جنوري 1981ع کان جون 1981ع
اڄ سال جو پهريون ڏينهن آهي. آئون چوڏهين صدي هجريءَ جي آخر ۽ پندرهين صدي هجريءَ جي شروعات وقت به جيل ۾ آهيان. ڏسون ته نئون هجري سال ۽ نئين هجري سنڌي قوم ۽ سنڌ ملڪ لاءِ ڪهڙو پيغام آندو آهي.
81-1-2
جمع جي ڏينهن هئڻ ڪري اسان سڀئي دوست ڪاراٽين بي ڪلاس وارڊ ۾ ڪچهري ڪرڻ وياسون. ٿورو وقت ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ علي حيدر شاهه، شاهه محمد شاهه، قمر راڄپر، ابوبڪر زرداري اٿي ويا ۽ پنهنجي ڌار وڃي ڪچهري ڪيائون. اهڙيءَ ريت سڀ ٽوليون ٺاهيندا ڪمرن ڏي رڙهندا ويا. خبر ناهي ته ڪهڙو سُٽ منڌو اٿن. مون سان رسول بخش پليجو ڪچهري ڪندو رهيو ۽ آخر تائين ڪچهري ۾ ويٺو رهيو. ڪجهه دير کان پوءِ وري ڪمرن مان ٻاهر آيا ۽ محفل مچي وئي. علي حيدر شاهه اردوءَ ۾ غزل ٻڌايا ۽ سنگت کان داد حاصل ڪيائين. جمع پنهور، گاجو لنڊ جا سلام ڏنا ۽ چيائين ته کيس ڪچهريءَ لاءِ پاڻ وٽ گهرايو. ڪوشش ڪيم، پر اجازت نه ملي.
81-1-3
سڄو ڏينهن وارڊ ۾ ڪچهري ڪندا رهياسين.
81-1-4
ناز لطيفي چٺي لکي موڪلي ته کيس چانهه ڪاڙهڻ لاءِ ٿانءُ ڏياري موڪليون. عمر برداشتي جي هٿان ديڳڙو ڏياري موڪليوسون.
81-1-5
محمد حسين ڌنجي جيئن ته پيپلز پارٽي جو آهي ۽ اڄ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جي سالگره جو ڏينهن آهي. سالگره ملهائڻ جو ڌنجيءَ بندوبست ڪيو. ان ۾ ڌنجي تقرير ڪندي چيو ته جن ماڻهن ڀٽي مرحوم کي ان ڪري سزاءِ موت ڏني جو هو سنڌي هو ۽ لاڙڪاڻي جو هو، ان ڪري اهڙن مفاد پرستن جا هٿ پٽڻ گهرجن.
ان کان پوءِ ڪيڪ ڪاٽيا ويا، جنهن ۾ اسان سڀئي، برداشتي ملباري، عمر سمون، صديق خاصخيلي، جمع پنهور، ڌڻي بخش سهتو ۽ راشن کڻي ايندڙ برداشتي گڏ هئاسون. ڪيڪ ناز لطيفي ۽ پليجي کي موڪليائون.
81-1-6
اڄ ڌڻي بخش سهتو برداشتيءَ ٻڌايو ته هيءُ جيڪو ڀٽ شاهه جو علي بخش شاهه ناز لطيفي آهي، ان مون سان ظلم ڪيو آهي. پڇڻ تي ٻڌايائين ته منهنجي نڪاح پيل زال، جيڪا صرف لائون لهي پرڻجان ها، اها منهنجي سهري ان شاهه کي پرڻائي ڏني آهي. هڪ ته مون سان هيڏو وڏو ظلم ۽ ٻيو وري ڪوڙي خون جي ڪيس ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. هاءِ ڪورٽ ضمانت منظور ڪئي ته وري هن رد ڪرائي ڇڏي. هاڻي مون کان وڪيل هڪ هزار روپيه خرچ جو گهري ٿو. مان مسڪين، پيءُ پوڙهو، نه ٻني نه ٻارو، ڪاڏي وڃان؟ بس قيد پيا ڪاٽيون.
مهراڻ يونيورسٽي جا پنج شاگرد سال سال سزا ۽ هزار هزار روپيه ڏنڊ جي سزا وٺي آيا آهن. کين ڪاري چڪر ۾ رکيو اٿن.
81-1-7
علي بخش شاهه ناز لطيفي جيل انتظاميه کان اجازت وٺي اسان کي اڇي چڪر ۾ گهرايائين. ٽين بجي گڏجي وياسين. گاجو لنڊ ۽ دوسو ڪلهوڙو به مليا. واپسيءَ ۾ ڪاراٽين بي ڪلاس ۾ گهڙي پلڪ لاءِ وياسون ۽ دوستن سان ڪچهري ٿي.
81-1-8
سڀني برداشتين کي گهرائي سمجهاڻي ڏنم، خاص طرح سان امير حسين ملباري. وارڊ ۾ جيڪو به صفائي وارو قيدي اچي ٿو ته ان کان وڃي پڇي ٿو ته چرس آهي؟ ۽ پوءِ جيستائين چرس جي ڦوڪ نه ڀريندو، تيستائين باورچي خاني ۾ ڀاڄي ماني سڙي وڃي ته ڀلي سڙي وڃي.
شام جو رسول بخش پليجو آيو. ٻڌايائين ته روزانه ٽي ڪلاڪ توهان سان بيڊ منٽن راند کيڏڻ لاءِ جيل انتظاميه کان اجازت ورتي اٿم. راند ته ڪانه ٿي، البته سياسي بحث مباحثو بهترين ٿيو.
قمر ڀٽيءَ کي موڪليوسون ته ڊپٽيءَ سان ملي ۽ کيس چوي ته مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن کي ڪاراٽين بي ڪلاس ۾ رکي. ڊپٽيءَ کين بدلي ڪري رکيو.
81-1-9
سپاهي اچي ٻڌايو ته توهان لاءِ حڪم آهي ته ”ڪاراٽين بي ڪلاس ۾ نه ويندا ڪريو. اسان سوچيو ته مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد ساٿين سان ملڻو به ضرور آهي ۽ ڊپٽي اجازت ڏئي ڇو ڦري ويو؟ قمر ڀٽي وڃي ڊپٽيءَ سان مليو، جنهن موٽي اچي اسان کي ٻڌايو ته شاهه محمد شاهه ۽ قمر راڄپر، جيلر عبدالحئي قريشي کي چيو آهي ته: اسان ”اي ڪلاس وارڊ“ وارن سان ملڻ نٿا چاهيون ۽ توهان کين منع ڪري ڇڏيو ته اسان جي وارڊ ڏي نه اچن ۽ نه وري اسان وينداسون. اسان کي پڪ ٿي ته مهراڻ يونيورسٽي جي نون آيل دوستن کان اسان کي ڪٽڻ جي سازش آهي. قمر ڀٽي ۽ آءٌ گڏجي ڪاراٽين وارڊ ۾ وياسون. خبر پئي ته وارڊ جي دوستن جي ميٽنگ پئي هلي. اسان ايستائين وڃي رسول بخش پليجي جي کوليءَ ۾ ويٺاسون ۽ ساڻس ڪچهري ٿي. حالن احوالن ڏيڻ کان پوءِ محسوس ڪيم ته قمر راڄپر وارن واقعي جيلر کي جهليو آهي. ميٽنگ ختم ٿي. اسان مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد ساٿين کي پاڻ سان گڏ وٺي آياسون. کانئن ميٽنگ بابت پڇا ڪئي. ٻڌايائون ته قمر راڄپر ۽ شاهه محمد شاهه اسان کي چيو ته توهان اسان جا ميمبر آهيو، اسان مهراڻ جا مسئلا حل ڪرائي ڏينداسون ۽ اسان سان تعاون ڪريو. حقيقت ۾ هي دوست لالا رفيق، قمر چانڊيو، راجا جئه شاهاڻي، اقبال ميمڻ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا ميمبر آهن.
جيئن انهن دوستن کي ۽ غلام النبي سومرو، عزيز ميمڻ ۽ ڦل کي وٺي ٻاهر نڪتاسون ته قمر ڀٽي وڏي هوشياريءَ سان سپاهيءَ کي جلديءَ ۾ چئي ڇڏيو ته اسان کي صرف ستن ماڻهن جي وارڊ ۾ اجازت مليل آهي، ٻين کي نه ڇڏجانءِ، حالانڪ ائين ڪونه هو. پٺاڻ سپاهي اڳيئي چريو، بس چوڻ جي دير هئي. ٻين سڀني کي جهلي وارڊ جو دروازو کڻي بند ڪيائين. ابوبڪر زرداري چيو ته توهان اسان جي بيعزتي ڪئي آهي. ان تي قمر ڀٽيءَ کيس چيو ته توهان به اجازت وٺي ڀلي اچو، اسان جي اکين تي. ائين ڳالهه کي گڏائي هليا آياسين.
81-1-10
غلام النبي سومرو کي مارشل لا ڪورٽ طرفان هڪ سال سخت پورهئي سان ٽيپ، پنج ڪوڙا ۽ پنج هزار روپيه ڏنڊ وڌائون. علي بخش شاهه، ناز لطيفي ۽ سندس ٻين ساٿين کي سال سال ٽيپ، پنج هزار روپين کان ٽيهه هزار روپين تائين ڏنڊ مارشل لا ڪورٽ طرفان انصاف ۾ پلؤ پيو اٿن.
81-1-11
ڪتاب ”پس ديوارِ زندان“ جو مطالعو ڪيم.
81-1-12
رسول بخش، مجيب، قمر ۽ آءٌ شنوائيءَ تي گڏجي وياسون. اُتي برادرم ارباب علي شاهه، موسيٰ ڀٽي، قادر بخش عباسي، ديدار مگسي، بشير احمد پنهور، غلام سرور سرڪي، سليم راڄپر ۽ ٻيا ڪافي دوست ملاقات تي آيا. برادرم ارباب علي شاهه ٻڌايو ته اسان جي ننڍي ڀيڻ جي شادي عرس مهيني جي چوويهين تاريخ تي رکي وئي آهي. دل ته گهڻو ئي چوي ٿي ته ننڍي ڀيڻ جو ڪاڄ پنهنجي هٿن سان وڃي تيار ڪيان، پر ڇا ٿو ڪري سگهي. غلام قوم جي ماڻهن سان ائين ئي ٿيندو آهي. شام جو نور الاهي عرف عام ۾ قهر الاهي جيل سپريڊنٽ ڪچهريءَ تي آيو.
81-1-13
ماڙيءَ تي مون کي گهرائي هوم سيڪريٽريءَ جو ليٽر پڙهايائون، جنهن ۾ لکيل هو: ”ريڊئي جي اجازت نه ملندي ۽ جيئن توهان رهو ٿا، ائين ئي وقت گذاريو.“ رسول بخش کي ڇِنُ (Hernia) جي تڪليف ٿي پئي آهي ۽ مجيب شفيع جي نڪ جي هڏي وڌي وڃڻ جي ڪري اسپتال موڪليو ويو. رسول بخش کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جو ليٽر مليو. پوليس جو گهاٽ نه هئڻ ڪري اسپتال ۾ داخل نه ڪيو ويو. شيخ مجيب کي وري اٺن ڏينهن بعد گهرايو اٿن. ياسين جتوئي ۽ ولڻ ملاح کي خط لکيم. عبدالواحد آريسر شام جو نارا جيل کان بدلي ٿي آيو. ڏاڍي خوشي ٿي.
81-1-14
ڊاڪٽر نور عباسي، مولا بخش جوڻيجو، ڊاڪٽر ڳوڀُ ڪچهريءَ تي آيا. ڊاڪٽر قريشيءَ کي ڳوڀُ انهيءَ ڪري چون ٿا جو چاليهه سال عمر ٿي اٿس ۽ ڪابه نينگري شاديءَ لاءِ پسند نٿي اچيس. باقي وتي ٿو رڳو ڪک پن تي اونگرندو. عبدالواحد آريسر سان سڄو ڏينهن ڪچهري ٿي. صمد ڪانڌڙو ۽ مون سان کوليءَ ۾ گڏ بند ٿئي ٿو. آريسر صاحب جو ”سي ڪلاس“ هئڻ ڪري کٽ ڪانه آهي. کيس مون پنهنجي کٽ ڏني، جيڪا هن تمام گهڻي ڪوشش کان پوءِ قبول ڪئي ۽ مان هيٺ سمهندو آهيان.
81-1-15
ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو وارڊ ۾ آيو. کيس سترهين تاريخ تي آزاديءَ جي امام سائين جي.ايم سيد جي سالگره لاءِ ڪيڪ آڻڻ لاءِ پئسه ڏنم.
81-1-16
فاضل راهو، غلام نبي سومرو، راجا جئه شاهاڻي، اسلم پرويز ڪچهريءَ تي آيا. ڏاڍو سٺو سياسي بحث ٿيو.
81-1-17
اڄ سائين جي.ايم سيد جي سالگرهه جو ڏينهن هئڻ ڪري قمر ڀٽيءَ کي ڪاراٽين ”بي ڪلاس“ وارن لاءِ گڏيل دعوت نامون لکي موڪليوسون ۽ چيوسون ته جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا ميمبر غلام نبي سومرو ۽ ٻيا اجازت وٺي اچن. خبر پئي ته شاهه محمد شاهه، قمر راڄپر ۽ ابوبڪر زرداري مخالفت ڪئي ته جي.ايم سيد ڪهڙي شخصيت آهي جو سالگرهه ۾ شرڪت ڪجي ۽ انچارج ڊپٽي سپريڊنٽ عبدالحئي قريشي کي چيائون ته: ”اي ڪلاس وارڊ ۾ سياسي گڏجاڻي آهي، ان جي خبر اخبارن ۾ ڇپي ته تنهنجي نوڪري هلي ويندي.“ ان ڳالهه کان اڳ راجا جئه شاهاڻي، عزيز ميمڻ ۽ سليم جهانگير اسان وٽ پهچي ويا. باقي غلام نبي سومرو، ساغر سميجو، اسلم پرويز ۽ ٻين دوستن اچڻ چاهيو ٿي، پر ان ڳالهه جي ڪري عارضي ڊپٽي عبدالحئي قريشي ڊڄي ويو ۽ وارڊ جو دروازو بند ڪرائي ڇڏيائين. شام جو چئين بجي سائين جي.ايم سيد جي سالگرهه جو ڪيڪ سائين عبدالواحد آريسر ڪٽيو. محمد حسين ڌنجي، سليم جهانگير، صمد ڪانڌڙو ۽ عبدالواحد آريسر تقريرون ڪيون. آريسر صاحب پنهنجي تقرير ۾ چيو ته: ”ڪنهن به پيغمبر جي پيڙهي ٽن پيڙهين کان وڌيڪ نه هلي سگهي آهي. پر جي.ايم سيد جي پيڙهي مسلسل تيرنهن پيڙهين کان قوم جي خوشحالي، آزاديءَ لاءِ وطن دشمنن سان وڙهندي پئي اچي.“ وڌيڪ چيائين ته: ”سائين جي.ايم سيد جا اسان صرف پوئلڳ نه آهيون، پر ان سان اسان کي عشق آهي ۽ عشق اهو آهي، جتي عقل جون سرحدون ختم ٿي وينديون آهن. سائين جي.ايم سيد جي خامين سان اسان کي پيار آهي ۽ خوبين سان عقيدت آهي.“ بهرحال، آريسر صاحب زبردست تقرير ڪئي. تقرير دوران ڊپٽي عبدالحئي قريشي آيو، جنهن چيو ته ڪاراٽين وارڊ مان آيل ٽن دوستن کي مان واپس وٺي ويندس. اسان کيس چيو ته جيستائين سالگرهه جي ڪارروائي هلندي، تيستائين دوستن کي نه ڇڏينداسين. گهڻو زور ڀريائين، پر اسان کيس واپس اُماڻي ڇڏيو.
81-1-18
رسول بخش ۽ مجيب جي ملاقات تي ضمير لاڙڪ ۽ خير محمد سولنگي آيا، جن کيس ٻڌايو ته سائين جي.ايم سيد جي سالگرهه تي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي عهديدارن جي اليڪشن ٿي، جنهن ۾ صدر گل محمد جکراڻي، نائب صدر علي محمد سرڪي، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر اديب انقلابي ڪامياب ٿيا، باقي ٻين عهديدارن جي خبر ڪانهي.
81-1-19
حيدرآباد جو ڊپٽي ميئر بشير چانڊيو جيل ۾ يومِ ولادت رسول ﷺ جي خوشيءَ ۾ فروٽ تقسيم ڪرڻ آيو. معمول مطابق اسان جي وارڊ ۾ ڪونه آيو. موڪل جو ڏينهن هئڻ ڪري ساغر سميجو، راجا جئه شاهاڻي ۽ غلام نبي سومرو ڪچهري ڪرڻ آيا. ساغر سميجي ٻڌايو ته ڪاراٽين وارڊ ۾ ڏاڙهيءَ پٽ لڳي پئي آهي، ٽڪي جو مزو به ڪونه آهي.
81-1-20
ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو چڪر هڻڻ آيو. ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو ۽ قادر بخش عباسي، رسول بخش منهنجي ملاقات تي آيا ۽ ٻڌايائون ته جساف جي مرڪزي عهديدارن ۾ محمد حسن باغي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ديدار بلوچ خزانچي ٿيا آهن. لطف عباسي عبدالواحد آريسر جي ملاقات ڪئي.
رات جو ريڊئي تان خليفي نبي بخش جو ڪلام ”موٽُ وسندڙي مينهن، الا، لالڻ لاءِ مَ ڏينهڙا“ پئي وڳو. صمد ڪانڌڙي پڇيو ته ڪهڙي سُر مان آهي؟ ان تي آريسر ۽ مان هن جي سوچ تي کلياسين ته وري چيائين ته اها ته مون کي خبر آهي ته ڪلام شاهه لطيف جو آهي، باقي سُر ٻڌايو. پوءِ ته ڏاڍو کلياسين.
81-1-21
ڪتاب ”تاريخي ماديت“ جو گڏجي پڙهڻ جو پروگرام ٺاهيوسين. اڄ صرف مون ۽ آريسر صاحب پڙهيو. باقي سڀاڻي کان گڏجي پڙهنداسين. جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي، اها آريسر صاحب سمجهائيندو. نوان جتوئي کان مٺل حيدري ۽ حافظ محمد بخش خاصخيليءَ جو خط آيو.
81-1-22
ڪتاب گڏجي پڙهيوسين. آريسر صاحب سمجهائيندو ويو. نور الاهي شيخ سپريڊنٽ ۽ نواز ڊپٽي گڏجي چڪر هڻڻ آيا. کين اسان غلام نبي سومرو جي پاڻ وٽ بدليءَ لاءِ چيو، جيڪو هنن ڏياري موڪليو. شام جو سندس بي ڪلاس جو آرڊر به پُهچي ويو.
81-1-23
صبح جو عبدالواحد آريسر کي جيل سپريڊنٽ نور الاهي شيخ گهرايو ۽ کيس چيائين ته تون ”سي ڪلاس“ جو قيدي آهين، ان ڪري ڪاراٽين وارڊ جي بيرڪ ۾ ٻين ”سي ڪلاس“ جي قيدين سان وڃي گڏ رهه. آريسر صاحب موٽي آيو، جنهن اسان سان ڳالهه ڪئي. اسان کيس چيو ته توهان کي ڪونه ڇڏينداسين. شام جو نور الاهي شيخ مون کي ۽ قمر ڀٽيءَ کي گهرائي چيو ته آريسر کي توهان ڇو نٿا ڇڏيو؟ بهرحال، گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ طئه ٿيو ته آريسر صاحب عليحده کوليءَ ۾ بند ڪيو ويندو. هاڻي غلام نبي سومرو، قمر ڀٽي ۽ ڌنجي گڏ کوليءَ ۾ بند ٿيندا. صمد ڪانڌڙو ۽ آءٌ گڏ کوليءَ ۾ بند ٿينداسين. رسول بخش ۽ مجيب گڏ رهيا. حقيقت ڇاهي ته نور الاهي شيخ جيڪو پاڻ کي ”قهر الاهي“ ۽ ”ظُل الاهي“ سمجهي ٿو، ان کي وارڊ جي چڪر دوران آريسر صاحب هٿ ڪونه ڏنو هو. شايد ان انتقام جو بدلو وٺڻ ٿو چاهي. حالانڪ هن ئي وارڊ ۾ ”سي ڪلاس“ جو قيدي دائود پٺاڻ رهيو هو يا هن ئي وارڊ ۾ ٻيا ڪافي اهڙا پئسي وارا ماڻهو رهيا آهن، جيڪي جيل سپريڊنٽ کي پئسا ڏيندا هئا. وڌيڪ خدا بهتر ٿو سمجهي. باقي هي سپريڊنٽ صاحب جيل جو مطلق العنان حاڪم آهي، جيڪي چاهي سو ڪري. جمع جي ڏينهن هئڻ ڪري رسول بخش پليجو ۽ راجا جئه شاهاڻي ڪچهريءَ تي آيا. شاهاڻيءَ جي ڏاڏي ڪالهه گذاري وئي، ان ڪري ساڻس تعزيت ڪئي سون. برداشتي جمع پنهور ۽ برداشتي ملباري پاڻ ۾ وڙهي پيا. مون خيال ڪيو ته ٻنهي کي ڀاڪر پارائي ٺاهه ڪرائي ڇڏجي، پر قمر ڀٽيءَ کي اڳ ۾ ئي جمع پنهور تي ڪاوڙ هئي، تنهن ڪري سپاهيءَ کي چيائين ته هن کي وٺي وڃ ۽ هليو ويو.
81-1-24
صبح جو فضل ڪريم جمعدار چيو ته سپريڊنٽ صاحب جو مٿو خراب آهي. ٻه چار ڏينهن ائين آريسر صاحب کي اڪيلو رهايو، پوءِ گڏجي رهجو. مون کي ان ڳالهه ۾ منافقت ڏسڻ ۾ ٿي اچي ۽ اها جيل انتظاميه جي چال لڳي.
81-1-25
جمع پنهور جي بدلي ٿيڻ ڪري ٻيو برداشتي مليو. ڊاڪٽر مولا بخش کي چيم ته جمعو پنهور اسان جو برداشتي هو، ان کي پندرنهن ڏينهن جو آرام لکي ڏيو، ان کان پوءِ آزاد ٿي ويندو. واعدو ڪيائين ته ريسٽ ۽ کير به لکي ڏيندو سانس.
81-1-26
رسول بخش ٿيٻو، شيخ مجيب، قمر ۽ آءٌ گڏجي شنوائيءَ تي وياسين. اتي گل محمد جکراڻي، علي محمد سَرڪي، ديدار بلوچ، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو ۽ ان جو خاص پيارو پهلوان مولا بخش ٿيٻو، محمد حسن باغي، حبيب الله ناريجو، قادر بخش عباسي، فيض الله پيرزادو، لال بخش چانڊيو، نور احمد پنهور، حبيب الرحمٰن شيخ، علي گوهر ٻگهيو، موسيٰ ڀٽي، سٺ ميل تان خليفو رب رکيو سيٺار، محمد پريل اعواڻ، مير محمد سيٺار، رجب علي سيٺار ۽ ٻيا ڪافي شاگرد ساٿي ملاقات ڪرڻ آيا. رسول بخش، قمر ۽ شيخ مجيب کي سڀاڻي مارشل لاءِ ڪورٽ ۾ گهرايو اٿن ۽ چارج شيٽ به کين ڏنائون. مون کي وري 2-7 جي شنوائي ملي.
81-1-27
رسول بخش، مجيب ۽ قمر حاضري تي ويا. غلام نبي سومرو، صمد ڪانڌڙو ۽ مون گڏجي يعقوب منڊي برداشتي سان ڀوڳ ڪيا. دوست حاضري تان موٽي آيا ۽ ٻڌايائون ته صرف قمر ڀٽي کي فوجي اسپتال ۾ ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ موڪليائون. باقي مجيب ۽ رسول بخش لاءِ ملٽري ڪورٽ جي پي.ايس.آءِ ابرار ٻڌايو ته انهن جي سزا ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر آفيس کان نه پهتي آهي.
81-1-28
سپريڊنٽ نور الاهي شيخ، ڊپٽي نواز ۽ جيلر عبدالحئي قريشي چڪر هڻڻ آيا. اسان سپريڊنٽ کي چيو ته آريسر صاحب سان کوليءَ ۾ رات جو ٻيو به دوست بند ٿئي. نه مڃيائين ۽ چيائين ته منهنجو ڏوهه آهي جو بي ۽ سي ڪلاس جا قيدي گڏ هڪ وارڊ ۾ رکيا آهن، حالانڪ ائين ڪونه آهي. ڪاراٽين واري بي ڪلاس وارڊ ۾ بي ۽ سي ڪلاس جا قيدي گڏ ٿا رهن ۽ نور الاهي شيخ جو اهو چوڻ غلط آهي.
81-1-29
آريسر صاحب ڪچهري دوران چيو ته توکي، رسول بخش، شيخ مجيب ۽ صمد کي ڪنهن بيگار ڪئمپ ۾ موڪلجي ته توهان کي جيل جو احساس ٿئي ۽ قمر ڀٽي لاءِ چيائين ته منهنجو تجربو ٻڌائي ٿو ته اهو ڪڏهن به، ڪهڙي به موڙ تي سڌري نٿو سگهي.
81-1-30
”ڊڪٽيٽر ڪون؟“ اردو ڪتاب پڙهيم. راجا جئه شاهاڻي ڪچهريءَ تي آيو.
81-2-1
مون کي ٻڌايو ويو ته تنهنجي آزادي آهي، حالانڪ ائين نه آهي. مون تي اڃا ٻيا به ڪيس آهن. باقي ساغر سميجو (سونهارو) کي آزاد ڪيائون، پر خبر پئي ته جيل کان ٻاهر پوليس گرفتار ڪري هٿيڪو ڪيس. واضح هجي ته مون کي ۽ ساغر سميجو کي ملٽري ڪورٽ طرفان نو مهينا سزا ملي هئي ۽ الزام هو ته توهان سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪلاسن جا بائيڪاٽ ۽ فوج خلاف تقريرون ڪيون آهن.
ناز لطيفيءَ جو سؤٽ وفات ڪري ويو آهي. ساڻس عذر خواهي لاءِ جيل انتظاميه کان اجازت گهري سون، پر نه ڏنائون.
81-2-2
قمر ڀٽي سپرنٽنڊنٽ سان ملي، پاڻ ۽ محمد حسين ڌنجي اڇي چڪر ويا ۽ ناز لطيفي سان عذر خواهي ڪئي. اسان کي ٻڌايائين به ڪونه.
رسول بخش ٿيٻو کي ”هرنيا“ جي آپريشن لاءِ ايل.ايم.سي اسپتال ڄامشورو پوليس وٺي وئي.
81-2-3
نئون بدلي ٿي آيل ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ محمد حيات ڦل وارڊ ۾ آيو ۽ ڪچهري ڪيائين.
81-2-4
راجا جئه شاهاڻي ۽ سليم جهانگير کي قمر ڀٽي گهرايو ته جيئن سندس ملٽري ڪورٽ لاءِ تيار ڪيل بيان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏين. راجا شاهاڻي ٻڌايو ته سندس اڄ ملاقات آئي هئي، جنهن ۾ هن کي ٻڌايو ويو ته تنهنجو وڏو چاچو گذاري ويو آهي ۽ سندس سؤٽ کي شفيع ڪرناڻي، مهراڻ يونيورسٽي ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو آهي. ايترو ٻڌائڻ کان پوءِ اچي روئڻ ۾ شروع ٿي ويو. مس مس وڃي ماٺ ڪيائين.
سمجهه ۾ ڳالهه نٿي اچي ته جيل ۾ اچڻ لاءِ ته دوست تيار ٿي ويندا آهن، پر جڏهن ڪنهن جي موت جي خبر ٻڌن ٿا ته پوءِ سانوڻ جي برسات شروع ٿي وڃي ٿي. منهنجي خيال ۾ جيڪو به ماڻهو قومي مقصد سان جيل ۾ اچي ٿو ته ان کي ٻاهريون سڀ خواهشون ۽ گهرجون جيل جي ”ماڙي“ جي دروازي کان ٻاهر دفن ڪرڻ گهرجن. رسول بخش پليجو شام جو ڪچهري تي آيو.
81-2-5
سخت سردي لڳي پئي آهي. سڄو ڏينهن آسمان تي ڪڪر ڇانيل رهيا.
81-2-6
راجا شاهاڻي ۽ سليم جهانگير ڪچهري تي آيا. صمد ڪانڌڙو ۽ محمد حسين ڌنجي ڪاراٽين بي ڪلاس وارڊ ۾ ڪچهريءَ تي ويا.
81-2-7
آءٌ، شيخ مجيب ۽ قمر حاضريءَ تي وياسون. اسان سان پوليس ٽرڪ ۾ گڏ شاهه محمد شاهه، قمر راڄپر، ابوبڪر زرداري ۽ هيسباڻي برادران گڏ هئا. اتي ارشاد نظاماڻي، انور پنهور، مجيد شيخ، خليل الرحمٰن ميمڻ، عزيز الرحمٰن شيخ (مجيب جو ننڍو ڀاءُ) ۽ ٻيا دوست ملاقات تي آيا. مون کي
2-24، مجيب کي 2-22 ۽ قمر کي 2-19 جون تاريخون مليون.
موٽي وارڊ ۾ آياسون ته رسول بخش پليجو، پيارو اقبال نظاماڻي ۽ سميع مڱريو ڪچهري تي آيل هئا. بعد ۾ اسلم پرويز به آيو. حسن باغي ۽ فضل ڪريم جي گرفتار ٿيڻ جي خبر پئي.
81-2-8
معلوم ٿيو ته اقبال ميمڻ ۽ راجه شاهاڻي ۽ ٻيا مهراڻ يونيورسٽي جا شاگرد آزاد ٿين ٿا. شام جو راجا شاهاڻي ڪچهريءَ تي آيو، جنهن ٻڌايو ته سميع مڱريو، اقبال نظاماڻي سان سڀئي کڙتالي ڪاوڙجي پيا آهن ته اي ڪلاس وارڊ ۾ ڇو ويو؟ ٻڌايائين ته سڀاڻي آزاد ٿي ويندس.
81-2-9
راجا شاهاڻي آيو، جنهن ٻڌايو ته سندس والد ملاقات تي آيو، جنهن ٻڌايو ته مارشل لا وارن کي لکي ڏنو اٿم ته آئنده چال چلت سڌاري هلندو، پر پوءِ به اڄ کيس آزادي ملي نه سگهي. ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ حيات ڦل سان مليس. کيس ديدار چانڊئي لاءِ چيم ته کيس بند وارڊ مان ڪڍو ۽ آريسر صاحب سان کوليءَ ۾ گڏ ٻيو ماڻهو به سمهارڻ جي اجازت ڏيو، پر سپريڊنٽ جو بهانو بنائي ڪم نه ڪيائين. سنڌي آفيسر نوڪري کي ائين سمجهي ٿو، جيئن چور چوري جي ملڪيت کي پاڻ وٽ سمجهندو آهي. اها ڪهڙي ذهنيت آهي!
ناز لطيفي ڏي اڇي چڪر ۾ ويس. وري ڪاري چڪر ۾ ويس، جتي الهه ورائي خاصخيلي، لال ڏنو چانڊيو عرف ڪراڙو چانڊيو، غلام حسين جتوئي، ڏاڙهون ۽ حسن ماڇي سان ڪچهري ڪيم. نوان جتوئي مان ياسين جتوئي جو خط آيو.
ڊاڪٽر نور عباسي آيو. مون کيس چيو ته مون کي ڏندن مان رت ٿو اچي. پاڻ چيائين ته مون کي به ڏندن مان رت ٿو اچي. مون کيس چيو ته توهان کي اچي ته ڀلي، باقي مون کي وٽامن سي جون انجيڪشن لڳرايو. چيائين ته اسپتال ۾ ڪونه آهن، ٻاهران گهرايو. ان تان منهنجي ساڻس تلخ ڪلامي ٿي پئي. ان کان سواءِ محمد حسين ڌنجي جو به ٽڪراءُ ٿي پيس. ٿيو ائين جو راجه شاهاڻي سان ويهي هٿ ملايو ۽ قمر سان اٿي هٿ ملايو. ان ڳالهه تان ڌنجي چيس ته توهان سنڌي ماڻهو اخلاق جا ڏاڍا سٺا هوندا آهيو، پر تو ۾ اها ڳالهه نه آهي ۽ تون مون سان اسپتال ۾ چڱي نموني نه هليو هئين. ان تان ڊاڪٽر جو بلڊ پريشر چوٽ چڙهي ويو، ڇاڪاڻ ته سچ ڪوڙو هوندو آهي. برداشتي عمر سمون ٻڌايو ته مون کي ماڙي تان معلوم ٿيو ته عبدالواحد آريسر جا ڪوڙا بحال ٿي ويا آهن.
81-2-10
شيخ مجيب اسپتال ويو ۽ کيس ٻارهين تاريخ ڏنائون، جنهن تي نڪ جو آپريشن ڪندس.
81-2-11
آريسر صاحب ۽ مون نيرن جي ماني گڏ ويٺي کاڌي ته فضل ڪريم جمعدار عبدالواحد آريسر کي چيو ته سپريڊنٽ توکي گهرايو آهي. آريسر صاحب ويو. گهڻي دير کان پوءِ خبر پئي ته آريسر صاحب کي ڏهه ڪوڙا هڻي ڇڏيائون. معمول مطابق جيل جي ڪورٽ ۾ ڪوڙا نه هنيائون ۽ ان جي بجاءِ گودام ۾ ڪوڙا هنيائون. سڄي جيل ۾ جيئي سنڌ جي ڪارڪنن جي جيل جا قيدي ساراهه جا ڍُڪ ڀري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪجهه قيدي جيڪي منشي وغيره آهن، انهن ٻڌايو ته اسان سمجهيو ته آريسر دانهون ڪندو، پر سنڌي ماڻهن وانگر دليريءَ جو مظاهرو ڪيائين. جيل جا سنڌي آفيسر، سواءِ ڊاڪٽر نور عباسيءَ جي، سڀئي ڏاڍا ڏکويل هئا ۽ ڪير به ڪوڙن واري جڳهه تي نه ويٺو. ايتري قدر جو ڊاڪٽر اشفاق قريشي کي جنهن وقت بلڊ پريشر ڏسڻ لاءِ چيائون ته ان وقت سندس هٿ ڏڪڻ لڳا. ڪافي دير تائين آريسر وارڊ ۾ نه پهتو. اسان چٺي لکي ته سپريڊنٽ سان ملنداسون. جواب ۾ شيرازي جيلر آيو، جنهن کي اسان چيو ته آريسر کي هڪدم اسان وٽ موڪليو، ٻي صورت ۾ اسان بند نه ٿينداسون. پندرنهن منٽن کان پوءِ آريسر کي وٺي آيا ۽ کانئس احوال ورتوسون. ٻڌايائين ته: ”ڪوڙا هنيائون. ست ڪوڙن لڳڻ کان پوءِ رت وهڻ شروع ٿي ويو هو، پر پوءِ به ڏهه ئي ڪوڙا هڻي جان ڇڏيائون.“ شام جو نور الاهي سپريڊنٽ ۽ ڊپٽي حيات ڦل آيا ۽ ڪلاڪ کن ڪچهري ڪري واپس هليا ويا. رات جو نائين بجي ڌاري محمد حسين ڌنجي کي ٻڌايائون ته توهان جي ڪراچي جيل ۾ بدلي ٿي وئي آهي ۽ سامان ٻڌو. جلدي ۾ سامان ٻڌائين ۽ کيس دروازي تائين ڇڏي آياسين ۽ سڀني کي سندس وڃڻ جي ڪري ڪميءَ جو احساس ٿيو. خبر پئي ته سنڌ يونيورسٽي جا اٺ شاگرد جيل پهتا آهن.
81-2-12
رسول بخش پليجو، عبدالواحد آريسر کان پڇڻ آيو ۽ کيس چيائين ته: ”جيڪي ماڻهو جيئي سنڌ وارن لاءِ چون ٿا ته فوج جا حامي آهن، اُهي ماڻهو وڏا بدمعاش ۽ بڇڙي ڪردار جا مالڪ آهن. صرف جيئي سنڌ وارن کي سياسي طرح سان بدنام ڪرڻ لاءِ بهانا جاچيندا وتن ٿا. ٻي ڳالهه نٿي لڀين ته پوءِ ٺڳيءَ جا ٺاهه ٺاهيو ويٺا آهن.“ راجا جئه شاهاڻي موڪلائڻ آيو ۽ ٻڌايائين ته مهراڻ يونيورسٽيءَ جا پنج ئي شاگرد ۽ هڪ پاليٽيڪنڪ جو لغاري شاگرد آزاد ٿي وڃون ٿا. ٻير جي وڻ تي چڙهي اڇي چڪر جي ناز لطيفي وارن کان پڇا ڪيم ته شاگرد ڪيئن آهن؟ جيڪڏهن توهان وٽ هجن ته سڏ ڪيونِ ته ڏسون ته ڪهڙا آهن. ٻڌايائين ته ڀتو ڪونه ٿا وٺن ۽ چون ٿا ته اسان کي ڪاراٽين جي ”بي ڪلاس“ ۾ موڪليو ۽ بند آهن. بعد ۾ خبر پئي ته سپريڊنٽ نور الاهي شيخ ويو ۽ کين ڪاراٽين ۾ بدلي ڪيائين. انهن دوستن ۾ محمد حسين باغي، فضل ڪريم منگي ۽ ٻيا به ڇهه ڄڻا سنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد آهن.
81-2-13
محمد حسين باغي، هوت بلوچ، فضل ڪريم منگي ۽ سليم جهانگير لاءِ عبادالله، شيرازي جيلر کي گهرائي چيو ته هنن کي اڄ جمع جي ڏينهن اسان جي وارڊ ۾ موڪليو ۽ پوءِ ٻئي دوست ڪچهريءَ لاءِ آيا. سڄو ڏينهن ڪچهريءَ ۾ گذاريوسين.
81-2-14
رسول بخش ٿيٻو اسپتال مان خارج ٿي هتي پهتو. اڃا به اسپتال ۾ رهڻ جهڙو هو، پر مارشل لا انتظاميه جي چوڻ تي کيس جيل موڪلي ڏنائون.
81-2-15
ڊاڪٽر نور عباسي ۽ ڊاڪٽر اشفاق قريشي آيا ۽ گذريل رويي جي ڪري ڪنهن به هٿ وغيره نه ڏنس. بس پنهنجي ڊيوٽي ڏئي هليا ويا.
81-2-16
سڄو ڏينهن ڪچهري ڪرڻ ۽ ڪتابن پڙهڻ ۾ گذريو.
81-2-17
شيخ مجيب اسپتال ويو، پر آپريشن ڏينهن نه هئڻ ڪري واپس موٽي آيو ۽ کيس 2-19 تاريخ ڏنائون. رسول بخش پليجو ڪچهريءَ تي آيو. رات جو ڊپٽي حيات ڦل ۽ سپريڊنٽ به ڪچهريءَ تي آيا. ڪافي وقت تائين ماضيءَ جا دفتر کولي ٻڌايائين. بند ٿيڻ کان پوءِ شيخ مجيب صمد سان چرچو ڪيو ته صمد جڏهن پيدا ٿيو هو، ان وقت سندس مائٽن ٿاڻي تي پٺاڻن تي فرياد داخل ڪيو ته اسان جي گهر ۾ ڪاڪوس ڪري ويا آهن. پوءِ صمد جي ته الله ٻڌي. شيخ کي چيائين ته ويٺو ائين آهين ڄڻ ٻاڪري مال ۾ ڪتو. وري چيائين ته ستو ائين پيو آهين ڄڻ چڪلي ۾ باجو پيو آهي. وري مون سان چرچو ڪندي چيائين ته علي محمد شاهه جڏهن پيدا ٿيو هو ته وات ۽ نڪ بند هئڻ ڪري هيٺان ساهه کڻندو هو. اهڙيءَ ريت ڪافي وقت تائين کل ڀوڳ ٿيندي رهي. اڄ معلوم ٿيو ته شاهه محمد شاهه آزاد ٿي ويو.
81-2-18
سائين عبدالواحد آريسر جي ملاقات تي حفيظ قريشي جونيئر ۽ سندس والد آيا. منهنجي ملاقات تي محمد حسين ڪاريو ۽ غلام نبي سومري جي ملاقات تي ڳوٺان سندس مائٽ آيا.
81-2-19
اڄ قمر ڀٽي حاضريءَ تي ويو. کيس وري 3-3 جي تاريخ ملي آهي. رجب ۽ ذوالفقار مريءَ جو خط آيو.
81-2-20
محمد حسن باغي ۽ فضل ڪريم منگي ڪچهريءَ تي آيا. پر سُتت ئي جمعدار آيو، جنهن ٻڌايو ته سپريڊنٽ چوي ٿو ته واپس وٺي اچين ۽ دوست موٽي ويا. شام جو محمد حسين ڌنجي فروٽ جي پيتي ۽ قمر ڀٽيءَ لاءِ بوٽ وٺي موڪليا.
81-2-21
صبح جو معمول جي خلاف وارڊ جو دروازو ٻاهران بند ٿي ويو. پوءِ خبر پئي ته سليم جهانگير کي ٻه عدد ڪوڙا هنيا ويا. مولا بخش لغاري، سرور سهتو، محمد جمن دربدر، ابوبڪر بُلو ۽ ٻيو هڪ دوست ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا. جيئن ته ملاقات صرف عبدالواحد آريسر ۽ مون سان ٿي، باقي جيل انتظاميه ٻين دوستن سان ملاقات نه ڪرائي.
81-2-22
رسول بخش ٿيٻو ۽ شيخ مجيب شنوائيءَ تي ويا. کين 3-4 جي تاريخ ملي.
81-2-23
ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو آيو ۽ ڪافي دير تائين ڪچهري ٿي.
81-2-24
شنوائيءَ تي وياسين. اتي صاحب لانگاهه، حسين بخش ٿيٻو، غلام قاسم لغاري، ابوبڪر بُلو، حفيظ قريشي جونيئر، مٽيارين جو قريشي، فرمان علي شاهه، ذوالفقار مري ملاقات تي آيا. وري شنوائي 3-12 تي ملي. شيخ مجيب نڪ جو آپريشن ڪرائي آيو. رات جو دير تائين رت بند نه ٿيس، ان ڪري ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو آيو، جنهن دوا ڏني. رات جو دير ٿي وڃڻ ڪري ماني اسان تيار ڪرائي کيس کارائي. ٻارهين بجي ڌاري ڊپٽي حيات ڦل چڪر هڻڻ آيو.
81-2-25
سپرنٽنڊنٽ نور الاهي شيخ ٻنهي جيلرن ۽ ڊپٽي سوڌو وارڊ جو چڪر هڻڻ آيو. پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪو ڪم ڪار؟ ڪو حڪم؟ ڪو احڪام؟ ڪا تڪليف؟ پڇي هليو ويو.
81-2-26
لال بخش چانڊيو ۽ پرتاب، رسول بخش ٿيٻي جي ملاقات تي آيا. شيخ مجيب ڏي ماروي هاسٽل مان خط ۽ رسالو آيو، پر خط ۾ هڪ لفظ هئڻ ڪري سڄو خيالي محل ڊهي اچي پٽ پيس.
81-3-2
طبيعت ۾ ناچاڪائيءَ ڪري سڄو ڏينهن بوريت رهي. پاڪستان جو مسافر بردار هوائي جهاز اغوا ٿي افغانستان جي ڪابل هوائي اڏي تي وڃي لٿو.
81-3-4
رسول بخش ٿيٻو ۽ شيخ مجيب کي شنوائيءَ تي ڪورٽ ۾ ڪونه وٺي ويا. ٻڌڻ ۾ آيو ته شهر ۾ هنگاما آهن ۽ جلوس نڪتا آهن، ان ڪري سڄي پوليس اتي ڊيوٽيءَ تي آهي. سڄي جيل مان ڪورٽ ڏي ڪوبه قيدي ڪونه ويو.
81-3-5
سڄو ڏينهن ڪتابن پڙهڻ ۾ گذاريم. شام جو ڊپٽي حيات ڦل آيو، جنهن راشد مورائي ۽ صاحب لانگاهه جا سلام ڏنا. اسان کيس رات جو ڏهين بجي بند ٿيڻ لاءِ چيو. چيائين ته رات سپريڊنٽ کي توهان جي وارڊ ۾ وٺي ايندس، توهان ان کي چئجو. رات جو ڊپٽي ۽ سپرنٽنڊنٽ نور الاهي شيخ آيا. رات جو ڏهين بجي بند ٿيڻ جي اجازت ڏنائين ۽ کولي جي ڀڳل دروازي کي ٺهرائي ڏيڻ جو به واعدو ڪيائين.
81-3-7
وارڊ جي صفائي ڪرڻ وارن قيدين مون کي چيو ته اسان کي اڄ کنڊ ۽ کير واري چانهه پياريو. مون برداشتيءَ کي چيو ته هنن کي چانهه ڪاڙهي پياريو ۽ فضل ڪريم جمعدار کي چيو ته هنن کي ٻه اڍائي ڪلاڪ ڇڏ ته وارڊ جي وڻن جي ڇانوَ ۾ ويهي آرام ڪن، جنهن هنن کي اجازت ڏني. چانهه پيئڻ کان پوءِ واري واري سان ڪلام ڳائيندا رهيا. قيدين کان معلوم ٿيو ته اڄ ماڙيءَ تي ڪجهه سياسي قيدين جا فوٽو ڪڍيا اٿن. خبر ناهي ته معمول جي خلاف اوچتي تبديلي ڇو آئي آهي؟
81-3-8
وارڊ جي صفائي تي ايندڙ ٻن قيدين، هڪ بوبڪن جو کوسو ۽ ٻيو ڳوٺ سوائي خان چانڊيو جو هڪ چانڊيو پاڻ ۾ ڀوڳن تان وڙهي پيا. مون کين سمجهايو ته توهان قيدي آهيو، ننڍڙين ڳالهين تي جهڳڙو ڪندؤ ته جيل وارا توهان کي بند وارڊ ڪري ڇڏيندا، پوءِ پادر کائجو. گهڻي سمجهائڻ کان پوءِ چانڊيو ۽ کوسو راضي ٿيا. کين ڀاڪر پارائي ڇڏيم. معلوم ٿيو ته پاڪستان جو اغوا ٿيل هوائي جهاز ڪابل هوائي اڏي تان شام ملڪ ڏي روانو ٿي ويو.
81-3-9
فضل ڪريم جمعدار ۽ تبارڪ الذي صوبيدار آيا. چيائون ته صاحب چيو آهي ته توهان سامان کڻي بي ڪلاس وارڊ 1 ۾ وڃي رهو. اسان کيس چيو ته پاڻ ۾ مشورو ڪري توهان کي ٻڌايون ٿا. ڪجهه دير کان پوءِ شريف سپاهي آيو، جنهن چيو ته توهان ڀلي اتي هجو. خبر پئي ته ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو ۽ دائود پٺاڻ گرفتار ٿي پهتا آهن. کين ڪاراٽين بي ڪلاس وارڊ ۾ رکيو اٿن ۽ اتان سي ڪلاس جي قيدي شاگردن کي ڪڍي مختلف وارڊن ۾ ورهائي رهايو اٿن.
ڊپٽي حيات ڦل ۽ شيرازي جيلر گڏجي آيا. چيائون ته توهان سامان کڻي بي ڪلاس وارڊ ۾ هلي رهو، اتي مخدوم رهندا. اسان سامان وارڊ کان ٻاهر ڪڍي رکيو ۽ کيس چيو ته هلون ٿا، پر پوءِ خبر پئي ته قمر راڄپر ۽ ابوبڪر زرداري سخت مخالفت ڪئي ته اسان انهن سان گڏ نه رهنداسون. انهن کي سمجهائڻ لاءِ فاضل راهو ۽ رحمت الله هيسباڻي کي وٺي ويا، پر انهن جي به نه مڃيائون ۽ بعد ۾ اسان کي اي ڪلاس وارڊ ۾ رکيائون ۽ مخدوم خليق ۽ مخدوم رفيق کي ڪاراٽين بي ڪلاس وارڊ ۾ رکيائون.
81-3-10
ڪامريڊ حسن بخش ٿيٻو ۽ لطف الله عباسي، رسول بخش ۽ منهنجي ملاقات تي آيا. رسول بخش ۽ مجيب ٿيلهيون (Drips) هڻايون، ان ڪري مجيب کي بخار ٿي پيو آهي.
81-3-11
مجيب شيخ کي بخار هو. سڄو ڏينهن تاس راند کيڏندي گذريو.
81-3-12
شنوائي تي ڪورٽ ويس. اتي موري کان فتح علي شاهه، الهه بخش ميمڻ ۽ يونيورسٽي کان علي اصغر ٻرڙو، ابوبڪر بُلو، حفيظ قريشي جونيئر، عبدالرسول ميمڻ، امداد مورائي، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو، آچر صابڪي، علي گوهر ٻگهيو ۽ ٻيا دوست ملاقات لاءِ آيا.
81-3-13
صبح جو سپاهي شريف ٻڌايو ته جهاز اغوا ڪندڙن مطالبو ڪيو آهي ته اڍائي سؤ قيدي پاڪستان جي جيلن مان ڪڍي ڏيو ته جهاز ۽ يرغمالي آزاد ڪيون. ان سلسلي ۾ هتان رات جو يارهين بجي علي حيدر شاهه ۽ قادر بخش جتوئي کي اغوا ڪندڙن جي مطالبي تي وٺي ويا ۽ اتان ٻين قيدين سان گڏ هنن کي به شام روانو ڪندا. باقي سينٽرل جيل حيدرآباد مان ٻيو ڪوبه قيدي ڪونه ويو.
حيات ڦل ڊپٽي آيو، ڪجهه وقت ڪچهري ڪيائين ۽ واپس هليو ويو.
81-3-14
سڄو ڏينهن اغوا واري جهاز ۽ يرغمالين بابت گفتگو ٿيندي رهي. سڄي رات ۽ ڏينهن برسات پوڻ ڪري سخت سيءُ لڳو پيو آهي.
81-3-15
قمر ڀٽي حاضري تي ڪورٽ ڏي ويو. رات معمول جي خلاف سپاهيءَ چيو ته نائين بجي کولين ۾ بند ٿيو. اسان کيس چيو ته صاحب جي اجازت مليل آهي. چيائين ته صاحب جو حڪم آهي ۽ پاڻ وارڊ جي دروازي تي بيٺو آهي. سپاهي جيئن موٽي دروازي ڏي ويو ته نور الاهي شيخ پنهنجي مخصوص انداز ۾ رڙ ڪري سپاهيءَ کي چيائين ته: بند ڪرين، بند ڪرين، بند ڪرين! بهرحال، ريڙهه پيڙهه ۾ ڏهه به اچي ٿيا ۽ کولين ۾ بند ٿياسون.
81-3-16
صبح جو سپرنٽنڊنٽ نور الاهي شيخ ۽ ڊپٽي محمد حيات ڦل گڏجي آيا ۽ کولي جو دروازو فٽ ٿي رهيو هو، ان جو معائنو ڪري، اسان سان اچي مليا ۽ چيائون ته جهاز اغوا ٿيڻ ڪري حالتون خراب آهن، ان ڪري رات جو اٺين بجي بند ٿيندا ڪريو. اسان کيس چيو ته تنهنجو اسان تي احسان ڪونه آهي. اسان بي ڪلاس جا قيدي آهيون. ان تان ڳالهائيندي ڳالهائيندي هڪ ٻئي سان گرم به ٿي وياسين، پر پوءِ فيصلو ٿيو ته رات جو نائين بجي بند ٿبو.
81-3-17
کوليءَ جو دروازو ٺهي وڃڻ ڪري مان پنهنجا ڪتاب، سامان وغيره کڻي اچي ان ۾ رکيا. فضل ڪريم جمعدار چيو ته اڃا دروازو صاحب ڏسندو، جڏهن اجازت ڏيندو ته پوءِ سامان رکجو. مون کيس چيو ته جيڪڏهن دروازي جو سيمنٽ ڪچو آهي ته توهان کي پڪ هئڻ گهرجي ته مان ڀڄي ڪونه ويندس. باقي صاحب جي پاس يا ناپاس سان منهنجو واسطو ڪونه آهي. آءٌ رهندس. ٻوٿ چٻو ڪري، چيائين: توهان جي مرضي. شام جو سپاهي نئون تالو ۽ بلب ڏئي ويو.
81-3-18
عباد الله شيرازي جيلر آيو. مون کي چيائين ته سامان کوليءَ ۾ ڇو رکيو اٿئي؟ ڪنهن اجازت ڏني اٿئي؟
مون کيس چيو ته غلطي ٿي وئي آهي. مان هينئر جو هينئر سامان ٻاهر ڪڍان ٿو، پوءِ د.روازي تي رِبن هڻان ٿو. توهان ربن ڪاٽي کوليءَ جو افتتاح ڪريو، پوءِ مان سامان رکي رهندس. ماٺ ڪري واپس هليو ويو. شفيع چانڊيو جي گرفتاريءَ جي خبر پئي. ڏاڍو ڏک ٿيو. کيس حجم جي معرفت چٺي لکيم. پاڻ به حجم جي معرفت جواب موڪليائين.
81-3-19
رسول بخش ۽ مجيب شنوائيءَ تي ويا. سپرنٽنڊنٽ نور الاهي شيخ ۽ ڊپٽي ڦل محمد حيات وارڊ ۾ آيا. سپرنٽنڊنٽ کي چيم ته مڇرن کان دروازي کي ڄاري هڻائي ڏيو. وعدو ڪري ويو. منهنجو ننڍو ڀاءُ ارباب علي شاهه ملاقات ڪرڻ آيو. ڳوٺ جو نئون پراڻو حال احوال ٻڌايائين.
81-3-20
سڄو ڏينهن ڪچهري ۽ تاس راند کيڏندي گذري ويو. رات جي ماني کائڻ کان پوءِ، رسول بخش ٿيٻو بورچي خاني ۾ ويو ۽ اتي وڃي ويهي رهيو ۽ سڀني برداشتين ۽ بورچي کي گهرائي پاڻ سان ويهاريائين. مون سمجهيو ته شايد ڪا غلطي ڪئي اٿن يا ڪا شيءِ چوري ڪئي اٿن يا پاڻ ۾ وڙهيا آهن. پر خبر تڏهن پئي جو کين چيائين ته توجهه ڏيو ته توهان کي ڪلام ٿو ٻڌايان. پوءِ ته ڪلام ڳائڻ ۾ شروع ٿي ويو.
81-3-21
سڄو ڏينهن ڪتابن پڙهڻ ۾ پورو ڪيم.
81-3-22
رسول بخش ٿيٻو ۽ قمر ڀٽي حاضريءَ تي ڪورٽ ويا. وارڊ جي سپاهي ٻڌايو ته هاءِ ڪورٽ جو جج جيل گهمڻ ايندو، توهان مهرباني ڪري قطار ۾ ٿي بيهو. اسان کيس چيو ته ڪونه بيهنداسون. ٿوري دير کان پوءِ ڊپٽيءَ، شيخ مجيب کي گهرائي چيو ته توهان قطار ۾ بيهجو. شيخ چيس ته قطار ۾ ڪونه بيهنداسون، باقي اسان جي وارڊ ۾ ايندو ته اسان جو فرض آهي ته کيس عزت ڏيون. صبح جو ڏهين بجي ڌاري هاءِ ڪورٽ جو جج ظفر حسن مرزا، سيشن ڪورٽ جو جج سيد علي مدد شاهه، جيل جو تقريبًا سمورو عملو ۽ ٻيا ٽيهارو کن همراهه اٽالي سميت وارڊ ۾ داخل ٿيا. اسان کان پڇيائين ته ڪهڙا ڪچا قيدي ۽ ڪهڙا پڪا قيدي آهيو؟ ڪيس ڪهڙا آهن؟ ڪا شڪايت؟ اسان پڪن قيدين ۾ غلام النبي سومرو، صمد ڪانڌڙو ۽ محترم عبدالواحد آريسر ۽ ڪچن قيدين ۾ آءٌ ۽ شيخ مجيب الرحمٰن هئاسون. ڪيس بابت ٻڌايوسون ته مارشل لا ريگيوليشن آهي ۽ جيل ۾ ڪابه شڪايت ڪانهي. بس اها ئي شڪايت آهي جو جيل ۾ آهيون.
81-3-23
سڄو ڏينهن مطالعو ڪيم. خبر پئي ته سياسي ماڻهو تمام گهڻي تعداد ۾ گرفتار ٿي جيل ۾ ايندا ٿا وڃن. ڪجهه کي اسپتال جي مٿئين حصي ۾ رهايو اٿن. ڪجهه کي مختلف وارڊن ۾ رهايو اٿن.
81-3-24
اڄ به معلوم ٿيو ته سياسي قيدين جي آمد جو سلسلو جاري آهي، پر خبر نه پئجي سگهي ته ڪير آيا آهن؟ آءِ.جي جيلن جو مسٽر منظور احمد پنهور آيو ۽ اوچتو معائنو ڪيائين، ڇاڪاڻ ته جيلن ۾ جڏهن پئسي وارا ماڻهو ايندا آهن ته جيل انتظاميه مختلف طريقن سان انهن کي پريشان ڪري پئسه يا هفتو ٻه هفتا موٽر ڪارون پاڻ وٽ رکي پيا ٻچن ٻارن سوڌو چڪر ڏيندا آهن. شايد ان خيال کان آيو هجي ته جيئن جيل جو عملو اهڙي ڪابه حرڪت نه ڪري سگهي. اسان کان به معمول مطابق ”تڪليف“ ۽ ”شڪايت“ جو پڇيائين ۽ اسان به معمول مطابق ”سڀ خير آهي“ چئي ڇڏيو.
81-3-25
معمول خلاف دير ٿي وئي. کولين جا دروازا نه کُليا. ڪافي دير کان پوءِ اهو شڪ ته متان ”جهڙتي“ ٿئي، يقين ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن وقت جيلر، صوبيدار ۽ ٻيا سپاهي ۽ جمعدار اٽڪل جملي ٽيهارو کن جي نفري اچي پهتي. جهڙتي ورتائون. اسان وٽ سواءِ هڪ ٻن ڪتابن ”قوم حق خود اختياري“ ۽ ”لينن ازم“ کڻي ويا. اهي شيون رکڻ جيل جي زبان ۾ ”بدمعاشي“ آهي.
81-3-26
سڄو ڏينهن ڪتاب پڙهڻ ۽ تاس راند کيڏڻ ۾ گذريو. رات جو بند ٿيڻ کان پوءِ ڊپٽي حيات ڦل چڪر هڻڻ آيو ۽ ڪافي وقت تائين ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ هليو ويو.
81-3-27
جمع جو ڏينهن هئڻ ڪري جيل ۾ ڪابه رونق ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته جيل بند آهي ۽ قيدي پنهنجي ڪپڙن ڌوئڻ کي لڳا پيا هوندا آهن. ڪير به اسان جي وارڊ ۾ نه صفائي وارا قيدي آيا ۽ نه وري ڪا ٻي پهر آئي. آريسر صاحب کي بخار ٿي پيو آهي. ان کان سواءِ ڪچهري به ٻاڙي لڳي پئي آهي. خاص طرح سان صمد ڪانڌڙو اڄ ڏاڍو پريشان آهي جو ساڻس تاس راند کيڏڻ وارو ڪوبه نه آهي.
81-3-28
اڄ آريسر صاحب جي ملاقات تي خالق جوڻيجو آيو. عبدالرزاق جسڪاڻي جو خط آيو.
81-3-29
رسول بخش، مجيب ۽ قمر ڀٽي گڏجي حاضري تي ڪورٽ ۾ ويا. کين وري 4-1 جي تاريخ ملي. شايد ان تاريخ تي ڪيس هلندن ۽ سزا ملندن. جمعدار چيو ته غازي صلاح الدين جي ماني توهان جو بورچي پچائي ڏي، ڇاڪاڻ ته ڪاراٽين جي قيدين جي ماني گهران ايندي آهي. اسان کيس چيو ته ڀلي، سندس راشن ڏياري موڪليو. شام جو جيئن برداشتي عمر سمون غازي صلاح الدين ۽ ناز لطيفي جي ماني کڻي وڃي رهيو هو ته ڪاراٽين واري دروازي تي نانگ ويٺو هو، جيڪو هن گهڻي محنت کان پوءِ ماريو. حقيقت ۾ نانگ ان ساڳي ايريا مان ٻه ٽي مهينا اڳ مقبول نالي هڪ قيدي ماريو هو، پر هينئر جڏهن ته ساڳئي وارڊ ۾ مجيد خانزادو ۽ الاهي بخش قائم خاني جهڙا ماڻهو قيد آهن، پر جڏهن اهي ماڻهو ٻاهر نڪرندا ته اسٽيج تي بيهي رڙيون ڪندا ته اسان کي جيلن جي وارڊ ۾ نانگ ڇڏيا ويندا هئا، پر اسان کي قدرت واري بچايو، اسان ڏک ڏٺا آهن وغيره.
81-3-30
شنوائي تي ڪورٽ ۾ ويس. اڄ مون سان گڏ شفيع چانڊيو جي به حاضري گڏ هئي. اتي لال بخش چانڊيو عرف لالڻ ۽ برادرم ارباب علي شاهه، عزيزم فرمان علي شاهه، قاضي مشرف، مورو کان قربان علي ٻگهيو، يونيورسٽي کان خان محمد پنهور، ابوبڪر بُلو، حفيظ قريشي جونيئر ملاقات ڪئي. وري شنوائي 4-16 تي ملي.
81-3-31
سڄو ڏينهن ڪتابن پڙهڻ ۾ گذريو. خبر پئي ته ستار موريو ٻيهر گرفتار ٿي پهتو آهي ۽ الطاف تنيو ۽ پاڻ ڪاري چڪر جي ”ڊبل“ تي رهن ٿا. سوچيم ته ڪنهن جي هٿان هن کي چٺي لکي موڪليان.
ميرپور تعلقه وارهه جو چانڊيو صفائي پارٽي وٺي ايندو آهي. مون کيس چيو ته ڊبل تي ستار موريو ۽ الطاف تنيو کي چٺي پهچائڻي آهي. چيائين ته بلڪل ڏيندس. مون کيس چٺي لکي ڏني ۽ چڪر جي هڪ قيدي ٽوهه چانڊيو لاءِ ٻٽالو ۽ بصر به ڏنامانس، جيڪي کڻي ويو.
شام جو خبر پئي ته چڪر جمعدار اها چٺي پڪڙي آهي ۽ ان قيديءَ کي ڏنڊا ٻيڙي هڻي، ڏاڙهي، مڇون، مٿو ڪوڙي بند وارڊ ۾ رکيو اٿنس. چٺي لاءِ ان قيديءَ جو چوڻ آهي ته مون ٻهاري دوران ڪچهري مان لڌي آهي ۽ ڪچري جي ٻوريءَ ۾ اڇلائي ڇڏي هئي، جتان جمعدار ڪڍي منهنجي کيسي ۾ زوري وجهي ڇڏي آهي. جيل انتظاميه زور ڀريس ته علي محمد شاهه تي بيان ڏي ته ان ڏني آهي. هن بلڪل انڪار ڪيو.
81-4-1
رسول بخش، مجيب ۽ قمر شنوائي تي ويا. ٿوري دير کان پوءِ قمر موٽي آيو ۽ پنهنجو ريڊيو کڻي ويو. جڏهن موٽي آيا، تڏهن ٻڌايائون ته سپرنٽنڊنٽ چيو آهي ته ريڊيو مون کي ڏيو، ڇاڪاڻ ته مارشل لا وارن کي خبر پئجي وئي آهي ۽ ڏاڍي سختي آهي.
81-4-2
صبح جو ساڍي چئين بجي ڌاري کوليءَ جي دروازي تي بوٽن جو آواز ٻڌم. اٿي ڏٺم ته ڊپٽي حيات ڦل، جيلر قريشي، افضل جيلر، حيدر زمان جيلر، عبادت الله شيرازي جيلر ۽ ٻيا پنجاهه کن جيل جا سپاهي وارڊ ۾ گهمي رهيا آهن ۽ قمر ڀٽي جي کوليءَ جو دروازو پيا کڙڪائين. دروازو کليو، خبر پئي ته ”جهڙتي“ ٿا وٺن. جهڙتي وٺڻ کان پوءِ وري غلام النبي سومرو ۽ قمر کي کوليءَ ۾ بند ڪري اچي منهنجي کوليءَ جي جهڙتي ورتائون. مون وٽان سچل سرمست جو رسالو ۽ ”رحمتِ عالم“ ڪتاب ۽ ٻيا نوٽ بڪ، ليٽر پيڊ ۽ لفافا ٻهاري کڻي ويا. وري مون کي بند ڪري وڃي رسول بخش جو ڪمرو کوليائون. اهڙيءَ ريت سڄي وارڊ جي جهڙتي ٿي. آخر ۾ سڀني برداشتين کي سامان ڀريون ٻڌائي کڻائي ويا. صرف ملباري بورچي موٽي آيو، باقي ٻين همراهن يعني عمر، ڌڻي بخش، صديق ۽ کٻڙ مُلوکاڻيءَ کي بند وڃي ڪيائون. اسان کي ساڍي اٺين بجي کوليائون. سڀني سوچيو ته سپريڊنٽ سان ملي کيس سامان واپس ڏيارڻ لاءِ چئجي. سپريڊنٽ کي نياپو موڪليوسين، جنهن لاءِ قمر کي موڪليوسين، جنهن وڃي ڳالهايس. سامان سڀاڻي ڏيڻ لاءِ چيائين. برداشتي سڀ موٽي آيا. سڄو ڏينهن پريشاني ۽ بيقراريءَ ۾ گذريو. ٻيو وري سڄو ڏينهن جَهڪ ۽ مٽيءَ سان طوفان لڳندو رهيو.
81-4-3
شيخ مجيب ۽ قمر سامان لاءِ ويا. ڪافي سامان کڻي آيا، پر ڪجهه سامان ۽ ڪتاب رهجي ويا، جيڪي نه ڏنائون. قمر جي راڊو واچ ۽ پارڪر انڊ پين موٽائي نه ڏني اٿن. اڄ هڪڙو نئون برداشتي رستماڻي دادوءَ جو ڏنو اٿن.
81-4-4
رسول بخش ۽ قمر جي حاضري هئي، پر پوليس نه هجڻ ڪري نه وڃي سگهيا.
81-4-5
معمول مطابق جيئن ورزش ڪري رهيو هوس ته ڊپٽي حيات ڦل آيو. ڪافي وقت تائين ڪچهري ڪئي سون. کيس راڊو واچ ۽ پارڪر پين واپس ڏيڻ لاءِ چيوسين. چيائين ته جيلر يا سپاهي ڪوبه ڪونه ٿو چئي ته اسان وٽ آهي. بهرحال، ڪوشش ڪنداسين. اسان کيس چيو ته توهان کي درخواست لکي ٿا ڏيون، ان تي اسان کي جواب ڏيو. بعد ۾ اسان وڌيڪ لاءِ قانوني ڪارروائي ڪنداسين.
81-4-6
سڄو ڏينهن تاس راند کيڏندي گذريو. شام جو ڊپٽي آيو. کيس وري به واچ ۽ پين لاءِ چيوسين. پاڻ چيائين ته سڀاڻي درخواست ڏيو، اسان انڪوائري ڪنداسين. مون کيس چيو ته منهنجي ٽوپي قيصر سپاهي وٽ آهي، جنهن تي شيرازي جيلر کي چيائين ته شاهه صاحب کي ٽوپي جلديءَ ۾ وٺي ڏيو.
81-5-3
شنوائيءَ تي ويس. غلام علي سومرو ملاقات تي آيو. روشن ٻرڙو سينٽرل جيل کان شنوائي تي آيو. ميجر کي چيائين ته مون کي نارا جيل تي بدلي ڪيو، جنهن بدلي ڪيس ۽ ٻئي ڄڻا گڏجي نارا جيل تي آياسين. سپريڊنٽ محبوب روشن لاءِ چيو ته توهان سان گڏ نه رهندو، پر پوءِ منهنجي زور ڀرڻ تي اجازت ڏنائين.
81-5-4
”بي ڪلاس“ وارڊ ۾ امان الله شاهاڻيءَ سان ڪچهري ڪرڻ ويس. اسان جي وارڊ ۾ سپريڊنٽ اچي ويهي رهيو. اعتبار شاهه سپاهي مون کي چيو ته خدا جي واسطي توهان اتي ويٺا هجو. پنهنجي وارڊ ۾ ويندؤ ته منهنجي نوڪري هلي ويندي، ڇاڪاڻ ته اسان کي توهان لاءِ منع ٿيل آهي ته ڪنهن به ٻئي وارڊ ۾ هنن کي نه ڇڏجو. مجبورًا شام تائين ويهڻو پئجي ويو.
81-5-6
مجيب شنوائي تي ويو. اتي رسول بخش ٿيٻو به سينٽرل جيل خيرپور کان پهتو. ٻنهي کي هڪ هڪ سال قيد، پندرنهن پندرنهن ڦٽڪا ۽ پنجويهه پنجويهه هزار روپيه ڏنڊ وڌائون. محبوب سپريڊنٽ سان مليس. کيس خدا بخش مير بحر برداشتيءَ لاءِ ٽن ڏينهن جي معافي، برداشتين کي رات جو نائين بجي بند ٿيڻ لاءِ نوٽ بوڪ وغيره لاءِ چيم. خدا بخش کي معافي ڏنائين. سڀاڻي آزاد ٿيندو. برداشتي رات جو نائين بجي بند ٿيندا. نوٽ بُڪ به ڏنائين.
81-5-7
نظام پنهور جيڪو ماڙيءَ ۾ ڪم ڪندو آهي، ان ٻڌايو ته اڄ ميجر ابوبڪر، مجيب ۽ قمر راڄپر کي ڦٽڪا هڻڻ لاءِ آيو، پر ٽِڪ ٽڪي ۽ ڦٽڪن هڻڻ وارو سامان وغيره نه هئڻ ڪري جيل انتظاميه کيس واپس ڪري ڇڏيو. برداشتي خدا بخش ميربحر آزاد ٿي ويو.
81-5-9
حميده کهڙو جو لکيل ڪتاب پڙهي پورو ڪيم. سٺو تاريخي مواد اٿس، پر پروف جي غلطين ۽ پيش لفظن هڻي ڪتاب جي ستيا ناس ڪري ڇڏي آهي.
81-5-10
روشن ٻرڙو، ابوبڪر ۽ قمر حاضريءَ تي ويا. روشن کي وري 5-19 جي تاريخ ملي.
81-5-11
عبدالواحد آريسر جي ملاقات تي دوست آيا. اڄ گوشت سٺو نه اچڻ ڪري جيل انتظاميه سان تلخ ڪلامي ٿي پئي. ڊاڪٽر هادي بخش لغاريءَ جي چوڻ ڪري سڄو معاملو في الحال ٿڌو ٿي ويو. مولوي ايوب ٻنڌاڻي پنج هزار روپيه بينڪ ضمانت ڇهن مهينن لاءِ ڏئي آزاد ٿي ويو. اڄ چار کدڙا جهڳڙي جي ڪيس ۾ گرفتار ٿي آيا آهن. قيدين کي انهن جي ڏسڻ جو ايترو ته شوق آهي جو سپريڊنٽ جي سخت منع جي باوجود هيٺئين عملي سان ساز باز ڪري ديدار ڪرڻ لاءِ هڪڙا پيا اچن ته ٻيا پيا وڃن.
81-5-12
کدڙا فقير آزاد ٿي ويا. مس مس وڃي جيل ۾ ٺاپر ٿي، نه ته ڏسڻ ۾ ائين ٿي آيو ته قيدين کي چڪر جو ڪوٽ به ڌڪ نه جهليندو.
81-5-13
ڪامريڊ علڻ خان ٿيٻو ۽ حبيب الرحمٰن شيخ، مجيب، آريسر، روشن ۽ منهنجي ملاقات ڪئي.
81-5-14
سڄو ڏينهن ڪچهريءَ ۾ پورو ٿيو. امان الله شاهاڻي ۽ ايوب شورو ڪچهريءَ تي آيا.
81-5-17
اڄ قمر راڄپر کي دست ٿي پيا آهن. سڀني دوستن ڀوڳ ڪيس ته 19 تاريخ تي ڪوڙن لڳڻ جي ڪري خرابي ٿي پئي آهي يا وارڊ جي دروازي سامهون ٽڪ ٽڪيءَ کي ڏسي پيٽ ۾ خرابي ٿي پئي آهي.
81-5-18
ٽڪ ٽڪي کي گودام جي سامهون اچي رکيو اٿن. صبحاڻي ڪوڙا هڻڻ جو مڪمل پروگرام اٿن. شيخ مجيب ذهني طرح سان تيار لڳو پيو آهي.
81-5-19
جيل کي مڪمل طرح سان بند ڪيو ويو آهي. سڀني قيدين کي بيرڪن ۾ بند ڪري دروازا بند ڪيا ويا آهن. گودام واري ميدان تي ڪرسيون، ٽيبلون پيون آهن. ميجر آيو. سڀ کان پهريائين ابوبڪر زرداريءَ کي وٺي ويا. ان کي ڏهه ڪوڙا لڳا.
قمر راڄپر کي وٺي ويا. بلڊ پريشر چيڪ ڪيائون. ڊاڪٽر چيو ته بلڊ پريشر بلڪل گهٽ آهي، مان ڪوڙا هڻڻ جي اجازت ڪونه ڏيندس ۽ ائين قمر راڄپر موٽي آيو.
81-6-15
روشن ٻرڙو ۽ مان ڪورٽ ۾ شنوائي تي وياسون. اتي لال بخش چانڊيو عرف لالڻ، عزيزم فرمان علي شاهه، منهنجو پرائمري جو استاد، بزرگ، وڏو ۽ مهربان سيد حافظ جڙيل شاهه ملاقات ڪرڻ آيا. خيرپور سينٽرل جيل تان قمر ڀٽي ۽ رسول بخش ٿيٻو آيا. مون کي وري تاريخ 6-30 ملي.
81-6-16
ڏندن ۾ سخت سور هئڻ ڪري ڊاڪٽر کان ٻٽيهون نمبر رجسٽر ڀرايم ۽ جيل سپريڊنٽ کي چيم ته ڊي.ايم.ايل.اي ۽ آءِ.جي جيلز کان اجازت وٺي مون کي اسپتال موڪليو.
81-6-17
روشن ٻرڙو شنوائي تي ملٽري ڪورٽ ويو. کيس وري 6-20 تاريخ ملي. شايد سزا ملندس.
81-6-19
ٻانڌي ضلع نوابشاهه جي هڪ قيدي گلاب پتافي، ولي محمد شاهه ۽ رحيم بخش جمالي ۽ بي ڪلاس وارن ٻين قيدين جي هڪ پرتڪلف دعوت ڪئي، جيڪا بي ڪلاس وارڊ ۾ ڪيائين، جنهن ۾ جيل جا ڊاڪٽر ۽ ڪلارڪ به شامل ٿيا. سپريڊنٽ ماني گهر گهرائي کاڌي.
81-6-20
روشن ٻرڙو، شنوائي تي ملٽري ڪورٽ ويو. کيس نو مهينا سخت پورهئي سان قيد ۽ ڏهه هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ڏني وئي.
81-6-24
آغا نور احمد پٺاڻ سان ڪچهري ٿي. پاڻ ضلع حيدرآباد جو سب رجسٽرار آهي. پهريون دفعو جيل ۾ پوڻ ڪري سخت پريشان آهي. اڄ پنهنجي ننڍڙي چئن سالن جي پٽ کي ياد ڪري روئي ڏنائين. وارڊ جي سڀني دوستن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته گلاب پتافيءَ جي اسان به دعوت ڪيون. سڀني دوستن پنجاهه پنجاهه روپيه چندو ڏنو. آريسر صاحب، پرويز ۽ مون کي پئسن ڏيڻ کان آجو ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته اسان ٽئي ڄڻا غريب آهيون.
81-6-25
اڄ اخبار هلال پاڪستان ۾ خبر هئي ته رسول بخش ٿيٻي کي پندرنهن ڪوڙا هنيا ويا. ڏاڍو ڏک ٿيو. سندس ڇِنَ (Hernia) جو آپريشن به تازو ٿيل هو. خبر ناهي ته طبيعت ڪيئن هونديس. طبيعت ڏاڍي بي چين آهي. اڄ جيل تي ليٽر پهتو، جنهن ۾ شيخ مجيب جا ڪوڙا بحال ٿي آيا. هاڻي صرف تاريخ مقرر ڪري، پوءِ ڪوڙا هڻندا. عارب مير بحر برداشتي آزاد ٿي ويو.
81-6-26
گلاب پتافيءَ جي دعوت ”بي ڪلاس“ وارڊ ۾ ڪئي سون، جنهن ۾ جيل جا پنجاهه ڄڻا قيدي، جيل جو ڊاڪٽر، قادر بخش ڪلارڪ، ڀٽو ڪلارڪ ۽ اختر شاهه جيلر آيا ۽ ماني گڏجي کاڌائون.
81-6-27
اڄ هائوس جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ دوستن چيو ته رحيم بخش جمالي جي نوابشاهه مان موٽي اچڻ تائين ملتوي ڪيو. اڪبر جماليءَ ذمو کنيو ته رحيم بخش کي ميٽنگ ۾ مان وٺي ايندس.
81-6-28
رحيم بخش نوابشاهه مان شنوائيءَ تان موٽي آيو.
81-6-29
هائوس جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ علي اڪبر جمالي ۽ رحيم بخش جمالي نه آيا ۽ اڄ کان ماني به ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيائون. مان رحيم بخش سان مليس، جنهن چيو ته ولي محمد شاهه جي رويي جي ڪري اسان ميٽنگ ۾ نه ويٺاسين.
81-6-30
شنوائيءَ تي ملٽري ڪورٽ ويس. سينٽرل جيل خيرپور کان رسول بخش ٿيٻو ۽ قمر ڀٽي به آيا. ملاقات تي لال بخش چانڊيو، محمد صالح راهپوٽو، قربان علي ٻگهيو (مورو)، محمد قسم مُئو (ٺٽو) آيا، ساڻن ڪچهري ٿي. شنوائي 7-18 جي ملي. موٽي جيل تي پهتس. اسان جي وارڊ جون حالتون ڏينهون ڏينهن ڪشيده ٿينديون پيون وڃن ۽ ابوبڪر زرداري پنهنجي ”ٻه ويڙهائو“ پاليسيءَ تي ڪاميابيءَ سان عمل پيو ڪري. رات جو رحيم بخش جمالي ۽ علي اڪبر جماليءَ کي چيم ته ولي محمد شاهه ۽ توهان هڪ ئي پارٽي (پ پ پ) جا ميمبر آهيو ۽ پاڻ ۾ ٺهي وڃو، اجايو جيل جا ماڻهو کلندا. رحيم بخش جمالي چيو ته ابوبڪر زرداري به جند ڇڏي ته ولي محمد شاهه کي پرچايون. مون قمر راڄپر کي به چيو ته توهان ابوبڪر زرداريءَ کي سمجهايو ته وارڊ جي ماحول کي خراب نه ڪري. چيائين: يار! مان ته سمجهائي، سمجهائي ٿڪجي پيو آهيان، پر هن جو ”ڳن ڪهاڙي“ ساڳيو آهي.