من اندرِ جا لوچ
”مئڊم، مسز بلوچ آئي آهي.“ نائڪ مونکي ٻڌايو.
مون فائلن تان نظر هٽائي ڏانھس ڏٺو ۽ مسز بلوچ کي اندر موڪلڻ جو اشارو ڪيو. مسز بلوچ نالي هڪ عورت هڪ ڏينھن اول مون سان فون تي رابطو ڪيو هو. هن پنھنجي مڙس جي مائٽن تي ملڪيت ڦٻائڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ مونکي پنھنجو وڪيل ڪرڻ ٿي چاهيو. مون وٽ اڳ ۾ ڪافي ڪيس هيا ۽ گهڻي مصروفيت سبب ڪو نئون ڪيس کڻڻ نہ ٿي چاهيو. پر خبر ناهي هن جي لھجي ۾ ڪھڙي ڳالھہ هئي جو مان هن کي انڪار ڪري نہ سگهيس ۽ کيس ملڻ جو وقت ڏنم.
ٿوري دير ۾ هوءَ اندر آئي ۽ سلام ڪري پنھنجي سامھون ويٺي. اسان ٻئي اچرج مان هڪ ٻئي ڏانھن ڏسڻ لڳاسين. اها پنجاھہ سالن جي معزز عورت ٻي ڪانہ منھنجي ننڍپڻ کان وٺي پياري سھيلي ميمونا هئي، جنھن کي مان پنجويھن سالن کان پوءِ ڏسي رهي هيس.
”مونا“ مون کيس سڃاڻندي چيو.
”خيرالنساءِ...... خيري“ هن بہ مون کي سڃاتو.
اسان ٻئي اٿي ڏاڍي اُڪير سان هڪ ٻئي سان ملياسين“
”مونا، تون تہ گم ٿي وئينءَ، پنجويھن سالن ۾ تنھنجي ڪا خبر ئي نہ رهي.“
”تون بہ تہ سُڌ سماءُ نہ لڌو.“ هن چيو.
”بس شادي ٿي وئي، ٻارن جون مصروفيتون، گڏوگڏ ڪيريئر ٺاهڻ ۾ بہ ايڏي تہ مصروفيت ٿي وئي جو ٻي ڪنھن پاسي ڌيان ئي نہ رهيو.“ مون چيو ۽ پوءِ کانئس پڇيم، ”چڱو تون ٻڌاءِ حال احوال، هي تنھنجو ملڪيت جو ڪھڙو ڦڏو آهي ۽ تنھنجو گهر وارو ڪڏهن گذاري ويو؟“
هن هڪ ڊگهو ساھہ کنيو ۽ چيائين، ”هو گذاري نہ ويو، هليو ويو.“
”هليو ويو!“ مون حيران ٿي پڇيو، ”ڪيڏانھن هليو ويو؟“
”خبر ناهي“ هن چيو.
”ڪڏهن؟“
”اڻويھہ سال ٿي ويا اٿس“
”۽ تنھنجا ٻار؟“
”هوءَ عجيب کِل کلي ۽ چيائين، ”هن رڳو مون کي مسز لکڻ جي سوغات ڏني، ٻيو ڪجهہ بہ نہ.“
”پوءِ تون ايترو وقت چپ رهي هاڻي ملڪيت لاءِ ڪيس ڪرڻ جي ضرورت ڇو سمجهي؟“
”هن جا سئوٽ، هن جي ملڪيت عياشين ۾ برباد پيا ڪن. مان چاهيان ٿي تہ اها ضايع ٿيڻ بدران ڪنھن نيڪ ڪم ۾ استعمال ٿئي.“
”مونا، مونکي تنھنجو ڪيس وڙهڻ لاءِ سمورين حقيقتن ڄاڻڻ جي ضرورت آهي.“
”ڇا ايترو ڪافي ناهي تہ هو شاديءَ جي هڪ سال کان پوءِ مونکي ڇڏي هليو ويو.“
”نہ، ايترو ڪافي ناهي، ڪيس هلندو تہ کوڙ وڻندڙ، اڻ وڻندڙ ڳالھيون سامھون اينديون. بھتر آهي تہ مونکي سموري سچائي معلوم هجي.“
”سموري سچائي مان ٻڌائي نہ سگهنديس.“ هن جي چھري تي پيڙا ظاهر ٿي.
”ڇو؟“
”سچائي ڪو سمجهي ئي نہ سگهندو“ هن بي بسيءَ مان اکيون بند ڪري چيو، ”ٻاهريان زخم هر ڪو ڏسي سگهندو آهي پر من اندر جيڪا لوچ هوندي آهي، اها ڪو سمجهي ئي نہ سگهندو.“
”مونا“ مون سندس ڪلھي تي هٿ رکندي چيو، ”اسان ماضيءَ ۾ ڏک سُک گڏ ونڊيندا هئاسين، مان اڄ بہ ساڳئي خيري آهيان، جنھن سان تون پنھنجا ڏک شيئر ڪري سگهين ٿي، ان ڀروسي سان تہ مان تنھنجا ڏک ڪنھن ٻئي سان شيئر نہ ڪنديس.“
هن کن پل مون ڏانھن ڏٺو پوءِ چيائين، ”توکي مونسان گڏ ويھہ سال پوئتي هلڻو پوندو.“
۽ پوءِ هن جيڪو ڪجهہ مونکي ٻڌايو، ان مون تي ان حقيقت جو پردو کوليو تہ:
”محبت جي ڪا تشريح، ڪا حد ناهي. محبت اهو پارو آهي، جنھن کي ڪنھن بہ سانچي ۾ سموهي نہ ٿو سگهجي. ڪنھن ٻنڌڻ ۾ ٻڌي نہ ٿو سگهجي. ان جا بي شمار روپ آهن پر ڪنھن رشتي ۾ ٻڌي نہ ٿو سگهجي. هي اهو سمنڊ آهي، جنھن جون لھرون جڏهن موج تي اينديون آهن تہ هر شئي کي پنھنجي وجود ۾ وڪوڙينديون غرق ڪنديون هليون وينديون آهن.“
رابعہ ماني پچائيندي بورچيخاني جي دروازي مان ٻاهر ڏٺو، سامھون ايمن اڱڻ جي پاسي ۾ پوکيل گلن ٻوٽن جي صفائي ڪري رهي هئي. رابعہ کلي پڇيو:
”آپي، تون آخر ڪيترا گل ٻوٽا پوکيندينءَ؟ جتي بہ زمين ٽڪرو نظر اچي ٿو سائو سَلو پوکي ٿي ڇڏين.“
ايمن مُرڪندي ڏانھس ڏٺو ۽ چيائينس، ”منھنجي دل ٿي چوي تہ هن گهر جي هر هڪ ڪنڊ ۾ گل نظر اچن. ڪراچيءَ ۾ تہ زمين نصيب ئي نہ ٿي هئي تہ ڪو ٻوٽو پوکي سگهجي، مس تہ زمين ملي آهي.“
هنن جو پيءُ قاضي ابرار حسين ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ پنجٽيھہ سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ هڪ سال اڳ رٽائرڊ ٿيو هيو. ۽ پنھنجين ٽنھي ڌيئرن شمع ايمن، ميمونا ۽ رابعہ سميت پنھنجي اباڻي شھر خيرپور ۾ اچي آباد ٿيو هو. رٽائرمينٽ کان پوءِ جيڪي پئسا مليا هئس انھن مان نئين آباديءَ واري علائقي ۾ اهو گهر ٺھرايو هئائين. گهر سان لڳو لڳ روڊ جي پاسي کان هڪ ڪشادو دڪان پڻ ٺھرايو هئائين، جنھن ۾ ڪتاب ۽ ٻيو تعليمي سامان رکيو هئائين. پٺئين پاسي کان رابعہ لاءِ ننڍڙو بيوٽي پارلر تعمير ڪرايو هئائين. ڇاڪاڻ تہ رابعہ بيوٽيشن جو ڪورس پاس ڪيو هو.
ميمونا تہ ٽريننگ ڪاليج ۾ ٽريننگ انسٽرڪٽر هئي. ان کان سواءِ ايم اي جي امتحان جي تياري بہ ڪري رهي هئي. ايمن ڪمپوٽر سائنس ۾ ڊگري ورتي هئي. هڪ هفتو اڳ کيس ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ ۾ نوڪري ملي هئي. سندس گهر ۾ اڃا ٿورو گهڻو ڪم رهيل هو تہ هو گهر ۾ لڏي آيا هئا. ڇاڪاڻ تہ قاضي صاحب دڪان جو ڌنڌو شروع ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ اهو نئين آباديءَ وارو علائقو هو، ان ۾ اڃا گهڻا گهر ڪونہ ٺھيا هئا پر مين روڊ تي هجڻ ڪري دڪان گهڻي ڀاڱي ڪامياب ويو هو. ايمن ان گهر ۾ اچي تمام گهڻو خوش ٿي هئي. هنن اڳ واري زندگي ڪراچيءَ جي هڪ بند فليٽ ۾ گذاري هئي. ان ڪري ويڪري اڱڻ وارو ڪشادو گهر ٺاهڻ بعد سڀ خوشيءَ سان ان ۾ رهڻ لاءِ هليا آيا هئا.
ايمن مٽيءَ ڀريل هٿ ڌوئي صاف ڪري واندي ٿي تہ ان وقت ميمونا گهر ۾ گهڙي. هن جي مُنھن تي فڪر ۽ پريشاني ڇانيل هئي. هن فائيل ۽ پرس هڪ طرف ٽيبل تي رکيو ۽ ورانڊي ۾ رکيل ايزي چيئر تي پاڻ ڪيرايائين.
”خيريت؟“ ايمن سندس ڀرسان وڃي پڇيو.
”منھنجي ٽريننگ لڳي آهي اسلام آباد.... ٽن مھينن لاءِ“ ميمونا کيس ٻڌايو.
”وائو.....“ايمن خوش ٿي چيو، ”اها تہ سٺي خبر آهي.“
”سٺي خبر وري ڌوڙ آهي، اڳلي مھيني منھنجا امتحان آهن.“
”هون“ ايمن سوچ ۾ پئجي وئي، ”اها تہ واقعي پريشانيءَ جي ڳالھہ آهي....“
پوءِ چيائين، ”تون پرنسيپل سان ڳالھائي ڪينسل ڪرائي ڇڏ.“
”پرنسپل مون کي رليوِ ڪري ڇڏيو آهي، چوي ٿي ٽريننگ
ڪرڻ ضروي آهي. انڪار ڪرڻ جي صورت ۾ ايڪشن کنيو ويندو.“
”يار سچوئيشن گنڀير آهي.“ ايمن چيو، ”امتحان بہ ضروري آهي ۽ سچ پڇين تہ اسلام آباد گهمڻ واري ڳالھہ بہ مزي جي آهي. منھنجي آفيس وارا مونکي موڪلين تہ مان هڪدم هلي وڃان.“
ميمونا کيس غور سان ڏٺو. ڪجهہ سوچڻ لڳي، پوءِ هڪدم سڌي ٿي ويٺي ۽ چيائين، ”ايمن منھنجي بدران تون ڇو نہ ٿي هلي وڃين...... منھنجي نالي سان؟“
”نہ بابا، مان پڪڙجي پوان تہ پوءِ؟“
”صفا بہ نہ پڪڙبينءَ“ ميمونا چيو، ”اسان هتي نوان آهيون، گهڻو ڪو سڃاڻي ئي ڪونہ ۽ اتي بہ سڀ نوان ماڻھو هوندا الڳ الڳ شھرن جا توکي ڪوبہ سڃاڻي نہ سگهندو.“
”۽ منھنجي نوڪري، مونکي اڃا هڪ هفتو تہ ٿيو آهي جوائن ڪئي. آفيس وارا چون پيا تہ مونکي پڻ ٻن هفتن جي انٽروڊڪٽري ٽريننگ لاءِ ڪراچيءَ موڪليندا.“
”تنھنجي نوڪري اڃا نئين آهي.“ ايمن چيو، ”هتي ٽرينڊ ڇوڪريون آهن ڪٿي؟ تون ٽي مھينا پوءِ بہ جوائن ڪندينءَ تہ خوشيءَ سان وٺندئي.“
”ها آپي، مونا آپي سچ ٿي چوي،“ رابعہ جيڪا پريان سندن ڳالھيون ٻڌي رهي هئي، اچي سندن ڀرسان بيٺي، ”توکي اونھيئن گهمڻ ڦرڻ جو شوق آهي. ان بھاني اسلام آباد ۽ ٻيون جڳهون ڏسي سگهندينءَ.“
ايمن، جيڪا اڌ راضي ٿي وئي هئي، ڪجهہ سوچي چيو:
”پر مونا، مون کي تنھنجي پروفيشن جي ڪا ڄاڻ ئي ڪانھي اتي ڇا ڪنديس؟“
”ڪجهہ نہ“ ميمونا کلي چيو، ”ٻيا بہ ڪجهہ نہ ڪندا آهن، بس سڀ ٽائيم پاس ڪندا آهن. تون بہ ڪونہ ڪو حل ڪڍي وٺجانءِ. بس هڪ ڳالھہ ياد رکجانءِ ڪڏهن بہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي پنھنجي اصليت نہ ٻڌائجانءِ، چاهي ڪيترو بہ فري هجي توسان. جيڪڏهن ڪٿان بہ ڳالھہ لِيڪ ٿيندي تہ پوءِ ضرور ڦھلجي ويندي. پوءِ تون ۽ مان ٻئي مصيبت ۾ اچي وينداسين.“
”پر توکي هتي نہ ڏسندا ماڻھو؟“ ايمن چيو.
”مان بہ توسان گڏ ئي غائب ٿي وينديس“ ميمونا چيو، ”مان ڪراچيءَ ٿي هلي وڃان، بُوا جن وٽ ٽڪي پونديس. امتحان ۽ واءِ وا ٻئي اٽينڊ ڪري پوءِ موٽنديس. هتي رابعہ آهي بابا جو خيال رکڻ لاءِ.“
اسلام آباد جي آسمان هيٺان آئي پنج ڏينھن گذري ويا هئا. هوءَ ڪلاس تہ اٽينڊ ڪندي هئي پر اتي جيڪو ڪجهہ سيکاريو ويندو هو نہ اهو کيس سمجهہ ۾ ايندو هو نہ ئي وڻندو هو. جيڪڏهن نسرين جھڙي کلمک ۽ پُرخلوص روم ميٽ کيس نہ ملي ها تہ شايد هوءَ ان ٽريننگ مان جلد ئي بيزار ٿي وڃي ها. انھن پنجن ڏينھن جي تمام ٿورڙي عرصي ۾ نسرين ۽ هن جي وچ ۾ ايتري بي تڪلف دوستي ٿي وئي هئي، ڄڻ ورهين کان هڪ ٻئي جون واقف هيون.
”يار تنھنجو مزاج ۽ طبيعت هن فيلڊ سان ميل ئي نہ ٿي کائي، تون هن فيلڊ ۾ ڪيئن آئي آهين؟“ سينٽر جي ڏاڪڻ چڙهندي نسرين کانئس پڇيو.
”اها سڀ مونا جي بدمعاشي آهي.“ ايمن چيو.
”ڪيئن ڀلا؟“ نسرين پڇيو.
ان کان اڳ جو ايمن کيس اصل حقيقت ٻڌائي، کيس ميمونا جي نصيحت ياد آئي.
”بس ڪڏهن ٻڌائينديمانءِ“ هن ڳالھہ نٽائيندي چيو ۽ لئبرريءَ ڏانھن مُڙي وئي.
”ڪيڏانھن؟“ پٺيان نسرين رڙ ڪئي.
”مان سڀاڻي جي اسائنمينٽ لاءِ ڪو ڪتاب ٿي ڏسان.“
”۽ ليڪچر؟“ نسرين پڇيو.
”ڇڏ يار! پراڻن ٻڍن، ٻڍن چھرن کي ڏسي بور ٿي ويا آهيون“
”محترمہ، ليڪچر اٽينڊ نہ ڪندينءَ تہ حاضري نہ لڳندئي ۽ اڄ جو ٽي اي، ڊي اي خلاص.“ نسرين چيو.
پر هوءَ مسڪرائيندي لائبرريءَ هلي وئي.
لائبرريءَ مان جلد ئي کيس ٻہ ٽي ڪم جا ڪتاب ملي ويا. هوءَ ڪتاب کڻي ٻاهر نڪتي ۽ سوچڻ لڳي تہ ڪيڏانھن وڃي. سو ليڪچر هال ڏانھن وئي. هوءَ جڏهن ليڪچر هال ۾ پھتي تہ آخري ميمبر جو تعارف هلي رهيو هو. ليڪچر وٺڻ وارو چھرو نئون ۽ تازو هو. پنھنجي سيٽ ڏانھن ويندي هوءَ ٻہ ٽي ڀيرا قالين ۾ وچڙي ۽ ٿاٻو کاڌائين. آس پاس وارن ميمبرن ڪنڌ ورائي کيس ڏٺو.
”سوري“ چئي هوءَ تڪڙ ۾ وڃي پنھنجي سيٽ تي ويٺي. رسيور پرسن آخري ميمبر سان تعارف ختم ڪري مُڙي ايمن ڏانھن آيو. هوءَ کيس پاڻ ڏانھن ايندو ڏسي بد حواس ٿي وئي. پنھنجي اڳيان رکيل نالي واري تختي سڌي ڪرڻ لڳي تہ هٿ وڃي اڳيان رکيل ٿرماس کي لڳس، ٿرماس ٽيبل تي ڪري پيو. تڪڙ ۾ ٿرماس کي سڌو ڪيائين تہ گلاس ڪري پيو، جيڪو لڙهڪندو وڃي سندس ڀرسان ويٺل نسرين جي جهوليءَ ۾ ڪريو. رسيور پرسن جي چپن تي مُرڪ ۽ اکين ۾ دلچسپيءَ واري چمڪ ظاهر ٿي. هو پنھنجي وات تي هٿ رکي آهستي کنگهيو.
”سوري!“ ايمن ڪلھا لوڏيندي چيو.
”اٽس اوڪي.“ هن سندس آڏو رکيل نيم پليٽ سڌي ڪري سندس نالو پڙهيو، ”مس ميمونا قاضي“ ۽ پوءِ پنھنجو تعارف ڪرائيندي چيائين، ”آءِ ايم منصور احمد“
”هيلو“ ايمن آهستي چيو.
”فرام ويئر؟“ هن پڇيو.
”خيرپور“
”گڊ ٽُ سي يو“ منصور احمد مرڪيو، ”هڪ شھر جا آهيون ۽ پوءِ ڊائيس تي وڃي پنھنجو ليڪچر شروع ڪيائين. هو ڇا چئي رهيو هو. پروجيڪٽر تي سلوگن ڏيکاري کين سمجهائي رهيو هو پر ايمن جو ڌيان ئي نہ هو. ان ڪري کيس ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ آيو. هوءَ خالي خالي نظرن سان ان انسان کي ڏسي رهي هئي، جيڪو ٻين کان بلڪل منفرد ۽ مختلف ٿي لڳو. هن جو صبح جھڙي تازگيءَ سان ڀريل صبيح چھرو، ملائم آواز ۽ ترسي ترسي ڳالھائڻ جو انداز وڻندڙ هو.
”ايمن“ نسرين آهستي کيس سڏ ڪيو تہ هن کي پنھنجي آسپاس جو احساس ٿيو. ليڪچر ختم ٿي چڪو هو، سوالن جوابن جو سلسلو هلي رهيو هو. منصور مختلف ميمبرن جي سيٽن ڏانھن وڃي کانئن سوال ڪري رهيو هو. ايمن جڏهن هن کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺو تہ پريشان ٿي وئي. هن غور سان ڏانھس ڏٺو ۽ خبر ناهي ڇا سوچي ايمن ڏانھن ايندي ايندي موٽي ويو ۽ سوالن جو سلسلو بند ڪندي چيائين:
”اوڪي ليڊيز اينڊ جنٽلمين، هاڻي ليڪچر جو ٽائيم ختم ٿيو، باقي سڀاڻي.“
ايمن اطمينان جو ساھہ کنيو.
هو پنھنجا ڪاغذ سھيڙڻ ۽ پروجيڪٽر بند ڪرائڻ لڳو. سڀ ميمبر هڪ هڪ ڪري اٿندا ويا. منصور جڏهن پنھنجا فائل کڻي ٻاهر وڃڻ لڳو تہ ايمن وٽان لنگهندي ٿورو ترسيو، پنھنجي مخصوص ڌيمي لھجي ۾ چيائين، ”اوهان کي شايد ليڪچر سمجهہ ۾ نہ آيو آهي مس...... ميمونا اوهين ٽي بريڪ کان پوءِ منھنجي آفيس ۾ اچجو شايد مان اوهان جي ڪا مدد ڪري سگهان.“
ائين چئي ٻہ قدم هليو ۽ وري مُڙي چيائين، ”منھنجي آفيس ٿرڊ فلور تي آهي.“
هو پنھنجي آفيس چيئر سان ٽيڪ لڳائي يڪ ٽِڪَ گهڙيال ڏانھن ڏسي رهيو هو، جنھن ۾ منجهند جا ٽي وڄي رهيا هئا ۽ هن کي ٻڌائي رهيا هئا تہ هاسٽل وڃڻ واري وين وڃي چڪي هئي ۽ هن کي جنھن جو انتظار هو، سا پڻ وڃي چڪي هئي.
”مان هن جو انتظار ڇو ٿو ڪيان؟“ هن پنھنجو پاڻ کان سوال ڪيو. هيءَ عمارت تہ سدائين آباد هوندي آهي، ڪيئي ماڻھو ايندا رهندا آهن ۽ پنھنجي تربيت ختم ڪري ويندا رهندا آهن پر اڳ تہ ڪنھن کي ڏسي دل ائين نہ ڌڙڪي هئي ڌڪ..... ڌڪ.....“
جڏهن هو ليڪچر هال ۾ بيٺو هو تہ اتي گهڻا ئي چھرا موجود هئا.... چڱا.... موچارا.... سٺا پر ايتري روشني نہ هئي. جڏهن هوءَ هال جو در کولي اندر گهڙي تہ هال ۾ هڪدم روشني پکڙجي وئي. هر شئي صاف ۽ چٽي نظر اچڻ لڳي هئي. اي سيءَ وٽان لنگهندي هن جا اڏامندڙ نرڙ جا وار، ٿاٻو کائيندي ڏانھس کڄندڙ پريشان نظرون، سندس سوالي نظرن جو جواب نہ ڏئي سگهندي جهڪي ويندڙ پنبڻيون ۽ هڪ ڊگهو ساھہ کڻي ڪلھا لوڏي اعتماد حاصل ڪندڙ چھرو..... جڏهن سندس نيم پليٽ سڌي ڪندي هن هڪ ڀرپور نظر سان ڏانھس ڏٺو هو تہ هن کي هڪدم اهو احساس ٿيو هو تہ چھرن جي ان ميڙ ۾ اهو چھرو ڌاريو نہ هو. الائي ڇو هوءَ اجنبي نہ پر پنھنجي لڳي هئي. ڄڻ پنھنجو ئي ڪو گمشدہ حصو نظر آيو هجي. هو گذريل ٽن ڪلاڪن کان ويٺو سندس انتظار ڪري رهيو هو پر هن کي انتظار جي ڪا پرواھہ ئي نہ هئي.
مٺڙي پيڙا جاڳي من ۾،
مان توکي ڏسان شل پل کن ۾،
گڏجي سڪ جي سرهاڻ ڪيون،
اچ منھنجا روح رهاڻ ڪيون.
شام جا پنج ٿيا هئا. هوءَ وهنجي باٿ روم مان ٻاهر نڪتي تہ نسرين ٻڌايس، ”سر فاروقيءَ جن ملڻ آيا آهن.“
”ڇو؟“
”توکي تہ خبر آهي روز روز ڪو نہ ڪو هاسٽل جي سڌ سماءَ لاءِ پيو ايندو آهي.“
هن وارن ۾ ويڙهيل ٽوال لاهي ڪرسيءَ جي پُٺ تي وڌو ۽ آلن وارن جو جوڙو ٺاهي، رئو ڪلھي تي رکي نسرين سان گڏجي هيٺ هال ۾ آئي، جتي سڀ هاسٽلر ويٺيون فاروقي صاحب سان ڳالھائي رهيون هيون. فاروقي صاحب سان گڏ منصور احمد پڻ آيو هو. ايمن کين سلام ڪيو ۽ هڪ پاسي ويھي رهي. فاروقي صاحب هاسٽل جي سھولتن ۽ مسئلن بابت ساڻن ڳالھائي رهيو هو. منصور احمد بہ ڪڏهن ڪڏهن وچ ۾ ڳالھايو ٿي ۽ رکي رکي ايمن ڏانھن بہ ٿي ڏٺائين. ٿوري دير کان پوءِ هو موڪلائي اٿيا. منصور هلندي هلندي ترسيو ٻہ ٽي قدم ورائي موٽي آيو ۽ ايمن کي آهستي مخاطب ڪيائين، ”مس قاضي.“
ايمن جو ڌيان ٻي طرف هو.
”ايمن“ نسرين کيس ٺونٺ هنئي، ”منصور صاحب“
ايمن مُنھن ورائي منصور ڏانھن ڏٺو.
”مون اوهان کي آفيس ۾ اچڻ لاءِ چيو هو..... اوهين آيون نہ؟“ منصور احمد نرم ۽ ڌيمي لھجي ۾ ايمن کان پڇيو.
”سوري سر، ڳالھہ وسري وئي.“ ايمن چيو.
”ڳالھہ وسري وئي يا مرضي نہ هئي؟“ منصور احمد کيس غور سان ڏسندي چيو.
”دي نيڪسٽ ون“ ڀرسان بيٺل نسرين شرارت مان چيو.
ايمن ڪاوڙ مان نسرين ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ منصور احمد کي چيائين، ”اهڙي ڪا بہ ڳالھہ ناهي سر، مان سڀاڻي حاضر ٿينديس.“
”اوڪي مس ايمن....“ منصور احمد ٿورڙو ترسي پڇيو، ”اوهان جو نالو تہ.....“
”ايمن منھنجو نِڪ نيم آهي.“
”اوڪي باءِ“ هو مرڪندو هليو ويو.
منصور ڪمپيوٽر بند ڪري اچي ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ گهڙيال ڏانھن ڏٺائين، ٽي بريڪ ٿئي پندرنھن منٽ گذري چڪا هئا. هن دل کي يقين ڏيارڻ لاءِ ڪرائيءَ واري واچ ڏانھن ڏٺو، جيڪا پڻ ساڳيو ٽائيم ٻڌائي رهي هئي.
”تہ گويا هوءَ مون ڏانھن اچڻ پسند نہ ٿي ڪري.“ هن ڪجهہ قدر مايوسيءَ مان سوچيو پر دل هئي جيڪا هن جي ڏسڻ واري خواهش کان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ئي نہ هئي.
”ڀلا پاڻ ئي هلي کيس ڏسجي“ هو اڃا وڃڻ واري ارادي سان اٿيو تہ دروازو کليو، ڄڻ صحرا ۾ سڳنڌ سان ڀريل ڪو بھار جو جهوٽو هليو آيو هجي. هوءَ دروازي ۾ بيٺي هئي، اجازت وٺڻ واري انداز ۾.
”پليز ڪم اِن“ منصور واپس ڪرسيءَ تي ويھندي چيو. هوءَ هلندي اچي سندس سامھون واري ڪرسيءَ تي ويٺي. پرس ۽ ڊائري ٽيبل تي رکندي پڇيائين:
”سر، اوهان مونکي گهرايو هو؟“
”پھرين ڳالھہ تہ آءِ ايم ناٽ يوئر سر“ منصور کيس غور سان ڏسندي چيو، ”مان هتي رسيورس پرسن جي حيثيت ۾ ڊيپوٽ ٿيو آهيان. اوهين مونکي مسٽر منصور چئي سگهو ٿيون.“
ايمن ڪجهہ نہ چيو، بس ڪنڌ لوڏيو.
”اوهين خيرپور ۾ رهندا آهيو؟“ منصور پڇيو.
ايمن هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي پڇيو:
”اوهان جو تعلق بہ خيرپور سان آهي ڇا؟“
”ها، اتي منھنجو گهر آهي تہ سھي پر مان هت رهندو آهيان. خيرپور اچڻ وڃڻ نہ برابر آهي.“
”اوهان جي فيملي هتي رهندي آهي؟“ ايمن پڇيو.
”فيملي!“ هو مرڪيو، ”ائين کڻي سمجهو آءِ ايم آل الونِ“
”اوھہ، سوري“ ايمن چيو.
”اٽ از آل رائيٽ“ منصور گهنٽي وڄائي پٽيوالي کي سڏ ڪيو ۽ کيس چانھہ آڻڻ لاءِ چيو.
”اوهان مونکي شايد ليڪچر سمجهائڻ لاءِ گهرايو هو.“ ايمن چيو.
”ڪجهہ ڪجهہ“ هو مرڪيو.
”ڪجهہ ڪجهہ؟“ ايمن حيرت مان پڇيو، ”باقي ڪجهہ؟“
”هڪ ڳوٺ جا هجڻ جي حوالي سان ڪجهہ ملاقات ٿي وڃي.“ هو کن پل ترسيو ۽ پوءِ پڇيائين، ”اوهان کي برو تہ نہ لڳو؟“
”نہ“ ايمن آرام سان چيو، ”ٿينڪ يو فار ڪامپليمينٽ.“
”مس ايمن“ منصور ڪجهہ چوندي چوندي رڪجي ويو پوءِ پڇيائين:
”ڇا مان اوهان کي ايمن سڏي سگهان ٿو؟“
”آءِ ڊونٽ مائينڊ“ ايمن مرڪي چيو.
”منھنجي بي تڪلفي اوهان کي ضرورت کان وڌيڪ تہ نہ لڳي؟“
”هون..... ضرورت کان وڌيڪ تہ نہ البتہ.....“ ايمن چوندي چوندي رڪجي وئي.
”البتہ ڇا؟“ هن دلچسپيءَ مان پڇيو.
”اوهان جي طبيعت ۾ تڪڙ گهڻي ٿي لڳي.“ ايمن آهستي کلي.
منصور پڻ ٿورو کليو پوءِ سنجيدہ ٿيندي چيائين:
”اصل ۾ ڳالھہ اها آهي تہ زندگي صفا ننڍڙي آهي، گذري ويندي تہ ٻيھر بہ ڪونہ ملندي. هن دنيا ۾ اوپرن ماڻھن جي هجوم ۾ ڪڏهن ڪو پنھنجو لڳندو آهي. منھنجو خيال آهي تہ تعارف ۽ شناسائيءَ ۾ وقت وڃائڻ بدران هڪدم کيس اها حقيقت ٻڌائي ڇڏجي.“
”۽ جيڪڏهن اڳلي جي سوچ ۾ اهو انداز نہ هجي تہ؟“ ايمن پڇيو.
هن پنھنجي ٽاءِ جي ڳنڍ ٺاهيندي، انداز سان جهڪندي پڇيو، ”اوهان جو منھنجي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“
ايمن هن جي ان انداز تي کلي ويٺي ۽ کلندي کلندي چيائين، ”آءِ لائيڪ يو مسٽر منصور..... آءِ ريئلي لائيڪ يو.“
”تہ پوءِ ٿي وڃي؟“ منصور مرڪي پڇيو.
”ڇا؟“
”ملندي رهڻ جو واعدو.“
”هڪ شرط تي.....“
”ايگريڊ“ منصور سيني تي هٿ رکي جهڪندي چيو.
”شرط ٻڌڻ کان سواءِ ئي؟“ ايمن پڇيو.
”مان هر شرط تي تيار آهيان.“ منصور چيو.
”شرط اهو آهي تہ اوهان اسٽڊي ءَ ۾ منھنجي مدد ڪندئو“
”پرامز“ هن هڪ هٿ حلفيه انداز ۾ کڻي چيو.
”اوڪي تہ پوءِ هاڻي مونکي اجازت؟“ ايمن اٿندي پڇيو.
”ايترو جلدي؟“منصور ٿورو مايوس ٿيندي پڇيو.
”ها منھنجي روم ميٽ منھنجو انتظار ڪندي هوندي.“
”۽ هوءَ....... چانھہ؟“
”ٻي ڪنھن دفعي...... باءِ“
هو کيس ويندو ڏسندو رهجي ويو.
تون پيار منجهان هت پاڻ اچي،
منھنجي ساهن ۾ سرهاڻ رچي،
آ محبت محفل مس مچي،
ڇڏ وائي وڃڻ جي وات پرين.
اهو ملندي رهڻ جو واعدو زندگيءَ کي هڪ نئون موڙ ڏئي ويندو، اها خبر ايمن کي نہ هئي. پر منصور کي تہ هوءَ پھرين ئي نظر ۾ پرائي نہ لڳي هئي. هو هيڪلائيءَ ۾ جڏهن بہ اکيون بند ڪندو هو ايمن جو صبح جھڙي تازگيءَ سان ڀريل چھرو ذهن جي پردي تي اڀري ايندو هو ۽ هن جي دل بي اختيار چئي ڏيندي هئي:
”اهو آ منھنجو گلاب چھرو“
پڙهائيءَ جي پنن ۾ ويڙهيل سيڙهيل ملاقاتون ايمن لاءِ تہ رڳو دوستي ۽ انڊرسٽينڊنگ تائين محدود رهيون پر منصور جي اندر جي اڻ تڻ وڌندي وئي. ايمن ايتري اڻ ڄاڻ نہ هئي جو هن جي والھانہ نظرن جو مفھوم نہ سمجهي سگهي پر هوءَ ڄاڻي واڻي اڻ ڄاڻ ٿي ويندي هئي.
هڪ ڏينھن جڏهن هوءَ کيس پنھنجي اسائنمينٽ ڏيکاري رهي هئي تہ هو ڪجهہ ٻڌائيندي ٻڌائيندي رڪجي ويو ۽ چپ ٿي کيس ڏسڻ لڳو. ايمن لکندي قلم روڪيو ۽ ڏانھس ڏٺو. هو ڪرسيءَ جي پٺ سان ٽيڪ لڳائي منجهيل نظرن سان کيس ڏسي رهيو هو.
”ايني پرابلم؟“ ايمن حيرت مان پڇيو.
”ايمن“ هن مڌم لھجي ۾ چيو، ”تنھنجي ٽن مھينن جي ٽريننگ جو هڪ مھينو گذري چڪو آهي.“
”هون“ ايمن ڪنڌ ڌوڻيو.
”ڇا اسان ڪٿي ٻاهر ملي نہ ٿا سگهون؟“
”ڇو؟“ ايمن پڇيو.
هن جي ”ڇو“ تي هو ٿورو کليو پوءِ چوڌاري آفيس جي ڀتين ۽ ڇت کي ڏسندي چيائين، ”هتي تہ پڙهڻ پڙهائڻ کان سواءِ ٻي ڪا ڳالھہ ئي نہ ٿي ڪري سگهجي.“
”ڪا ٻي ڳالھہ ڪرڻي آهي ڇا؟“
”ها، ڪجهہ ٻڌڻو آهي، ڪجهہ ٻڌائڻو آهي.“
”اهو ڇا؟“
”ٻاهر ملڻ تي ٻڌائيندس“ هو مرڪيو.
ايمن چپ رهي.
”مان اڄ شام جو پنجين وڳي هاسٽل جي ٻاهران گاڏي جهلي بيھندس...... ڪٿي ٻاهر هلنداسين.......“ ٿورو ترسي پڇيائين، ”هلبو؟“
”الائي“ ايمن وراڻيو.
”ڇو.....؟“ منصور پڇيو، ”مون تي اعتبار ناهي؟“
”اهڙي ڳالھہ ناهي.“ ايمن چيو، ”مان سوچينديس“
”بھرحال...... مان شام پنجين وڳي انتظار ڪندس“ منصور چيو.
شام جو پنجين وڳي هوءَ تيار ٿي هاسٽل کان ٻاهر آئي. ڪجهہ پَر ڀرو منصور گاڏيءَ ۾ ويٺو سندس انتظار ڪري رهيو هو. هن کي ايندو ڏسي منصور پنھنجي ڀر واري سيٽ جو دروازو کوليو.
”اوهان ڪڏهن آيا؟“ ايمن ويھندي پڇيو.
”ڪافي دير ٿي آهي.“ منصور گاڏي اسٽارٽ ڪندي وراڻيو.
”پر پنج تہ هاڻي ٿيا آهن.“ ايمن گاڏيءَ ۾ لڳل ننڍڙي ڪلاڪ ڏانھن اشارو ڪيو.
”ريئلي؟“ هن کلي پڇيو.
ان ڏينھن جي شام ڏاڍي وڻندڙ هئي. ويڪري صاف سٿري رستي تي گاڏي ڊرائيو ڪندي منصور ڪنڌ ورائي ايمن ڏانھن ڏٺو. هوا ۾ ايمن جا گهنڊيدار وار اڏامي کيس پريشان ڪري رهيا هئا. منصور جي دل ۾ بي اختيار خواهش اڀري تہ هو پنھنجن هٿن سان سندس وکريل وار سنواري. هن جا پير بريڪ تي پئجي ويا ۽ گاڏي چيڪاٽ ڪندي رڪجي وئي. ايمن حيران ٿي ڏانھس ڏٺو.
”آئسڪريم؟“ منصور پنھنجو پاڻ تي قابو پائيندي سامھون آئسڪريم پارلر ڏانھن اشارو ڪيو، ”هتان جي آئسڪريم ڏاڍي سٺي آهي.“
ايمن هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. هو گاڏي بيھاري لھي ويو ۽ گهڙي کن ۾ موٽيو تہ سندس هٿن ۾ آئسڪريم جا ٻہ وڏا ڪون هيا، جيڪي هن ايمن کي ڏنا.
گاڏي اڳتي رواني ٿي تہ ايمن هڪڙو ڪون ڏانھس وڌايو.
”مان آئسڪريم کائيندس تہ گاڏي ڪير هلائيندو؟“ هو مرڪيو.
”تہ پوءِ هي......؟“
”ٻئي تون کائي ڇڏ“
”مان ڪا مينھن آهيان ڇا“ ايمن پڇيو.
”مينھون ڀلا آئسڪريم کائينديون آهن ڇا؟“ منصور چيو ۽ ٻئي کلڻ لڳا.
آسمان تي چانديءَ جي ڪنارين وارا سرمائي ڪڪر پکڙيل هئا. ڌرتيءَ تي چوڌاري ساوڪ هئي. ڪٽھڙي جي ڪناري سان بيٺل هر رنگ جا گلاب هوا ۾ جهومي مست سڳنڌ ڦھلائي رهيا هئا. ڪناري تي رکيل بينچ تي ايمن ۽ منصور ويٺا ان وڻندڙ شام جي سڳنڌ ۽ سنيھہ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. شڪر پڙيان جي اها جاءِ ٻين کان الڳ هئي.
”تنھنجي گهر ۾ ڪير ڪير آهي؟ منصور پڇيو.
”اسان ٽي ڀينر ۽ اسان جو بابا.“
”۽ امان؟“
”اها اسان کي ڇڏي وئي ننڍپڻ ۾ ئي.....“
”گذاري وئي؟“
”نہ جيئري ڇڏي وئي.“
”ڇو؟“
”بابا سان هن جي انڊرسٽينڊنگ نہ ٿي سگهي.“
”ٻارن جي ڄمڻ کان پوءِ بہ؟“ منصور پڇيو.
”بس جهيڙن جي وچ ۾ اسان جلدي اچي ويونسين.“
”پنھنجي والدہ سان ملاقات ٿيندي آهي؟“
”نہ“ ايمن چيو، ”اسان کي خبر آهي تہ گِلٽ بابا ۾ نہ پر امان ۾ هو ۽ بابا اسان کي هن جي ڪمي محسوس ڪرڻ ئي نہ ڏني.“
”تون بابا سان گهڻو پيار ڪندي آهين؟“
”ها“ ايمن چيو، ”هن دنيا ۾ مان سڀ کان گهڻي پرواھہ ان هڪ ئي انسان جي ڪندي آهيان.“
ڪجهہ وقت ماٺ رهي پوءِ منصور پڇيو، ”تون منھنجي باري ۾ نہ پڇندينءَ؟“
”هون“ ايمن ڪنڌ لوڏيو ۽ توجهہ سان کيس ڏسڻ لڳي.
”پيءُ تہ مونکي ياد ناهي“ منصور کيس ٻڌايو، ”ڇاڪاڻ تہ جڏهن سمجهہ پئي تہ ماءُ ڏٺم مينٽل هاسپيٽل جي هڪ ڪمري ۾، رشتن ناتن کان بي خبر، باقي آسپاس جيڪي مٽ مائٽ هيا سڀ مطلب پرست ۽ خود غرض.“
”اوھہ!“ ايمن افسوس وچان کيس ڏسڻ لڳي.
”خيرپور ۾ هڪ چاچو آهي، جيڪو پنھنجي ۽ منھنجي بابا جي ڇڏيل زمين گڏ ڪرڻ جي خواهش ۾ پنھنجي ڌيءُ منھنجي نالي ويھاريون ويٺو آهي.“
ايمن کيس غور سان ڏٺو ۽ پڇيائين، ”پوءِ هي بيچلر لائيف ڇو؟“
منصور کن پل خالي خالي نظرن سان کيس ڏسندو رهيو ۽ چيائين، ”ان جو هڪ سبب آهي.“
پوءِ اٿي ٽلڻ لڳو. ڪجهہ قدم هلي مُڙيو ۽ سندس آڏو اچي بيٺو ۽ چيائين، ”ايمن آءِ ايم ابو ٿرٽي، (Above 30) ايتري زندگي ائين گذاري اٿم....... شايد ڪنھن جي ڳولھا ۾“
”ڪنھن جي ڳولھا ۾؟“ ايمن پڇيو.
”پنھنجي اڌ جي تلاش ۾.“ هن سندس ڀرسان ويھندي چيو، ”هر آدم جو اڌ هڪ حوا آهي. جڏهن هو ڌرتيءَ تي لاٿو ويندو آهي تہ پنھنجي تڪميل لاءِ پنھنجو اڌ ڳولھيندو آهي. ڄاڻي ٻجهي يا اڻ ڄاڻائپ ۾ هن جي اها تلاش جاري رهندي آهي.“
”زندگي ڪن ٻين حاجتن جو بہ نالو آهي.“ ايمن چيو.
”پر شايد انھن جي پوري نہ ٿيڻ ۾ اها بي ڪلي نہ هوندي آهي، جيڪا دل جي اڻ پوري طلب ۾ هوندي آهي.“
”ڪڙين حقيقتن سان ڀريل هن دنيا ۾ انھن افسانوي جذبن جي گنجائش هوندي آهي ڇا؟“ ايمن پڇيو.
”پنھنجي پنھنجي سوچ جو انداز آهي.“ منصور چيو، ”ڪي ماڻھو پنھنجي اندر جي اُڃ کي سمجهي ڪو مفھوم ڏئي سگهندا آهن ۽ ڪن کي ان جي آگاهي نہ ٿيندي آهي.“
”سڀ ڪنھن کي تہ پنھنجو اوريجن نہ ملندو آهي.“
”جن کي نہ ملندو آهي، بي جوڙ تعلق سان گذاريندا آهن.“
”۽ جيڪي نہ ڳولھيندا آهن تہ ڇا اڪيلا ئي زندگي گذاري ويندا آهن؟“ ايمن پڇيو.
”اهي سڄي عمر اڌورا رهجي ويندا آهن.“ منصور اٿي وڃي ڪٽھڙي جي ڀرسان بيٺو. ڪجهہ وقت هيٺ لاهيءَ ۾ ڏسندو رهيو. پوءِ ڪنڌ ورائي ايمن ڏانھن ڏٺائين ۽ چيائين، ”ايمن، مان بہ ڪيترن ئي سالن کان پنھنجي اڌ جي ڳولھا ۾ ڀٽڪندو رهيو آهيان ۽ پاڻ کان پڇندو رهيو آهيان تہ......“
”تہ ڇا؟“
”ڪٿي آ منھنجو گلاب چھرو؟“ منصور سندس چھري کي ڏسندي چيو، ”۽ منھنجي تلاش پوري ٿي چڪي.“
منصور جي اکين جي جهر جهر ڪندڙ جوت ۽ جذبن جي تپش کان ٻھڪندڙ چھرو ڏسي ايمن نظرون چورائڻ لڳي. هوءَ ايتري بي سمجهہ نہ هئي جو هن جي اکين جي اظھار کي سمجهي نہ سگهي.
”مون پنھنجو اڌ ڳولھي ورتو آهي.“ منصور اچي سندس سامھون بيٺو، ”منھنجو اڌ تون آهين..... اي..... من..... صور.....“
ايمن ڪجهہ وقت وکريل وکريل نظرن سان کيس ڏسندي رهي پوءِ پاڻ تي قابو پائيندي پڇيائين، ”ان ڳالھہ جي ڪھڙي پڪ آهي تہ اهو گمشدہ اڌ مان ئي آهيان؟“
منصور کن پل کيس ڏسندو رهيو پوءِ گم سم لھجي ۾ چيائين، ”توکي پھريون دفعو ڏسڻ سان ئي منھنجي دل گواهي ڏني هئي تہ تون ڌاري ناهين، منھنجي هستيءَ جو گمشدہ حصو تون ئي آهين.“
”اها سوچ يڪطرفہ بہ ٿي سگهي ٿي“ ايمن چيو.
”سچ پچ؟“ منصور سندس اکين ۾ نھاريندي پڇيو.
ايمن منجهيل نظرن سان کيس ڏسندي رهي. منصور جي اکين واري بيان ۾ ڪو ڀيد نہ هو. هو هڪ کليل ڪتاب هو، جنھن جي هر هڪ پني تي رڳو ايمن ئي لکيل هيو.
تون سرهائيءَ جي مند پرين،
تون سرنھن گلن جي سڳنڌ پرين،
منھنجي سڪ جو تون ئي سٻنڌ پرين،
تون ئي سونھن ڀري سوغات پرين.
ايمن منصور جي آفيس ۾ گهڙي تہ کيس ڪنھن سوچ ۾ گم ڏٺائين. ايمن سندس ڀرسان وڃي چيو:
”هيلو.....“
هو کيس ڏسي مرڪيو. ايمن فائل سندس اڳيان ٽيبل تي رکيو. اها ڪلھہ واري اسائنمينٽ هئي، جيڪا هوءَ کيس ڏيکارڻ آئي هئي. منصور فائل کڻي پاسي تي رکيو ۽ آرس ڀڃندي ڪرسيءَ جي پُٺ سان ٽيڪ لڳائي کيس ڏسڻ لڳو.
”اڄ ڪم ڪرڻ جو موڊ ناهي ڇا؟“
”نہ“ هن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو، ”اڄ دل ٿي چوي توتي شاعري ڪجي.“
”صاحب“ ايمن هڪ آڱر کڻندي چيو، ”اڄ صبح مان آئينو ڏسي آئي آهيان، ايڏي حسين بہ ناهيان.“
”حسن چھري ۾ نہ پر طلب واري نظر ۾ هوندو آهي. طالب جي دل جي گهُر ۽ اکين کي ملندڙ آسودگي مطلوب جي ڏيکاءَ کي حسين بنائي ڇڏيندي آهي.“
”نو شاعري“ ايمن کلي چيو.
”اوڪي“ هو مرڪيو، ”ڀلا نثر هلندو؟“
”هلندو“ ايمن کلي ڪنڌ ڌوڻيو.
”توکي ڏسڻ جي طلب، توسان ملڻ جي تمنا..... تنھنجي آواز ٻڌڻ جي آس ئي منھنجي اندر جي اُڃ آهي. اهڙي اُڃ جيڪا..... رڻ ۾ اُڃ وگهي مرندڙ ماڻھوءَ کي هجي.“
”ايڏي وڏي اُڃ!“ ايمن کلي ويٺي.
”ايمن“ منصور سنجيدہ ٿيندي چيو، ”تون منھنجن احساسن جو مذاق ٿي اڏائين.“
”ايمن هڪدم خاموش ٿي وئي. کن پل چپ رهي پوءِ ڳنڀيرتا سان چيائين، ”منصور مونکي تنھنجي ڳالھين کان خوف ٿو ٿئي.“
”ڇو؟“
”زندگيءَ جون حقيقتون ڏاڍيون سخت ۽ ڪڙيون آهن ۽ تنھنجا احساس تمام نازڪ آهن. جيڪڏهن تون پنھنجو گم ٿيل اڌ حاصل نہ ڪري سگهين تہ ڇا ٿيندو؟“
”پوءِ وڇوڙي جي آڳ ٻرندي“ منصور چيو، ”جنھن ۾ يا تہ مان فنا ٿي ويندس يا ٻين کي ساڙي ڇڏيندس.“
منصور جي اکين جي عجيب چمڪ ۽ لھجي جي اٽل پختگي ايمن کي سچ پچ خوفزدہ ڪري ڇڏيو. هوءَ ڪجهہ وقت مونجهاري ۾ ويٺي رهي پوءِ هڪ لمبو ساھہ کڻي چيائين:
”منصور محبتون روح سان تعلق رکن ٿيون. روح ناديدہ آهي پر حقيقتون ناديدہ نہ آهن، اهي اٽل وجود رکن ٿيون.“
”محبتن ۽ حقيقتن جو ميلاپ ئي تہ زندگي آهي.“ منصور چيو.
”محبتون تو وٽ آهن ۽ حقيقتون مون وٽ.“ ايمن چيو، ”منھنجي اڄ جي حقيقت اها آهي تہ مان ان خاندان جي پيداوار آهيان، جيڪو تعليم يافتہ ۽ آزاد خيال هجڻ جي باوجود عزت ۽ ڀرم کي پنھنجو سرمايو سمجهندو آهي. منھنجي زندگيءَ جي فيصلن جو اختيار لا محالہ منھنجي بابا وٽ آهي ۽ مان پنھنجي پيءُ جو ڀرم ڪڏهن بہ ٽوڙي نہ ٿي سگهان..... زندگيءَ جي قيمت تي بہ نہ. “
”۽ منھنجي محبت؟“
”منھنجي بابا جي فيصلي جي اختيار ۾ آهي.“
”بس؟“ هو کليو ۽ اعتماد سان ڀريل لھجي ۾ چيائين:
”منھنجي محبت ۾ ايتري طاقت آهي جو توکي تنھنجي پيءُ کان وٺي سگهان ٿو.“
ان ڏينھن ليڪچر ختم ٿيڻ کان پوءِ هوءَ واپسيءَ لاءِ ڏاڪڻ تان لھي رهي هئي تہ منصور مٿي ايندي وچ تي کيس مليو:
”مان توڏانھن ئي اچي رهيو هيس.“
”خيريت؟“ ايمن پڇيو.
هو ٻہ ڏاڪا ٽپي اچي سندس ڀرسان بيٺو. کن پل کيس ڏسندو رهيو ۽ پوءِ پڇيائين، ”ايمن اڄ منھنجي گهر هلندينءَ؟“
”ڇو؟“ ايمن پڇيو.
”ايئن ئي، دل ٿي چوي“
”سوري“ ايمن شرارت مان چيو، ”هي پاڪستان آهي، هتي ڊيٽ جو رواج ناهي.“
”اسٽوپڊ، مان ڇا سوچي آيو هيس، تون ڇاٿي سوچين.“ منصور هيٺ لھندي چيو، ”اڄ منھنجو برٿ ڊي آهي، زندگيءَ ۾ پھريون دفعو برٿ ڊي سيليبريٽ ڪرڻ تي دل چيو.“
”اها ڳالھہ آهي“ ايمن چيو، ”ڪڏهن هلڻو آهي؟“
”هاڻي“ منصور خوش ٿي چيو.
۽ ٻئي ڄڻا ڪار پارڪنگ ڏانھن ويا، جتي منصور جي گاڏي بيٺي هئي.
ٿوري دير کان پوءِ هو منصور جي فليٽ ۾ هئا. ايمن چوڌاري ڏٺو. فليٽ چڱو خاصو ڪٻاڙخانو هو. فرنيچر ۽ آرائش لاءِ چڱيون شيون هيون پر سڀ بي ترتيبي ۽ بي سليقگيءَ سان ڦھليل هيون.
”منصور، مونکي اندازو نہ هو تہ تون ايترو بد سليقہ هوندين!“ ايمن چوڌاري ڏسندي چيو.
”جناب!“ هن گهر کي هڪ عدد عورت جي نرم نازڪ هٿن جي ضرورت آهي.“
”تہ پوءِ؟“
”تہ پوءِ جلدي اچ نہ هن گهر جي عورت!“ منصور ويجهو اچي سندس نرڙ تي پکڙيل وارن سان کيڏندي چيو.
”ڊسٽينس پليز!“ هوءَ تنبيھہ واري مرڪ سان چوندي پري ٿي بيٺي.
”اوڪي بابا!“ منصور ٻئي هٿ مٿي ڪندي چيو.
”چڱو اچ تہ اول هن ڪٻاڙخاني کي گهر ۾ تبديل ڪيون.“
ايمن صفائيءَ ۾ لڳي وئي. منصور بہ سندس مدد ڪرڻ لڳو. ٿوري دير کان پوءِ هو ڪيمرا کڻي آيو ۽ ڪم ڪندي ايمن جا فوٽو ڪڍڻ لڳو.
”اهي فوٽو منھنجي هتي هجڻ جي ثبوت لاءِ ورتا پيا وڃن؟“ ايمن پڇيو.
”نہ سائين! اهي فوٽو ان لاءِ ورتا پيا وڃن تہ مستقبل ۾ ايندڙ اوهان جي نسل کي ڏيکاري ٻڌايو وڃي تہ.....“ هو کليو.
”تہ ڇا؟“ ايمن صافي رکندي ٻئي هٿ چيلھہ تي رکي پڇيو.
”تہ هن گهر ۾ هڪ عدد جماندار آئي آهي، جيڪا بعد ۾ گهر ڌياڻي......“
ايمن سندس جملي پوري ٿيڻ کان اڳ ئي صافي کڻي کيس ڊيڪائي پئي ۽ هو کلندو ڪمري مان ٻاهر ڀڄي ويو.
شام تائين گهر تہ صاف ٿي ويو پر ايمن پاڻ کي ڏسي پريشان ٿي وئي.
”منصور!“ هن رڙ ڪئي، ”منھنجا ڪپڙا؟“ هن پنھنجن ميرن ڪپڙن ڏانھن ڏسندي چيو.
”ڪائي ڳالھہ ناهي، تون ائين ئي فرسٽ ڪلاس...... جماندار ٿي لڳين.“
”۽ تون.....“ ايمن منصور جي ميرن ڪپڙن ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ”ميونسپالٽيءَ جو سڀ کان فضول مھتر.“
”شڪر آ هڪ برادريءَ جا آهيون، رشتي ڳنڍڻ ۾ ظالم سماج تہ نہ ايندو.“ منصور چيو.
”منصور، مذاق ڇڏ“ ايمن بيزاريءَ مان چيو، ”مونکي تہ پنھنجو پاڻ مان الجهن ٿي ٿئي.“
”مونکي تہ ڪونہ ٿي ٿئي.....“
”سچ پچ؟“
”هي ڏس!“ منصور اوچتو وڌي سندس ميري سيري وجود کي پنھنجي ٻانھن ۾ گهيري ۾ ورتو ۽ سندس وارن تي هٿ گهمائيندي چيائين:
”ايمن...... تون هر روپ ۾ اڇوتي آهين..... انوکي آهين..... قيمتي آهين.“
ايمن پنھنجو پاڻ ڇڏائيندي مڌم لھجي ۾ چيو:
”منصور! محبت جو تقدس ۽ مرتبو ان جي حد بنديءَ ۾ هوندو آهي.“
منصور سندس ميرو هٿ چمندي چيو، ”منھنجي محبت ۾ نفس جي ڪابہ ملاوٽ ناهي ايمن...... محبت جي شدت کي دل سان محسوس ڪري ڏس خالص محبت آهي.“
”چڱو هاڻي ڇا ڪجي؟“ ايمن ڳالھہ جو رخ ڦيرائيندي پنھنجن ڪپڙن ڏانھن اشارو ڪيو.
”هون!“ منصور ڊگهو ساھہ کڻندي چيو، ”في الحال تہ منھنجن ڪپڙن مان ئي گذارو ڪرڻو پوندئي.“
پوءِ کيس وٺي پنھنجي وارڊ روب تي بيٺو. ايمن اتان هڪ ٽائوزر ۽ شرٽ ڪڍي ۽ اٽيچ باٿ روم ۾ هلي وئي. منصور بہ ڪپڙا کڻي ٻاهرين باٿ روم ۾ گهڙي ويو.
ايمن جڏهن صاف سٿري ٿي ٻاهر آئي تہ منصور تيار ٿي ٻاهر هليو ويو. ايمن برش کڻي وڃي آئيني جي سامھون بيٺي. آئيني ۾ پنھنجو عڪس ڏٺائين، هن جي تن تي منصور جا ڪپڙا هئا. منصور جي خوشبوءِ لمس سان رچيل ۽ اهو احساس هن جي ڳلن تي لالاڻ پکيڙي ويو. هن جون اکيون بي اختيار جهڪي ويون. جڏهن اکيون مٿي ڪيائين تہ پنھنجي عڪس سان گڏ منصور جو عڪس پڻ نظر آيس، جيڪو بي اختيار کيس ڏسي رهيو هو. هو ويجهو اچي سندس ڀرسان بيٺو ۽ سرگوشي ڪندي چيائين:
”مون توکي اڳ ئي ٻڌايو هو تہ تون منھنجو اڌ آهين..... اي ..... من..... صور.“
هوءَ هڪدم آئيني کان هٽي وئي ۽ منصور جي شرٽ جون ڊگهيون ٻانھون مٿي ڪندي پڇيائين:
”ڪيڪ ڪٿي آ؟“
منصور لائونج ڏانھن اشارو ڪيو، جتي ڪجهہ پيڪٽ رکيا هئا. ايمن وڃي پيڪٽ کوليا هڪ ۾ ڪيڪ ۽ ڪجهہ کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ ٻي پيڪيٽ ۾ هڪ ريڊي ميڊ زناني ڊريس هئي.
”هي ڪنھن جي لاءِ آهي؟“
”ظاهر آ مان تہ ڪونہ پائيندس“ منصور چيو، ”۽ تون هن حالت ۾ هاسٽل بہ نہ ويندينءَ“
منصور ننڍي ٿيلھي کولي، ان ۾ رابيل جي مکڙين وارا ٻہ ٻانھوٽا پيل هيا. هن ٻانھوٽا ڪڍي ايمن جي ڪراين ۾ پارايا ۽ چيائين، ”هي رستي مان تنھنجي لاءِ ورتا هيم، سوچيم توکي هٿڪڙيون پارائي قيد ڪيان.“
ايمن ڊريس کڻي هڪ پاسي رکي، ميڻ بتي ٻاري ڪيڪ تي رکيائين. منصور اٿي سڀ بتيون بند ڪري ڇڏيون. سج لھي چڪو هو. دريءَ مان ايندڙ هلڪو هلڪو سوجهرو ڪمري ۾ ڇانيل سرمائي اوندھہ سان رلمل ٿي ويو هو. منصور ۽ ايمن هڪ ٻئي جي سامھون ويٺا هيا. وچ تي رکيل ڪيڪ مٿان ميڻ بتيءَ جي مڌم روشني ماحول کي ننڊاکو ڪري ڇڏيو هيو. ايمن ڇري کڻي منصور ڏانھن وڌائي.
”وِش ڪر منصور!“
”منصور پنھنجو هٿ سندس ڇريءَ واري هٿ تي رکندي چيو:
”منھنجي پھرين برٿ ڊي جو ڪيڪ تون ڪٽيندينءَ ۽.....“
هو خاموش ٿي سندس اکين ۾ نھارڻ لڳو. ايمن سوالي نظرن سان ڏٺو.
”تون منھنجو اڌ آهين انڪري..... مان پنھنجي وِش ۾ توکي شريڪ ٿو ڪريان.“
ايمن مرڪي. ٻنھي کن پل لاءِ اکيون بند ڪيون. پوءِ ايمن ڪيڪ ڪٽيو ۽ ڪيڪ جو ٽڪرو منصور ڏانھن وڌائيندي پڇيو، ”چڱو ٻڌاءِ تو ڪھڙي وِش ڪئي؟“
”پھريان تون ٻڌاءِ“ منصور چيو.
”نہ، اول تون“ ايمن چيو.
”اوڪي......“ منصور هار مڃيندي چيو. پوءِ ايمن جي اکين ۾ نھاريندي مڌم لھجي ۾ چيائين:
”مون وِش ڪئي تہ ايندڙ سال سالگره تي تون مونسان گڏ هجين.“
”بس رڳو ايندڙ سالگره؟“ ايمن کلي ويٺي.
”اها تہ ضمانت هوندي نہ هر سالگره تي گڏ رهڻ جي“ منصور چيو، ”هاڻي ٻڌاءِ تون ڪھڙي وِش ڪئي؟“
ايمن خاموش ٿي وئي. منصور سوالي نظرن سان کيس ڏسڻ لڳو.
”مون دعا ڪئي تہ.....“ ايمن کيس ڏسندي چيو، ”زندگيءَ جو آخري ساھہ تنھنجي آغوش ۾ کڻان.“
منصور گم سم کيس ڏسندو رهجي ويو.
اها شام ڪيئن چورن جيان گذري وئي، ٻنھي کي خبر ئي نہ پئي. جڏهن رات ڪمري ۾ لھي آئي تہ ايمن اٿي کڙي ٿي.
”منصور، مان چينج ڪري اچان تہ مونکي هاسٽل ڇڏي اچ.“
جڏهن هوءَ تيار ٿي ٻاهر نڪتي تہ منصور گاڏيءَ جون چاٻيون کنيون بيٺو هو. دروازي مان نڪرندي منصور رڪجي ويو، کيس ڏسندي مڌم لھجي ۾ چيائين:
”ٿينڪ يو ايمن“
”ڇا لاءِ....؟“ ايمن پڇيو.
”تنھنجي جادوءَ لاءِ“
”جادو؟“ ايمن اچرج مان ڏانھس ڏٺو.
”ايمن.....“ منصور سندس ٻئي هٿ نرميءَ سان پنھنجن هٿن ۾ جهليندي چيو، ”هتي هڪڙو کنڊر هو..... جنھن ۾ هڪ انسان صدين کان پنڊ پھڻ ٿيو پيو هو. آسمان کان ايمن نالي هڪ پياري پياري پري لھي آئي..... پنھنجي جادوئي ڇڙيءَ سان ان کنڊر کي محل بنائي ڇڏيائين ۽ ان پنڊ پھڻ ٿيل شخص کي جيئندان ڏنائين.....“
ايمن چپ چاپ کيس ڏسندي رهي.
”ان پريءَ کي چئجانءِ تہ اهو جيئندان تنھنجي امانت آهي. اهو شخص ان پريءَ جو انتظار ڪندو رهندو..... آخري ساھہ تائين.“
هفتي جو آخري ڏينھن هو. منصور آفيس نہ آيو هو. ايمن کي اڻ تڻ ٿي پئي. منصور جي فليٽ ۾ فون بہ نہ هئي جو هوءَ پڇا ڪري سگهي. منجهند تائين هن جي بيچيني وڌي وئي تہ هوءَ پاڻ منصور جي گهر هلي وئي. گهنٽي وڄايائين تہ منصور ئي دروازو کوليو. هن کي رات وارا ڪپڙا پاتل هئا ۽ سست لڳي رهيو هو. ايمن جي اندر گهڙڻ کان پوءِ هن دروازو بند ڪري ايمن ڏانھن ڏٺو.
”منھنجي اچڻ تي توکي حيرت نہ لڳي؟“
”نہ“
”ڇو؟“ ايمن پڇيو.
”مونکي خبر هئي تہ تون اڄ ضرور ايندينءَ.“
”سو ڪيئن؟“
”صبح جو ڪانگ لنويو هو.“ منصور کلي چيو.
”مذاق نہ!“ ايمن کلندي چيو، ”سچ ٻڌاءِ اڄ آفيس ڇو نہ آئين؟“
”بس ڏسڻو هو تہ تون اچين ٿي يا نہ!“ هن صوفي تي ويھندي چيو.
”سچ پچ؟“ ايمن سندس هٿ پڪڙيندي پڇيو. پوءِ هڪدم ڇرڪ ڀري چيائين:
”منصور، توکي تہ بخار آهي“
”بس ٿورو ٽيمپريچر آهي، سھي ٿي ويندو“ منصور چيو.
”چانھہ پيئندين؟“ ايمن پڇيو.
”ها، پيئندس بہ، توکي پيئاريندس بہ“ منصور اٿندي چيو.
”نہ نہ تون ويھہ چانھہ مان ٿي ٺاهيان.“ ايمن کيس زبردستي ويھاريندي چيو.
”مان اڪيلو ويھي ڇا ڪندس؟“
”پھريان اڪيلو ويھي ڇا پيو ڪرين؟“ ايمن پڇيو.
”تنھنجو انتظار“ منصور چيو.
”چڱو تون اندر هلي ليٽي ٿورو آرام ڪر، جيسيتائين مان چانھہ ٺاهي اچان.“
ايمن کيس گھلي بيڊروم ۾ وٺي آئي.
”ايمن، جڏهن تون هميشہ لاءِ هتي ايندينءَ تہ هي بيڊروم هتان شفٽ ڪنداسين.“ منصور دريءَ جو پردو بند ڪندي چيو.
”ڇو؟“
”ڏس نہ هتي ڪيڏيون دريون آهن!“ هن بيڊ تي پاڻ اڇلائيندي چيو، ”ائين تہ جلدي صبح ٿي ويندي“
”يو چِيٽ“ ايمن وهاڻو کڻي زور سان اڇلائي کيس هنيو. هو وهاڻي ۾ مُنھن لڪائي کلڻ لڳو. ايمن ڪچن ۾ چانھہ ٺاهڻ وئي. اڃا هن ساس پين کنيو مس تہ منصور اتي اچي نڪتو:
”ايمن مان تنھنجي فيوريٽ هربل ٽي وٺي آيو هيم، او هوءَ سامھون پئي آهي.“
ايمن چانھہ ٺاهڻ لڳي ۽ هو اسٽول تي ويھي کيس ڪم ڪار ڪندي ڏسندو رهيو. ايمن هربل ٽيءَ جا ٻہ ڪوپ ٺاهي ٽري ۾ رکيا ۽ ٻئي ڄڻا ٽي وي لائونج ۾ اچي ويٺا.
”ايمن“ منصور چانھہ جي سُرڪي ڀريندي چيو، ”توکان اڳ هي گهر مردہ گهر لڳندو هو. تنھنجي هٿن لڳڻ سان هر شئي جيئري ٿي پئي آهي. جيترو وقت تون هتي هوندي آهين، زندگيءَ جو احساس ٿيندو آهي.“
”۽ جڏهن نہ هوندي آهيان؟“ ايمن پڇيو.
”تڏهن تنھنجي هجڻ جو احساس هتي هوندو آهي. منھنجي آسپاس وِکَ وِکَ تي تنھنجي موجودگيءَ جو احساس هوندو آهي، تنھنجي خوشبوءِ هوندي آهي، تنھنجي نشاني هوندي آهي. هن گهر کي تنھنجي هٿن جيئن ٺاهيو آهي، ان کي ٻيو ڪوبہ هٿ بدلائي نہ ٿو سگهي.“
”منصور، تنھنجون ڳالھيون مونکي ڊيڄاري ڇڏينديون آهن.“
”ڇو؟“
”ڪٿي هي سڀ ڪجهہ خواب خيال نہ رهجي وڃي!“
”ائين نہ ٿيندو“ منصور ضدي لھجي ۾ چيو، ”مان توکي پنھنجي هستيءَ جي حصار ۾ قيد ڪري ڇڏيندس. تنھنجي هر شئي، تنھنجي قدمن جو آواز..... تنھنجي ساهن جي رفتار..... تنھنجي آواز جو پڙاڏو. سڀ ڪجهہ قيد ڪري ڇڏيندس، اهڙي طرح جو مون کان پري رهي بہ تون آزاد نہ رهندينءَ..... هي ڏس!“
هن ايمن جي اڳيان رکيل چانھہ جو مگ کنيو، جيڪو هن خالي ڪري رکيو هو. ان مگ جي ڪناري تي هن جي چپن واري لپ اسٽڪ جو نشان هو.
”تنھنجي چپن جو ڇھاءُ..... هن کي ڪير بہ ڊاهي نہ ٿو سگهي.“
هو اندران ڪرسٽل جو سھڻو باڪس کڻي آيو. مگ کي احتياط سان ان ۾ رکيائين ۽ ايمن ڏانھن مُڙي چيائين:
”مون تنھنجي چپن جي ڇھاءَ کي هميشہ لاءِ قيد ڪري ڇڏيو.“
ايمن گم سم کيس ڏسندي رهي هئي. ان وقت منصور کي هلڪو چڪر اچي ويو، هن صوفي جو سھارو ورتو ۽ پوءِ صوفي تي ويھي ٽيڪ لڳائي اکيون بند ڪري ڇڏيائين. ايمن سندس مٿي هيٺان ڪشن ڏئي کيس ليٽائي ڇڏيو ۽ چيائين:
”منصور، تنھنجي طبيعت ٺيڪ ناهي..... تون هاڻي آرام ڪر“
”ايمن“ منصور سندس هٿ پڪڙي چيو، ”مونکي ڇڏي نہ وڃ!“
”نہ مان ٿوري دير ويھان ٿي“
هوءَ فلور ڪشن کڻي هيٺ رکي سندس ڀرسان ويھي رهي.
سندس هٿ بدستور منصور جي هٿ ۾ هو.
”ايمن، ننڍي لاءِ هڪ لوڪ ڪھاڻي پڙهي هيم“ منصور مڌم لھجي ۾ چيو، ”هڪڙي پريءَ وٽ هڪڙو شھزادو قيد هيو، جنھن جي جيئڻ واري تختي پريءَ وٽ هئي. اها پري جڏهن ٻاهر ويندي هئي تہ تختي اونڌي ڪري ويندي هئي شھزادو مري ويندو هو، جڏهن ايندي هئي ۽ تختي سڌي ڪندي هئي تہ شھزادو جيئرو ٿي پوندو هو.“
”سو؟“ ايمن کلندي پڇيو.
”منھنجي پري تون آهين..... منھنجي جيئڻ جي تختي تو وٽ آهي..... جڏهن تون هلي ويندي آهين تہ مان مري ويندو آهيان. هتان جي هر شئي مري ويندي آهي. جڏهن تون ايندي آهين تہ مان جي پوندو آهيان. هتان جي هر شئي ساھہ کڻڻ لڳندي آهي.
”منصور تو ايتري محبت ڪٿي لڪائي رکي هئي؟“ ايمن پڇيو.
هو آهستي کليو، اکيون بند ڪري کن پل سانت ۾ ليٽيو رهيو پوءِ اکيون کولي کيس ڏٺائين ۽ چيائين:
”جڏهن انسان هن دنيا ۾ لاٿو ويندو آهي تہ نصيب جي بجيٽ ۾ هر شئي کيس ڏني ويندي آهي. رزق، عيش آرام، ڏک، سُک ۽ محبتون. اهي محبتون هو رشتن ۾ ونڊيندو آهي. پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، دوست، يار“ هو خاموش ٿي کيس ڏسڻ لڳو پوءِ چيائين، ”مونکي محبتن ونڊڻ لاءِ ڪو رشتو ئي نہ مليو. ان ڪري اهي بيشمار محبتون سانڍي رکيون هيم، ڪنھن پنھنجي ۽ پياري هستيءَ لاءِ. مونکي يقين هو تہ هن دنيا ۾ ڪٿي نہ ڪٿي منھنجي اها پياري هستي ضرور آهي، جيڪا زندگيءَ جي ڪنھن نہ ڪنھن موڙ تي منھنجي سامھون اچي بيھندي ۽ مان محبتن جو اهو خزانو کيس پيش ڪندي چوندس تہ.....“
هن سندس هٿ چمندي چيو، ”مون تنھنجي امانت لڪائي رکي آهي ايمن، سڄي عمر لٽائيندينءَ تہ اهو خزانو نہ کٽندو.
جڏهن هوءَ هاسٽل تي پھتي تہ نسرين سندس انتظار ڪري رهي هئي. هن چيو:
”ايمن، تون جيڪو ڪرين ٿي اهو توکي جڳائي نہ ٿو.“
”ڇا؟“ ايمن پڇيو.
”گهٽ ۾ گهٽ توکي منصور جي فليٽ تي اڪيلو وڃڻ نہ گهرجي.“
ايمن آهستي کلي ۽ چيائين:
”تو منھنجي ڪردار جو سھي اندازو نہ لڳايو آهي نسرين. مان ڪا ميڻ جي گڏي ناهيان، جيڪا ٿوري تپش سان رجي وڃي ۽ منصور لاءِ بہ تنھنجو اندازو غلط آهي. هن گِلٽ سان ڀريل دنيا ۾ هو هڪ خالص انسان آهي. سچ سان ڀريل هڪ اهڙو خاص ۽ قيمتي انسان، جيڪو پاڻ تہ نقصان کڻي سگهي ٿو پر ٻي ڪنھن کي ذري جي ڪس بہ نہ ٿو لائي سگهي.“
”ايمن، مان تہ تنھنجي ڀلائيءَ لاءِ ٿي چوان، متان تنھنجي ۽ منصور جي لاءِ ماڻھو ڪجهہ غلط نہ سمجهن.“
”ماڻھن وٽ ايترو شعور ئي ناهي جو هو منھنجي ۽ منصور جي رشتي جي سچائي سمجهي سگهن.“ ايمن لاپرواهيءَ مان چيو ۽ اندر ڪمري ۾هلي وئي.
ان ڏينھن موڪل هئي. سڀني هاسٽلرن آئوٽنگ جو پروگرام ٺاهيو پر ايمن کي رات کان پاسي ۾ سور هو، طبيعت مزي ۾ نہ هيس. ان ڪري هوءَ ساڻن نہ وئي. دوا کائي سمھي پئي. منجهند جو جاڳي تہ سموري هاسٽل خالي هئي. اڪيلائيءَ هن کي اُٻاڻڪو ڪري وڌو. ڪجهہ وقت خالي هيڏانھن هوڏانھن گهمندي رهي. بک محسوس ٿيس تہ ڪينٽين تي وڃي هلڪو ناشتو بہ ڪيائين. کيس سمجهہ ۾ نہ آيو تہ وقت ڪيئن گذاري. ڪجهہ سوچي تيار ٿي ۽ ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي منصور جي فليٽ ڏانھن رواني ٿي. منصور جو فليٽ بند هو. پھريان سوچيائين واپس هلي وڃي پوءِ ارادو مٽائي اندر وڃڻ جو فيصلو ڪيائين، وٽس منصور جي فليٽ جي ڊپليڪيٽ چاٻي هئي، جيڪا منصور کيس ڏني هئي.
هوءَ بي مقصد خالي فليٽ ۾ ڦرڻ لڳي. گهر جي هر شئي جي ترتيب اونھيئن هئي، جيئن هن ٺاهي هئي. هوءَ بيڊ روم ۾ آئي، بي خياليءَ ۾ سائيڊ ٽيبل جي دراز کوليائين، اندر گلابي رنگ جو پلاسٽڪ جو باڪس پيو هو، کوليائين تہ اندر سندس ئي شيون نظر آيس. سندس رسٽ واچ، سندس رومال ۽ ٽشو پيپر ۾ ويڙهيل رابيل جي سڪل مکڙين وارا اهي ٻانھوٽا، جيڪي منصور پنھنجي سالگره واري ڏينھن سندس ڪرائين ۾ پارايا هيا. منصور ڪيڏي نہ احتياط ۽ محبت سان سندس شيون سنڀالي رکيون هيون. ان دٻي ۾ گويا منصور جو مرڪندڙ عڪس چئي رهيو هو:
”ڏس جانم، مون توکي ڪيئن لڪائي، سنڀالي رکيو آهي.“
ايمن خاني ۾ رکيل پين کنئي، پيڊ مان پنو ڦاڙيو ان تي لکيو:
هي پيار تہ پھريون چرچو هو پوءِ پيار بڻيو،
ها پھرين مکڙي مکڙي هو پوءِ هار بڻيو.
ان ۾ سڀ شيون ويڙهي واپس باڪس ۾ رکيون ۽ پوءِ اهو باڪس واپس خاني ۾ رکي خانو بند ڪري ڇڏيائين. پوءِ هوءَ هلندي اچي وارڊ روب تي بيٺي. وارڊ روب ۾ منصور جا سڀ سوٽ انھيءَ ترتيب سان ٽنگيل هئا، جيئن هن جورابن ۽ ٽاين سان مئچ ڪري رکيا هئا. ان وقت کيس مٿئين خاني ۾ چيني نقش نگار وارو سھڻو گفٽ باڪس نظر آيو. هن اسٽول تي چڙهي گفٽ باڪس لاٿو. کولي ڏٺائين. پلاسٽڪ جي ٿيلھيءَ ۾ايمن جا اهي ميرا ڪپڙا پيڪ ٿيا پيا هئا، جيڪي هوءَ اتي رکي وساري وئي هئي. هن ٻہ ٽي دفعا منصور کان انھن ڪپڙن جي گهر بہ ڪئي هئي پر منصور هر دفعي ڳالھہ نٽائي ويندو هو.
”اوھہ منصور، تون مون سان ايتري چري محبت ٿو ڪرين!“ هن پيڪٽ سيني سان لائي سوچيو. پوءِ احتياط سان اهي ڪپڙا ساڳئي نموني پيڪ ڪري واپس ساڳئي جاءِ تي رکيائين ۽ فوٽن جا البم ڪڍي بيڊ تي ويھي ڏسڻ لڳي. فوٽو ڏسندي خبر ناهي ڪھڙي وقت سندس اک لڳي وئي.
منصور دروازي جو انٽرلاڪ کولي گهر ۾ گهڙيو. ان وقت سج لھي چڪو هو. گهر ۾ هلڪي اوندھہ، هلڪي روشني رل مل هئي. هو ٿڪل بہ هو، خفي بہ. هو اهو سوچي وين ۾ چڙهيو هو تہ ٻين سان گڏ ايمن بہ هوندي. پر جڏهن واٽ تي هن کي خبر پئي تہ ايمن انھن سان گڏ نہ هئي تہ هن تي هڪدم بيزاري طاري ٿي وئي. واپس بہ نہ ٿي اچي سگهيو، ڇاڪاڻ تہ هو گهڻو اڳتي نڪري چڪا هئا. نسرين کيس ٻڌايو تہ ايمن جي طبيعت ٺيڪ نہ هئي. منصور جو سڄو ڏينھن بيچينيءَ ۽ بي ڪيفيءَ ۾ گذريو. شام جو واپسيءَ تي هن هاسٽل تي لھي ايمن جي خيريت پڇڻ جي ڪوشش ڪئي پر ايمن اتي بہ نہ هئي.
”اوھہ ايمن، ڪٿي آهين تون؟“
منصور بيڊروم جي بتي ٻاريندي بي بسيءَ وچان سوچيو. ۽ اوچتو بٽڻ آن ڪندي هن جو هٿ رڪجي ويو. مليل جليل اوندھہ ۽ روشنيءَ ۾ هن کي ايمن نظر اچي وئي. سندس پلنگ تي بي خبر ستل. سندس ڀرسان فوٽن جا البم کليا پيا هئا. هوءَ ائين تہ بي خبر، بي ترتيب ۽ وکريل وکريل سمھي پئي هئي جو منصور جو سمورو وجود ڊانوا ڊول ٿي ويو. هو تہ رڻ پٽ جو اڃايل واٽھڙو هو، ڄڻ صدين کان پاڻيءَ جي ان ٿڌي مٺي چشمي جي تلاش ۾ ڀٽڪندو آيو هو، جيڪو ٻن وکن تي هن جي اڳيان موجود هو. هو سحر زدہ هلندو وڃي پلنگ جي ڀرسان هيٺ زمين تي ويھي رهيو ۽ بي اختيار کيس ڏسندو رهيو. زمان و مڪان جي گردش کي ڄڻ ڪنھن ”اسٽيچو“ چئي ساڪت ڪري ڇڏيو هو.
مان پيار جي هڪ هڪ پل کي،
موتين ۾ توريان،
ان امرت رس جــــــا ڍُڪ ڀريان،
هوريان هوريان.
ايمن هڪدم اکيون کوليون. منصور جي ٻرندڙ اکين جي تپش کي پنھنجي چھري تي محسوس ڪيائين. کن پل خمار سان ڀريل اکين ۽ خود فراموشيءَ واري احساس ۾ کيس ڏسندي رهي. هو پلنگ جي ڀرسان زمين تي ويٺو گم سم کيس ڏسي رهيو هو. هوءَ هڪدم اٿي ويٺي. کيس جاڳندو ڏسي منصور بہ اٿيو. پوءِ منصور اوچتو سندس وجود کي پنھنجي ٻانھن جي گهيري ۾ ڀري ورتو. اهو چند ساعتن وارو بي اختيار لمحو هو.
”منصور“ ايمن ڇرڪ ڀري پنھنجو بدن چورايو، ”پليز“
منصور آهستگيءَ سان کيس ڇڏيو. هوءَ پلنگ تان هيٺ لھي بيٺي.
”سوري ايمن“ منصور نظرون جهڪائيندي چيو، ”مون اڄ سڄو ڏينھن توکي ڳولھيو آهي. مِس ڪيو آهي.“
”تون ٿڪل ٿو لڳين“ ايمن چيو، ”فريش ٿي اچ تہ مان تنھنجي لاءِ چانھہ ٺاهي ٿي اچان.“
منصور ڪنڌ ڌوڻيو ۽ مرڪندو باٿ روم ڏانھن هليو ويو. ايمن گهر جون بتيون ٻاريون ۽ پوءِ چانھہ ٺاهڻ هلي وئي.
ٿوري دير کان پوءِ هو لائونج ۾ ويٺا چانھہ پي رهيا هئا. منصور کيس پڪنڪ جو احوال ڏئي رهيو هو. پروفيسر انصاريءَ جي چشمي ۾ ڪرڻ واري ڳالھہ ٻڌي ايمن بي اختيار کلڻ لڳي. هن جي کلندڙ ٻھڪندر چھري ڏانھن ڏسندي منصور چپ ٿي ويو ۽ يڪ ٽڪ کيس ڏسڻ لڳو. ايمن کلندي کلندي هن ڏانھن ڏٺو. منصور جي اکين جي پُر اسرار تپش کيس پريشان ڪرڻ لڳي.
”منصور، رات ٿي وئي آهي مون کي هاسٽل هلڻ گهرجي.“ ايمن اٿندي چيو.
”ڇو؟ مون کان خوف ٿو ٿيئي؟“ منصور سندس هٿ پڪڙيندي پڇيو.
”ها“ ايمن پنھنجو هٿ ڇڏائيندي چيو.
منصور اٿي اچي سندس پٺيان بيٺو. سندس وارن ۾ مُنھن لڪائيندي چيائين، ”مان فرشتو تہ ناهيان“
”پوءِ؟“ ايمن چڀندڙ آواز ۾ پڇيو.
”آءِ وانٽ ٽُہ فِيل يو..... آءِ وانٽ ٽُہ ٽچ يو.“
ايمن گم سم بيٺي رهي.
”ايمن، منھنجي زندگيءَ ۾ هلي اچ، مون کان وڌيڪ انتظار نہ ٿو ٿئي.“ منصور جو آواز وکرجڻ لڳو.
ايمن هڪدم ڦري سندس سامھون ٿي بيٺي. منصور پنھنجون ڪڪوريل اکيون کولي ڏانھس ڏٺو. هوءَ سندس آڏو بيٺي هئي. سنگ مر مر جي سخت، سرد ۽ بي حس بُت جيان. پوءِ هن پنھنجا هٿ وڌائي منصور جي چھري کي پنھنجن هٿن جي حصار ۾ ورتو. هن جا هٿ ٿڌا هئا. هن ڪنھن ساحر وانگر مڌم لھجي ۾ چيو:
”منھنجي هٿن جي ٿڌي ڇھاءَ کي محسوس ڪر منصور، منھنجي اکين ۾ نھار، توکي سج جي تپش نہ پر چانڊوڪيءَ جي ٿڌي روشني نظر ايندي.“
منصور سحر زدہ نظرن سان کيس ڏسندو رهيو. هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ايمن جي هٿن جي ٿڌي ڇھاءَ سان هن جو وجود ڌيري ڌيري پٿر ۾ تبديل ٿي رهيو هو. ٿڌو ۽ سخت پٿر. منصور پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون. مڌم آواز ۾ چيائين:
”اوڪي“
ان وقت گجگوڙ شروع ٿي وئي ۽ تيز برسات پوڻ لڳي.
”منصور مونکي هاسٽل ڇڏي اچ“ ايمن چيو.
منصور ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي. هوءَ اندر بيڊ روم ۾ وئي. ڦڻي وغيرہ ڏئي تيار ٿي پرس کڻي ٻاهر آئي تہ منصور نظر نہ آيس. هوءَ کيس ڳولھيندي بالڪنيءَ ۾ آئي تہ منصور کليل آسمان هيٺان بيٺو ڇم ڇم وسندڙ مينھن ۾ ڀڄي رهيو هو. سندس اکيون بند هيون.
”منصور“ ايمن دروازي وٽ بيھي کيس سڏيو، ”هلون“
منصور ڪنڌ ورائي ڏانھس ڏٺو ۽ شرارت مان چيائين:
”هڪ شرط تي“
”ڪھڙو؟“
”پنڌ هلنداسين، بغير ڇٽيءَ جي“
”ايڏو پري؟“
”ها“
”تون سچ پچ پاڳل آهين“ ايمن کلڻ لڳي.
اها رات بہ عجيب هئي. هر شئي ڀنل برسات جي خوشبوءِ سان رچيل. جيتوڻيڪ برسات جي تيزي ختم ٿي چڪي هئي پر هلڪي بوندا باندي جاري هئي. اسلام آباد جي برسات بہ عجيب هوندي آهي، هڪدم تيز آبشارن وانگر جاري ٿيندي آهي. لڳندو آهي تہ هر شئي جل ٿل ٿي ويندي. پر جڏهن بس ڪندي آهي تہ روڊ رستا هڪدم صاف ٿي ويندا آهن. پاڻي هيٺ مٿانھينءَ وارن ور وڪڙ رستن تان وهندو ڀر وارن اونھائيءَ وارن نالن ۾ گم ٿي ويندو آهي. رستن جي ڪنارن تي اوچن وڻن جي جوڙ ۾ لڳل بجليءَ جي پيلن قمقمن جي روشنيءَ ۾ ٻہ ديوانا بوندا بانديءَ کان بي نياز ڀڄندا گهمندا ٿي ويا.
اڄ سارو عالم جل ٿل ٿيو،
اڄ کليل آهي داون دل جو،
اڄ ليکو ڪونھي پل پل جو،
۽ ڏينھن سڄڻ آ موڪل جو.
ان بي نيازيءَ واري عالم ۾ هلندي هو هاسٽل جي گيٽ تي پھتا. رخصت ٿيڻ کان اڳ منصور ايمن جو هٿ چمندي چيو:
”جانِ منصور، تون وڏي ساحر آهين. تون هپناٽائيز ڪري آدم کي محبت جي جنت مان تڙجڻ کان بچائي ورتو.“
ايمن پنھنجي مرڪ لڪائڻ خاطر مُنھن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.
”پر هڪڙي ڳالھہ ٻڌايانءِ“ منصور سندس سامھون ايندي چيو، ”جلدي هلي اچ منھنجي دنيا ۾ ڇاڪاڻ تہ مان فرشتو ناهيان، آدم آهيان، بي اختيار ٿيڻ منھنجي فطرت ۾ شامل آهي.“
ٽن مھينن جي اها ٽريننگ ايمن جي زندگيءَ جو رخ ئي بدلائي وئي. هوءَ تہ چرچي ۾ هلي آئي هئي پر هن کي اها خبر نہ هئي تہ اهو چرچو هن جي زندگيءَ جو اڻ وسرندڙ سچ بنجي ويندو. ميمونا جي سخت هدايت مطابق هن منصور کي بہ اهو نہ ٻڌايو هو تہ هوءَ جيڪا ميمونا قاضي بنجي هتي آئي هئي، اصل ۾ شمع ايمن قاضي هئي. هاڻي ٽريننگ ۾ رڳو هڪ هفتو وڃي بچيو هو ۽ منصور هن جي زندگيءَ جي اهڙي اٽل حقيقت بنجي چڪو هو، جنھن کان وڌيڪ اهم ٻي ڪا حقيقت نہ هئي.
ميزبانن طرفان هنن کي ناران، ڪاغان ۽ ٻين اترين جابلو علائقن جي سير تي ٽن ڏينھن لاءِ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ايمن پڪو پھہ ڪيو تہ هوءَ ان ٽوئر دوران سڀ سچ ٻڌائي ڇڏيندي. پر منصور ان ٽوئر تي وڃي نہ سگهيو. هن ڪجهہ وقت اڳ ترڪي حڪوت طرفان ڪجهہ ماهرن جي گُهر لاءِ ٻين اميدوارن سان گڏ پنھنجا ڪاغذ موڪليا هئا، جيڪي منظور ٿي ويا ۽ عين ان ڏينھن تي کيس اهو ليٽر مليو، جنھن ڏينھن هنن جي ٽوئر تي روانگي هئي. هن کي هدايت ڪئي وئي تہ هو ٻن ڏينھن اندر سمورا گهربل سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائي ۽ ٽين ڏينھن ڪراچيءَ انٽرويو لاءِ پھچڻ جي هدايت ڪئي وئي. منصور لاءِ اها نوڪري ڄڻ قدرت طرفان اشارو هو تہ هو شادي ڪري ايمن سان گڏ ترڪيءَ هليو وڃي ۽ مائٽن جي ڇڪتاڻ کان پري وڃي سڪون سان زندگي گذاري.
ايمن ٽن ڏينھن جي ٽوئر ختم ڪري پنھنجي گروپ سميت واپس اسلام آباد پھتي تہ هن سڀ کان پھريان منصور سان ملڻ چاهيو. سينٽر تي پھچڻ شرط هوءَ سڀ کان اول منصور جي آفيس وئي. پر منصور اتي نہ هيو. هن سندس نائڪ کان منصور بابت پڇيو.
”صاحب ڪراچيءَ ويل آهن“ نائڪ کيس ٻڌايو.
”ڪڏهن ايندا؟“ ايمن مايوس ٿيندي پڇيو.
”چئي ويا آهن سترهين تاريخ تائين واپسي اٿن.“ نائڪ چيو پوءِ ڪجهہ سوچي چيائين، ”اوهان لاءِ چٺي ڏئي ويا آهن.“
پوءِ هو منصور جي آفيس ۾ ويو. ٽيبل جي خاني مان سفيد لفافو کڻي آڻي کيس ڏنائين. ايمن رستي تان ويندي لفافو کوليو. منصور لکيو هو:
”ايمن، مون ڪجهہ ڏينھن اول توکي ٻڌايو هو تہ مون ترڪيءَ ۾ جاب لاءِ درخواست ڏني هئي. سورهين تاريخ ان جو انٽرويو ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو آهي. خبر اٿم تہ تنھنجي واپسي پندرهين تاريخ آهي. پر فڪر نہ ڪجانءِ مان پھرين فرصت ۾ خيرپور ايندس ۽ آئندہ لاءِ پروگرام ٺاهينداسين.
منصور.“
ايمن پندرهين تاريخ تي ساٿين کي خدا حافظ چئي گهر رواني ٿي. پر وڃڻ کان اڳ خط لکي منصور جي نائڪ کي ڏئي وئي تہ منصور کي پھچائي. ميمونا هن جي اچڻ کان اڳ ئي پھچي چڪي هئي. ايمن ٽريننگ جا سمورا ڪاغذ ميمونا جي حوالي ڪيا. ٻہ ڏينھن ٿَڪُ پٽڻ بعد ايمن پنھنجي آفيس نيوجنريشن ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ وئي، پڇا ڪيائين تہ ڇا هو کيس ٽي مھينا اول واري آفر تي نوڪري جوائن ڪرائيندا؟ هن جي اميد مطابق نيوجنريشن وارن کيس جوائن ڪرايو پر ان شرط تي تہ هوءَ اول ٻن هفتن جي ٽريننگ ڪراچيءَ مان ڪري ايندي. ٽريننگ جو ٻڌي ايمن تي ٻرا چڙهي ويا. پر ٻيو ڪو حل ئي نہ هو. هن کي تہ لا محالہ اها ئي نوڪري ڪرڻي هئي.
ويھين تاريخ تي هوءَ ڪراچيءَ رواني ٿي پر وڃڻ کان اڳ منصور جي ايڊريس تي خط لکي موڪلي ڇڏيائين، جنھن ۾ لکيو هئائين:
”منصور، مان ٻن هفتن تائين خيرپور ۾ نہ هونديس، ان ڪري مونسان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪجانءِ. مان واپسيءَ تي پاڻ توسان رابطو ڪنديس.“
منصور جو انٽرويو ڪامياب ويو. هن کي ترڪيءَ واري نوڪري ملي وئي. هڪ مھيني اندر کيس اتي پھچڻو هو. ان ڪري هن اسلام آباد فيڪس موڪلي ٻن هفتن جي موڪل وٺي ڇڏي. ڇاڪاڻ تہ وڃڻ کان اڳ هن ايمن جي معاملي کي پڻ تڪميل تائين آڻڻ ٿي چاهيو. ان لاءِ هن جيڪا منصوبا بندي ڪئي، ان تي عمل بہ شروع ڪيو. ٻاويھين تاريخ تي هو رات جو خيرپور پھتو. پنھنجي گهر وڃڻ بدران پنھنجي ننڍپڻ جي دوست محمود کھڙي جي گهر ٽڪيو. کيس پنھنجي ترسڻ جي ڳالھہ کي راز ۾ رکڻ جي تاڪيد ڪندي کيس پنھنجي منصوبي ۾ شامل ڪيائين.
”يار خير تہ آهي؟“ محمود پڇيو، ”هي پر اسرار رويو ڇاجي لاءِ؟“
”مونکي تنھنجي مدد جي ضرورت آهي محمود“ منصور چيو، ”مان هڪ مھيني جي اندر ترڪيءَ هليو ويندس ۽ وڃڻ کان اول مونکي شادي ڪرڻي آهي.“
محمود کلي ويٺو چيائين، ”تون ۽ شادي، کوڙو ئي نہ ٿو لڳي.“
”يار مان سيريس آهيان.“
”واقعي؟“ محمود حيران ٿي پڇيو، ”تہ پوءِ مسئلو ڪھڙو آهي، تنھنجي شادي تہ سئوٽِ سان طئي ٿيل آهي نہ؟“
”اهوئي تہ مسئلو آهي.“ منصور چيو، ”مان سئوٽِ سان نہ پر ٻي هنڌ ٿو شادي ڪرڻ چاهيان.“
”ڪٿي؟“ محمود حيرت مان پڇيو.
منصور ڪجهہ دير ترسيو پوءِ چيائين، ”هتي نوان تَڪَ ۾ حق موجود بوڪ اسٽور جو مالڪ آهي قاضي ابرار حسين، ان جي ڌيءُ ميمونا سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان.“
محمود هڪو ٻڪو ٿي کيس ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ پڇيائين:
”ڪو عشق ٻشق جو چڪر آهي ڇا؟“
منصور چيو، ”هوءَ اسلام آباد آئي هئي ٽريننگ ڪرڻ، اتي اسان جي ملاقات ٿي ۽ اسان ٻنھي اهو فيصلو ڪيو.“
محمود سوچ ۾ پئجي ويو پوءِ چيائين، ”يار اهو تہ وڏو گنڀير مسئلو ٿي ويو، تنھنجو چاچو وڏو خبيث ماڻھو آهي. ان کي خبر پوندي تہ معاملو خراب ٿي ويندو ۽ هي ماڻھو ڪيئن بغير ڪنھن اعتراض ۽ سوال پڇڻ جي توکي ايترو جلدي سڱ ڏيندا؟“
”محمود، اهو منھنجي لاءِ زندگي ۽ موت جو سوال آهي. ترڪيءَ وڃڻ کان اڳ مونکي اهو سڱ ڪرڻو آهي، ڪنھن بہ حال ۾. هڪ دفعو منھنجو نڪاح ٿي ويو تہ پوءِ چاچا ڪجهہ بہ نہ ڪري سگهندو. اهو ڪيئن ٿيندو. اهو توکي ئي بندو بست ڪرڻو آهي.“
منصور پنھنجي چاچي جي خوف کان روپوش رهڻ تي مجبور هو. پر هن جو ايمن سان رابطو ڪرڻ بہ ضروري هو. هوڏانھن محمود ۽ ان جي گهرواري پنھنجي ڪم کي لڳي ويا. منصور ڪنھن طرح سان لڪندو ڇپندو ٽريننگ ڪاليج ويو. آفيس ۾ وڃي ڪلارڪ کي چيائين تہ کيس ميمونا قاضيءَ سان ملڻو آهي.
”سر، مس قاضي هڪ هفتي جي موڪل تي آهي.“ ڪلارڪ کيس ٻڌايو.
”پر هوءَ هاڻي تہ ٽن مھينن جي ٽريننگ تان موٽي آهي!“ منصور چيو.
”ها سر، برابر مس قاضي ٽن مھينن لاءِ اسلام آباد ٽريننگ تي وئي هئي، ڪاليج بہ اچڻ لڳي هئي پر ڪلھہ ڏاڪڻ تان لھندي پير ٿڙڪي ويس، مُري جي هڏي ضربجي پئي اٿس. پلستر چاڙهيو اٿئونس. ڊاڪٽر هڪ هفتي لاءِ گهمڻ ڦرڻ کان منع ڪئي اٿس.“
منصور اهو ٻڌي پريشان ٿي ويو. هن ايمن سان ملڻ ٿي چاهيو پر ڪوشش جي باوجود رابطي ڪرڻ جو ڪو رستو ئي نہ ٿي نڪتو. قسمت اهڙو تہ ڄار وڇايو هو جو سڀ واٽون مٽجنديون ٿي ويون. ايمن جي گهر ۾ فون نہ هئي ۽ ايمن اوچتي حادثي جي ڪري گهر ۾ محدود ٿي وئي هئي.
قاضي ابرار حسين اڃان دڪان کولي فارغ مس ٿيو تہ سامھون سندس دوست حاجي نصرﷲ ايندو نظر آيس. حاجي نصرﷲ سندس ننڍپڻ جو دوست هو. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ ۾ وڃي رهڻ کان پوءِ قاضي ابرار حسين جو خيرپور اچڻ وڃڻ تمام گهٽ ٿي ويو هو پر تڏهن بہ هنن جي دوستيءَ ۾ ڪو مفاصلو پيدا ٿي نہ سگهيو هو. حاجي نصرﷲ جڏهن بہ ڪراچيءَ ويندو هو قاضي ابرار حسين جي گهر ۾ ئي ٽڪندو هو.
”حاجي خير تہ آهي، صبح صبح سان پنڌ پيو آهين.“ قاضي ابرار حسين پڇيو.
”بس ائين ئي چڪر تي نڪتو آهيان.“ حاجي صاحب سندس سامھون ڪرسيءَ تي ويھندي چيو، ”توسان هڪ ڳالھہ بہ ڪرڻي آهي.“
قاضي ابرار حسين ڪرسي سوري سندس ڀرسان ويٺو.
”قاضي، تو ڪجهہ ڏينھن اول نياڻين جي مٽي مائٽيءَ جي ڳالھہ ڪڍي هئي.“ حاجي صاحب چيو، ”هڪڙي مائٽي آهي پر اول تون ٿڌي سيني سان ڳالھہ ٻڌي وڃ.“
قاضي چپ ڪري غور سان سندس ڳالھہ ٻڌڻ لڳو.
”منھنجو هڪڙو عزيز آهي محمود کھڙو“ حاجي صاحب چيو، ”هن جو دوست آهي منصور احمد نالو اٿس، مان سندس سڄي خاندان کي سڃاڻان. خانداني ماڻھو آهن. آدي بڻيادي هن شھر جا آهن. ڇوڪرو تمام شريف ۽ سلڇڻو آهي. نوڪري بہ تمام سٺي اٿس. ترڪيءَ ۾ ڪنھن سٺي جاءِ تي چونڊجي ويو آهي. مھيني کن ۾ اوڏانھن وڃڻو آهي. هو وڃڻ کان اول شادي ڪرڻ ٿو چاهي تہ جيئن گهر واريءَ سوڌو وڃي سگهي.“
حاجي صاحب کن پل ترسي قاضيءَ ڏانھن ڏٺو پوءِ چيائين، ”محمود مونکي چيو تہ مونکي تنھنجو خيال آيو.“
قاضي ڪجهہ دير سوچڻ لڳو. هن کي ڪافي ڏينھن کان اها ڳڻتي هئي تہ ڌيئرن جي ڪٿي مائٽي ٿي وڃي. هن کي احساس هو تہ ڇوڪرين جي عمر بہ چڱي خاصي اچي ٿي هئي ۽ رشتن جا مسئلا بہ گهڻا هيا.
”يار حاجي، ٻڌڻ ۾ تہ چڱو ٿو لڳي پر جاچ جوچ ڪرڻ ضروري آهي.“
”قاضي مون توکي ٻڌايو نہ مان ڇوڪري ۽ سندس خاندان کي اصل کان سڃاڻان، ڇوڪري ۾ ڪو عيب ڪونھي. بس ٿورو خانداني مسئلو آهي.“
”سو ڪيئن؟“
”ڇوڪري جو چاچو ڏاڍو بدنيت ۽ لالچي ماڻھو آهي، ڀاءُ جي ملڪيت بہ سندس قبضي ۾ آهي. ان ڪري هو چاهي ٿو تہ پنھنجي ڌيءُ جي شادي ساڻس ڪرائي تہ جيئن ملڪيت جو ورهاڱو نہ ٿئي. هن جي ڌيءُ آهي اڻ پڙهيل، ڇوڪرو ڪنھن پڙهيل ڪڙهيل ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي. هاڻي تہ قدرت بہ کيس موقعو ڏنو آهي. ڇوڪرو شادي ڪري ترڪيءَ هليو ويندو، پٺيان چاچو ڇا ڪندس.“
قاضي مونجهاري ۾ پئجي ويو. ڪجهہ دير رکي چيائين:
”يار اها تہ ڦڏي واري ڳالھہ ٿي لڳي. نياڻيءَ جو معاملو آهي، سڀاڻي ڪا گهٽ وڌائي ٿي تہ ڇا ڪنداسين؟“
حاجي صاحب سندس ڪلھي تي هٿ رکي چيو، ”قاضي، تنھنجون نياڻيون منھنجون بہ نياڻيون آهن، تون ڄاڻين ٿو تہ مونکي ڪيتريون نہ پياريون آهن. مان ڀلا انھن لاءِ ڪو برو سوچيندس. ڪو ٻيو ماڻھو هجي ها تہ مان اٿندي ئي ناڪار ڪري ڇڏيان ها. پر هي ڇوڪرو مون کان اڻ ڏٺو ناهي، ڏاڍو اسپيشل ڇوڪرو آهي. سمجهہ تہ هيرو آهي، جيڪو اڻلڀ هوندو آهي. تون اڄ هل تہ مان محمود جي گهر وٺي هلي توکي ان سان ملايان ٿو پوءِ جيڪو فيصلو توکي وڻي توکي ان جو اختيار آهي.“
ان ڏينھن حاجي نصرﷲ، قاضي ابرار حسين کي وٺي محمود کھڙي جي گهر ويو، جتي هنن منصور سان ملاقات ڪئي. منصور سان ملي، ڳالھائي قاضي تمام گهڻو خوش ۽ مطمئن ٿيو. شاديءَ جي معاملي تي بہ ساڻس ڳالھايائين:
”ميان منصور احمد، ايترو وقت رکي اوچتو شاديءَ جي تڪڙ ڀلا ڇو؟“
منصور ٿورو مرڪيو ۽ چيائين، ”چاچا، مان هڪ مھيني اندر ترڪيءَ ويندس، اتي منھنجو ٽن سالن جو ڪانٽريڪٽ آهي، جيڪو گهڻو ڪري وڌي بہ سگهي ٿو. سوچيم تہ فيملي لائيف هاڻي شروع نہ ڪبي تہ پوءِ گهڻي دير ٿي ويندي.“
پر تنھنجي شاديءَ ۾ جيڪڏهن تنھنجا وڏا نہ ايندا يا ڪا رڪاوٽ وجهندا تہ مسئلو ٿي ويندو نہ؟“ قاضيءَ پڇيو.
”چاچا، ضروري ناهي تہ اسان جا وڏا هر معاملي ۾ صحيح هجن. شادي ڪرڻ اسان جو ذاتي معاملو آهي. مان اتي شادي ڪرڻ نہ ٿو چاهيان، جتي هو چاهن ٿا. اهو ئي سبب آهي دير ٿيڻ جو. ان ڪري مان اهو معاملو پنھنجي طور تي طئي ڪرڻ چاهيان ٿو. هونئن بہ منھنجو چاچا جن سان ڪو گهڻو اچڻ وڃڻ ناهي. نہ ئي هو مونکي ايترو ياد ڪندا آهن. توهان ان ڳالھہ جو اطمينان رکو.“
”پر پٽ تنھنجي شاديءَ جي ڳالھہ تہ لڪندي ڪونہ پوءِ هنن کي خبر پوي ۽ گوڙ ڪن تہ؟“
”بعد ۾ هو ڪجهہ بہ نہ ڪري سگهندا.“ منصور چيو، ”بس اهو خيال رکڻو آهي تہ هنن کي اڳ ۾ ڪا خبر نہ پوي.“
محمود، جيڪو ڪجهہ دير کان چپ چاپ ويٺو سندن ڳالھہ ٻولھہ ٻڌي رهيو هو ان چيو:
”چاچا، اسان هڪڙو پروگرام ٺاهيو آهي.“
”سو ڪھڙو؟“ حاجي صاحب پڇيو.
”وقت تمام ٿورو آهي“ محمود چيو، ”هن هفتي جيڪڏهن منصور جو نڪاح ٿي وڃي تہ هن کي پاسپورٽ وغيرہ ٺھرائڻ ۾ سھولت ٿيندي. رخصتي ڀلي هن جي وڃڻ کان هڪ ٻہ ڏينھن اول ڪئي وڃي تہ ڪو هرج ناهي. ائين ڪرڻ سان سڀ معاملا آرام سان طئي ٿي ويندا. جيسيتائين منصور جي مائٽن کي خبر پوندي، هي ٻئي ترڪيءَ وڃي چڪا هوندا.“
قاضي ٿورو کليو ۽ چيائين، ”ميان، توهان تہ پنھنجي طور تي سڀ ڪجهہ طئي ڪري ويٺا آهيو. مونکي ڪجهہ سوچڻ جو تہ وقت ڏيو نہ.“
پوءِ هو کائن موڪلائي حاجي نصرﷲ سان گڏجي گهر روانو ٿيو. واٽ تي حاجيءَ کي چيائين، ”حاجي، اوچتو رشتو اچڻ سو بہ اهڙو تڪڙو، مونکي تہ مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو اٿئي“
حاجيءَ چيو، ”قاضي پھريان مان بہ پريشان ٿي ويو هيس پر اصل ڳالھہ اها آهي تہ ميان منصور کي اوچتو ترڪيءَ وڃڻ جو آرڊر مليو. هن کي چاچي مان جند ڇڏائڻ جو وجهہ مليو آ، قدرت پنھنجا جوڙ پاڻ ملائيندي آ. ڪٿان اچي ڇوڪري ڪٿي رابطو ڪيو. دل کي ڳالھہ وڻي وئي تڏهن توکي چيم ڇوڪرو ڏاڍو ڀلو آ، هٿان نہ وڃانئيس.“
”پر تو اهو تہ ٻڌايو ڪونہ تہ ڪھڙي ڇوڪريءَ لاءِ ٿو چوين؟“ قاضيءَ پڇيو.
”وڏي تہ ميمونا آهي، لازمي ڳالھہ آ اول ان جو رشتو ٿيڻ گهرجي.“
قاضي ابرار ٻہ ڏينھن لڳاتار سوچيو. باربار حاجي نصرﷲ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻي رات هو جڏهن دڪان بند ڪري گهر آيو تہ هن ميمونا سان بہ ان معاملي تي ڳالھايو. کيس چيائين:
”پُٽ، مون اوهان ڌيئرن کي پُٽن جيان پاليو آهي ۽ اوتري ئي آزادي ڏني اٿم. مونکي خوشي آهي تہ اوهان ۾ مردن جھڙو حوصلو ۽ جرئت آهي. پر اها بہ حقيقت آهي تہ اسان جي سماج ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ سوچ آهي. منھنجي حياتيءَ جو ڪو ڀروسو ڪونھي. توهان جي مستقبل جي ڳڻتي اٿم. اها خواهش اٿم تہ توهان کي پنھنجي پنھنجي گهرن ۾ آباد ڏسان.“
ميمونا چپ چاپ پيءُ ڏانھن ڏسي رهي هئي.
پوءِ قاضيءَ کيس منصور جي باري ۾ تفصيل ٻڌائي سندس وڃڻ ۽ نڪاح جي پروگرام سميت ۽ چيائين، ”مونا ڌيءُ، مون کين اڃا تائين ڪوبہ جواب نہ ڏنو آهي، ان ڪري تہ اها تنھنجي زندگي آهي ۽ توکي فيصلي ڪرڻ جو پورو پورو اختيار آهي. تون جيڪو فيصلو ڪندينءَ اهو ئي منھنجو جواب هوندو.“
ميمونا ڪجهہ وقت چپ چاپ سوچيندي رهي پوءِ چيائين، ”بابا، اسان کي فخر آهي تہ اسان جو پيءُ دنيا جو سڀ کان سٺو پيءُ آهي. هن جي هر سوچ ۾ اسان لاءِ بھتري ئي هوندي آهي. ان لاءِ اوهان جيڪو بہ فيصلو ڪندئو اهو يقينن غلط نہ هوندو.“
قاضيءَ سڪون جو هڪ ڊگهو ساھہ کنيو ۽ چيائين، ”مون چڱيءَ طرح جاچ جوچ ڪئي آهي. منصور احمد سان ملاقات بہ ڪئي آهي. هو هر طرح سان بھترين انسان آهي. تنھنجي مرضي هجي تہ مان کيس ها ڪري ڇڏيان؟“
”پر بابا، ايمن جي اچڻ تائين تہ ترسو.“ ميمونا چيو.
”پُٽ ايمن کي اچڻ ۾ کوڙ ساترا ڏينھن آهن پر منصور احمد وٽ وقت تمام ٿورو آهي. منھنجو خيال آهي تہ هو ڀلي نڪاح ڪري ڇڏي. شادي تہ اونھئين بہ ايمن جي اچڻ کان پوءِ ڪنداسين.“
ميمونا ڪجهہ نہ ڪڇيو، خاموشيءَ سان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين.
ٽيھہ نومبر تي شام جو ميمونا جو منصور سان نڪاح ٿيو. ان ۾ فقط حاجي نصرﷲ جو ڪٽنب ۽ محمود کھڙي جي آڪھہ شامل ٿي. محمود کھڙي جي زال روبينا هيري جي مُنڊي ميمونا جي آڱر ۾ پارائيندي کيس آهستي چيو:
”ميمونا، منصور توسان ملڻ ٿو چاهي.“
”ڀاڀي، مان تہ اڃا ٻہ ٽي ڏينھن هلي نہ سگهنديس.“ ميمونا پنھنجي پير ڏانھن اشارو ڪندي چيو. جنھن تي اڃا تائين پلستر چڙهيل هو.
روبينا مونجهاري ۾ پئجي وئي. منصور جي شديد خواهش هئي تہ ڪنھن طرح سان ايمن سان ملاقات ٿي وڃي. هن پڇيو:
”جيڪڏهن ڪو طريقو نڪري تہ هو هتي اچي توسان ملي سگهي ٿو؟“
ميمونا کن پل سوچيندي رهي پوءِ چيائين، ”شايد بابا کي اها ڳالھہ نہ وڻي. ڀاڀي ٻن ٽن ڏينھن جي ڳالھہ آهي پوءِ مان ڊيوٽيءَ تي وڃڻ لڳندس. هو چاهي تہ اتي مونسان ملڻ اچي سگهي ٿو.“
ٻئي ڏينھن صبح جو قاضي ابرار حسين پي سي او تان فون ڪري پنھنجي ڀيڻ حسنا کي ميمونا جي نڪاح جو احوال ٻڌايو. ان وقت ايمن ٽريننگ تي ويل هئي. حسنا ڪنن کان گهٽ ٻڌندي هئي، ان ڪري قاضيءَ کي ڪافي دير تائين ورائي ورائي ٻڌائڻو پيو.
شام جو جڏهن ايمن موٽي آئي تہ حسنا کيس ميمونا جي نڪاح جو ٻڌايو. ايمن حيران رهجي وئي تہ اوچتو ميمونا جو ڪيئن نڪاح ٿيو. هن حسنا کان پڇيو:
”بوا، بابا ٻڌايو سھي تہ ڪير ماڻھو آهن، ڇوڪرو ڇا ڪندو آهي؟“
”امان، ٻڌايائين تہ سھي، آواز سمجهہ ۾ ئي نہ پئي آيو. چئي پيو ڇوڪرو ٻاهر ٿو وڃي، جلدي شادي ڪرڻي اٿس.“
”ڀلا نالو وغيرہ تہ ٻڌايائين نہ؟“
”ها، ٻڌايائين تہ سھي“ حسنا سوچ ۾ پئجي وئي. ”چئي پيو مسعود...... نہ گهڻو ڪري محمود کھڙو نالو پيو وٺي“.
ايمن سوچ ۾ پئجي وئي. هن کي اڻ تڻ وٺي وئي تہ آخر اهڙو ڇا ٿيو هوندو جو ميمونا جو تڪڙو نڪاح ٿيو. هن سوچيو تہ ڪٿان فون تي رابطو ڪري پڇي وٺي پر خبر هيس تہ ميمونا بہ پير زخمي ٿيڻ بعد گهر ۾ هئي، ڪاليج هجي ها تہ ساڻس ڳالھائي احوال وٺي ها. گهر ۾ تہ فون هئي ئي نہ. گهڻي اڻ تڻ کان پوءِ پاڻ کي تسلي ڏيندي چيائين:
”خير ٻن ڏينھن کان پوءِ تہ مان پاڻ واپس گهر ويندم، پاڻھي وڃي حال احوال وٺندم.“
منصور شديد خواهش جي باوجود ميمونا سان ملي نہ سگهيو ۽ ڪاغذن جي تياري ۽ ٻين ڪمن سبب واپس اسلام آباد هليو ويو. وڃڻ وقت محمود جي زال کيس ڪيمرا جو اهو رول ڏنو، جنھن ۾ هن منصور جي خواهش مطابق نڪاح وقت ميمونا جا فوٽو ڪڍيا هئا.
اسلام آباد پھچي منصور کي عجيب قسم جي سڪون ۽ راحت جو احساس ٿيو. هن محسوس ڪيو تہ هن جي اڌوري خواب جي تڪميل ٿي وئي هئي. گهر جي هر هڪ ڪنڊ، هر هڪ گوشي ۾ رچيل ايمن جي ياد ۽ خوشبوءِ وڌيڪ گهري ۽ امر ٿي وئي هئي. هو جاڳندڙ اکين سان خواب ڏسڻ لڳو هو. ايمن جي محبوب وجود جي دائمي ساٿ جا خواب. گهر جي ان هر هڪ جاءِ کي ڏسندو ۽ ڇھندو رهيو، جتي جتي ايمن جا نشان هئا ۽ آئيندي جي خوشگوار احساس ۾ خوش ٿيندو رهيو. سڄي رات ان ننڊ جاڳ ۾ گذري ويس.
صبح جو تيار ٿي آفيس پھتو تہ نائڪ کيس ايمن جا ٻہ خط ڏنا. هڪ اهو، جيڪو هن وڃڻ مھل نائڪ کي ڏنو هو. ٻيو اهو، جيڪو هن خيرپور مان کيس موڪليو هو.
منصور اول خيرپور وارو خط کوليو، جنھن ۾ ايمن لکيو هو:
”منصور، مان ٻن هفتن تائين خيرپور ۾ نہ هونديس. ان ڪري مون سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪجانءِ، مان واپسيءَ تي پاڻ توسان رابطو ڪنديس.“
منصور مونجهاري ۾ پئجي ويو. خط تي ويھہ نومبر جي تاريخ هئي، جنھن کي ڏسي منصور پريشان ٿي ويو. هن ٻي چٺي کولي، جيڪا پندرنھن نومبر جي لکيل هئي. ان ۾ لکيل هو:
”منصور، مان خيرپور ۾ تنھنجو انتظار ڪنديس. مان توکي نيشنل ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ ۾ ملنديس شمع ايمن قاضيءَ جي نالي سان. اهو ئي منھنجو اصل نالو آهي. هتي مان پنھنجي ڀيڻ ميمونا قاضيءَ جي جاءِ تي ان جي عيوض ۾ ٽريننگ ڪرڻ آئي هيس. روبرو ملڻ تي سمورو احوال ٻڌائينديس.“
۽ هيٺان نيشنل ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ جي ايڊريس ۽ فون نمبر لکيل هو.
دل جي ڪنھن ڪنڊ مان خوف جو ڪو هيبتناڪ ديوُ اٿڻ لڳو. هن ڏڪندڙ هٿن سان انسٽيٽيوٽ جو نمبر ملايو. رابطو قائم ٿيڻ تي شمع ايمن قاضيءَ جي پڇا ڪئي. ٻي طرف کان آپريٽر چيو:
”سر، مس قاضي ٻن هفتن جي ٽريننگ تي ڪراچيءَ ويل آهي. ٻن ڏينھن بعد اچڻي آهي.“
هن جي دماغ تي ڄڻ ڪو ڌنڌ ڇائنجي ويو. عجيب مدهوشيءَ واري عالم ۾ هو آفيس مان نڪري فوٽو ليب پھتو. کيسي مان رول ڪڍي صاف ڪرڻ لاءِ ڏنائين. هڪ ڪلاڪ تائين فوٽو ليب جي لائونج واري ڪرسيءَ تي ائين ويٺو هو ڄڻ ڪو سزا جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ وارو ڏوهاري ويٺو هجي. فوٽوءَ جو لفافو وٺي وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺو. ڏڪندڙ هٿن سان لفافو کولي فوٽو ڪڍيائين، جن ۾ نڪاح جي رسم ۾ ايمن جي بدران ميمونا ڏٺائين تہ هن جي اکين کي ائين لڳو ڄڻ هن جي دماغ ۾ اوچتو ڪو بم ڦاٽو هجي، جنھن ۾ هن جي سموري هستي زرا زرا ٿي وکرجي وئي هجي.
ايمن جڏهن گهر پھتي تہ سوچيائين پنھنجي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي، ڇاڪاڻ تہ ميمونا جي نڪاح جھڙي خاص موقعي لاءِ هن جو انتظار ڪرڻ ڪنھن ضروري نہ سمجهو. پر گهر جي سڀني ڀاتين جا خوشيءَ کان ٻھڪندڙ چھرا ڏسي هن جي ڪاوڙ ڍري ٿي وئي. پيءُ جي چھري تي سُڪون ۽ اطمينان واري چمڪ ڏسي هن کي پڻ خوشي ٿي. سامان ٿانيڪو ڪري رکڻ بعد هوءَ پيءُ جي ڀرسان اچي ويٺي ۽ چيائين:
”بابا، ڏاڍو سٺو ٿيو جو مونا جو رشتو طئي ٿي ويو. پر اوهان ايتري تڪڙ ڇو ڪئي، منھنجو انتظار تہ ڪيو ها. خوشيءَ جي ان موقعي لاءِ اسان ڪھڙا نہ پروگرام سوچيا هئا.“
قاضيءَ سندس مٿي تي هٿ رکندي چيو:
”ڌيءُ تون سھي ٿي چوين پر ڇوڪرو جلد ئي ٻاهر ٿو وڃي. ڪاغذن ٺھرائڻ لاءِ هن کي نڪاح نامو گهربو هو. ان ڪري تڪڙ ۾ ائين ڪرڻو پيو. تون ڇو ٿي مايوس ٿئين. هاڻي شاديءَ جي تياريءَ ۾ سڀ ارمان پورا ڪجو نہ“
ان وقت رابعہ اچي سندس ٻانھن کان ورتو. چيائين:
”آپي هل تہ مان توکي نڪاح جو احوال ٿي ٻڌايان.“
رابعہ کيس حال احوال ٻڌائڻ لاءِ اتاولي هئي. ايمن کي گهلي ڪمري ۾ وٺي وئي، جتي ميمونا ويٺي پنھنجا ڪپڙا جاچي رهي هئي.
”ڏس نہ ايمن“ ميمونا پريشان ٿي چيو، ”جهٽ پٽ نڪاح، جهٽ پٽ شادي، هاڻي ايتري ٿوري وقت ۾ تياري ڪيئن ٿي سگهندي؟“
”ڪائي ڳالھہ ناهي، ڪپڙا ۽ زيور ئي تہ وٺڻا آهن. سڀ ڪجهہ بازار ۾ تيار ملي ٿو راڻي. باقي سامان وڃي پنھنجي گهوٽ سان وٺجانءِ.“ ايمن کيس چيڙائيندي چيو.
۽ ميمونا جو چھرو خوشيءَ مان ٻھڪڻ لڳو.
”پر مونکي ٻڌايو تہ سھي هن جو گهوٽ ڪيئن آهي؟“ ايمن رابعہ کان پڇيو، ”۽ هيءَ راڻي ويندي ڪيڏانھن؟“
”آپي، ادا منصور ڏاڍو سٺو آهي ۽ شاديءَ کان پوءِ آپي مونا کي وٺي ترڪيءَ ويندو.“
”منصور....؟“ ايمن سراپجي پڇيو.
”ها، آپي مونا جي گهوٽ جو نالو منصور احمد آهي. مون ادا منصور کان فوٽو بہ ورتو هو. ترس تہ مان فوٽو کڻي ٿي اچان.“ رابعہ کيس چيو ۽ ڊُڪ ڀري ٻي ڪمري مان فوٽو کڻي آڻي ايمن جي هٿ ۾ ڏنائين. چيائين:
”هي اٿئي آپي مونا جو گهوٽ.“
ايمن ڌنڌلين اکين سان منصور جو فوٽو ڏٺو ۽ هن کي ائين لڳو ڄڻ پري پري کان ڪا وڏي طوفاني وير چڙهي ٿي آئي، جيڪا هن جي دل جي وسنديءَ کي غرق ڪندي هلي وئي.
هو چئن ڏينھن کان پوءِ گهر کان ٻاهر نڪتو هو. ٻاهر سڀ ڪجهہ ساڳيو هو. ساڳي رونق، ساڳيا ماڻھو، بيشمار ماڻھو، کلندڙ، مرڪندڙ، ڳالھائيندڙ، خاموش پر دل جي دنيا تي جيڪو زلزلو آيو هو، ان ۾ اندر جي هر شئي اٿلي پٿلي تحس نحس ٿي وئي هئي. خبر ناهي ڪيتري دير تائين هو رستن تي بي مقصد ڀٽڪندو رهيو پوءِ اچي پي سي او تي بيٺو. ايمن جي آفيس جو نمبر ملايائين. ٿوري دير کان پوءِ ايمن لائين تي آئي:
”ايمن“ هن جي آواز تي پھڻن جا پھاڙ رکيل هئا.
”منصور..... تو هي ڇا ڪري وڌو؟“ ايمن جي آواز ۾ پيڙا هئي.
”مونکي تنھنجي وڃائجڻ جو خوف هو يا شايد توکي حاصل ڪرڻ جي تڪڙ.....“
”مونکي حاصل ڪرڻ جي تڪڙ ۾ تون مونکي وڃائي چڪين منصور......“
ڪجهہ وقت ٻنھي طرف ماٺ ڇائنجي وئي. پوءِ منصور تڙپي چيو:
”هاڻي مان ڇا ڪيان....؟“
”ڪجهہ بہ نہ.....“
”ايمن“ منصور بي چين ٿي پڇيو، ”ڪو تہ رستو هوندو؟“
”ڪو رستو ڪونھي منصور. اهو تقدير جو فيصلو آهي.“
”مان ان کي تقدير جو فيصلو سمجهي قبول نہ ڪندس.“
”تون قبول ڪري چڪو آهين.“
ٻي طرف کان ايمن رسيور رکي ڇڏيو.
منصور بوٿ کان ٻاهر نڪري آيو. وري ساڳيا رستا هيا. بي مقصد پنڌ، بي منزل واٽون. جنھن رستي ڏانھن تقدير هن کي وٺي آئي هئي، ضدي دل ان کي مڃڻ لاءِ تيار نہ هئي.
هٽايو دل تان دنيا جا پھرا،
مڃي نہ مَنُ خواب ٻيا روپھرا،
هزارين ماڻھو هزارين چھرا،
ڪٿي آ منھنجو گلاب چھرو.
ايمن پنھنجي ڪمري ۾ چپ چاپ جهوليءَ ۾ هٿ رکيون ويٺي هئي. دماغ ۾ اهڙي سانت هيس، جھڙي ڪنھن ڌرتيءَ تي مسلسل ٿيندڙ بمباريءَ جي گونج ختم ٿيڻ کان پوءِ ٿيندي آهي. ڪو احساس نہ هو، ڪا سوچ نہ هئي. ان وقت رابعہ ڪنھن ڪم سان اندر آئي. هن کي ائين ويٺل ڏسي هن جي ويجهو آئي:
”آپي“ حيران ٿي پڇيائين، ”تنھنجي طبيعت تہ ٺيڪ آهي؟“
”ها.....“ ايمن پاڻ کي نارمل رکڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
”آپي، ايترو جلدي شادي ڪرڻي آهي، ڪيئن ڪنداسين؟“ رابعہ چيو.
”تون ڳڻتي نہ ڪر، سڀ ڪجهہ ڪري وٺنداسين.“ ايمن اٿندي چيو.
ڪيڏو نہ ڏکيو ڪم آهي پنھنجي اندر سان منافقي ڪرڻ. اندر جي آڳ کي دٻائي خوش نظر اچڻ جي ڪوشش ڪرڻ. هوءَ ڀينرن سان گڏجي شاديءَ جي تيارين ۾ شريڪ رهندي هئي. پر سندس ڪيفيت ان مسافر جھڙي هئي، جنھن جي واٽ ۾ بي شمار سيلھہ وڇايل هئا، جيڪي هر وِکَ تي هن کي ڦٽيندا رهندا هئا ۽ هوءَ رتو رت پيرن سان هلندي رهندي هئي ۽ کيس آھہ ڀرڻ جي اجازت بہ نہ هئي. پَل هيا، ڄڻ ڪي پھاڙ، لنگهندا ئي نہ هيا. هر پل روح کي چيڀاٽيندو ويندو هو. اکين کي هر وقت ضبط جي پردي سان ڍڪي رکڻو پوندو هو. بس هڪڙي ئي جاءِ اهڙي هوندي هئي جتي هوءَ پنھنجو پاڻ سان اڪيلي ملندي هئي ۽ بغير هن جي اجازت جي ٻيو ڪو هن سان نہ ملندو هو. اهو هيو هن جي آفيس جو ڪمرو. جڏهن اڪيلي ٿيندي هئي تہ اندر جي ڪال ڪوٺڙيءَ مان هن جو پاڻ نڪري ايندو هو. ٻئي ملندا هئا ۽ پل ڀسم ٿيندا هئا. ايئن ئي ڀسم ٿيندڙ پلن دوران هڪ ڏينھن وري ڪوھہ ندا کان سڏ ٻڌائين. پٽيوالي ٻڌايس تہ هن جي فون آهي. ٻاهر اچي فون کنيائين.
”ايمن“
هوءَ چپ رهي.
”ڪجهہ چئو..... ڪجهہ تہ چئو.“ منصور تڙپي چيو، ”ڪجهہ اهڙو چئو، جيڪو منھنجي عذاب کي گهٽائي.“
”توکي ٻڌائڻ لاءِ مون وٽ اهڙو ڪجهہ بہ ناهي.، جيڪو تنھنجي عذاب کي گهٽائي سگهي.“ ايمن چيو.
”مون تہ اها واٽ ورتي هئي، جيڪا توڏانھن ٿي وئي.“
”تنھنجي واٽ منھنجي واٽ کان الڳ ٿي چڪي منصور، ان جو گڏجڻ هاڻي ممڪن ناهي.“
”تون مون کان سواءِ زندگي گهاري سگهين ٿي؟“ منصور پڇيو.
”جيئڻ، مرڻ انسان جي اختيار ۾ ناهي.“
”گويا تون هار مڃي ويٺي آهين؟“
”اهو مقدر جو فيصلو آهي.“
”مان مقدر جو فيصلو نہ مڃيندس.“ منصور ضدي لھجي ۾ چيو.
”مان تنھنجي بابا کي ٻڌائيندس تہ اهو غلط ٿيو آهي.“
”تقدير پينسل جي لِيڪ ناهي، جنھن کي توهان جڏهن چاهيو ڊاهي سھي ڪري سگهو. زندگيءَ جون ڪجهہ حقيقتون اهڙيون اٽل هونديون آهن، جن کي توهان ڪڏهن بہ پنھنجي مرضيءَ مطابق موڙي نہ ٿا سگهو.“
”پر منھنجي زندگيءَ جي تہ هڪڙي ئي حقيقت آهي، اها تون آهين. اها بدلجي نہ ٿي سگهي.“
”اها بدلجي چڪي منصور.“ ايمن چيو، ”هيءَ دنيا ڪڙين حقيقتن سان ڀريل آهي. ان ۾ جذبن جي گنجائش ناهي. محبت کانسواءِ رشتا بہ آهن، جن جي اڳيان انسان مجبور آهي.“
ان وقت فون ڪٽجي وئي. ايمن ڳرا قدم کڻندي پنھنجي آفيس ڏانھن هلي وئي.
سڀ کيل مداريءَ جون ڪٽ پتليون آهن،
نہ سفر پنھنجو نہ ئي منزلون پنھنجيون آهن،
هر هڪ منزل تي وڇوڙا ٿا ڪن ملاقاتون،
نوان سفر، نوان ساٿي، نيون مسافتون آهن.
شاديءَ جي تياري تہ جھڙي تھڙي ٿي وئي پر شادي نہ ٿي سگهي. قاضي ابرار حسين کين ٻڌايو، مونا جو پاسپورٽ ۽ ويزا تيار نہ ٿي سگهيا هئا، جنھن ڪري منصور اڪيلو ئي ترڪيءَ وڃي رهيو هو ۽ شاديءَ جو پروگرام پڻ ملتوي ڪيو هائين.
”پر بابا، ادا منصور اڪيلو هليو ويندو تہ پوءِ خبرناهي ڪڏهن موٽندو، ڪڏهن شادي ڪندو؟“ رابعہ پڇيو.
”مون هن سان ڳالھايو فون تي“ قاضي ابرار حسين چيو، ”چوي پيو تہ جلدي واپس ايندو ۽ شادي ڪري مونا کي وٺي ويندو.“
مونا ۽ رابعہ پريشان ٿي پيءُ کي ڏسڻ لڳيون.
”توهان پريشان نہ ٿيو“ قاضي صاحب چيو، ”منصور احمد تمام سٺو ڇوڪرو آهي. هونئن بہ نڪاح تہ ٿيل آهي، رخصتي تہ محض رسم آهي. هو ڪھڙي وقت بہ مونا کي گهرائي سگهي ٿو.“
ايمن کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ ڇا سوچي، ڇا چوي. هن کي بس ائين سمجهہ ۾ آيو تہ منصور حالتن کان ڀڄي ويو. البتہ جيڪو طوفان، تباهيءَ جو انڌوڪار کنيو هنن ڏانھن وڌندو ٿي آيو، ڪجهہ وقت لاءِ پوئتي ڌڪجي ويو. وقت جو وايو منڊل ماٺيڻو ٿي ويو.
ڇھہ مھينا گذري ويا، ان وچ ۾ منصور جي ڪا خبر نہ آئي. قاضي ابرار جي فڪرمندي وڌندي وئي. هن بار بار منصور ڏانھن خط موڪليا تہ هو شاديءَ جو ڪو بندوبست ڪري. هن جي خطن جو جواب تہ نہ آيو پر منصور پاڻ موٽي آيو. محمود کھڙي، قاضي صاحب کي ٻڌايو تہ منصور ترڪيءَ واري نوڪري ڇڏي واپس پراڻي نوڪري اسلام آباد ۾ جوائن ڪئي آهي.
ڪجهہ ڏينھن بعد هن ايمن سان آفيس ۾ ڳالھايو.
”ڪيئن آهين ايمن؟“
”تون ڪيئن آهين؟“ ايمن پڇيو.
هو ٿورو کليو پوءِ چيائين، ”بس زنده آهيان“
”تقدير کان ڪيترو ڀڄندين منصور؟“ ايمن پڇيو.
”منھنجي تقدير، منھنجو روح، منھنجو ايمان تہ بس..... تون آهين.“
”اڃان تائين اتي ٽڪيو پيو آهين؟“
”ڇا ڪيان...... ون وي ٽڪيٽ جو ورتي هيم“ هو کليو.
”هاڻي ڇا ڪندين؟“ ايمن پڇيو.
”انتظار“
”ڪنھن جو؟“
”تنھنجو“
”منصور“ ايمن بي بسيءَ مان چيو، ”تنھنجي سوچ توکي ۽ توسان لاڳاپيل ٻين سڀني کي رڳو برباديءَ ڏانھن وٺي ويندي.“
”تون ئي ٻڌاءِ ڇا ڪيان؟“ منصور بي چين ٿيندي پڇيو.
”جيڪو ٿي چڪو ان کي قبول ڪري نئين سري سان زندگيءَ جي شروعات ڪر.“
”زندگي تہ توکي ڏئي ڇڏيم..... شروعات ڇاجي ڪيان؟“
”مان توکي تنھنجي زندگي واپس ٿي ڏيان.“ ايمن چيو.
”اوڪي مان زنده ٿي اچي تنھنجي پيءُ سان ملندس ۽ کيس سموري حقيقت ٻڌائي توکي گهرندس.“
”ائين ممڪن ناهي.“
”ڇو؟“
”تون جيڪا خواهش رکين ٿو، اها ڪنھن بہ عزتدار پيءُ لاءِ ممڪن ناهي. هن دنيا ۾ رهڻ لاءِ سماج ۽ رشتن جون ڪجهہ حد بنديون آهن.“
”پر غلطيءَ سان ٿيل رشتي سان مان رهي نہ ٿو سگهان.“
”توکي ان رشتي ختم ڪرڻ جو اختيار آهي. پر ان سان گڏ ان گهر ڏانھن ايندڙ تنھنجا سڀ رستا بہ ختم ٿي ويندا.“
”ڇو؟“
”اهو دنيا جو دستور آهي.“
”مان اهڙي دستور کي نہ ٿو مڃيان“ منصور ضدي لھجي ۾ چيو.
”مان تنھنجي پيءُ کي سمجهائيندس تہ اهو سڀ ڪجهہ غلط ٿيو آهي. غلط فھميءَ سبب ٿيو آهي. ڇا هو اها غلطي معاف نہ ٿو ڪري سگهي؟“
”ڪنھن بہ عزتدار پيءُ لاءِ اهو ممڪن ناهي.“ ايمن چيو.
”منصور توکي ياد آ، مون توکي چيو هو تہ ڪڙين حقيقتن سان ڀريل هن دنيا ۾ تنھنجي افسانوي جذبن جي گنجائش نہ آهي.“
”ايمن“ منصور پيڙا محسوس ڪندي چيو، ”اهو افسانوي جذبو ناهي، اها محبت آهي. منھنجي زندگيءَ جي سڀ کان خاص حقيقت.“
”منصور هن دنيا ۾ محبت کان سواءِ رشتا بہ هوندا آهن، جن جو وزن محبت کان ڳرو هوندو آهي.“
ايمن جا لفظ گوليءَ جيان منصور جي دل ۾ لھي ويا. کن پل لاءِ هو سڪتي ۾ اچي ويو. هن پاڻ کي اوچاين تان هيٺ ڪرندي محسوس ڪيو. پيڙا وچان چيائين:
”ايمن، تنھنجي نظرن ۾ منھنجي محبت ڇا ايتري هلڪي هئي، جو تنھنجن رشتن جي وزن جي برابري نہ ڪري سگهي؟“
ايمن وٽ ڪا دليل نہ هئي، ان ڪري چپ رهي.
”ايمن، تون تہ منھنجو اڌ آهين، پنھنجو درد، پنھنجي تقدير، پنھنجي محبت، مون تہ سڀ ڪجهہ شيئر ڪرڻ لاءِ توکي سونپيو هو. پر تو هڪ پل ۾ ڌار ڪري مونکي منھنجين ئي نظرن ۾ ڪيرائي ڇڏيو.“
منصور فون بند ڪري ڇڏي.
سڄو ڏينھن بي مقصد ڀٽڪڻ کان پوءِ جڏهن هو گهر پھتو تہ شام ٿي چڪي هئي. هو پنھنجي لکپڙھہ واري ڊيسڪ اڳيان اچي ويٺو قلم ۽ ڪاغذ کنيائين.
”منصور ڇا ٿو لکين؟“ اندر واري منصور پڇيو.
”طلاق“ هن جواب ڏنو.
”ڇا ائين ڪرڻ سان تون ايمن کي حاصل ڪري سگهندين؟“
”شايد نہ“ هن وراڻيو، ”پر اهڙي انسان سان بہ نہ ٿو گذاري سگهان، جنھن لاءِ مون وٽ ڪا طلب ناهي.“
”پر ائين ڪرڻ سان تون ڪجهہ بہ حاصل نہ ڪري سگهندين.“
”ائين نہ ڪرڻ سان ڀلا ڇا حاصل ٿيندو؟“
اندر وارو منصور منافقيءَ واري کِل کليو ۽ چيائين:
”ائين نہ ڪرڻ سان ڪجهہ تہ حاصل ڪندين..... ايمن سان تعلق..... ايمن سان ويجهڙائپ.“
۽ هو قلم هٿ ۾ جهليون ويٺو رهيو.
ميمونا جي اک کلي تہ شام ٿي چڪي هئي. هوءَ اٿي دريءَ جو پردو کولي ٻاهر ڏٺائين، ٻاهر جهُڙ ٿي ويو هو. موسم ڏاڍي خوشگوار لڳي پئي هئي. پر من اندر جي موسم ۾ ڪا فرحت نہ هئي. نئون گهر، نئون شھر هو پر وقت هو جو گذري نہ ٿي گذريو. اسلام آباد آئي هڪ هفتو گذري ويو هو. پر گذريل هفتي جو هڪ هڪ ڏينھن هن لاءِ نئين اڻ تڻ کڻي آيو هو.
نڪاح ٿيڻ کان اٺ مھينا بعد منصور رخصتيءَ جي گهُر ڪئي. ۽ هفتو اول نھايت خاموشيءَ ۽ سادگيءَ سان رخصتي وٺي کيس اسلام آباد وٺي آيو. منصور کي روبرو پھريون دفعو هن ان وقت ئي ڏٺو هو، جڏهن هوءَ جھاز ۾ سندس ڀرسان ويٺي هئي. هو سندس ڀرسان واري سيٽ تي بي نياز ويٺو اخبار پڙهي رهيو هو. ان کان اول تہ ميمونا رڳو هن جو فوٽو ئي ڏٺو هو ۽ اٺ مھينا ان جي خيالن جا خواب اڻيا هيا. مستقبل جا خوبصورت خوشين سان ڀريل خواب. هوءَ پنھنجا خواب ايمن سان ونڊڻ چاهيندي هئي. ڇاڪاڻ تہ ايمن سان هن جو ڀيڻ کان وڌيڪ دوستيءَ جو رشتو هو. هو ٻئي ننڍپڻ کان هڪ ٻئي کي تمام گهڻو ويجهو هونديون هيون. اڪثر ڪري سڀ کين ٽو اِن ون سڏي چيڙائيندا هيا. پر خبر ناهي ايمن کي ڇا ٿي ويو هو. جڏهن کان هن نوڪريءَ تي وڃڻ شروع ڪيو هو، سندس طبيعت عجيب ٿي وئي هئي. کانئس کلڻ ڳالھائڻ تہ ڄڻ وسري ئي ويو هو. هر وقت مصروف ۽ خاموش رهڻ لڳي هئي. ميمونا سوچيندي هئي، شايد ٻن شفٽن ۾ ڪم ڪندي هئي، ان ڪري ٿڪجي پوندي هئي. شام جو موٽندي هئي تہ جلدي سمھي پوندي هئي. اڪثر هوءَ ناراض ٿي چوندي هيس:
”ايمي، آخر توکي ڪھڙي بُک ورايو آهي، جو ڊبل ڊبل ڊيوٽي ٿي ڪرين. ڪھڙا تنھنجا ٻچا بُک ٿا مرن؟“
پر هوءَ کلي ڳالھہ ٽاري ڇڏيندي هئي. هن کي ڪم ڪرڻ جو ايڏو تہ هول چڙهي ويو هو جو ميمونا جي رخصتيءَ واري ڏينھن مس هڪ موڪل ڪئي هئائين.
مونا آئندي جا خواب اڻندي منصور سان اسلام آباد هلي آئي. ايئرپورٽ کان گهر تائين پھچڻ دوران بہ منصور ائين ئي بي نياز ويٺو رهيو. ساڻس هڪ اکر نہ ڳالھايائين. هن جو چھرو، کيس اهڙي خالي سليٽ لڳو، جنھن تي ڪوبہ اکر لکيل نہ هجي. گهر پھچندي رات ٿي وئي.
منصور جو فليٽ صاف سٿرو ۽ سليقي سان سنواريل هو. هوءَ گهمي ڦري ڏسڻ لڳي. اڃان ٿوري دير مس گذري تہ منصور ڪپڙا بدلائي تيار ٿي آيو ۽ گاڏيءَ جي چاٻي کڻي جهڪيل نظرن سان چيائين:
”مان ٿوري دير لاءِ ٻاهر ٿو وڃان، ڪچن ۾ هر شئي موجود آهي وري بہ ڏسي وٺو. جنھن شئي جي ضرورت هجي ٻڌائجو ۽ ها..... عمارت جي پٺئين پاسي مرڪز آهي، اتي ضرورت جي هر شئي ملي ويندي آهي.“
هن والٽ مان ڪجهہ نوٽ ڪڍي ٽيبل تي رکيا ۽ ٻاهر نڪري ويو. ميمونا حيرت مان کيس ويندو ڏسندي رهي. پوءِ وري گهر کي ڏسڻ لڳي. پنھنجو سامان ٿانيڪو ڪري رکيائين. ان وقت کيس چانھہ جي طلب محسوس ٿي. هوءَ ڪچن ڏانھن وئي. ٿانون ۽ ڪٻٽن جو جائزو وٺندي کيس مٿئين خاني ۾ هربل چانھہ جو دٻو نظر آيو.
”هون“ هن ڊگهو ساھہ کڻي چيو، ”چئبو تہ ايمن وانگر هن صاحب کي بہ هربل ٽيءَ جو چسڪو آهي.“
هربل ٽيءَ جي ڀرسان هڪ ٻيو ڪاري رنگ جو چٽساليءَ وارو سھڻو باڪس پيو هو. هن احتياط سان باڪس لاهي هيٺ رکيو ۽ کولي ڏٺائين. ان ۾ هڪ عدد چانھہ جو مگ پيو هو. اهو عام قسم جو فرانسيسي چينيءَ جو مگ هو، جنھن جي ڪناري تي لپ اسٽڪ جا نشان بہ موجود هيا. ڄڻ ان ۾ ڪنھن عورت چانھہ پيتي هجي. ان جي تري ۾ سڪل چانھہ جا نشان هيا. ميمونا اهڙي حفاظت ۽ محبت سان رکيل ان مگ کي ڏسي مونجهاري ۾ پئجي وئي.
جيئن تيئن ڪري باڪس ۽ مگ ساڳي جاءِ تي رکيائين ۽ چانھہ ٺاهڻ لڳي.
ان رات منصور ڪھڙي وقت موٽيو، کيس ڪا خبر نہ پئي. ڇاڪاڻ تہ انتظار ڪندي ڪندي هوءَ آخرڪار ننڊ پئجي وئي. البتہ صبح جو جڏهن جاڳڻ کان پوءِ ڪمري کان ٻاهر نڪتي تہ منصور کيس لائونج ۾ ڪوچ تي بي خبر ستل نظر آيو.
هوءَ هوري هوري هلندي وڃي سندس ڀرسان بيٺي تہ منصور جاڳي پيو. ننڊ جي نشي ۾ چُور اڌ کليل اکين سان کيس ڏسي مُرڪيو ۽ چيائين، ”اي.... م.....“ ۽ پوءِ ڇرڪ ڀري ويٺو. سندس چھرو بي تاثر ٿي ويو ۽ نظرون ٻي طرف ڦيرائي ڇڏيائين. ميمونا حيران ٿي کيس ڏسڻ لڳي. هو هڪدم اٿي باٿ روم ڏانھن هليو ويو. ميمونا ڪجهہ وقت ائين ئي حيران بيٺي رهي پوءِ سوچيائين تہ کيس ناشتو تيار ڪرڻ گهرجي.
هوءَ ڪچن ڏانھن هلي وئي. دٻا کولي ڏٺائين، فرج جي شين جي جاچ ڪيائين. اڃان ڪچن جي جاچ جوچ ڪري رهي هئي تہ منصور هيٺان انڊا ۽ ڊبل روٽي وٺي آيو ۽ خاموشيءَ سان ڪچن ۾ رکي ٻاهر هليو ويو.
هوءَ ناشتو تيار ڪري کڻي آئي تہ منصور تيار بيٺو هو.
”مان گهر جو ڪم ڪار افورڊ نہ ٿو ڪري سگهان“ هن ٻي طرف ڏسندي ڌيمي آواز ۾ چيو، ”هتي عورتون اهي ڪم پاڻ ڪنديون آهن، هيٺ مارڪيٽ ۾ سڀ ڪجهہ ملي ٿو.“
”ناشتو“ ميمونا ناشتي جي ٽري ٽيبل تي رکندي چيو.
”مان ناشتو ڪرڻ جو عادي ناهيان“ هن ڪار جي چاٻي کڻندي چيو ۽ ٻاهر هليو ويو.
اهو ميمونا جي شادي شدہ زندگيءَ جو پھريون ڏينھن هو، جيڪو هن کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ ڪيئن گذاري. هوءَ بي مقصد گهر ۾ هيڏانھن هوڏانھن گهمڻ لڳي. گهر جي صفائي ڪيائين. گهر جي ترتيب ۾ ڪجهہ ڦير ڦار ڪيائين. منصور جو وارڊ روب بہ نئين سِر سيٽ ڪيائين. پوءِ هيٺان مارڪيٽ مان ضروري سامان وٺي اچي ڪچن ۾ سيٽ ڪيائين ۽ ماني بہ تيار ڪري ڇڏيائين. پر وقت هو جو گذري ئي نہ پيو. منجهند ٿي وئي، شام ٿي وئي. پر منصور نہ موٽيو. شام جو هن تيار ٿي هلڪو ميڪ اپ ڪيو ۽ آئيني جي سامھون بيھي سوچڻ لڳي:
”جي هيءَ شروعات آهي تہ اڳتي ڇا هوندو؟“
منصور جو رويو هن کي کٽڪڻ لڳو هو. ميمونا تہ نئين زندگيءَ لاءِ گهڻا خواب اڻيا هئا پر منصور طرفان هن کي اڃان تائين خوشين بدران رڳو حيرتون ئي مليون هيون. هن منصور جي شخصيت کي ڳولھڻ شروع ڪيو. ڪٻٽن جي خانن ۾، درازن ۾، ميزن ۽ ڪيبنيٽ تي رکيل سامان ۽ ڪتابن ۾. ڪٿي بہ ڪو نشان نہ هو. ان ڳجهارت جي ڪا ٻجهڻي نہ هئي، هوءَ ٿڪجي ويھي رهي. منصور جي لکڻ واري ڊيسڪ جي اڳيان، جتي منصور جا فائل ۽ نوٽ بڪ پيا هئا. هن هڪ فائل کوليو، جنھن ۾ منصور جا آفيس جا نوٽس پيل هئا. ياداشت وارن پنن جي وچ ۾ قومي يادگار جون ٻہ ٽڪليون، هڪ ڪاغذ سان گڏ پيون هيون، جنھن ۾ شعر لکيل هو:
هير پرھہ جي پرين اچڻ ۾،
ورھہ وسي ٿو هلي وڃڻ ۾،
حسرتن جي تتل رڻ ۾،
چمن مثل هو سراب چھرو،
ڪٿي آ منھنجو گلاب چھرو.
ميمونا کي ڪجهہ تہ مليو پر اهو بہ ايترو مبھم هو جو سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو. هن سڀ فائل کولي ڏٺا. هڪ دفعو وري گهر جي هر هڪ ڪنڊ ڪڙڇ جاچي ڏٺائين. سمورو گهر، هر هڪ خانو. ڪٻٽ کليل هو ۽ ڪٿي بہ ڪا اهڙي شئي نہ هئي، جيڪا منصور جي رويئي جو ڀيد کولي سگهي. البتہ وارڊ روب جي وچ وارو لاڪر بند هو ۽ ڳولھڻ جي باوجود ميمونا کي ان جي چاٻي نہ ملي.
منصور رات جو نائين وڳي گهر موٽيو، ڪپڙن بدلائڻ لاءِ جيئن ئي وارڊ روب کوليائين تہ ترتيب بدليل نظر آيس. پھريائين تہ کيس حيرت جو جهٽڪو لڳو پوءِ سندس چھري تي ڪاوڙ ظاهر ٿي. اتان ئي موٽي لائونج ۾ آيو، جتي ميمونا ويٺي ٽي وي ڏسي رهي هئي. ميمونا ڪنڌ ورائي کيس ڏٺو.
منصور ناراض لھجي ۾ چيو، ”هن گهر جي هر شئي جھڙي بہ ترتيب سان رکيل آهي، ان کي ائين ئي رهڻ ڏيو. مھرباني ڪري ڪنھن بہ شئي کي تبديل نہ ڪيو.“ ۽ پوءِ انھن ئي پيرن تي واپس بيڊ روم ڏانھن هليو ويو.
ميمونا جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. هن تہ سوچيو هو، هي سندس گهر آهي، جنھن کي هوءَ پنھنجي مرضيءَ سان سنواريندي، سينگاريندي پر منصور تہ هڪ ئي جملي سان هن کان گهر ڌياڻيءَ جا حق کسي ورتا.
۽ ان کان پوءِ زندگيءَ جو عجيب بي ڪيف دور شروع ٿي ويو. منصور رات جو دير سان ايندو هو، دير تائين ويٺو لکپڙھہ ڪندو هو ۽ پوءِ لائونج واري ڪوچ تي سمھي پوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن رسمي ڳالھائڻ کان سواءِ هنن جو پاڻ ۾ ڪو تعلق نہ هو. ميمونا کي منصور جي رويئي سخت عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. هوءَ ڪا جاهل عورت نہ هئي جو منصور جي رويئي کي سمجهي نہ سگهي. هن کي اندازو هو تہ ڪجهہ تہ غلط آهي ڪٿي.
اڄ انھيءَ ٿڪائيندڙ حالات کي هڪ هفتو ٿي چڪو هو. هن پڪو پھہ ڪيو تہ اڄ منصور سان ضرور ڳالھائيندي. کانئس سندس رويئي جو سبب پڇندي. ٻاهر مينھن وسڻ شروع ٿي ويو هو. هوءَ بالڪنيءَ ۾ بيھي برسات جو نظارو ڏسڻ لڳي. ٿوري دير کان پوءِ ڇم ڇم ڳڙا پوڻ شروع ٿي ويا ۽ ماحول ٿڌو ٿي ويو. ان وقت دروازي جي گهنٽي وڳي. هن وري دروازو کوليو. منصور بيٺو ڇٽي بند ڪري رهيو هو.
جڏهن منصور ڪپڙا بدلائي آيو تہ ميمونا پڇيو:
”ماني لڳايان؟“
”نہ“ هن چيو، ”دوستن جي دعوت هئي، ماني کائي آيو آهيان.“
ميمونا کيس اتي ئي ڇڏي، واپس بالڪونيءَ ۾ هلي وئي. رات ٿي وئي هئي پر ايڏي تيز برسات ۽ ڳڙن جي باوجود لائيٽ ٻري رهي هئي. ٻاهر روڊ تي ڊگهي پول وارين لائيٽن جي روشنيءَ ۾ برسات جو نظارو ڏاڍو وڻندڙ هو. برسات بند ٿيڻ تائين هوءَ اتي ئي بيٺي رهي. پوءِ اندر آئي. اڪيلي ويھي ماني کاڌائين. ڪجهہ وقت ٽي وي ڏٺائين. لائونج جي ڀرسان ننڍي لابيءَ ۾ ٺھيل منصور جي لائبرريءَ ۾ منصور پنھنجي ڊيسڪ اڳيان ويٺو لکپڙھہ ڪري رهيو هو. هوءَ سندس فارغ ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. جڏهن گهڻي دير گذري وئي تہ پوءِ اٿي کيس ڏسڻ وئي.
منصور جو ڪنڌ جهڪيل ۽ اکيون بند هيس. هٿ ۾ پين جهليون بُت بڻيو ويٺو هو. چھري تي عجيب مايوسي ڇانيل هيس. هوءَ آهستي آهستي هلندي وڃي سندس ڀرسان بيٺي. منصور اکيون کولي ڪنڌ مٿي ڪري ڏانھس ڏٺو. هن جي ڪڪوريل اکين کي ڏسي ميمونا پريشان ٿي وئي پڇيائين:
”اوهان کي ڪا پريشاني آهي؟“
”نہ“ منصور ٻڏل آواز ۾ چيو ۽ اکيون جهڪائي ڇڏيائين.
”اوهان شادي تہ پنھنجي مرضيءَ سان ڪئي آهي نہ؟“ ميمونا پڇيو.
منصور ڪو جواب نہ ڏنو. ميمونا پريشان ٿي کيس ڏسڻ لڳي. ۽ پڇيائين:
”مون کان ڪا غلطي ٿي آهي؟“
هو وري بہ خاموش رهيو.
”اوهين مون سان ڳالھائڻ پسند نہ ٿا ڪيو؟“ ميمونا روئڻھارڪي ٿي وئي.
”مون وٽ اوهان جي سوالن جو ڪو بہ جواب ڪونھي.“ منصور بي بسيءَ مان چيو.
”جيڪڏهن اوهان وٽ مون سان ڳالھائڻ لاءِ ڪجهہ بہ نہ آهي تہ پوءِ گڏ رهڻ جو ڪھڙو سبب آهي؟“
”اها منھنجي مجبوري آهي.“
”اها ڪھڙي مجبوري آهي؟“
منصور کن پل چپ رهيو پوءِ چيائين، ”اهو مان ٻڌائي نہ ٿو سگهان.“
ميمونا بي بسيءَ مان ڪرسيءَ تي ويھي رهي ۽ پڇيائين:
”هر عورت کي شاديءَ کان پوءِ خوشين وارو گهر ۽ ساٿي ملندو آهي..... مونکي ڇا مليو آهي؟“
”مان اوهان کي ڇا ٿو ڏئي سگهان؟“ منصور خالي خالي لھجي ۾ چيو، ”مان تہ پاڻ هڪ ڦريل، مفلس مسافر آهيان.“
ميمونا کي هن جي چھري تي ڇانيل تڪليف وارو احساس ڏسي خوف ٿيڻ لڳو. پڇيائين:
”اوهان شادي ڏسي وائسي نہ ڪئي هئي ڇا؟“
منصور الائي ڪھڙي اونھائيءَ ۾ لھي ويو هو، عجيب مڌهوشيءَ جي عالم ۾ چيائين:
”مان ٻي ڪنھن کي ڏسي بہ ڪيئن پيو سگهان. مون تہ رڳو ان کي ئي پئي ڏٺو، جنھن کي ڏسڻ کان پوءِ ٻي ڪنھن پاسي ڏسڻ ئي وسري ويو.“
ميمونا سراپجي وئي. پوءِ اٿي ۽ ڊوڙندي بيڊروم ۾ هلي وئي ۽ پلنگ تي ويھي پنھنجي وکريل ساهن کي ميڙڻ لڳي. هن کي هڪ عجيب حقيقت جي آگاهي ٿي هئي. هوءَ جنھن شخص کان خوشين جو چمن گهرڻ پئي چاهي، اهو تہ پاڻ هڪ برباد ٿيل کنڊر هو. خبر ناهي ان شخص جي وستيءَ تي ڪھڙي آفت آئي هئي، جنھن کيس ائين برباد ڪري ڇڏيو هو.
اها سڄي رات هن جاڳندي گذاري. صبح جو ٻاهر نڪتي تہ منصور آفيس وڃي چڪو هو. ميمونا کي پريشاني ۽ اوجاڳي جي ڪري مٿي ۾ سخت سور جو احساس ٿيو. هوءَ ڪچن ۾ وڃي پنھنجي لاءِ چانھہ ٺاهڻ لڳي. کنڊ کڻڻ لاءِ جيئن ئي ڪٻٽ کوليائين تہ نظر سامھون رکيل هربل ٽيءَ جي دٻي تي پيس.
اهو دٻو تہ هوءَ روز ڏسندي هئي پر اڄ اهو دٻو هن جي نظرن ۾ کٽڪڻ لڳو. هن جي الجهن وڌندي وئي. چانھہ پيئڻ کان پوءِ هوءَ اٿي ۽ منصور جي حقيقت کي ڳولھڻ شروع ڪيائين.
ڪنھن اڻ ڄاتل انديشي جو خوفناڪ ديو هن جي دماغ ۾ ڪَر موڙي رهيو هو. هن ان انديشي جي تصديق بہ ڪرڻ ٿي چاهي ۽ دل ئي دل ۾ دعا بہ ٿي گهري تہ شل ائين نہ هجي. هڪ ڪلاڪ جي ڳولھا کان پوءِ نيٺ هن کي منصور جي ڊيسڪ جي هيٺئين خاني مان اها چاٻي ملي، جنھن سان وارڊ روب وارو لاڪر کلي ويو. هن ڌڙڪندڙ دل سان لاڪر کوليو. اندر منصور جي بربادي يا شايد ميمونا جي برباديءَ جو سامان پيو هو. گفٽ باڪس ۾ ڪنھن متبرڪ شئي وانگر رکيل ميرا ڪپڙا ايمن جا ئي هئا. جيولري باڪس ۾ ايمن جي رسٽ واچ سان گڏ ڪاغذ جي پُڙي ۾ رابيل جا سڪل گل هئا ۽ پني تي ايمن جي هٿ اکرن ۾ لکيل تحرير هئي:
هي پيار تہ پھريون چرچو هو پوءِ پيار بڻيو،
هي پھرين مکڙي مکڙي هو پوءِ هار بڻيو.
انھن شين سان گڏ ايمن جي چيري روز واري استعمال ٿيل لپ اسٽڪ بہ پئي هئي ۽ هڪ خاڪي لفافو. ميمونا لفافو کوليو، جنھن مان ايمن جا کوڙ فوٽو نڪتا. منصور جي گهر جي هر هڪ ڪنڊ ۾ نڪتل. صفائي ڪندي، وارڊ روب ٺاهيندي، کلندي، چيٻارا ڪڍندي ۽ منصور جا ڪپڙا پھريل ويٺي چانھہ پيئندي. گويا منصور جي دل ۾ ۽ گهر ۾ ايمن جا ئي اڻ مٽ نشان هئا ۽ ميمونا کي ايمن جي اوچتي بدلجي وڃڻ ۽ خاموش رهڻ جو سبب بہ سمجهہ ۾ اچي ويو هو.
ٻي ڏينھن صبح جو جڏهن منصور آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿيو تہ ميمونا سندس سامھون اچي بيٺي ۽ چيائين:
”مونکي واپس گهر وڃڻو آهي.“
منصور ڪجهہ قدر حيران ٿي کيس ڏٺو پوءِ نظرون ڦيرائي آهستي پڇيائين:
”ڇو؟“
منھنجي خيال ۾ منھنجي هتي رهڻ جي نہ ضرورت آهي نہ ئي ڪو فائدو.“
منصور کن پل خاموش رهي ڪجهہ سوچيندو رهيو پوءِ پڇيائين:
”واپس وڃڻ جو ڪو فائدو آهي ڇا؟“
”خبر ناهي“ ميمونا چيو، ”پر اتي جي ڌرتي، گهر ۽ ماڻھو تہ گهٽ ۾ گهٽ پنھنجا آهن نہ، هتي تہ ڪجهہ بہ پنھنجو ناهي.“
منصور ڪجهہ قدر پريشان ٿي ويو پوءِ ڪجهہ سوچندي چيائين:
”مونکي ڪجهہ وقت گهرجي، مان حالات کي سھي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.“
ميمونا ڪجهہ دير خاموش رهي پوءِ چيائين:
”اوڪي، تہ توهان کي ڪجهہ وقت گهرجي، مونکي بہ ڪجهہ ڏينھن لاءِ گهر وڃڻو آهي. منھنجي موڪل بہ ختم ٿيڻ واري آهي، مونکي جاب جو بہ بندو بست ڪرڻو آهي.“
”بھتر آ“ منصور چيو، ”مان اوهان جي وڃڻ جو بندوبست ڪيان ٿو.“
انھيءَ هفتي ميمونا گهر موٽي آئي. گهر ۾ ماٺ لڳي پئي هئي. پيءُ جي چھري تي اهڙو ئي اطمينان ۽ سُڪون هيو، جيڪو ڌيءُ جي شاديءَ کان پوءِ هر پيءُ جي چھري تي هوندو آهي. رابعہ پنھنجي بيوٽي پارلر ۾ تمام گهڻي مصروف ۽ خوش هئي. ايمن جي چھري تي ساڳي پُر اسرار خاموشي ۽ سرد مھري هئي. ميمونا جي اکين ۾ ترندڙ سوال ۽ مايوسي ڏسي ايمن هن کان نطرون چورائڻ لڳي. پر ميمونا کي هن کان کوڙ سوال پڇڻا هئا. ٻي ڏينھن شام جو جڏهن قاضي ابرار پنھنجي دوڪان تي ۽ رابعہ پنھنجي بيوٽي پارلر ۾ مصروف هئي تہ ايمن جي آفيس کان اچڻ بعد ميمونا هن وٽ وئي. ايمن هن کي ڏسي ٿورو پريشان ٿي وئي. ميمونا وڃي سندس سامھون بيٺي ۽ ڪافي دير تائين بيٺي سوچيندي رهي تہ ايمن کان ڪيئن پڇي. ايمن کي هن جي خاموشيءَ کان الجهن ٿيڻ لڳي. پڇيائين:
”ڪجهہ پڇڻ ٿي چاهين؟“
”ها“ ميمونا کيس غور سان ڏسندي پڇيو، ”منھنجي برباديءَ ۾ ڪنھن جو ڏوھہ آهي؟“
”تقدير جو“ ايمن وراڻيو.
”تو ان طوفان کي روڪيو ڇونہ؟“
”مونکي خبر نہ رهي، تقدير ۾ ائين لکيل هو.“ ايمن اکيون بند ڪري ڇڏيون.
”ان تباهيءَ جي طوفان کي ڪير روڪيندو؟“ ميمونا پڇيو.
ايمن هڪدم اکيون کولي ڪاوڙ مان ڏانھس ڏٺو ۽ چيائين:
”توکي طوفان جو مقابلو ڪري پنھنجو گهر بچائڻ نہ ٿو اچي؟“
”گهر؟“ ميمونا حيران ٿي پڇيو، ”اهو گهر ڪيئن بچايان، جنھن کي تون اول ئي برباد ڪري آئي آهين؟“
”منھنجا سمورا نشان ڊاهي ان گهر کي نئين سري سان آباد ڪر“ ايمن رکائيءَ سان چيو.
”گهر انسانن سان ٺھندو آهي.“ ميمونا چيو، ”ان گهر ۾ هڪ برباد ٿيل انسان بہ آهي.“
”تون ايتري ڪمزور ڪڏهن کان ٿي آهين؟“ ايمن کيس گهوريندي چيو، ”جيڪڏهن اجڙيل وستيون آباد نہ ٿين ها تہ هن ڌرتيءَ تي رڳو کنڊر ئي کنڊر هجن ها. مالھيءَ جي محنت بنجر زمين کي بہ آباد ڪري گل و گلزار بنائي ڇڏيندي آهي.“
”تون مونکي تسلي ٿي ڏين؟“ ميمونا پڇيو.
”نہ، مان توکي حوصلو ٿي ڏيان، يقين ٿي ڏيان. محنت ۽ محبت سان برباد ٿيل گهر وري آباد ڪري سگهجي ٿو.“
”۽ تون؟“ ميمونا پڇيو.
”منھنجو فڪر نہ ڪر“ ايمن چيو، ”توکي خبر آهي تہ مان ننڍپڻ کان مضبوط ارادن ۽ مضبوط برداشت واري آهيان. مان تقدير جي ان فيصلي کي قبول ڪري چڪي آهيان.“
”ڇا تنھنجو منھنجو رشتو ائين ڪرڻ ڏيندو؟“
”نون رشتن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪجهہ وقت تائين پراڻن رشتن کي وساري ڇڏ.“
”پر مان تہ سڀ ڪجهہ ڇڏي واپس آئي آهيان“ ميمونا چيو.
”اهو غلط فيصلو آهي، ان ۾ ڪنھن لاءِ ڀلائي ناهي. ان جو برو اثر سڀ کان وڌيڪ بابا تي پوندو.“
ميمونا پيءُ جي باري ۾ سوچي پريشان ٿي وئي. هو ڪيڏو نہ خوش ۽ مطمئن هو، هن جي شاديءَ کان پوءِ. اڄڪلھہ هو ايمن ۽ رابعہ جي شادي ڪرائڻ جي ڳڻ ۾ هو.
هوءَ وري تقدير سنوارڻ جي ارادي سان واپس موٽي وئي. هڪ مھينو گذري ويو. زندگي روز مره جي معمول تي اچي وئي. ايمن سمجهو تہ ميمونا حالتن کي ڪنھن حد تائين سنڀالي ورتو هوندو تہ هن کي اوچتو ميمونا جو خط مليو. هن لکيو هو:
”ايمن تو تہ چيو هو، مالھيءَ جي محنت بنجر زمين کي بہ آباد ڪري ڇڏيندي آهي پر توکي شايد خبر ناهي، جنھن زمين تي بجلي ڪرندي آهي، اها سڙي خاڪ ٿي ويندي آهي. اتي اميد جو ڪوبہ سَلو نہ ڦٽندو آهي. منھنجي محنت رائيگان وئي آهي. توکي اندازو ناهي تہ هڪ ڇت هيٺان ٻن ڌارين جو رهڻ ڪيڏو نہ تڪليف دہ آهي.“
ايمن عجيب قسم جي بيچيني محسوس ڪرڻ لڳي. هن جي ڇھين حِس هن کي ٻڌائي رهي هئي تہ اها خاموشي ڪنھن هولناڪ طوفان جي آمد آهي. آفيس کان واپسيءَ تي هوءَ پي سي او وٽ ترسي. منصور جي آفيس جي ڪال ورتائين. منصور آفيس ۾ ئي ويٺو هو. هن جو آواز ٻڌي منصور کن پل لاءِ سانت ۾ اچي ويو.
”منصور“ ايمن پيڙا وچان چيو، ”تون منھنجي اذيتن ۾ اضافو ٿو ڪرين.“
”هو ٽوڪ واري کل کليو ۽ چيائين، ”اهو تہ تنھنجو مقدر آهي، مون توکي چيو هو تہ تون منھنجو اڌ آهين. منھنجي پل پل جي ايذاءَ جو اڌ تہ توکي ملندو نہ.“
”منصور، خدارا ائين نہ ڪر“
”مان ڇا ٿو ڪيان؟“
”تون منھنجي ڀيڻ سان سٺو نہ ٿو ڪرين.“
”اهو تہ تنھنجو فيصلو هو.“
”تو وٽ واپس وڃڻ جو اختيار هو“
”مون توکي ٻڌايو هو تہ مان توکان دستبردار نہ ٿو ٿي سگهان.“
”مان هاڻي بہ تنھنجي دسترس ۾ نہ آهيان.“
”ڪير ٿو چوي؟“ هو کليو، ”تون اڄ بہ مون وٽ آهين، منھنجي آسپاس، منھنجي گهر ۾، منھنجي ساهن ۾. مان هر وقت توکي محسوس ڪري سگهان ٿو.“
”منصور، تولاءِ ائين سوچڻ گناھہ آهي.“ ايمن چيو.
هن جو مزاج هڪدم بدلجي ويو، چڙي چيائين، ”گناھہ جي سزا جھنم آهي نہ، تہ پوءِ هاڻي زندگي ڇا آهي؟ ڇا توکي ان باھہ جي تپش محسوس نہ ٿي ٿئي، جنھن ۾ مان پل پل سڙان ۽ پچان ٿو.“
”منصور، خدارا اهو تماشو بند ڪر.“ ايمن عاجزيءَ مان چيو، ”ڇا توکي اندازو ناهي تہ ان باھہ ۾ ڪيتريون زندگيون سڙي وينديون؟“
”مون تہ توکي اول ئي ٻڌايو هو تہ جيڪڏهن مان توکي حاصل ڪري نہ سگهيس تہ پوءِ وڇوڙي جي آگ ٻرندي، جنھن ۾ يا تہ مان فنا ٿي ويندس يا ٻين کي ساڙي ڇڏيندس.“
ايمن جي هٿن مان فون ڇڏائجي وئي. هوءَ ڊوڙندي ڪيبن مان ٻاهر نڪري آئي. هن جو سمورو وجود هوري هوري لرزي رهيو هو.
انھن ئي ڏينھن ۾ حاجي نصرﷲ پنھنجي پٽ جو سڱ ڪرڻ لاءِ قاضي ابرار کي چيو. هن جو پُٽ ڪراچيءَ ۾ سٺي عھدي تي مقرر هو. قاضي ابرار کي بہ گهڻو پسند هو. هن ايمن کان مرضي پڇي. ايمن چيو:
”بابا، في الحال منھنجي دل ڪنھن بہ طرح سان راضي نہ آهي شاديءَ لاءِ، ڇوڪرو سٺو آهي، اوهان رابعہ جو سڱ ڪري ڇڏيو.“
قاضي ابرار هن جي صلاح مڃي رابعہ جو سڱ طئي ڪري ڇڏيو. ٻنھي ڪٽنبن جي گڏيل صلاح سان جلد ئي شادي رکي وئي.
رابعہ جي شاديءَ تي ميمونا ۽ منصور ٻئي آيا. گهر ۾ مھمان عورتون ترسيل هيون، ان ڪري منصور جو اندر اچڻ گهٽ ٿيو. ميمونا جي چھري جي بي رونقي ۽ مايوسي ڏسي ايمن سمجهي وئي تہ هن جي حالت ۾ ڪا بہ تبديلي نہ آئي هئي. شاديءَ وارن ٽن ڏينھن دوران نہ ايمن ميمونا کان ڪجهہ پڇيو نہ ئي ميمونا وٽ کيس ٻڌائڻ لاءِ ڪجهہ هيو. رابعہ جي رخصت ٿيڻ بعد مھمان هڪ هڪ ڪري موڪلائي ويا ۽ گهر ۾ خاموشي ڇائنجي وئي.
رات جو جڏهن قاضي ابرار ٿڪ ۽ اطمينان سان مليل ننڊ سمھي پيو تہ ايمن ۽ ميمونا کي نويڪلائي ملي. منصور پنھنجي دوست محمود سان ملڻ هليو ويو هو.
”مونا، منھنجي هڪ ڳالھہ مڃيندينءَ؟“ ايمن چيو.
ميمونا سوالي نظرن سان ڏانھس ڏٺو.
”ڪجهہ وقت لاءِ هن گهر جو رستو وساري ڇڏ، پنھنجي زندگيءَ جي منجهيل سُٽ کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪر.“
ميمونا ڏکائتين نظرن سان ڏانھس ڏٺو ۽ چيائين، ”ايمن افسوس آهي، مان چند ڏينھن ان ضدي شخص جي آسپاس رهي آهيان تہ ان جي مزاج کي سمجهي وئي آهيان، تون تہ هن جي دل جي ويجهو رهي آهين.“
ميمونا جون نظرون ايمن جي روح ۾ تيرن جيان گهڙي ويون. هن بي بسيءَ مان چيو، ”مان تنھنجي ڏوهاري آهيان مونا.“
”ڏوهاري تون نہ پر اهو وقت آهي، جيڪو چورن جيان لنگهندي تنھنجو نصيب منھنجي جهوليءَ ۾ وجهي ويو، جيڪا شئي منھنجي هئي ئي نہ اها منھنجي ڪيئن ٿيندي؟“
”تنھنجي همت هارڻ سان اهو نصيب مون وٽ موٽي تہ نہ ٿو سگهي؟ تون چڱي طرح ڄاڻين ٿي. البتہ برباديءَ جي هن راند ۾ وڌيڪ ماڻھو برباد ٿي سگهن ٿا. بابا پنھنجي زندگيءَ جو هر هڪ لمحو اسان ڌيئرن تي خرچ ڪيو آهي، اسان جو فرض آهي تہ عمر جي هن آخري دور ۾ ڪوبہ صدمو هن تائين پھچڻ نہ ڏيون.“
”پوءِ تون ئي ٻڌاءِ مان ڇا ڪيان؟“ ميمونا پڇيو.
”واپس وڃ ۽ وساري ڇڏ تہ هيڏانھن بہ ڪا واٽ اچي ٿي.“ ايمن چيو.
”ائين ڪرڻ سان هتي وارا تہ برباديءَ جي راند مان نڪري ويندا پر ڇا توکان اهو شخص وسري ٿو، جيڪو هُتي برباد ٿي رهيو آهي؟“
ان کان پوءِ ميمونا اٿي پنھنجو سوٽ ڪيس کولي هڪ وڏو لفافو ڪڍيو ۽ آڻي ايمن کي ڏنائين. ايمن لفافو وٺي کوليو. ان ۾ ايمن جو اهو اِنلارج ٿيل فوٽو هيو، جيڪو منصور پنھنجي فليٽ تي ڪڍيو هو، جنھن م هوءَ سندس ڪپڙا پايون ويٺي کلي رهي هئي. تصوير جي مٿان منصور جي ئي تحرير لکيل هئي.
تنھنجو تن تہ ڀلي تو وٽ ئي هجي،
تنھنجو من تہ پيو آ مون وٽ من،
تنھنجي هٿ جون لکيل ڪجهہ تحريرون،
ڪجهہ تصويرون، هڪ پيار جي وِش.
سورنھن منجهنديون، ٻارنھن شامون،
۽ ٻہ آليون برسات جون راتيون.
منھنجي جيئڻ لاءِ ڪافي آهن.
تنھنجون ڏنل اهي ٽيھہ سوغاتون.
ايمن کي پنھنجي اندر ۾ پيڙا جو ايڏو تہ شديد احساس ٿيو جو هوءَ درد جي شدت کان ٻيڻي ٿي وئي ۽ پنھنجو مُنھن گوڏن ۾ لڪائي ڇڏيائين.
ميمونا واپس اسلام آباد هلي وئي ۽ زندگي وري روان دوان ٿي وئي، ساڳين ٿڪائيندڙ رستن تي. قاضي ابرار حسين جي خواهش هئي تہ هو حج ڪرڻ وڃي. ان لاءِ هو بندو بست ۾ لڳي ويو. هڪ رات هو ماني کائي رهيا هئا تہ هن ايمن کي ٻڌايو تہ هن جا حج جا ڪاغذ منظور ٿي ويا هئا ۽ ٻن هفتن بعد هن جي روانگي هئي.
”پر بابا، مان تہ اڪيلي ٿي وينديس!“ ايمن چيو.
”نہ، امان تون اڪيلي نہ ٿيندينءَ. منصور احمد جي پوسٽنگ هتي ٿي وئي آهي. هو هفتي کن ۾ پھچي ويندا. مون کين راضي ڪيو آهي تہ منھنجي واپسيءَ تائين هن گهر ۾ ترسن.“
ايمن خوفزدہ ٿي وئي. چيائين، ”بابا، اوهان ايترو تڪڙو پروگرام ڇو ٺاهيو حج جو؟“
”بس امان، دل کي قرار اٿم، ٻنھي نياڻين کي رب چڱا وَرَ ڏنا آهن، تون تہ بنھہ جواب ڏئي ويٺي آهين شاديءَ کان. زندگيءَ جو ڪو ڀروسو ڪونھي. بس خواهش اٿم تہ هڪ دفعو مڪو مدينو گهمي اچان.“
”پر بابا، مونا جن کي مجبور نہ ڪيو. مان هاسٽل هلي ويندس.“
”امان، ان ۾ هرج ڪھڙو آهي، منصور احمد اسان جو پنھنجو آهي. جيسيتائين پنھنجي گهر جو بندوبست ڪن تيسيتائين هي بہ تہ پنھنجو ئي گهر اٿن.“
ايمن کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ کيس ڇا ڪرڻ گهرجي. هن سوچيو تہ هن کي ميمونا سان رابطو ڪري سمجهائڻ گهرجي تہ ڪنھن بہ طريقي سان هتي رهڻ کان منع ڪري. پر ميمونا جي فليٽ ۾ فون نہ هو. انھيءَ اڻ تڻ ۾ ٻہ ٽي ڏينھن گذري ويا. نيٺ مونا پاڻ ڪٿان ڳالھايو. ايمن اٿندي پڇيو:
”مونا، بابا ٻڌايو تہ توهان هتي رهڻ ٿا اچو؟“
”ها، مونکي بہ اڄ خبر پئي، جڏهن منصور پيڪنگ ڪرڻ لاءِ چيو.“ مونا ٻڌايو.
”تون منع ڇو نہ ٿي ڪرينس؟“ ايمن پريشان ٿي پڇيو.
”منھنجو اختيار هلي ڪٿي ٿو.“
قاضي ابرار حسين دلجاءِ ڪري ڀلاري سفر تي روانو ٿي ويو. پر پٺيان ميمونا ۽ ايمن کي ائين لڳندو هو، ڄڻ هو ٽئي ڄڻا ڪنھن هيبتناڪ ڊائنامائيٽ جي سامھون خاموش ويٺا ان جي ڦاٽڻ جو انتظار ڪندا رهندا هئا.
رات جا ڏھہ ٿيا هئا. هوءَ ڄاڻي واڻي دير سان گهر آئي. گهر ۾ گھري سانت لڳي پئي هئي. چوڌاري اوندھہ لڳي پئي هئي. فقط ورانڊي ۾ مڌم روشنيءَ وارو بلب ٻري رهيو هو، جتي منصور ڪرسيءَ تي ويٺو هو. ايمن جا قدم پٿر جھڙا ڳرا ٿي ويا. هوءَ آهستي آهستي هلندي ورانڊي وٽ پھتي. منصور جون نظرون، جيڪي مسلسل هن جو پيڇو ڪري رهيون هيون، هن جي پيرن جي زنجير بنجي ويون. هوءَ سندس ڀرسان وڃي بيٺي. هيڏانھن هوڏانھن ڏسندي پڇيائين:
”مونا ڪٿي آهي؟“
منصور ڪوبہ جواب نہ ڏنو. هوءَ پريشان ٿي وئي. ڇاڪاڻ تہ ميمونا هن جي واپسيءَ تائين جاڳندي ۽ سندس انتظار ڪندي رهندي هئي. پر اڄ هوءَ کيس نظر نہ آئي. ايمن تڪڙي تڪڙي ميمونا جي ڪمري ڏانھن وئي. ميمونا رلھيءَ ۾ ويڙهي سيڙهي سمھي پئي هئي.
”مونا، تون ٺيڪ تہ آهين؟“ ايمن ميمونا جي رلھي هٽائيندي پڇيو.
”ها“ ميمونا سست آواز ۾ چيو، ”بس ڏڪڻيءَ سان بخار اچي نڪتو ان ڪري سمھي پيس، شايد مليريا جو بخار آهي.“
”ڊاڪٽر ڏانھن ڇو نہ وئينءَ؟“ ايمن پريشان ٿي پڇيو.
”بخار جي گوري کاڌي اٿم، هاڻي ڪجهہ بھتر آهيان.“ ميمونا کيس تسلي ڏيندي چيو.
”ٺيڪ آ سڀاڻي ضرور ڊاڪٽر ڏانھن وڃجانءِ.“ ايمن سندس ڀرسان ويھندي پڇيو، ”ڪجهہ گهرجئي تہ ٻڌاءِ؟“
”نہ، ڪجهہ نہ گهرجي مان ٺيڪ آهيان. تون ماني کائين تہ ڊائيننگ ٽيبل تي ڍڪي رکي اٿئي.“
”نہ، مان هاسٽل ۾ روبيءَ وارين سان کائي ڇڏي هئي.“
ميمونا اٿي ويھاڻن سان ٽيڪ ڏئي ويٺي. ڪجهہ وقت خاموش رهي پوءِ جهيڻي آواز ۾ پڇيائين:
”تون ٺيڪ آهين نہ ايمن؟
ايمن ڏانھس ڏٺو. چپن تي مُرڪ ظاهر ٿيس ۽ اکين ۾ پيڙا. چيائين، ”مون کان ڇا ٿي پڇين، تون ۽ مان ساڳي ئي پلصراط تي تہ هلون پيون.“
ميمونا کن پل چپ رهي پوءِ پڇيائين، ”ايمن ڇا هن پلصراط جو ڪو انت ڪونھي؟“
”شايد ڪو انت ڪونھي!“ ايمن مايوس ٿي چيو، ”اسان اهڙي رستي جا مسافر آهيون، جنھن جي ڪابہ منزل ناهي. بس هلندا ٿا رهون. زندگيءَ کي ڪو بہ موڙ ڏئي نہ ٿا سگهون. ڇا ڪاڻ تہ ڪو بہ موڙ ممڪن نہ آهي، مناسب نہ آهي. هڪ اهڙي زنجير ۾ جڪڙيل آهيون، جنھن مان نڪري نہ ٿا سگهون. عجب مشڪل آهي، ان ۾ جيئڻ تي مجبور آهيون.“
”پر اهو جيئڻ بہ تہ مشڪل آهي.“ ميمونا چيو. ايمن ڪجهہ وقت چپ چاپ ويٺي خالي ديوار کي ڏسندي رهي پوءِ اٿي چيائين:
”تون آرام ڪر، مان چينج ڪري اچان ٿي.“
هوءَ ٻاهر آئي تہ منصور کي ڏٺائين، جيڪو اڃان تائين اتي ئي ڪرسيءَ تي ويٺو هو. هوءَ ڪجهہ دير سوچيندي رهي. پوءِ هوري هوري هلندي وڃي سندس ڀرسان بيٺي ۽ مڌم آواز ۾ کيس سڏيائين:
”منصور“
منصور ڪنڌ ورائي ڏانھس ڏٺو. ايمن بي بسيءَ مان چيو:
”منصور، حالات برداشت کان چڙهي ويا آهن، تون ڇاٿو چاهين؟“
”ڪجهہ بہ نہ“ منصور آرام سان چيو، ”مان ڀلا توکي ڪجهہ چوان ٿو. مان تہ چپ چاپ ويٺو تنھنجو رَوئيو ٿو ڏسان.“
”منھنجو روئيو؟“ ايمن اچرج مان پڇيو، ”ڪھڙو روئيو؟“
”اهوئي، سڄو سڄو ڏينھن گهر کان ٻاهر رهڻ، اجايو سجايو رُلڻ..... مونکي خبر آهي تون رڳو مونکي ستائڻ لاءِ ائين ڪندي آهين.“
”توکي ائين ٿو لڳي؟“ ايمن بدستور حيرت مان پڇيو.
”ها“ منصور چيو، ”تون سڄو ڏينھن ٻاهر رلندي وتندي آهين، آوارہ گردي ڪري پاڻ کي تباھہ پئي ڪرين ۽ مان خاموشيءَ سان ويٺو تماشو پيو ڏسان.“
ايمن بي بسيءَ مان کيس ڏسندي رهجي وئي. پوءِ چيائين، ”منصور، توکي هن گهر ۾ مون کان سواءِ ڪو ٻيو نظر نہ ٿو اچي؟“
”نہ“ منصور اطمينان سان وراڻيو، ”توکي ڏسڻ کان واندو ئي ناهيان تہ ٻي پاسي ڏسان.“
”منصور“ ايمن تڪليف محسوس ڪندي چيو، ”خدارا حقيقتن کي تسليم ڪر. تنھنجي نظر، تنھنجي توجهہ مونا لاءِ هجڻ گهرجي.“
”ڇو؟“ منصور پڇيو.
”تنھنجي محبت تي مونا جو حق آهي“ ايمن چيو.
”اها تہ اڳ ۾ ئي تو کسي ورتي هئي.“
”پوءِ تون هن کي رخصت ڪرائي ڇو وٺي وئين؟“
هو آهستي کليو. چيائين، ”هوءَ تنھنجو پاڇو آهي نہ، هوءَ هوندي تہ تون بہ نظر ايندينءَ.“
ايمن وائڙن جيان کيس ڏسڻ لڳي. چيائين، ”اهڙيون خراب سوچون تو ڪٿان آنديون آهن؟ منصور، تون ڇا هئين، ڇا ٿي ويو آهين؟“
”تون ئي ڏس! تو مونکي ڇا ڪري وڌو آهي.“ هو ٽوڪ واري کِل کليو.
ايمن ڪجهہ دير چپ چاپ کيس ڏسندي رهي پوءِ عاجزيءَ مان چيائين:
”منصور، تون حقيقتن کي تسليم ڇو نہ ٿو ڪرين؟“
”ڪھڙيون حقيقتون؟“ منصور کيس گهوريندي پڇيو.
”اهي ئي تہ تقدير تنھنجو ۽ منھنجو رستو الڳ ڪري چڪي. پراڻا ناتا ڪوڙا ٿي ويا، نئون سچ اهو آهي تہ مونا تنھنجي زال آهي، هن سان تو نڪاح ڪيو آهي.“
”جيڪو نڪاح ٻئي جي ڌوڪي ۾ ٿيو، مان ان کي نہ ٿو مڃان.“ منصور اٽل لھجي ۾ چيو.
”تون ان کي مڃي چڪو آهين، ان ڪري ئي تہ مونا تنھنجي گهر ۾ آهي.“
”اها منھنجي مجبوري آهي“
”ڪھڙي؟“
”مون وٽ ٻيو ڪو حل ناهي“ هن کيس غور سان ڏسندي چيو، ”تنھنجي ويجهو رهڻ جو.“
ايمن جي چھري تي ناگواريءَ جا تاثرات اڀريا پوءِ هن کيس چيو:
”منصور، تون منھنجي ڀيڻ کي ڇڏي ڏي“
”هڪ شرط سان“
”ڪھڙو؟“
”تون مون وٽ واپس ايندينءَ.“
”ائين ناممڪن آهي.“ ايمن چيو، ”اسان جي سماج ۾ رشتن ۽ خاندان جون ڪي حد بنديون آهن، جيڪي ائين ڪرڻ جي اجازت نہ ٿيون ڏين.“
”مونکي ڪنھن سماج، خاندان ۽ رشتن جي پرواھہ ناهي.“ منصور ضدي لھجي ۾ چيو.
”پر مونکي پرواھہ آهي.“ ايمن چيو، ”منھنجا رشتا ناتا آهن، ڀينرون آهن، پيءُ آهي. مان نہ ٿي چاهيان تہ هو سماج ۾ بي آبرو ٿين ۽ سڄي عمر لوڪ جي نظرن ۾ سنگسار ٿيندا رهن.“
”اها تنھنجي مجبوري آهي، منھنجي نہ“ منصور سنگدليءَ سان چيو.
ايمن حيرت وچان کيس ڏسندي رهجي وئي تہ اهو حساس ۽ خوبصورت دل رکڻ وارو انسان ڪيڏو نہ بي درد ۽ ڪٺور بنجي ويو هو. ايمن کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ ڇا ڪري جو انھن اذيتن جو انت ٿي وڃي. هوءَ شڪست کاڌل قدمن سان وڃڻ لاءِ مڙي تہ سامھون ميمونا تي نظر پيس، جيڪا شال ويڙهيون دروازي کي ٽيڪ ڏيون بيٺي هئي. هن جي چھري تي رڳو رک ئي رک هئي.
منصور ڪنڌ ڦيري ٻاهر اوندھہ ۾ ڏسڻ لڳو.
مونکي گڏجي سڀ سنگسار ڪيو،
انگاس ٽنگي نروار ڪيو،
ڀلي ڏيھہ سڄي ۾ خوار ڪيو،
تہ بہ چوندس ها مون پيار ڪيو.
قاضي ابرار جو خط آيو هو. هن لکيو هو تہ هو حج جي سعادت حاصل ڪرڻ بعد هڪ هفتي کان پوءِ موٽندو. ايمن لاءِ اهو هفتو گهارڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو. هن جي دماغ تي اهڙي بيچين ڪندڙ سانت طاري هئي، جھڙي طوفان اچڻ کان اڳ سمنڊ جي ماٺي مٿاڇري تي هوندي آهي. ڏينھن اهڙي ماٺي بيچينيءَ ۾ گذري ويندو هو. رات جو سمھندي هئي تہ دماغ جي سناٽن مان ڪٿي پري پري کان سڏن جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. ڄڻ تہ ڪوھہ ندا کان ڪو سندس نالو وٺي سڏيندو هو. اهي سڏ ٻڌي هوءَ خوفزدہ ٿي ويندي هئي. چاهيندي هئي تہ اتان هلي وڃي، ڪٿي ايترو پري جو اهي سڏ کيس ٻڌڻ ۾ نہ اچن ۽ هڪ ڏينھن کيس اهو موقعو ملي ويو. ڪراچيءَ ۾ ٽن ڏينھن جو ورڪشاپ هو. هن کي آفيس طرفان دعوت ملي تہ هوءَ هڪدم وڃڻ لاءِ تيار ٿي. ان ورڪشاپ لاءِ هن فقط مونا کي ٻڌايو ۽ تاڪيد ڪيو تہ جيئن منصور کي خبر نہ پوي. هڪ ڏينھن اول هوءَ بيگ کڻي هاسٽل هلي وئي ۽ ٻئي ڏينھن شام جو پنھنجي آفيس جي سھيلي روبيءَ سان گڏجي اسٽيشن هلي وئي.
ٽرين ۾ ويھڻ کان پوءِ هن ڪجهہ قدر قرار محسوس ڪيو. ڄڻ ڪنھن قيد خاني مان نڪري آئي هجي. هن جي سيٽ دريءَ جي ڀرسان هئي. ٿانيڪو ٿي ويھڻ کان پوءِ هن بي خياليءَ ۾ دريءَ کان ٻاهر ڏٺو ۽ هڪدم ڇرڪ نڪري ويس. هن جي دل جون ڌڙڪنون ذري گهٽ رڪجي ويون. ٻاهر پليٽ فارم تي دريءَ جي ڀرسان منصور بيٺو پريشان نظرن سان کيس ڏسي رهيو هو. هن جا ڪپڙا گهنجيل ۽ اڻڀا وار نرڙ تي پکڙيل هئا، ڄڻ هو مدت کان کيس ڳولھيندو رهيو هو.
”منھنجي خوف کان ڀڄي ٿي وڃين؟“ منصور ڦٽيل لھجي ۾ پڇيو.
ايمن هن جي اندر جي پيڙا کي پنھنجي دل ۾ لھندي محسوس ڪيو. اکيون جهڪائيندي چيائين:
”رستو مٽجي ويو آهي منصور“
”پر منھنجي هر واٽ رڳو توڏانھن ٿي وڃي.“
”تون چاهين تہ واٽ مٽائي سگهين ٿو.“
”ٻي واٽ زندگيءَ ڏانھن نہ ٿي وڃي ايمن“ منصور دونھاٽيل اکين سان کيس ڏسندو رهيو. ان وقت ٽرين وِسل ڏنو ۽ ڌوڏو کائي اڳتي رواني ٿي وئي. منصور چپ چاپ اڏامندڙ رَئيءَ ۾ بيٺو ويندڙ ٽرين کي ڏسندو رهيو، جيڪا هر لحظي ايمن کي کانئس پري کنيون ٿي وئي. ڄڻ هن جي جسم مان روح ڪڍندي ٿي وئي. هو بي روح جسم سان اتي ئي بيٺو رهجي ويو.
منھنجو روح، جسم ۽ جان پرين،
منھنجو مذهب دين ايمان پرين،
منھنجي ٻولي، قوم، زبان پرين،
توتان سَوَ جنم قربان پرين.
ڪراچيءَ کان موٽڻ بعد جڏهن هوءَ گهر پھتي تہ سج لھي رهيو هو. گهر ۾ اوندھہ لھي رهي هئي. چوطرف عجيب سانت هئي. ايمن بيگ ميز تي رکيو ۽ گهر ۾ هيڏانھن هوڏانھن ڏسڻ لڳي. ان وقت اندران ڪمري مان منصور ٻاهر نڪتو. هن جي چپن تي مرڪ تري آئي. چيائين:
”مون کي يقين هو تہ تون اڄ ضرور ايندينءَ.“
”ڇو؟“ ايمن نظرون چورائيندي خالي خالي لھجي ۾ پڇيو.
”گذريل سال اڄوڪي ڏينھن مون خواهش جو ڪئي هئي.“
ايمن هڪدم حيران ٿي وئي. ان وقت هن کي ياد آيو تہ اهو منصور جي سالگره جو ڏينھن هو. منصور هلندي اچي سندس سامھون بيٺو ۽ پڇيائين:
”مونکي وِش نہ ڪندينءَ؟“
”مونا ڪٿي آهي؟“
”گهر ۾ ناهي“
”ڪيڏانھن وئي آهي؟“
”خبر ناهي“
ايمن پنھنجي ڪمري ڏانھن وڃڻ لڳي. منصور بہ سندس قدمن تي قدم رکندو سندس پٺيان هليو آيو. هوءَ بيھي رهي، ڪنڌ ورائي ڏانھس ڏٺائين. هو ڪنھن بت جيان خاموش ۽ بي حس بيٺو هو.
”تون منھنجي پٺيان ڇو ٿو اچين منصور؟“ ايمن گنڀيرتا سان پڇيو.
”ٻيو ڪيڏانھن وڃان؟“
”تقدير تنھنجي لاءِ جيڪو رستو طئي ڪيو آهي ان تي هل.“
”مان ان کي ڪڏهن بہ ڪنھن بہ تعلق سان قبول نہ ڪيو آهي. اها منھنجي واٽ ئي ناهي.“
”پر تون اڄ بہ اتي ئي بيٺو آهين، انھيءَ واٽ تي.“
”هاڻي اها واٽ ڇڏي ڏيندس.“
”ڇو؟“
”من اندرِ جيڪا لوچ آهي، اها ماٺي نہ ٿي ٿئي.“ هو ٻہ ٽي وکون کڻي اچي سندس عين سامھون بيٺو.
هن جي اکين جي تپش ۽ بيقراري ايمن کان سَٺي نہ وئي. هن پنھنجون اکيون جهڪائي ڇڏيون ۽ چيائين:
”پنھنجي دل کي سمجهاءِ منصور“
”تون ڄاڻين ٿي هن دل ۾ توکان سواءِ ٻيو ڪير بہ رهي نہ ٿو سگهي. نَيوَرِ، نَيوَرِ اَيوَرِ.“
ايمن پريشان ٿي کيس ڏسڻ لڳي. منصور وڌي سندس هٿ پنھنجن هٿن ۾ پڪڙيا ۽ چيائين:
”دل هر وقت توکي طلب ڪري ٿي.“
”تنھنجي دل جي طلب سماج ۽ مذهب جي حدن کان ٻاهر آهي.“
”دل جو مذهب محبت آهي بس!“
”اسان کي هڪ ٻئي کان پري هليو وڃڻ گهرجي.“ ايمن پنھنجا هٿ ڇڏائيندي چيو.
”توکي نہ ڏسڻ سان بيقراري وڌندي آهي.“ منصور چيو.
”۽ ڏسڻ سان؟“
”طلب ۾ شدت ايندي آهي.“ منصور چيو.
ايمن جي چھري تي پيڙا جا آثار ظاهر ٿيا. چيائين:
”پوءِ تہ منھنجو هجڻ ئي سھي ناهي“
”مونکي ڊيڄارڻ جي ڪوشش نہ ڪر“ منصور سندس ايترو ويجهو هليو آيو جو ايمن کي هن جي ساهن جي گرمي پنھنجي چھري تي محسوس ٿيڻ لڳي.
”تون ڇا ٿو چاهين منصور؟“ ايمن پوئتي هٽندي پڇيو.
”مان توکي ٿو چاهيان ايمن“ منصور کيس ڪلھن کان وٺي پاڻ ڏانھن سوريندي چيو، ”منھنجو نڪاح ڪنھن ٻئي سان نہ ٿيو هو، مون تنھنجي وجود کي قبوليو هو، توکي گهريو هو ۽ اڄ تائين فقط توکي گهران ٿو، توکي محسوس ڪرڻ چاهيان ٿو.“
منصور جي گرفت سوڙهي ٿيندي وئي. ايمن هن جي گرفت مان نڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي چيو:
”منصور، تنھنجي طلب ۾ محبت نہ وحشت آهي.“
”اها محبت جي انتھا آهي.“
”اهو گناھہ آهي“
”مان ڪنھن گناھہ ثواب کي نہ ٿو مڃيان“ منصور هن جي وارن ۾ مُنھن لڪائيندي چيو، ”تنھنجو قرب، تنھنجي سُپردگي منھنجي اندر ۾ ٻرندڙ آڳ جو انت آهي.“
”منصور“ ايمن ٻڏندڙ آواز ۾ چيو، ”تنھنجي طلب ۾ منھنجي حياءَ جو موت آهي ۽ بي حيائيءَ واري زندگي مونکي قبول ناهي.“
ان وقت دروازو کليو سامھون ميمونا سان گڏ سندس پيءُ سفري بيگ کنيون بيٺو هو. ايمن جون اکيون وحشت وچان کليون رهجي ويون. هن هڪ ڊگهو ساھہ کنيو، جيڪو هن جي سيني ۾ اندر ئي رهجي ويو ۽ هن کان ساھہ ٻاهر ڪڍڻ وسري ويو.
هن جو بي جان جسم منصور جي آغوش ۾ لڙڪي پيو. منصور حيران ٿي هن جي کليل اکين ۾ نھاريو، جيڪي کيس چئي رهيون هيون:
”ڏس منصور، مون پنھنجي زندگيءَ جو آخري ساھہ تنھنجي آغوش ۾ کنيو.“
ميمونا چپ چاپ ان خالي ڪڪر جيان ويٺي هئي، جيڪو پنھنجي اندر ۾ سمايل سمورن لڙڪن جي برسات وسائي خالي ٿي ويو هجي.
”پوءِ منصور جو ڇا ٿيو؟“ مون پڇيو.
هن مون ڏانھن ڏٺو ۽ چيائين، ”خبر ناهي، هو چپ چاپ هليو ويو ۽ ان ڏينھن کان پوءِ نہ هن کي ڪنھن ڏٺو ۽ نہ ئي سندس ڪا خبر ملي.“