شاعري

سرور

مسرور پيرزادي جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي سادگي، لفظن جي چونڊ ۽ عنوان، شاعريءَ جا خيال سچ تہ دلچسپ ۽ وڻندڙ آهن.  مسرور دلرباين، دلڪشين ۽ حسناڪين جو شاعر آهي. مسرور سونھن، سندرتا، سچ، محبت ۽ ڪائنات جي حسناڪين سان پيار ڪندڙ شاعر آهي. مسرور سنڌي غزل کي اوج ڏنو ڏنو آھي. سندس نظم پڻ منفرد آھن.

Title Cover of book Suroor

جڙون جنھن ۾ جِيءَ جون

جڙون جنھن ۾ جِيءَ جون،
سوئي ڳوٺ سڏي،
ھلئون موٽي ڳوٺ ڏي!
پئسن جي پوڄا ڇڏي،
سنڌوءَ ڏانھن لڏي،
ھلئون موٽي ڳوٺ ڏي!
ساين ٻنين ۾ ھلون،
دونھون شھر ڇڏي،
ھلئون موٽي ڳوٺ ڏي!
دليون جن جون ويڪريون،
تِنين يار! تڏي،
ھلئون موٽي ڳوٺ ڏي!
ھر ڪو ھتڙي اوپرو،
جيڪر پنھنجن ڏي،
ھلئون موٽي ڳوٺ ڏي!
•

ممات موقعو محبوب سان ملڻ جو آ،
وڃڻ جي وقت انھي ڏي سنوارجي ويندس.