جيل ڊائري

ڪايا مَنجَهه ڪَڙَن

” ڪَايا مَنجهه ڪَڙن “ محترم علي محمد شاهه لڪياري جي جيل ڊائري آهي. هن جيل ڊائريءَ ۾ 1980ع جي ڏهاڪي واري دور جي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ قوم پرست شاگرد سياست ۾ علي محمد شاهه جي شاگردي واري زماني ۾ هم آهنگي ۽ اُن سياست جي سفر ۾ آيل ڀوڳنائن ۾ جيل ياترا جو دور ۽ قيد وبند جون يادگيريون تحرير ٿيل آهن.
Title Cover of book ڪايا مَنجَهه ڪَڙَن

تشدد جي تاريخ

ڪجهه ڏينهن اڳ سنجها ڌاري حيدرآباد جيم خانه ۾ جاگنگ بعد باغيچي ۾ ڪرسي تي ويهي پاڻي پي رهيو هيس، لان ۾ رکيل ڪرسين تي ڪجهه کڙپيل قسم جا سنڌي ڪامورا به ويٺا هيا. ڪي گنجا، ڪي هلڻ کان هلاڪ، ڪن جيا پيٽ گوڏن تائين لڙڪيل، ٻوٿ ماس پٽيندڙ ڳجهن جهڙا. هو پاڻ ۾ وڏي واڪي بحث ڪري رهيا هيا. ”سنڌي اڃا نه سڌرندا... سنڌين کي اڃا موچڙا لڳن... سنڌين ڪهڙيون قربانيون ڏنيون آهن...“
سنڌ جو رت چوسيندڙ ڄورن جا اهي گفتا ٻُڌي، منهنجو ته پارو چڙهي ويو. خيال آيو ته اُٿي کين ست سريون ٻُڌايا. تازو ئي مون غلام نبي مغل جو ناول ”وطن واويلا“ پڙهيو هو. جنهن ۾ هن اهڙن ست ڪئا کائي حج تي هلندڙ سنڌي ڪامورن جي لاک لاٿي هئي. هاڻي به اهي سفارش يا پئسي جي ٻَل تي سڻڀيون پوسٽون حاصل ڪري، پنهنجي بدن تي مڻن جي حساب، سان مُردار چَرٻي چاڙهي، شگر ۽ بليڊ پريشر جا مريض بڻيو. سنڌين تي لعنت ملامت ڪري رهيا هيا، هنن نالائقن کي ايتري به خبر نه آهي ته سنڌ ڌرتي صدين کان وٺي ظل،، ڏاڍ ۽ دهشت گردي جو شڪار ٿيندي رهي آهي. هزارين سال اڳ هت ماڪڙ جيان آرين جا ڪٽڪ اچي لٿا. جن هتان جي مقامي لوڪن کي ڪُهي، زرخيز علائقا چَٽ ڪيا. دارا اعظم به پنهنجي سلطنت کي وسعت ڏيڻ لاءِ فوج ڪشي ڪئي. سڪندر مقدوني به پنهنجي لشڪر سان سنڌين جا ويڙها ڀڙڀانگ ڪيا. ان کانپوءِ تاريخ جي هر دور ۾ سنڌ کي ڦريو. لٽيو ۽ ڪُٺو ويو آهي. ڪڏهن ساسانين، پارٿينن، ارغونن ترخانن، مغلن ته ڪڏهن پٺاڻن، مطلب ته سنڌ جي گهٽي ۽ گهر مان ڳڀرن جا لاش کڄيا آهن.
سنڌي ورهاڱي کانپوءِ به سڪون جي ننڊ نه ستا آهن، روز روز فوج ڪشي، مارشلا، ڪوڙا ۽ مارُون سنڌين جا مقدر رهيا آهن. سالن کان اهڙي انسانيت سوز جسماني ۽ ذهني تشدد ڪري ڪيترا نوجوان پنهنجا عضوا ٽوڙائي ۽ ذهني توازن وڃائي ويٺا آهن. بدقسمتي سان تاريخ ۾ سنڌ لاءِ ٻليدان ڏيندڙن جو ڪو به نالو نشان نٿو ملي.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي تاريخ کي نئين سر لکون، اچو ته سنڌ جي اهڙن گمنام هيرن کي ڳولي، مڃتا ڏيون. اهڙن سورمن کي سلام پيش ڪيون، جن پنهنجيون زندگيون قربان ڪيون ۽ جن اذيت گاهن ۽ ٽارچرسيلن ۾ پنهنجون جوانيون ڏنيون، جن معصومن جي آهه، بقا سان زندانن جا در ديوار لرزي ويندا هيا. جن جي نازڪ جسمن تي لڳندڙ ڦٽڪا ۽ سَٽڪا سندن پٺارن ۽ چتڙن تان چمڙي اُڊيڙي ڇڏيندا هيا. علي محمد شاهه لڪياري سنڌ جو اهو گمنام عاشق آهي، جنهن کي به پنهنجي جواني جا ڏينهن اهڙن اذيت گاهن ۾ گذاريا. جيئن هي پنهنجي ڊائري ۾ لکي ٿو ”سياري جي رات هڪدم مون کي اونڌو فرش تي ليٽايون ويو، ٻه فوجي ٽنگن تي ٻه فوجي ٻانهن تي چڙهي بيٺا ۽ هڪ فوجي اچي چتڙن تي چمڙي جي ٺهيل ڦڙڪي سان وسڪارا لاتا. شروع ۾ پهرين ڌڪن سان ڏاڍو عذاب آيو ۽ دل ۾ سوچيم ته رڙيون ڪيان. پر پوءِ وري خيال آيم ته هڪ انقلابي ڪارڪن لاءِ اهو ڪارنهن جو ٽِڪو آهي جو هڪ ڌارئين دشمن جي اڳيان ڌڪن جي سور کان دانهون ڪري ۽ رڙيون ڪري ۽ دشمن خوش ٿئي اهو سوچي چپ کي ڏندن هيٺان ڏئي ڌڪ سهندو رهيس. ڪجهه گهڙيون ڌڪ لڳڻ کانپوءِ عذاب گهٽ محسوس ٿيڻ لڳو پر وري چتڙن جي مٿان ٿڌو پاڻي هاري ڌڪ هڻڻ شروع ڪيائون ته وري سور وڌيڪ ٿيڻ لڳو. بهرحال ڌڪ هڻندا پاڻي وجهندا ڪُٽيندا رهيا جيئن اُٿيس ته چتڙن جي کل هنڌان هنڌان اُڊڙي پئي هئي ۽ ريش ڳڙندو وڃي پيرن جون کُڙيون کنيون. موٽي اچي کولي ۾ بند ڪيائون، ٿورو هلڻ ڪري چُتڙن مان رت وهڻ شروع ٿي ويو. جنهن اچي وري کڙيون کنيون. مون ان رت مان آڱر ٻوڙي کولي جي ڀت تي ’جيئي سنڌ‘ ۽ پنهنجو نالو لکي ڇڏيو“
اها ته آهي سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڪارڪن جي سياسي سگهه ۽ دليري ان جي ڀيٽ ۾ اسان جا هي سنڌي ڪامورا جيڪي اڌ کان وڌيڪ بجيٽ چٽ ٿا ڪري وڃن، اهي خوشامندي پنهنجي ٿوري مفاد لاءِ سنڌ جو سودو ته ڇا پر ڌارئين اڳيان گيسي ڪرڻ لاءِ به تيار آهن، انهن جي مغز ۾ علم ۽ عقل جي جاءِ تي بدبودار گند ڀريل آهي. انهن سنڌ جي تاريخ پوري پڙهي ئي نه آهي. هنن کي سنڌ ۽ سنڌين تي ٿيندڙ ظلمن جي ڄڻ خبر ئي نه آهي. هوَس ۽ زر جي هنن پوڄارين کي اهو علم ئي نه آهي ته سنڌين جا ٻنيون ٻارا، واپار وڙا، ۽ شهر ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويا آهن. هنن پنهنجا انمول هيرا، ذوالفقار ڀٽو، بينظير ڀٽو، مرتضيٰ ڀٽو، ساهنواز ڀٽو، نذير عباسي ظالمن هٿان شهيد ڪرايا آهن. پنهنجو حق گهرڻ تي جي. ايم سيد ۽ ٻين قوم پرست ليڊرن، شاگردن ۽ سياسي ڪارڪنن ناقابل برداشت عقوبتون، اذيتون، ڪوڙا، ڦٽڪا ۽ تشدد سٺا آهن. مان ته چوندس سنڌ جي تاريخ رڳو تشدد جي تاريخ آهي. شاباس آهي انهن جوڌن کي جيڪي باخبر هوندي به سنڌ جي عشق ۾ باهه سان کيڏن ٿا جيئن بلوچ قومپرست شاعر گل خان نصير چيو آهي.
یہ کٹھن ہے راستہ، جس پے ہم رواں ہیں،
کوندتی ہیں بجلیاں، دشمن آسمان ہیں،
گر بخت ہیں زلزلے، مٹ رہے نشان ہیں،
ٹوٹے ہیں حوصلے، سخت امتحاں ہیں۔
اس پہ وہ جوان پڑے
موت سے بھی جو لڑے
اها پڻ حقيقت آهي ته علي محمد شاهه جڏهن کان اک کولي آهي. هن ڌرتي تي رڳو غلامي، جهالت، مفلسي جا ڀيانڪ منظر ئي ڏٺا آهن، هر دور ۾ سنڌ تي ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل ڏٺا آهن.
ان ڪري مون کي دل و دماغ ۾ انهن شين کان نفرت ۽ بغاوت آهي، ويتر يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران قوم پرست تحريڪ سان ويجهڙائي ڪري هن ۾ ذهني بلوغت ۽ شعور جي پختگي پيدا ٿي. ٽارچر سيلن جا ڦٽڪا ۽ سَٽڪا به اهي نفيس ماڻهو جو ڪنڌ جُهڪائي نه سگهيا. اهڙن باهمت ماڻهن لاءِ رسول بخش پليجو، ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ ۾ چيو آهي ته:
”واقعي ماڻهو ڪپهه کان ڪونئرو ۽ لوهه کان ڏاڍو آهي جي ڀاڙيو ٿئي ته پنهنجي قائد جي قاتلن جا بوٽ چٽيندڙ ڀاڙي سنڌي وڏيرو بنجي وڃي ۽ جي مُڙس ٿئي ته ڏاهر، دودو، دريا خان، مخدوم بلاول، صوفي شهيد، هوشو، پير صبغت الله شاهه، هيمون ڪالاڻي، نظير عباسي، ڀٽو ۽ الائي ڇا ڇا بڻجي وڃي.
ماڻهو جي بلندي ۽ پستي ڪيڏي نه اَٿاهه آهي جي پست ٿئي ته يزيد، چنگيز، هلاڪو، هٽلر، مسوليني، آمريڪي سامراجي، بيگن ٿي پئي، جي بلند ٿئي ته گوتم، عيسيٰ، محمد صلعم، سقراط، ارسطو، اسپارٽڪس، مارڪس، لينن، مائو ۽ هوچي منهه ٿي پوي.
منهنجِي، علي محمد شاهه لڪياريءَ سان واقفيت شاگردي واري زماني ۾ نواب شاهه ۾ ٿي، ان دور ۾ منهنجي ڪائنات جو مرڪز رڳو راند هئي، جنهن وقت منهنجي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا ٿي، ان وقت مان انگلينڊ جي ٽوئر تي ويندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪئمپ ۾ شامل هيس. انجنيئرنگ ۾ سيمسٽر سسٽم ڪري مان ڪئمپ ڇڏي اچي ڪاليج ۾ پڙهائي شروع ڪئي هئي.
بهرحال نواب شاهه ۾ پڙهائي دوران رانديگر دوستن اشرف ڀٽي نصيرجان، سعيد ميمڻ، سان گڏ سياسي شعور رکندڙ دوستن سان به واقفيت ٿي جن ۾ علي محمد شاهه لڪياري، علي حسن شاهه، شعبان ڀٽي، غلام رسول زرداري، صالح بلو، ساجن ڏاهري ۽ ٻين روشن خيال دوستن سان قربت وڌي، انهن ڪامريڊن کي جڏهن به پوليس تنگ ڪندي هئي ته اچي اسان جي هاسٽلن ۾ پناهه وٺندا هئا ۽ وري جڏهن پوليس اسان تي ڪڙو چاڙهيندي هئي ته اسان گهيرو ٽوڙي وڃي هنن جا مهمان ٿيندا هئاسين.
اهڙِي طرح شاگرد سياست ۾ سرگرم هئڻ ڪري مون به هٿ ڪڙيون پاتيون ۽ مختلف وقتن تي مختلف جيلن جا در کڙڪايا. يونيورسٽي ڇڏڻ بعد به ڪيترن سالن تائين نواب شاهه جي ڪورٽن ۾ شاگردي دور جي ڪيسن ۾ حاضريون ڀريندا رهياسين. انهن ڪيسن ۾ چاچا محرم علي ڀٽي، اشرف ڀٽي ۽ علي محمد شاهه لڪياري اسان جا ضامن هيا. ان کانسواءِ محمد بخش ڌامراهو، رحيم بخش جمالي وغيره بنا ڪنهن معاوضي جي اسان جا وڪيل هوندا هيا. ڪورٽن مان ڪيس ختم ٿيڻ کانپوءِ به اشرف ڀٽي، مشرف ڀٽي جي محبت ۽ علي محمد شاهه لڪياري جي قرب ڪري نواب شاهه سان جيءُ جڙيو رهيو.
لڪياري جي جيل جي ڊائري هڪ تاريخي رڪارڊ آهي، اسان جي نسل جي جن گهوٽن مارشلا جي ڪهري دور ۾ ماروُن ۽ ڦٽڪا کاڌا، تاريخ ۾ اهڙن ڪونڌرن جو ذڪر ڪرڻ به غير ضروري سمجهيو ويو. جن سياسي ورڪرن پنهنجون جوانيون جيلن ۾ ڳاريون انهن کي به ڪو ياد نٿو ڪري. ان جي بنسبت اسان جو ڪو به شاعر ۽ اديب ٻه ٽي سٽون لکي ٿو ته ان جو ذڪر بار بار ڪيو وڃي ٿو.
هن ڊائري جي اها به خاص ڳالهه آهي ته شيخ اياز جي شاعري کي ته هرڪو ساراهي ٿو، پر اهو قومپرست شاعر سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻجڻ بعد ڪيئن هم نوالا ۽ هم پيالا فوجي آفيسرن سان گڏجي پنهنجي ئي قوم جي ڪونڌرن کي ڪٽائي ٿو. پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ يونيورسٽي تي شيلنگ ۽ فائرنگ ڪرائي، مهينن جا مهينا يونيورسٽي کي تالا هڻائي، فوجن اڳيان سرخرو ٿيڻ لاءِ ڪيترن شاگردن جون جيل اندر کلون لهرائي ٿو. تاريخ ۾ شيخ اياز جي ان روپ کي الائي ڇو نه وائکو ڪيو ويو آهي. هتئون ڪيترن اديب دوستن لڪياري تي زور بار آڻي ڊائري مان شيخ اياز خلاف ڪيترا ٽڪرا ڪٽرايا آهن.
بهرحال اسان جا جيل صرف مسڪين مارن لاءِ عذاب گهر آهن، امير ماڻهن لاءِ جيل اندر به راحت جو هر سامان موجود آهي، کين ڏيتي ليتي سان ڪاٺ اندر به دنيا جي هر سهولت ملي ٿي. باقي غريب قيدي بکيو پيٽ ڀرڻ لاءِ دال کي گرم ڪرڻ تي به پادر کائي ٿو. جيئن لڪياري ٻُڌائي ٿو ته ”ڪالهه چڪر جا ٽي قيدي اسان جي ڏاکڻين پاسي وارين کولين ۾ بند ڪيا اٿن، کين ڏنڊا ٻيڙيون لڳل آهن ۽ سندن ڪانچن جا اڳٺ به نڪتل آهن. صبح شام ڏهه ڏهه ڏنڊا پيرن جي ترين تي هڻندا اَٿن، هنن جو ڏوهه صرف اهو آهي ته دال کائڻ جهڙي نه هوندي آهي. ان ڪري چڪر ۾ هڪڙي زبون پراڻي باريڪ ۾ پيل دروازي مان ڪاٺيون ڪڍي، دال کي تڙڪو ڏئي کاڌائون“.
جيل اندر هيٺين غريب طبقي سان ٿيندڙ اهڙي جُٺ لاءِ سائوٿ آفريڪا جو نيگرو ليڊر نيلسن منڊيلا ذڪر ڪري ٿو ته: ”ڪو به شخص ڪنهن به قوم کان صحيح متعارف ٿي نٿو سگهي جيستائين ان جي قيدخاني ۾ وڃي اتي جو ماحول نه ڏسي، ڪنهن به قوم جي باري ۾ تيستائين صحيح راءِ قائم ڪرڻ نه کپي ته هن جو وڏن ماڻهن سان ڪهڙو رويو آهي. بلڪ اهو ڏسڻ کپي ته گهٽ درجي جي عوام سان هنن جو سلوڪ ڪهڙو آهي“.
لڪياري جي هي ڊائري پنهنجي والد بزرگوار مرحوم سيد عمر شاهه لڪياري نالي ڪندي لکي ٿو ته ”بيماري ۾ ته سندس ڏڍ ۽ ڏانءُ ٿي نه سگهيس، پر سندس وفات کانپوءِ ڪلهي ڪانڌي به نه ٿي سگهيس“.
علي محمد شاهه لڪياري جيل ۾ هو ته سندس والد صاحب گذاري ويو هو. هو هن جي جنازي وغيره ۾ به شريڪ ٿي نه سگهيو هو. هن جي پنهنجي والد سان آخري ملاقات به جيل اندر ٿي هئي. آخري ملاقات مهل هڪ پيءُ پنهنجي پٽ کي جيڪا نصيحت ۽ وصيحت ڪئي آهي. يقين ڪيو ته اها پڙهي اسان پاڻ کي لڪياري جو دوست سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪيون ٿا. لڪياري کي سندس پيءُ آخري وصيعت ڪندي چئي ٿو. ”معافي نامو لکي نه ڏجانءِ، اهو مڙسن لاءِ عيب آهي... خبر نه آهي ته هاڻي پنهنجي جيئري ملاقات ٿئي الائي نه، منهنجا پير هاڻي قبر ۾ پيا آهن... ڪجهه ڳالهيون چوان ٿو، انهن کي ذهن ۾ رکجانءَ، پهريون ته ڪنهن به انسان کي ويهي هٿ نه ڏجانءَ... ڪچهري دوران کٽ تي سمهي ڪچهري نه ڪجانءَ“... وغيره وغيره، انهن جملن ۾ ڇا ته درويشانه خيال آهن. ڇا ته اخلاقي سگهه آهي، ڇا ته انسان ذات سان محبت جو درس آهي، مان ته سمجهان ٿو ته هن نفانفسي واري دور ۾ پنهنجي پُٽ کي اهڙي قسم جي وصيعت ڪنهن ورلي ڪئي هوندي. جيئن مهاتما گانڌي چيو آهي ته ”جيڪڏهن توهان وٽ بندوق ناهي ته ڇا ٿي پيو. اوهان وٽ اخلاقي سگهه ته آهي“.
اهو سچ آهي ته اسان جو سادو دوست علي محمد شاهه لڪياري ڏاڍو مٺو، ڏاڍو نرم مزاج، سڀ جو خيرخواهه ۽ ٻين کي جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ صوفي آهي. يونيورسٽي مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ باوجود خودداري ڪري، هن ڪنهن به فرعون وڏيري کان نوڪري جي خيرات ڪانه گهري. هو هاڻي هڪ سنڌي اخبار ۽ چيئنل جي نمائنده طور هتان جي آزاريل عوام جي دردن جي دانهن ڪوڪ، بالا ايوانن تائين پهچائڻ ۾ سڪون محسوس ڪري ٿو.

اشتياق انصاري