آفيس مان موٽي اتي آيو. ساجد سان مليو ۽ زينت کي چيائين:
”زينت، ساجد ڀائو سچ ٿو چوئي، توکي ذري گهٽ سال ٿي ويو آهي، چاچا جن سان ملڻ نہ وئي آهين. وڃي ڪجهہ ڏينھن گهمي اچ.“
زينت پريشان ٿي پھريائين پنھنجي وڏي پيٽ ڏانھن ڏٺو پوءِ منير کي ڏسندي پڇيائين:
”هن حالت ۾ اهو ڊگهو سفر ڪرڻ صحيح آهي؟“
منير هن جي پريشاني ڏسندي کيس اطمينان ڏياريندي چيو:
”خير آهي، هاڻي طبيعت جو گهڻو مسئلو ڪونھي. پنج ڪلاڪ جو سفر آهي، وڏي گاڏيءَ ۾ وڃ. ريسٽ ڪندا وڃجو، تڪليف نہ ٿيندئي.“ ان کان پوءِ اٿندي چيائين:
”زينت، تون وڃڻ جي تياري ڪر، مان بہ ٿوري ريسٽ ڪري ڪراچيءَ لاءِ نڪران ٿو.“
هن جي اندر ڪمري ۾ وڃڻ بعد ساجد پڇيو:
”منير ڪراچيءَ ڇو پيو وڃي؟“
”ڪراچيءَ ۾ بزنس شروع ڪيو اٿائين“ زينت کيس ٻڌايو، ”ٻين ٽين ڏينھن ڪراچيءَ وڃڻو پوندو اٿس.“
”پوءِ توهان ڪراچيءَ ڇو نہ ٿا شفٽ ٿي وڃو؟“ ساجد پڇيو.
”ادا ايڏي سِڪ مان هي گهر ٺھرايو اٿسين، پنھنجو گهر ڇڏي ڇو وڃون. منير جي نوڪري بہ هتي آهي. ذيشان بہ هتي ٿو پڙهي.“
زينت ساجد سان گڏ پيڪين هلي وئي. پيءُ کي ڏسي پريشان ٿي وئي. هو تمام گهڻو بيمار ۽ لاغر ٿي ويو هو. ماڻس ڏسي ڏوراپو ڏنو:
”زينت اباڻن جي ياد بہ نہ ايندي اٿئي. سال گذري ٿا وڃن مُنھن ئي نہ ٿي ڏيکارين.“
زينت ماءُ کي ڳراٽڙي پائيندي چيو:
”امان ياد ڇو نہ هوندئو، بس گهر اڪيلو آهي، گهر جون ذميواريون ڇڏينديون ئي ناهن.“
زينت جي اچڻ جو ٻڌي مٽ مائٽ ساڻس ملڻ ٿي آيا. کيس پنھنجي گهر اچڻ جون دعوتون بہ پئي ڏنائون. پيءُ جي طبيعت بھتر ٿي تہ هوءَ شھدادڪوٽ ساهرن سان ملڻ وئي ۽ ٻہ ٽي ڏينھن رهي موٽي آئي. انھن مصروفيتن ۾ ٻہ اڍائي هفتا گذري ويا. منيرکيس چيو هو تہ هو هفتي کن ۾ کيس وٺڻ ايندو. پر ايڏا ڏينھن گذرڻ بعد بہ هو نہ آيو تہ زينت کي ڳڻتي ٿي پئي. هن ڀاءُ کي چيو تہ هو ڪٿان فون ڪري منير جو حال احول وٺي اچي. ساجد پنھنجي آفيس مان فون ڪري اچي کيس احوال ٻڌايو تہ منير کي مليريا جو بخار ٿي پيو هيو، ان ڪري اچي نہ سگهيو. هاڻي سندس طبيعت ٺيڪ آهي، هڪ ٻن ڏينھن ۾ اچڻ جو چيو اٿئين.
منير جي نا چاقائيءَ جو ٻڌي زينت کي فڪر ٿي پيو. سوچيائين:
”الائي منير جي طبيعت ڪيتري خراب هوندي، ڪنھن کيس رک جي ماني ڪري ڏني هوندي، ڪنھن کيس وقت تي دوا پيئاري هوندي.“
اهو سوچي هوءَ گهر وڃڻ لاءِ بي چين ٿيڻ لڳي ۽ فيصلو ڪيائين تہ هوءَ سڄي تياري ڪري رکندي، جيئن ئي منير کيس وٺڻ ايندو هوءَ وڌيڪ ترسڻ کان سواءِ گهر هلي ويندي. پر چوندا آهن بندي جي من ۾ هڪڙي خدا جي من ۾ ٻي. ٻئي ڏينھن هوءَ مٿان سڪل ڪپڙا لاهي ڏاڪڻ تان هيٺ ٿي لٿي تہ سندس پير ترڪي ويو. ڏاڪڻ تان ٿاٻڙجندي هن جلدي پاڻ سنڀالي ورتو پر چيلھہ ۽ پاسن ۾ چڱا خاصا ڌڪ لڳس. جنھن ڪري هن جي طبيعت خراب ٿي وئي. هڪدم ليڊي ڊاڪٽر گهرايائون، جنھن سندس معائنو ڪري ٻڌايو تہ ڪو وڏو نقصان نہ ٿيو آهي پر زينت کي سخت آرام ۽ اُٿا ويٺي نہ ڪرڻ جو تاڪيد ڪيائين. زينت کانئس سفر ڪري گهر وڃڻ جو پڇيو تہ هن کيس سفر ڪرڻ کان ڪجهہ ڏينھن لاءِ منع ڪئي.
ٻي ڏينھن منير بہ پھچي ويو. زينت جي حالت ڏسي فڪر مند ٿي ويو. هن ليڊي ڊاڪٽر سان بہ مشورو ڪيو. پر ان کيس منع ڪندي چيو تہ ويم تائين زينت کي مڪمل آرام ڪرڻ گهرجي، سفر نہ ڪري تہ بھتر آهي. اهو ٻڌي زينت پريشان ٿي وئي. چيائين:
”منير ڊليوريءَ ۾ تہ اڃان وقت پيو آهي، ايترا ڏينھن مان گهر کان پري ڪيئن رهي سگهنديس.“
”زينت“ منير کيس تسلي ڏيندي چيو، ”مھينو سوا ئي تہ بچيو آهي. مون ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو آهي. توکي ڊليوريءَ تائين بيڊ ريسٽ ڪرڻ گهرجي. اهڙي حالت ۾ سفر ڪرڻ تولاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. زينت پريشان نظرن سان کيس ڏسڻ لڳي. منير سندس هٿ پنھنجي هٿن ۾ جهلي پيار سان چيو:
”تون گهٻراءِ نہ، مان هر هفتي تنھنجو سُڌ سماءُ لھڻ پيو ايندس. ذيشان کي بہ پاڻ سان ورتيون ايندس. احسان جي بہ موڪل ٿيڻ واري آهي. مان ٻارن کي وٺي ايندس هيڏانھن.“
زينت چپ ٿي وئي. پر هن جي دل مطمئن نہ ٿي. هن کي فڪرمند ڏسي منير کليو ۽ چيائين:
”چئبو مون تي اعتبار نہ اٿئي. چوين تہ قسم کڻان، ڪا غلطي نہ ڪندس اڳتي.“
زينت هن کي ڏسي مُرڪي، سندس دل جو غبار لھي ويو. پوءِ منير پنھنجي کيسي مان هٿ وجهي ڪا شئي ڪڍي کيس هٿ ۾ پڪڙائي. چيائين:
”تنھنجي تسليءَ لاءِ هيءَ فون توکي ڏئي ٿو وڃان. اها مان پنھنجي لاءِ ورتي آهي. پر اها تون رک مان ٻي وٺندس وڃي.“
پوءِ کليو ۽ چيائين، ”تون ان فون تي ڪنھن بہ وقت مون سان ڳالھائي سگهين ٿي تہ مان ڪھڙي جاءِ تي آهيان.“
زينت پنھنجي هٿ ۾ جهليل ننڍڙي باڪس جھڙي فون کي ڏسي پڇيو:
”هن جي تار ڪٿي آهي؟“
منير کلي چيو:
”چري هي موبائل فون آهي. نيون آيون آهن ملڪ ۾، هن ۾ تار نہ هوندي آهي. وائرليس وانگر هلنديون آهن. مان ساجد کي سمجهائي ويندس، اهو توکي استعمال ڪرڻ سيکاريندو.“
ٻئي ڏينھن منير واپس هليو ويو. هن هر هفتي اچڻ جو واعدو تہ ڪيو هيو پر اهو ٻن هفتن کان وڌيڪ نہ هلي سگهيو. پھرين هفتي هو ذيشان کي وٺي آيو. ٻي هفتي احسان بہ اچي چڪو هو، سو ٻنھي پٽن کي بہ وٺي آيو. پر وڃڻ وقت زينت کي چيائين:
”زينت، ايندڙ هفتي آچر تي منھنجي ضروري ميٽنگ آهي، سو مان نہ اچي سگهندم، پريشان نہ ٿجانءِ ان کان اڳلي هفتي ضرور ايندم.“
زينت ڪجهہ نہ ڪڇيو. هن کي پاڻ کي بہ محسوس ٿيڻ لڳو هو تہ پنھنجي نوڪري ۽ ڪاروبار جا ڪم ڪار ڇڏي هر هفتي ايڏو ڊگهو سفر ڪري اچڻ منير لاءِ سچ پچ ڏکيو هو. زينت جي اعتراض نہ ڪرڻ منير کي مطمئن ڪري ڇڏيو. ان ڪري هڪ هفتو نہ اچڻ جو فيصلو ٻن هفتن ۾ بدلجي ويو. هن ساجد کان موبائل فون استعمال ڪرڻ سکي تہ هئي پر ان فون تي باوجود ڪوشش جي هن جو منير سان رابطو ٿي نہ سگهيو. ساجد هن کي ٻڌايو:
”ادي انھن فونن کي جڏهن سگنل ملندا آهن تڏهن هلنديون آهن. سگنل جاري ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا ٽاور لڳائيندا آهن. هن شھر ۾ اڃان هڪڙو ٽاور مس لڳو آهي. سو بہ ايترو پري آهي، جيڪو هيستائين نہ ٿو پڄي.“
ساجد هن جي بيقراري ڏسندي اڪثر آفيس مان فون ڪري منير سان ڳالھائي هن کي حال احوال ٻڌائيندو هو. منير کي وئي ويھہ ڏينھن گذري ويا هئا. ان ڏينھن هوءَ کٽ تي ويٺي ماءُ سان پالڪ صاف ڪرائي رهي هئي تہ سندس پيءُ ٻاهران آيو ۽ اچي سندن سامھون واري کٽ تي ويٺو. هن جي مُنھن تي فڪرمندي ٿي نظر آئي. زينت پيءُ جو لٿل مُنھن ڏسي پڇيو:
”بابا، طبيعت صحيح نہ اٿوَ ڇا؟“
”ها امان، طبيعت صحيح آهي.“ پيءُ وراڻيو. گهڙي کن رکي پڇيائين:
”زينت، تنھنجي ڊليوريءَ ۾ اڃان گهڻو ٽائيم آهي؟“
”ڇو بابا؟“ زينت پريشان ٿي چيو، ”ڊاڪٽرياڻيءَ چيو اڃان هفتو کن آهي.“
”ڇو حاجي“ زينت جي ماءُ پڇيو، ”خير تہ آهي؟“
پيءُ ڪجهہ سوچيندي چيو، ”زينت کي هتي آئي ڏيڍ مھينو ٿي ويو آهي. گهر کان ايترو وقت پري رهڻ بہ صحيح ناهي. ٻي ضروري ڳالھہ تہ زينت جي طبيعت بہ صحيح نہ ٿي رهي، وڏي شھر جون وڏيون سھولتون آهن. اتي وڃي ڊليوري ڪندي تہ اسان کي بہ اطمينان ٿيندو، پنھنجي مڙس جو بہ سھارو هوندس.“
زينت جي ماءُ کن پل سوچيندي رهي. پوءِ چيائين:
”حاجي، ڊاڪٽرياڻيءَ تہ جهليو هيس سفر کان. هاڻي تہ ڀريا مھينا اٿس، ڪيئن سفر ڪندي.“
”وڏي گاڏي اٿن“ پيءُ چيو، ”وهاڻا رکي آرام آرام سان هلي ويندي.“
پيءُ جو اسرار ڏسي زينت سوچ ۾ پئجي وئي. هن کي اهڙي حالت ۾ موڪلڻ لاءِ زور ڀرڻ جي پٺيان ڪھڙي ڳالھہ هئي. هن کي سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو. هوءَ پاڻ گهر وڃڻ لاءِ اتاولي هئي. منير کي بہ پھريان چئي چڪي هئي، هن جي طبيعت بھتر آهي، هوءَ گهر وڃڻ ٿي چاهي. پر منير صفا نابري واري هن کي ڊليوريءَ تائين اتي رهڻ لاءِ مجبور ڪيو هو. پيءُ بہ هن کي اتي رهڻ جي تاڪيد ڪئي هئي. هاڻي ڪھڙي سبب کان هن کي ان مرحلي تي موڪلڻ لاءِ تيار هيو. جڏهن تہ هن جي ڊليوري صفا ويجهي هئي. پيءُ جي چھري تي جيڪا اڻ تڻ هئي اها کيس پريشان ڪري رهي هئي. ۽ ان ڏينھن شام جو ئي هن کي ان جو ڪارڻ معلوم ٿي ويو. هوءَ ڪنھن ڪم سانگي اندرين ڪوٺيءَ ڏانھن ٿي وئي تہ ڀَرِ واري ڪمري مان پيءُ ماءُ جي ڳالھائڻ جو آواز ٻڌائين. سندس پيءُ ماڻس کي چئي رهيو هيو:
”پاڻ وارو سئوٽ ڪم سان ڪراچيءَ ويو هيو، اتي هن منير کي هڪ جوان مائيءَ سان گهمندي ڏٺو. ڪٽيل وارن واري ڪاموري مائي هئي. ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏئي بازار ۾ ٿي گهميا.“
گهڙي کن لاءِ سانت ٿي وئي ۽ پوءِ ماڻس چيو:
”متان ڪا ڪم سان ملي وئي هجيس، آفيس ۾ بہ تہ هونديون آهن نہ ڪاموريون.“
”جيڪو علي نواز ٻڌايو ان مطابق تہ ڪا ڌاري مائي نہ هئي. منير سان تمام ويجهڙائي هيس. پرايون مايون ڀلا کلي عام ائين ٻانھن کان پڪڙي ڪونہ گهمنديون آهن نہ.“
پوءِ ٿوري دير رکي چيائين:
”ان ڪري ئي چوان ٿو تہ زينت گهر هلي وڃي. ڏکيو سکيو سفر ڪري ويندي گهر کان گهڻو وقت پري رهڻ بہ چڱو ناهي.“
زينت ۾ وڌيڪ ٻڌڻ جي همت نہ هئي. هن جي هيـٺئين ڌڙ مان ڄڻ ساھہ ڇڏي ويو. دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. هوءَ پنھنجي وجود کي گھليندي وڃي ڪمري ۾ کٽ تي سمھي. ڪي پل ائين سانت ۾ پئي رهي. شام تائين سندس طبيعت بگڙي وئي ۽ ويم واري تڪليف شروع ٿي وئي. کيس اسپتال کڻائي ويا. جتي وڏين ڪوششن بعد رات جو ٻي وڳي آپريشن وسيلي سندس پيٽ مان ٻار ڪڍيائون. اها تمام ڪمزور ۽ يرقان ۾ ورتل ڌيءُ هئي. ان جي حالت جي ڪري کيس آڪسيجن ۾ رکيو ويو. ڌيءُ جي ڄمڻ جو ٻڌي زينت کان سڀ تڪليفون وسري ويون. پر ان جي حالت جو ٻڌي دل سست ٿي ويس. هن ڊيوٽيءَ تي موجود نرس کان ڌيءُ بابت معلوم ڪيو ۽ کيس ڏسڻ جي خواهش ڪئي.
”ننڍڙيءَ کي ٿوري تڪليف آهي، آڪسيجن ڏني اٿئون صبح تائين صحيح ٿي ويندي تہ توڏانھن کڻي اينداسين.“ نرس کيس دلجاءِ ڏني. هوءَ نشي جي زير اثر هئي، وري ننڊ پئجي وئي. سڄي رات ننڊ جاڳ ۾ گذري وئي. هوڏانھن ڊاڪٽرن بہ گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر ننڍڙيءَ جي زندگيءَ جو ڏيئو اجهامي ويو.
زينت صبح جو طبيعت بھتر محسوس ڪئي ڌيءُ کي ڏسڻ جي خواهش ڪئي پر کيس اهو ئي ٻڌايو ويو تہ ننڍڙي اڃان تائين آڪسيجن ۾ هئي. هوءَ پنھنجي ڌيءُ جو انتظار ڪرڻ لڳي ۽ سوچڻ لڳي تہ هوءَ ڌيءُ کي ڪيئن پاليندي. ڪھڙا ڪھڙا سھڻا ڪپڙا پارائيندي. هن پڪو پھہ ڪيو تہ هوءَ پنھنجي ڌيءُ کي هميشہ پاڻ سان گڏ رکندي. منير کي ڪڏهن بہ اها اجازت نہ ڏيندي تہ هو احسان ۽ ذيشان وانگر ڌيءُ کي کانئس جدا ڪري. شام تائين انتظار ۽ بار بار پڇا ڪرڻ جي باوجود هوءَ ڌيءُ کي ڏسي نہ سگهي. شام جو منير بہ پھچي ويو. منير هن جي ڀرسان ويھي سندس مٿي تي هٿ ڦيرڻ لڳو. زينت جي دل ڀرجي آئي. بي اختيار اکين مان لڙڪ وهڻ لڳس. منير سندس لڙڪ اگهندي چيو:
”گهٻراءِ نہ زينت، دل نہ لوڙھہ نياڻيءَ جي حياتي ئي ايتري هئي. ﷲ جي رضا سان ٻي ڌيءُ ڄمندي.“
زينت جي اکين جا لڙڪ هڪدم بيھجي ويا. هن حيران ٿي منير ڏانھن ڏٺو پوءِ سوالي نظرن سان ماءُ ڏانھن ڏٺائين. جنھن هن جي سواليہ نظرن جو جواب نہ ڏيندي نظرون جهڪائي ڇڏيون. اهو ئي زينت جي سوال جو جواب هيو. پوءِ هوءَ بي اختيار روئڻ لڳي.
منير ٻہ ڏينھن رهي واپس وڃڻ جي تياري ڪئي. زينت اسپتال کان گهر اچي چڪي هئي. هن وٽ کوڙ سوال هيا، جيڪي هوءَ منير کان پڇڻ پئي چاهي پر نہ پڇي سگهي. بس ايترو پڇيائين:
”منير تو ايترا ڏينھن ڇو لڳايا اچڻ ۾؟“
منير هڪ ڊگهو ساھہ کنيو ۽ پوءِ چيائين:
”زينت مان تمام گهڻو مصروف هيس. توکي هڪ خوشخبري ٻڌايان“ منير خوش ٿيندي چيو، ”وڏي جاکوڙ کان پوءِ مون سيٺ عارف جي ڪراچيءَ واري فيڪٽريءَ جا سمورا شيئرز خريد ڪري ورتا آهن. هاڻي سڄي فيڪٽري پنھنجي آهي.“
زينت هن ڏانھن غور سان ڏسندي چيو:
”منير مونکي لڳي ٿو، مونکي گهر کان پري رهندي صديون گذري ويون آهن. مون کي گهر وٺي هل. هاڻي هتي منھنجي دل نہ ٿي لڳي.“
منير سندس وارن تي هٿ گهمائيندي چيو:
”زينت تنھنجو گهر ڪيڏانھن نہ ٿو وڃي. پر هن وقت تنھنجو اپريشن ٿيل آهي. جڏهن تنھنجا ڦٽ صحيح ٿيندا ۽ ڊاڪٽر توکي سفر جي اجازت ڏيندي تہ مان اچي توکي وٺي ويندس.“
”منير مونکي گهڻا ئي ڏينھن ٿي ويا آهن، مون ٻارن کي نہ ڏٺو آهي، منھنجي دل انھن کي ڏسڻ لاءِ اُٻاڻڪي آهي.“
”گهٻراءِ نہ مان اڳلي هفتي ذيشان کي وٺي ايندس، باقي احسان تہ هليو ويو آهي. تون گهر ايندينءَ تہ اهو بہ اچي ويندو.“
منير هن کي اڳلي هفتي اچڻ جو دلاسو ڏئي هليو ويو پر هڪ جي جاءِ تي ٽي هفتا گذري ويا، منير نہ آيو. هڪ ٻہ دفعا ساجد ساڻس فون تي بہ ڳالھايو، منير هر دفعي کيس اهو ئي جواب ڏنو تہ فيڪٽريءَ جا نوان معاملا آهن، هو تمام مصروف آهي. واندو ٿيندو تہ پھرين فرصت ۾ هليو ايندو. زينت پنھنجي گهر وڃڻ لاءِ اُتاولي هئي. ڊاڪٽرياڻيءَ بہ کيس سفر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي. هن ننڍي ڀاءُ کي چيو تہ هو ٽيڪسي ڪري کيس گهر پھچائي اچي. هن منير کي بنا ٻڌائڻ جي گهر وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
هوءَ جڏهن گهر پھتي تہ سج لھڻ وارو هو. پنھنجي گهر اچي هن سُڪون جو ساھہ کنيو. گهر جي هر هڪ شئي کي گهمي گهمي ڏسڻ لڳي. هر شئي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي هئي. پر ائين ٿي لڳو ڄڻ سالن کان ڪو گهر جي سار سنڀال ڪرڻ وارو نہ هيو. سڄو گهر نوڪرن جي حوالي هيو. نوڪرن کان ئي کيس معلوم ٿيو تہ منير ٽن ڏينھن کان ڪراچيءَ ويل هيو. هو اڪثر ڪري ڪراچيءَ ۾ ئي هوندو هيو. گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندو ويندو هيو. سندس ماني مسز هاشميءَ جي گهران ايندي هئي. پاڻ بہ اوڏانھن ايندو ويندو هيو. اهو ٻڌي زينت جو دماغ سُن ٿي ويو. هوءَ سوچڻ لڳي تہ گل اندام واري واقعي کان پوءِ مسز هاشميءَ وارن سان هنن جا تعلقات تہ صفا ختم ٿي ويا هئا. تہ پوءِ منير هنن سان وري ويجهڙائپ ڇو رکي هئي. ان سوال جو جواب تہ منير ئي ڏئي سگهيو ٿي.
زينت ملازمن سان ملي گهر جي صفائي ۽ ترتيب ڪئي. رات بہ گذري وئي پر منير نہ آيو. صبح جو سندس ڀاءُ بہ موڪلائي پنھنجي گهر لاءِ روانو ٿي ويو. شام جو منير موٽي آيو. اوچتو زينت کي ڏسي وائڙو ٿي ويو. زينت سندس مُنھن ڏانھن ڏسندس پڇيو:
”ڇو توکي منھنجي اچڻ جي خوشي نہ ٿي؟“
”نہ نہ“ منير ڦڪي مرڪ سان چيو، ”تون اچڻ جو اطلاع نہ ڏنو ان ڪري حيران ٿي ويس. ٻڌائين ها تہ مان پاڻ توکي وٺڻ اچان ها نہ“
منير جي رويئي ۾ ڪا گرم جوشي نہ ڏسي زينت کي مايوسي ٿي. منير فريش ٿيڻ هليو ويو. ٿوري دير کان پوءِ تيار ٿي ٻاهر آيو تہ زينت کيس ڏسي پڇيو:
”تون ڪيڏانھن وڃين ٿو؟“
”ها“ هن گهڙيال ڏانھن ڏسندي چيو، ”هوٽل ۾ ڊنر جي دعوت آهي، بزنس ڊنر آهي“ پوءِ ويندي ويندي چيائين:
”زينت دراز ۾ پئسا پيا اٿئي، ضرورت هجئي تہ کڻجانءِ.“
پوءِ هو هليو ويو. زينت بي مقصد گهر ۾ ڀٽڪڻ لڳي. هن بورچيءَ کي پئسا ڏئي سودو سامان گهرايو. بورچي هن جي هدايت مطابق هلڪي رات جي ماني ٺاهي رکي. هوءَ ڊائننگ ٽيبل تي کائڻ ويٺي. پر اڪيلائپ جي احساس هن کي مانيءَ ۾ مزو ئي نہ ڏنو. ٻہ ٽي گرھہ کائي اٿي کڙي ٿي. بيڊروم وڃي ٽي وي ڏسڻ لڳي ۽ منير جو انتظار ڪرڻ لڳي.
رات جو دير سان منير آيو. هن کي جاڳندو ڏسي چيائين:
”زينت، اڃان تائين جاڳين پئي؟“
”ڀلا مان اڳ ۾ ڪڏهن تنھنجي واپسيءَ کان اول سمھي آهيان“ زينت چيو. منير بنا ڪجهہ ڪڇڻ جي وارڊ روب مان ڪپڙا ڪڍي باٿ روم ۾ هليو ويو. پوءِ رات جا ڪپڙا پائي اچي بيڊ تي ليٽي پيو. زينت کي منير سان کوڙ ڳالھيون ڪرڻيون هيون. پر منير ڪنھن سوچ ۾ گم هيو.
”منير تون تہ مونکي صفا وساري ڇڏيو“ زينت ڏانھس سرندي ڏوراپو ڏنو.
”اهڙي ڪا ڳالھہ ناهي، مان مصروف هيس“ منير کيس بنا ڏسڻ جي جواب ڏنو.
ان کان اول جو زينت ڪجهہ ڳالھائي منير پاسو ورائيندي چيو:
”زينت، مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان، ننڊ ٿي اچي. صبح جو مون کي وري ڪراچيءَ وڃڻو آهي.“
۽ هو کيس پٺي ڏئي سمھي پيو. زينت ساڪت ٿي وئي. ايترن مھينن جي جدائيءَ کان پوءِ پنھنجي محبت جي سيج تي منير سان ملڻ جي خوشي ڪافور جيان اڏامي وئي. هوءَ بي سمجهہ نہ هئي جو منير جي بي رخيءَ کي سمجهي نہ سگهي. پر ان جو سبب هن کي سمجهہ ۾ نہ آيو. سور پچاريندي خبر ناهي ڪڏهن هن جي اک لڳي وئي.
صبح جو منير نيرن ڪري ڪراچيءَ هليو ويو. ۽ هوءَ گهر جي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي وئي. هن شام جو ذيشان سان ملڻ جو پروگرام ٺاهيو. ان لاءِ پاڻ ذيشان جي پسند جي ماني تيار ڪيائين. اڃا هوءَ واندي مس ٿي تہ سندس سھيلي ۽ منير جي دوست فضل جي زال ثريا اچي نڪتي. هو هڪ ٻئي سان اُڪير سان مليون. پوءِ ڊرائنگ روم ۾ ويھي ڪچھري ڪرڻ لڳيون. ثريا جي چھري تي ڪجهہ الجهن ڏسي زينت پڇيو:
”ثريا تون ڪجهہ پريشان ٿي ڏسجين.“
ثريا منجهيل نظرن سان کيس ڏٺو ۽ پڇيائين:
”زينت، توکي هتان جي حالات جي باري ۾ ڪا خبر ناهي“
”ڪھڙا حالات“ زينت پڇيو.
”منير جي باري ۾“ ثريا چيو، ”منير ٻي شادي ڪئي آهي“
زينت کي ائين لڳو ڄڻ اوچتو هن جي مٿان ڪو بم اچي ڪريو هجي، جنھن هن جي سموري وجود کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو هجي. هوءَ اکيون ڦاڙي گم سم ثريا کي ڏسڻ لڳي. ثريا اٿي سندس ڀرسان اچي ويٺي ۽ سندس ڪلھي تي هٿ رکندي چيائين:
”مون کي افسوس آهي زينت پر توکي اهو معلوم هجڻ ضروري آهي. مھينو ٿي ويو آهي ان ڳالھہ کي. منير مسز هاشميءَ جي ڀيڻ گل اندام سان شادي ڪئي آهي، کيس ڪراچيءَ ۾ فليٽ وٺي ڏنو اٿئين.“
زينت کي هاڻي سمجهہ ۾ آيو تہ منير هر وقت ڪراچيءَ ۾ ڇو هوندو هيو. هوءَ ڪيتري دير تائين بُت بڻي ويٺي رهي، ڪو احساس ڪا تڪليف محسوس نہ ٿيس، ڄڻ دماغ ۾ گھري سانت ٿي وئي هيس.“
”زينت، فضل بيشڪ منير جو دوست آهي پر تون يقين رک اسان جون دلي همدرديون توسان آهن. ان ذليل عورت مسز هاشميءَ ايڏي چالاڪيءَ سان سمورو ڪم ڪيو جو اسان کي بہ شاديءَ کان پوءِ خبر پئي. اڳ ۾ ڪا خبر هجي ها تہ منير کي ائين ڪرڻ نہ ڏيون ها.“ ثريا کيس چيو. پوءِ ڪافي دير تائين کيس تسليون ڏيندي رهي.
گهڻي دير تائين ائين شاڪ ۾ ويٺي رهڻ کان پوءِ زينت پاڻ سنڀاليو ۽ ڪمزور آواز ۾ چيائين:
”مونکي هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“
کن پل سوچڻ کان پوءِ ثريا چيو:
”اسان کي بہ اها خبر شاديءَ جي ٻن هفتن بعد پئي ان کان پوءِ فضل منير کي ڏاڍو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر منير گل اندام جي ڄار ۾ مڪمل طور تي جڪڙجي ويو آهي. هوءَ نئين دور جي ماڊرن فيشن ايبل ڇوڪري آهي. منير کي پنھنجي ادائن ۽ نخرن سان قابو ڪيو اٿئين.
”پوءِ هاڻي ڇا ڪجي؟“ زينت ٻڏل آواز ۾ چيو، ”منھنجي ڪُل ڪائنات تہ منير آهي. هي گهر ٻار سڀ ڪجهہ ان جي ڪري ئي منھنجا آهن. مان ڪيڏانھن وينديس؟“
”زينت“ ثريا کيس سمجهائيندي چيو، ”هن وقت تون ڇا بہ ڪندينءَ منير گل اندام کي ڇڏي تو وٽ موٽي نہ ايندو. ڪو سخت فيصلو ڪندينءَ تہ نقصان تنھنجو ئي ٿيندو، ان ڪري عقلمندي اها آهي تہ جيڪو تولاءِ بچيو آهي اهو ئي بچاءِ متان اهو بہ نہ هٿان هليو وڃي. نرميءَ جي واٽ اختيار ڪر. في الحال ڪجهہ وقت خاموش رھہ.“
ثريا ڪافي دير تائين ويٺي کيس تسليون ڏيندي ۽ سمجهائيندي رهي. پوءِ کانئس موڪلائي هلي وئي. زينت ڪنھن شڪست کاڌل ماڻھوءَ جيان ڪوچ تي ٽيڪ لڳائي ويٺي ڇت کي گهوريندي رهي. هوءَ پاڻ کي ڪنھن بي وزن بي قيمت ڪک وانگر هوائن جي رخ سان ڀٽڪندي محسوس ڪري رهي هئي. بي خودي ۽ بي خياليءَ جي ان عالم ۾ هن کي اتي ويٺي ويٺي ڪي پھر گذري ويا. ڪڏهن سج لٿو، خبر ئي نہ پيس. اوندھہ ٿي وئي پر هوءَ ائين ئي ويٺي رهي. اوچتو ڪنھن بلب ٻاريو تہ روشني ٿي. هن هوش ۾ اچي ڏٺو سوئچ بورڊ جي ڀرسان منير بيٺو حيرت مان کيس ڏسي رهيو هو.
”زينت، اوندھہ ۾ ڇو ويٺي آهي؟“ منير پڇيو.
زينت ڪجهہ نہ ڪڇيو، بي اختيار سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا.
منير اچي سندس ڀرسان ويٺو پڇيائين:
”ڇا ڳالھہ آ زينت، ڪھڙي پريشاني آهي؟“
زينت پنھنجي هٿن جي ترين سان ڳوڙها اگهيا ۽ ڀريل آواز ۾ آهستي چيائين، ”ثريا آئي هئي.“
”اوھہ“ منير ڀرون مٿي ڪندي چيو، ”تہ ثريا توکي سڀ ڪجهہ ٻڌائي وئي.“
منير ڪجهہ دير چپ رهيو پوءِ ڌيرج سان چيائين:
”زينت، تون دل ۾ ڪوبہ خوف نہ ويھار، تنھنجو گهر توکان ڪير بہ نہ کسيندو. هي گهر تنھنجو ۽ تنھنجي ٻارن جو آهي. هوءَ الڳ رهندي.“
”۽ تون؟“زينت سوال پڇيو.
”مان توسان ۽ ٻچن سان ڪا نا انصافي نہ ڪندس. تون ٻچن جي ماءُ آهين، تنھنجي حيثيت گهٽ نہ ٿيندي. هوءَ منھنجي مجبوري آهي، مونکي سوسائٽيءَ ۾ اٿڻ ويھڻ لاءِ نئين زماني جي زال جي ضرورت آهي.“
زينت ڪنڌ جهڪائي خاموش ٿي وئي.
ٻئي ڏينھن منير ڪراچيءَ هليو ويو. ۽ زندگي عجيب رستي تي هلندي رهي. منير گهڻي قدر ڪراچيءَ رهندو هو. نوڪريءَ کان ڊگهي موڪل وٺي ڇڏي هئائين. هفتي ٻي هفتي ايندو هو. ٻارن جا اخراجات ۽ ٻيون ذميواريون نڀائيندو هو. پر زينت سان هن جو تعلق رسمي ڳالھائڻ تائين محدود ٿي ويو هيو. زينت ڪجهہ ڏينھن تائين پنھنجي برباديءَ جو ماتم ڪندي گذاريو پوءِ پاڻ سنڀالڻ لڳي. سوچڻ لڳي تہ ڇا ڪري جو پنھنجي ڦريل پونجي موٽائي سگهي.
شاديءَ کان پوءِ عورت جي زندگي فقط هڪ ئي محور تي گردش ڪندي آهي ۽ اهو محور هن جو شريڪ حيات هوندو آهي. جنھن جي حوالي سان هوءَ گهر ۽ گهراڻو ٺاهيندي آهي. گهر کي پنھنجي پناهگاھہ ۽ مڙس کي پنھنجو محافظ سمجهندي آهي. هوءَ پنھنجي سموري زندگي پنھنجي گهر ۽ مڙس لاءِ وقف ڪري ڇڏيندي آهي. ۽ پنھنجي سمورين خدمتن، قربانين ۽ وفائن جي عيوض ۾ فقط هڪ ئي شئي جي طلبگار هوندي آهي. پر مرد جي فطرت الڳ هوندي آهي، هو هڪ معبود تي قانع نہ رهي سگهندو آهي. پنھنجي معبد ۾ گهڻا ئي بُت گڏ ڪندو آهي. جڏهن تہ عورت فقط هڪ ئي معبود جي عبادت ۾ زندگي گذاري ڇڏيندي آهي.
منير جي وڃڻ کان پوءِ هوءَ ان گهر ۾ اڪيلي رهجي وئي. اها حوا ان جنت ۾ اڪيلي ڀٽڪندي رهندي هئي، جنھن کي هن پنھنجي آدم سان ملي آباد ڪيو هو. اهو گهر جنھن جي هر هڪ ڪنڊ کي هن سنواريو سينگاريو هو ۽ ان جي سونھن سوڀيا ڏسي کيس فخر جو احساس ٿيندو هيو، اهو کيس بي قيمت ۽ بي جان لڳندو هو. جڏهن وَرُ ئي پنھنجو نہ هجي تہ گهر تي فخر ڇاجو. اهڙي ئي هڪڙي بي مزہ ڏينھن ثريا وري هن سان ملڻ آئي. کيس چيائين:
”زينت خدا گواھہ آهي تہ تنھنجي بربادي مون کان ڏٺي نہ ٿي وڃي“
زينت خالي خالي نظرن سان ڏانھس ڏٺو. ثريا چيو:
”حالتن سان ٺـاھہ ڪر زينت، تون اڪيلي ناهين، تنھنجا ٻار بہ آهن.“
”اهي تہ منير اول ئي مون کان کسي ورتا هيا.“ زينت بي بسيءَ مان چيو.
”اها تنھنجي غلط سوچ آهي.“ ثريا چيو، ”تنھنجو اولاد توکان ڪير بہ کسي نہ ٿو سگهي، اهي وقتي طور تي ڀلي توکان الڳ ٿيا آهن پر انھن سان تنھنجو رشتو ڪو بہ ٽوڙي نہ ٿو سگهي. اڳتي هلي اها اولاد ئي تنھنجي طاقت بنجي بيھندي.“
”۽ ان وقت تائين مان ڇا ڪيان؟“ زينت پڇيو.
ثريا هن ڏانھن ڏٺو پوءِ سندس ڪلھي تي هٿ رکي چيائين:
”عورت کي ڪمزور بنائڻ واري عورت خود پاڻ آهي.“
زينت سوالي نظرن سان ڏانھس ڏٺو.
”زينت“ ثريا چيو، ”مڙس ناخدا آهي، خدا ناهي. ان جي ڇڏي وڃڻ سان زندگي ختم نہ ٿي ويندي آهي. پاڻ کي مضبوط ڪر. زندگي گذارڻ نہ زندگي جيئڻ سِک، ناخدا جي مدد کانسواءِ. وقت جو انتظار ڪر، حالات سان ٺاھہ ڪر.“
”ڪيئن؟“ زينت پڇيو.
”منير جي ٻي شاديءَ کي قبول ڪر.“ ثريا چيو، ”منير فضل سان ذڪر ڪيو هيو اهو ڪراچيءَ ۾ گل اندام لاءِ ٻيو گهر ٿو وٺي. منير کي ٻيو گهر ٺاهڻ نہ ڏي.“
زينت حيرت مان کيس ڏٺو. پڇيائين:
”مان جهلينديمانس تہ مڙي ويندو؟“
”ها، تون کيس اجازت ڏي تہ گل اندام کي هتي وٺي اچي.“ ثريا چيو، ”تنھنجي قبول ڪرڻ يا نہ ڪرڻ سان منير کي ڪو فرق نہ پوندو. هو گل اندام کي ڇڏي تہ نہ ڏيندو. اگر ڌار گهر ٺاهيندو تہ پوءِ گل جي ڪوششن سان جيڪو ٿورو گهڻو واسطو توسان ۽ هن گهر سان اٿس، اهو بہ آهستي آهستي ختم ٿي ويندس. ائين نہ ٿئي جو، جيڪو ڪجهہ تولاءِ بچيل آهي اهو بہ توکان کسجي وڃي.“
زينت هن جون ڳالھيون ٻڌي کن پل سوچيندي رهي پوءِ پيڙا وچان چيائين:
”ثريا، مان ڪھڙي دل سان ان ڪلھوڪي ڇوڪريءَ کي پنھنجي هن گهر ۾ اچڻ ڏيان، جنھن کي هڪ ڏينھن مون هن گهر مان ڌڪاري ڪڍيو هو. هي منھنجو گهر آهي. مون ڪک ڪک ڪري هي آشيانو ٺاهيو آهي، ان ۾ ڀائيواري ڪيئن ٿي ڏئي سگهان؟“
”چري نہ ٿيءُ زينت“ ثريا کيس سمجهائيندي چيو، ”هوءَ هتي هوندي تہ منير بہ هتي هوندو. پوءِ هو توکي نظر انداز نہ ڪري سگهندو، نہ ئي تنھنجي هوندي گل کي گهر ۾ گهڻو عمل دخل هوندو.“
ثريا کيس سمجهائيندي هلي وئي. پر هوءَ ڪجهہ ڏينھن تائين سوچيندي رهي ۽ مرندي رهي.
منير کيس ايترو تہ محبوب هيو جو هن ان جي محبت ۽ خوشيءَ خاطر مٽ مائٽ ساهيڙيون، سرتيون سڀ تياڳي ڇڏيون هيون. ان جي بيوفائن جي باوجود هوءَ منير کان نفرت نہ ڪري سگهي هئي. نفرت هن کي گل اندام کان هئي، جنھن هن جي جنت ۾ دخل اندازي ڪري کانئس سندس قيمتي مُوڙي کسي ورتي هئي. منير تہ اڄ بہ هن لاءِ اوترو ئي قيمتي هيو بلڪہ اڳي کان بہ وڌيڪ قيمتي لڳي رهيو هيو. ۽ هن کي لڳو تہ اهوئي صحيح طريقو هيو تہ پنھنجي مُوڙيءَ کي بچائڻ لاءِ پنھنجي جنت ۾ ٻي هوا کي حصيدار ڪرڻو پوندو.
جڏهن ڪجهہ ڏينھن بعد منير گهر آيو تہ هن کيس پنھنجو فيصلو ٻڌايو:
”منير، تون گل کي ڀلي هتي گهر ۾ وٺي اچ، ٻن گهرن ٺاهڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي.“
منير کن پل تہ کيس هڪو ٻڪو ڏسندو رهيو پوءِ سندس چھري تي سَرهائي ظاهر ٿي. پڇيائين:
”تون دل سان ٿي چوين زينت؟“
زينت هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
زينت دماغ جو چوڻ مڃي گل اندام کي گهر اچڻ جي اجازت تہ ڏني پر دل هئي جو قرار ۾ ئي نہ هيس. هن ۾ اها همت نہ هئي تہ گل اندام کي فاتح جي حيثيت ۾ گهر ۾ ايندو ڏسي سگهي. ويجهڙائيءَ واري ڳوٺ ۾ هن جي ماءُ جو ماسات رهندو هيو، جنھن کي هوءَ مامو سڏيندي هئي. هوءَ ڪجهہ ڏينھن لاءِ انھن جي گهر هلي وئي.
جڏهن گهر موٽي آئي تہ گهر جو نقشو ئي بدليل نظر آيس. فرنيچر جي ترتيب بدليل هئي. ڪي غاليچا ۽ نئون فرنيچر بہ کيس نظر آيو. اهو سڀ ڪجهہ ڏسي هن جي دل عذاب ۾ مبتلا ٿي وئي. هوءَ سڌي پنھنجي بيڊروم ڏانھن وئي پر ڪمري جي دروازي جو تالو بند هو. هن نوڪرياڻيءَ کي سڏ ڪري پڇيو:
”منھنجي ڪمري کي ڪنھن بند ڪيو آهي؟“
”سانئڻ، هي ڪمرو ننڍي بيگم صاحبہ کنيو آهي. اوهان جو سامان ٻارن واري ڪمري ۾ رکيو اٿائون.“
اهو ٻڌي زينت جا ڇيھہ ڇڄي پيا. هوءَ پاڻ تي ضبط ڪندي هلڻ لڳي. پاسي واري ڪمري جو دروازو کليل هيو، هن اندر نھاريو. ڪمري جي ترتيب بہ بدليل هئي. پراڻي بيڊ جي جاءِ تي نئون شاندار ڊبل بيڊ پيو هو. ٻيو سامان بہ بدليل هيو. هوءَ ڳرا قدم کڻندي ٻارن واري ڪمري ڏانھن وئي، جتي سندس ڪپڙا ۽ ٻيو استعمال جو سامان ڪجهہ بيڊ ۽ ڪجهہ ڪٻٽن ۾ بي ترتيب ڦھليو پيو هو. هوءَ وقت گذارڻ لاءِ پنھنجو سامان ٺيڪ ڪرڻ لڳي.
منير ۽ گل اندام رات جو دير سان گهر موٽيا. شايد ڪنھن دعوت ۾ ويا هئا. زينت دري کولي ٻاهر ڏٺو. گل اندام کي جهرمر ڪپڙا ۽ ڳھہ ڳٺا پاتل هيا. ٻئي ڄڻا هٿ هٿ ۾ ڏئي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ سڌو بيڊروم ۾ هليا ويا. دروازو بند ٿي ويو. درين جي کليل پردن مان هلڪي روشني ٻاهر ٿي پئي. ڪجهہ دير بعد اها بہ اجهامي وئي ۽ زينت جي مقدر تي اونداهي ڇائنجي وئي.
منير صبح جو ناشتي جي ميز تي اچي ويٺو تہ ميز تي پنھنجي پسند جو ناشتو ڏسي بورچيءَ کي سڏ ڪيائين:
”رمضو، وڏي بيگم صاحبہ اچي وئي آهي ڇا؟“
ان وقت زينت بورچيخاني مان نڪري اچي سندس سامھون ڪرسيءَ تي ويٺي ۽ چيائين:
”مان ڪلھہ شام ئي آئي هيس“
”هون“ منير فارمل لھجي ۾ چيو، ”ٻڌايئي نہ“
”توهان ٻئي دير سان آيا هيا. مان تہ جاڳان پئي پر توهان سڌو بيڊروم ۾ هليا ويا. مون مناسب نہ سمجهو توهان کي ڊسٽرب ڪرڻ“
منير ڪجهہ نہ ڪڇيو، ڪنڌ جهڪائي ناشتو ڪرڻ لڳو. ٿوري دير رکي زينت ڏوراپو ڏيندي چيو:
”منير، ڪمري مان منھنجو سامان ڪنھن ڪڍيو؟“
”مون کي افسوس آهي زينت، گل ضد ڪري بيٺي تہ مونکي اهو ڪمرو گهرجي.“ منير جهڪيل ڪنڌ سان ئي جواب ڏنو.
ان وقت گل اندام اندران ڪمري مان نڪتي ۽ پنھنجي ريشمي گائون کي لوڏيندي اچي منير جي ڀرسان واري ڪرسيءَ تي ويٺي.“
زينت کي نظر انداز ڪندي بورچيءَ کي سڏڪيائين:
”رمضو، ناشتو کڻي اچ“
زينت اتان اٿي پنھنجي ڪمري ڏانھن هلي وئي. هن ۾ گل اندام جي سامھون ويھڻ جي برداشت نہ هئي.
عجيب ڏينھن هيا، عجيب راتيون هيون. منير سڄو ڏينھن ٻاهر هوندو هيو. گل اندام يا تہ پنھنجي ڪمري ۾ هوندي هئي يا پنھنجي ڀيڻ مسز هاشميءَ جي گهر هلي ويندي هئي. اڪثر مسز هاشمي بہ ايندي رهندي هئي. زينت کي ڏسي ائين نظر انداز ڪندي گل اندام جي ڪمري ۾ هلي ويندي هئي، ڄڻ زينت جيئرو جاڳندو انسان نہ پر گهر ۾ رکيل فرنيچر جو ڪو حصو هئي.
شام جو گل اندام ٻاهر باغ ۾ ٽلي ٽلي منير جو انتظار ڪندي هئي. جيئن ئي منير گهر ايندو هو تہ سندس ٻانھن ۾ ٻانھن اٽڪائي کيس پنھنجي ڪمري ۾ وٺي ويندي هئي. اڪثر تيار ٿي ٻاهر هليا ويندا هيا ۽ رات جو دير سان موٽندا هيا ۽ پنھنجي ڪمري ۾ بند ٿي ويندا هيا. ڪيترائي ڏينھن ٿي ويا هيا جو زينت منير سان اڪيلائيءَ ۾ نہ ملي هئي. هوءَ ڏينھن جو گهر جي فالتو سامان وانگر پئي هوندي هئي. رات جو پنھنجي ڪمري جي دريءَ تي پوندڙ هنن جي ڪمري جي ٻرندڙ اجهامندڙ روشنين کي ڏسندي هئي. ۽ سڄي رات ٽانڊن جي وڇاڻي تي ڦٿڪندي رهندي هئي.
هڪ ڏينھن ڪنھن ڪم سانگي زينت مٿئين منزل ڏانھن ٿي وئي تہ ڏاڪڻ وٽان گل اندام جي ڪمري مان ڳالھائڻ جو آواز ٻڌي بيھي رهي. گل اندام پنھنجي ڀيڻ مسز هاشميءَ سان ڳالھائي رهي هئي. اگرچہ ٻئي ڄڻيون ڌيمي آواز ۾ ڳالھائي رهيون هيون پر ڏاڪڻ واري پاسي جي اڌ کليل دريءَ مان آواز صاف ٿي ٻڌڻ ۾ آيو. مسز هاشمي چئي رهي هئي:
”گل تون ايڏي بيوقوفي ڪيئن ٿي ڪرين، هوءَ اڃان تائين گهر ڌياڻي لڳي پئي آهي. تون گهر جو ڪنٽرول ڇونہ ٿي پنھنجي هٿ ۾ وٺين؟“
”آپا فڪر نہ ڪر، جنھن کي وَرُ چاهي سھاڳڻ تہ اها چئبي نہ“ گل اندام چيو، ”هن جي حيثيت تہ نوڪرن جھڙي آهي. ڪم ڪار سنڀالي ٿي، مونکي سڀ ڪجهہ آرام سان ملي ٿو. منير سان سمورو وقت رهڻ ۽ ٻاهر گهمڻ ڦرڻ جو بہ وقت ملي ٿو“
”اهو ڪافي ناهي“ مسز هاشميءَ چيو، ”منير کي پنھنجي مُٺ ۾ رکڻ لاءِ ضروري آهي تہ گهر تي بہ تنھنجو ڪنٽرول هجي. منير ڪنھن بہ شئي لاءِ زينت ڏانھن لاڙو نہ ڪري.“
گل هڪ ٽھڪ ڏنو ۽ چيائين:
”منير جي مجال آهي جو زينت ڏانھن وڃي، زينت ۾ اهڙا گٽس ئي ناهن جو منير کي قابو ۾ رکي سگهي. منير منھنجو ديوانو آهي ۽ مونکي پنھنجو جادو برقرار رکڻ ايندو آهي.“
پوءِ ٿورو ترسي چيائين:
”آپا، تون ڪنھن حد تائين صحيح بہ آهين، زينت کي هاڻي صفا ڊي گريڊ ڪري هڪ پاسي تي رکڻو پوندو تہ جيئن اڳتي هلي گهر کان بيدخل ڪري سگهجي پوءِ ڪو خطرو ئي نہ رهندو.“
زينت کي وڌيڪ ٻڌڻ جي همت نہ هئي. هوءَ مٿي هلي وئي ۽ هڪ پاسي ويھي پنھنجي قسمت جو ماتم ڪرڻ لڳي.
ٻئي ڏينھن بعد صبح جو زينت بورچيءَ کي ڀاڄي وٺڻ لاءِ سڏ ڪيو پر کيس جواب نہ مليو. ٻن سڏن بعد بورچيءَ جي بدران گل اندام کيس جواب ڏنو، جيڪا ايزي چيئر تي ويٺي لڏي لڏي پنھنجا ننھن سيت ڪري رهي هئي.
”رمضو ڪونھي ڀاڄي وٺڻ ويو آهي.“
”ڀاڄي؟“ زينت وائڙي ٿي وئي، ”پر مون تہ ڀاڄي ٻڌائي ئي ڪونہ هيس“
”مون ٻڌائي مانس“ گل لاپرواهيءَ سان چيو، ”مان بيڪار کاڌا کائي کائي بيزار ٿي آهيان. اڄ کان وٺي ڇا پچندو، مان پاڻ ئي فيصلو ڪنديس.“
ان کان اول جو زينت ڪجهہ چوي گل اندام نوڪرياڻيءَ کي سڏ ڪري چيو:
”هي ليمپ اتان کڻ، ڪيڏي نہ بيڪار ٿي لڳي اها پراڻي ليمپ.“
زينت ليمپ ڏانھن ڏٺو، اها ليمپ هن کي سندس پسند تي منير وٺي ڏني هئي. نوڪرياڻي وڌي ليمپ کڻڻ لڳي تہ زينت ويجهو وڃي کيس منع ڪندي چيو:
”اها ليمپ اتي رهڻ ڏي“
گل اندام خار کائيندي چيو:
”اها هتي صفا نہ ٿي ٺھي، مون کي هتي انڊور پلانٽ رکڻو آهي.“
زينت مڙي کيس ڏٺو ۽ چيائين:
”گل تون گهر ۾ ڦير ڦار ڪرڻ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ صلاح تہ ڪندي ڪر“
”ڇو؟“ گل ڀرون تاڻي خار مان چيو، ”توکي ڊيڪوريشن جي ڄاڻ مون کان وڌيڪ آهي ڇا يا هي گهر رڳو تنھنجو آهي.“
”مان ائين نہ ٿي چوان، بس هيءَ ليمپ اتي رهڻ ڏي. مون شوق مان ورتي هئي.“
”تہ پوءِ کڻائي وڃي پنھنجي ڪمري ۾ رک“
زينت گل اندام جو مقصد سمجهي وئي. هوءَ ساڻس اٽڪڻ جا وجهہ ڳولھي رهي هئي. هوا جو رخ گل اندام جي حق ۾ هو، ان ڪري زينت اتان خاموشيءَ سان هلي وئي. شام جو جڏهن منير گهر آيو تہ گل اندام کيس هٿ کان پڪڙي پنھنجي ڪمري ۾ وٺي وئي. ڪافي دير بعد منير اتان نڪري سڌو زينت ڏانھن آيو ۽ ڪجهہ قدر ترش آواز ۾ پڇيائين:
”زينت، توکي گل سان ڪھڙو مسئلو آهي؟“
زينت ڏکارين نظرن سان منير ڏانھن ڏٺو ۽ چيائين:
”مسئلو مونکي نہ، گل کي مونسان آهي“
”ها، هن کي شڪايت آهي تہ تون هن کي گهر جي ڪنھن بہ شئي کي هٿ لائڻ نہ ٿي ڏين، سڄو گهر پنھنجي مرضيءَ مطابق هلائڻ ٿي چاهين.“
”تون بہ ائين ٿو سمجهين؟“ زينت شڪايت واري انداز ۾ چيو.
”لڳي تہ ائين ٿو“
”منير“ زينت کيس ڏوراپو ڏيندي چيو، ”منھنجي ايترن سالن جي ساٿ جو قدر نہ اٿئي باقي هن ڪلھہ آيل عورت کي وڌيڪ اهميت ٿو ڏين.“
منير هن سامھون ٿي ويٺو ۽ ڌيرج سان چيائين:
”ڏس زينت، مان توکي گهٽ نہ ٿو ڪيان پر توکي بہ خيال رکڻ گهرجي تہ هوءَ منھنجي زال آهي. هن گهر ۾ اڌ حق تہ ان جو بہ آهي نہ. هوءَ نوجوان تعليم يافتہ، نئين زماني جي عورت آهي. ٻاهرين دنيا ۾ اٿڻ ويھڻ جا طور طريقا چڱيءَ طرح ڄاڻندي آهي. اهڙيءَ طرح گهر کي سنوارڻ سينگارڻ جو هنر بہ نئين زماني مطابق اٿس. هن کي مون کان بھتر خاوند ملي سگهي پيو پر هن منھنجي محبت هٿان هڪ شادي شدہ ٻارن ٻچن جي پيءُ سان شادي ڪئي. هن جي ان قربانيءَ کي ڏسندي مونکي هن جو ايترو خيال تہ رکڻو آهي نہ“
زينت يڪ ٽڪ کيس ڏسندي رهي. منير هن جي اکين جي سوالن کان نظرون چورائيندي اٿي کڙو ٿيو ۽ چيائين:
”گل جيڪو ڪرڻ چاهي ٿي کيس ڪرڻ ڏي، تون آرام سان ويٺي رھہ.“
هو هليو ويو. گويا نرم لھجي ۾ کيس سندس حد ٻڌائي ويو.
هن ملڪ، هن معاشري عورت لاءِ اهائي حد مقرر ڪئي آهي تہ مڙس عورت جو مجازي خدا هوندو آهي ۽ گهر ڪعبو. مڙس جي خدمت هن جي عبادت هوندي آهي ۽ محبت هن جو ايمان. هوءَ شايد ان حقيقت کان بي خبر هوندي آهي تہ هن جو ايمان بي بنياد هوندو آهي، جنھن تي هوءَ پنھنجي ڀرم جو بُت کڙو ڪندي آهي. ڇاڪاڻ تہ جنھن گهر کي هوءَ پنھنجي هميشہ رهڻ واري پناهگاھہ سمجهندي آهي، اها کيس هميشہ لاءِ پنھنجي پناھہ ۾ رکي نہ سگهندي آهي. ڪڏهن اولاد وڏي ٿي کانئس اها پناهگاھہ کسي وٺندي آهي. تہ ڪڏهن ڪا ٻي عورت اچي هن کان اها پناهگاھہ کسي ڇڏيندي آهي. پوءِ هن جي ڀرم جو بُت ڪري پوندو آهي ۽ هوءَ بي پناھہ ٿي بي حيثيت ۽ بي قيمت رهجي ويندي آهي.
زينت بہ بي پناھہ ٿي پئي هئي. پنھنجي ئي گهر ۾ بي حيثيت ٿي وئي هئي. گل اندام ۽ منير انھيءَ ئي خوابگاھہ ۾ چاهتن جا مزا ماڻيندا هئا، جيڪا هن جي ۽ منير جي محبتن جي رازدار هئي. هنن جي ٿڌن مٺن، ڇتن ۽ جوشيلن جذبن جي امين هئي ۽ ٿورن قدمن تي هوءَ اڪيلي اوندھہ ۾ هڪ هڪ پل اذيت ۾ ڪاٽيندي هئي. اڪثر اڪيلائپ ۾ پنھنجي ڪھاڻي پاڻ کي ٻڌائيندي هئي، جيڪا گهٽيءَ جي هڪ موڙ تي ڪتڪتايون ڏيندڙ جذبي سان شروع ٿي هئي، اها روشن رنگين سڳنڌ سان ٻھڪيل رات ياد ايندي هئي، جڏهن هوءَ پنھنجي اُجري، سرهي، ڪوري جوڀن جا نظرانا ۽ محبتن جا خزانا کڻي منير جي آغوش ۾ سمائجي وئي هئي.
هن جي اکين ۾ انھن چانڊوڪين راتين جا خواب لھي ايندا هئا، جيڪي هن دادوءَ جي هڪ ڪچي اڱڻ ۾ منير جي سيني تي مٿو رکي گذاريون هيون. اهي ڏينھن ياد ايندا هئا، جڏهن هوءَ روز روز ٿورو ٿورو ڪري ٺھندڙ پنھنجو گهر ڏسندي مستقبل جا خواب اڻندي هئي. اهو دلڪش ماضي ۽ اميدن ڀريل مستقبل حال جي هڪ ويران ڪمري ۾ بدلجي ويو هو، جنھن ۾ هوءَ حالات جي ڪنڊن سان ڀريل وڇاڻي تي سڄي رات تڙپندي گذاريندي هئي. اهو گهر جنھن جي هر هڪ ڪنڊ هن محبت سان سينگاري هئي. آهستي آهستي هڪ ٻي عورت هن کان کسي ورتو هيو. هن کي ڪنھن بہ شئي تي ڪو حق نہ رهيو هيو. اهڙي بي حيثيتي ۽ بي قيمت هجڻ واري حالت ۾ هوءَ وقت گذاري رهي هئي تہ هڪ ڏينھن هن جو ڀاءُ ساجد اچي نڪتو. سندس حالت ڏسي چيائين:
”ادي تون ننڌڻڪي ناهين جو اسان توکي ائين ڇڏي ڏيون. مونسان گهر هل، مان توکي وٺڻ آيو آهيان.“
”ڪھڙي گهر هلان ڀائو؟“ زينت زخمي آواز ۾ چيو، ”پيءُ ماءُ جو گهر تہ ڇڏي اچي هي گهر وسايو هيم، پنھنجو گهر ڇڏي واپس ڪيئن وڃان.“
”پر ادي هي گهر بہ تہ هاڻي تنھنجو ناهي رهيو، ادا منير تنھنجي خدمت ۽ وفاداريءَ جو چڱو صلو ڏنو آهي. فالتو شئي جيان گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ اڇلائي ڦٽو ڪيو اٿائون توکي. ادا منير وڏو ماڻھو ٿي ويو آهي نہ، پراڻي فرنيچر وانگر پراڻي زال بہ نہ ٿي وڻيس.“
”ڀائو مان اڪيلي ناهيان“ زينت پريشان ٿي چيو، ”منھنجا ٻار بہ تہ آهن.“
”ٻار تہ اڳي ئي توکان مڙس کسي ورتا هئا. جھڙا هِت پري تھڙا هُت پري. جڏهن وڏا ٿيا ۽ تنھنجي مالڪي ڪيائون تہ پوءِ اسان بہ توکي ڪونہ روڪينداسين.“
ان وقت منير بہ اندران ڪمري مان نڪري ڏانھن آيو. ساجد سان مليو پوءِ زينت کي چيائين:
”زينت، ساجد کي مون گهرايو آهي، تون ڪجهہ وقت پيڪن وٽ هلي وڃ، جيسيتائين حالات صحيح ٿين.“
”مان اتي ڪيسيتائين رهندم؟“ زينت آهستي پڇيو.
”پوءِ مان توکي پاڻھي گهرائي وٺندم“ منير کيس دلجاءِ ڏيندي چيو.
زينت يڪ ٽڪ کيس ڏسندي رهي ۽ سوچيندي رهي:
”تہ گويا اي ناخدا تنھنجي ٻيڙيءَ ۾ منھنجي وجود جو وزن برداشت نہ ٿو ٿئي توکان، تون پاڻ ئي مونکي الڳ ڪرڻ ٿو چاهين.“
ٻي ڏينھن صبح جو هوءَ ساجد سان گڏ پيڪين رواني ٿي. گهر کان نڪرڻ کان اڳ دروازي وٽ هن جا قدم رڪجي ويا. هن مُڙي گهر ڏانھن ڏٺو. ورانڊي ۾ گل اندام ۽ منير بيٺا هئا. گل اندام جي چھري تي فاتحانہ مُرڪ هئي پر منير جو چھرو خالي سليٽ وانگر هيو.
اهو گهر، جيڪو هن ڌرتيءَ تي هن جي جنت هيو، اڄ هن لاءِ پرايو ٿي ويو هيو. اهو شخص، جيڪو اڄ کان اول هن جو محبوب، رکوالو ۽ محافظ هو، اڄ هن سان هر تعلق ختم ڪري ڌاريو ٿي ويو هيو. دولت جي جادوگري، هن کي معيار جي بلندين واري نشي ۾ مبتلا ڪري محبتن نڀائڻ جي شناس کان محروم ڪري ڇڏيو هيو، اهي ٻئي هڪ ٻيٽ تي مليا هيا. محبت سان گڏجي ان ٻيٽ کي جنت بنايو هئائون. جڏهن اها جنت تيار ٿي تہ آدم پنھنجي حوا کي پاڻ ئي ان جنت مان تڙي ڪڍيو. ان ڪري تہ هوءَ سندس ان جنت جي معيار مطابق نہ هئي. ۽ هن کي پنھنجي ان جنت جي معيار مطابق هڪ ٻي حوا ملي چڪي هئي. گويا قصو آهي ئي ٻن عورتن جو. ٻي عورت جيڪڏهن غاصب بنجي ان مرد جي ساٿ سان ان جنت ۾ داخل نہ ٿي ها تہ اهو مرد پنھنجي عورت کي هرگز هڪالي نہ ڪڍي ها.
هڪ عورت مرد جي محبت کي دائمي سمجهي پنھنجي سموري هستي ان لاءِ وقف ڪري ڇڏي ٿي ۽ پنھنجو پاڻ کان غافل ٿي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح هوءَ پنھنجو پاڻ سان غداري ڪري ٿي. ٻي عورت ان جي غفلت کان فائدو وٺندي سندس محبت واري جنت کانئس کسي وٺي ٿي. اهڙيءَ طرح هوءَ پنھنجي صنف سان غداري ڪري ٿي. اشرف المخلوقات جي لقب وارا هي مهذب جانور پنھنجين فطري جبلتن ۽ مفادن ۾ جانورن کان بہ وڌيڪ خود غرض ۽ مڪار نڪرن ٿا. اهي تہ سڀ گرگ آشتيءَ واري عمل ۾ مصروف آهن. زينت پنھنجو سڀ ڪجهہ لُٽائي، خالي دامن کڻي هلي آئي. هر ڪنھن ڄاڻ سڃاڻ واري پنھنجي پنھنجي ذهنيت مطابق ٽيڪا ٽپڻي ڪئي. ڪنھن چيو:
”زينت چري آهي، گهر ڦٽي ڪري هلي آئي، مڙس چار زالون بہ پرڻبا آهن، منير ٻي ڪئي تہ ڇا ٿيو.“
ماءُ چيس، ”زينت، ڪو وظيفو ڪر، ڪو لک پڙھہ، ڪنھن پير فقير جي ڪڍ پئون. من رب ڪٿان ٻڌي ۽ منير وري پوي.“
زينت سياري جي راتين ۾ ڇت تي بيھي وظيفا پڙهيا، اونھاري جي ساڙيندڙ جهولن ۾ لک پڙهيا. پيرن فقيرن جي ڪڍ پري پري تائين پنڌ ڪيا. پر ڪيئي سيارا، اونھارا گذري ويا. زينت جا سمورا زيور هڪ هڪ ڪري وڪامجي ويا. منير جي نئين زال ٽي ٻار ڄڻيا. منير ڪراچيءَ نئون بنگلو وٺي شفٽ ٿي ويو. زينت جا ٻار ڪيڊٽ ڪاليج ۾ هليا ويا. پر منير نہ موٽيو. ڪڏهن ڀلجي بہ ليئو نہ پاتائين.
زينت جي جسم جي چرٻي ڇڻي وئي. هڏن تان گوشت بہ ڪورجي ويو. وار اڇا ٿي ويا، اکيون ڏرا ڏئي ويون. هوءَ حالات سان سمجهوتو ڪري ماٺ ڪري ويھي رهي.
هڪ ڏينھن ماڻس کيس چيو:
”زينت، پير غوثل شاھہ جي درگاھہ تي هڪ درويش آيو آهي، چون ٿا ڏاڍو پھتل درويش آهي، هل تہ هلي سوال ڪيونس.“
”امان، مان ٿڪجي پئي آهيان“ زينت چيو، ”هاڻي مون وٽ ڪو ڇلو بہ ناهي بچيو، جيڪو پيرن فقيرن جي ڪڍ ڳاريان“
”ٻڌو اٿئون تہ درويش ڪو پئسو ڏوڪڙ نہ ٿو وٺي“ ماڻس کيس منٿ ڪندي چيو، ”بس هي ڀيرو هل، آخري ڀيرو.“
سفيد ڏاڙهي ۽ نوراني چھري واري درويش پنھنجي سامھون ململ جي رئي ۾ ويڙهيل زينت ڏانھن ڏٺو، جنھن جو بي رونق چھرو ۽ ويران اکيون سندس اڻانگي سفر جو داستان بيان ڪري رهيون هيون.
”مائي“ درويش ڳنڀير آواز ۾ پڇيو، ”خاوند رسي ويو اٿئي؟“
”ها سائين“ زينت مئل آواز ۾ چيو.
درويش معنيٰ خيز نظرن سان ڏٺو ۽ وري پڇيو:
”عذاب آهي؟ ڪيئن“
”ها سائين. ڏاڍو عذاب آهي“
”جتن ڪونہ ڪياسين“
”ڏاڍا جتن ڪيم سائين، اٺ سال ٿيا اٿم ڏونگر ڏوريندي، پنھنجا هي حال ڪيا اٿم.“
”ڪونہ پرتئي؟“ درويش پڇيو.
”نہ سائين“
”اوھہ چري مائي“ درويش پنھنجي گوڏي تي هٿ هڻي چيو:
”خاوند جي رسڻ جي عذاب جوانيءَ ۾ پوڙهو ڪري ڇڏيو اٿي، خاوند حقيقيءَ جي رسڻ جو عذاب ياد نہ هيئي؟“
”زينت هڪي ٻَڪي ٿي کيس ڏسڻ لڳي.
درويش ڌرتيءَ ڏانھن اشارو ڪندي چيو:
”مائي، اهي ڪشٽ ڪشالا خاوند حقيقيءَ لاءِ ڪرين ها تہ اڄ مان ائين تنھنجي قدمن ۾ ويھي توکان مراد گهران ها.“
زينت گم سم ٿي وئي.
”مائي اهڙن ڪوڙن بُتن جي عبادت ڇو ٿيون ڪيو، جيڪي توهان جو قدر ئي نہ ڪن. اوجاڳا ڪيو ان مالڪ جا جيڪو اوجاڳن جو قدر ڪري ڄاڻي.“