جولاء 1982ع کان ڊسمبر 1982ع
وليداد کوسو ۽ ان جو والد لکانو کوسو بي ڪلاس وارڊ ۾ آيا، تڙ ڪيائون، منجهند جي ماني کارائي چڪر ۾ ڇڏي آيس ۽ چڪر عملدار کي پارت ڪيم.
سينٽرل جيل حيدرآباد کان هڪ ڇوڪرو عبدالحئي سومرو مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي قيدي ساٿين زڪريا ميمڻ ۽ مقبول پنهور جو خط کڻي آيو، جنهن ۾ لکيل هو ته هن ڇوڪري جي هر طرح پارت هجيوَ ۽ خاص خيال رکجوس.
عبدالحئي سومرو کان حال احوال پڇيم. ٻڌايائين ته شهدادپور ضلع سانگهڙ جو آهيان هڪ خوبصورت نوجوان عورت سان پيار ٿي ويو. پڪڙجي پيس ۽ هينئر قيد آهيان.
82-7-4
مورو جو سيد اعجاز علي شاهه ۽ ان جو هڪ لاشاري دوست جيل تي ملاقات ڪرڻ آيا. رفيق ڀٽو به ملاقات ڪرڻ آيو. وارڊ ۾ خانو جمالي، حسن کوسو، قربان لاشاري ۽ علي احمد عمراڻي ڪچهري ڪرڻ آيا. خانو جماليءَ کان پڇيم ته تون نانگ ڪيئن وٺندو آهين؟ ٻڌايائين ته مان نانگن جي بادشاهه نواب محمد خان لغاريءَ جو شاگرد آهيان ۽ ان جي ٻڌايل ڏس تي نانگ پڪڙيندو آهيان. مون کيس چيو ته توهان جو استاد فنڪشن ۾ نانگ کان چڪ هڻائيندو آهي ۽ وري اتي ئي ماڻهو کي چاڪ ڪندو آهي، يا وري ڪينسر جي دوا ڪندو آهي. اهو ڪيئن ڪندو آهي؟ ٻڌايائين ته سڀ ٺڳي، ڪوڙ ۽ مڪر آهي. هڪ واقعو ٻڌايائين ته حيدرآباد ۾ نانگن جو فنڪشن هو. اسان به استاد سان گڏ هئاسون. ان فنڪشن ۾ انگريز به آيل هئا. انگريزن جڏهن ٻه مُنهين بلا ڏٺي ۽ چيائون ته هن ۾ زهر ڪونه آهي. ان تي نواب محمد خان چين ته هن ۾ تمام خطرناڪ زهر آهي. بهرحال، انگريزن چيو ته اسان کي عملي طرح سان ڏيکاريو. استاد مون کي حڪم ڪيو ۽ مان پاسي تي وڃي بليڊ جو اڌ ڏندن ۾ زور ڏئي جهلي موٽي آيس. استاد بلا کان مون کي چڪ هڻايو ۽ مان بلڪل پٽ تي ڪِري پيس. چپن ۽ زبان کي ٿورو بليڊ جي مٿان گهمايم ته وات مان رت وهڻ شروع ٿي ويو ۽ ان سان گڏ مون گج به وات مان ڪڍڻ شروع ڪئي. انگريز مطمئن ٿيا. واهه واهه ٿي وئي. بس استاد چپن ۾ مِڻ مِڻ ڪئي، ٻه ٽي ڦوڪون منهنجي منهن ۾ هنيائين ۽ لِڪ ۾ هٿ کي زور ڏنائين. بس، مان ٽِپ ڏئي اٿي ويٺس. پوءِ ته ڏاڍو انعام به مليو ۽ انگريزن استاد نواب محمد خان کي سرٽيفڪيٽ ڏنا. خانو ٻڌايو ته ان بلا جي قسم ۾ واقعي زهر نه هوندو آهي ۽ انگريز سچا آهن. ڪينسر جي علاج لاءِ به چيائين ته ڪجهه به ڪونه آهي، رڳو غريبن کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ سڀڪجهه ڪندا آهيون.
82-7-8
شنوائي تي ڪورٽ ۾ ويس. ملاقات لاءِ مورو کان سيد ذوالفقار علي شاهه، ٺٽو مان جيئي سنڌ جو ڪارڪن محمد راهمون، ڄامشورو مان سليمان جتوئي، ممتاز شيخ، لياقت علي شاهه، لال بخش چانڊيو، رفيق ڀٽو، فرمان علي شاهه، زوار نقوي ۽ ٻيا دوست آيا.
ذوالفقار علي شاهه کي چيم ته آءِ.جي جيل منظور پنهور توهان جو دوست آهي. ٻن دوستن جا سزا وارا ڪارڊ جيل جي معرفت موڪليندس، انهن کي معافي وٺي ڏي. کيس رضوان پلي ۽ علي نواز خاصخيليءَ جا نالا لکي ڏنم. موٽي اچي جمال الدين مريءَ کي چيم، جنهن رضوان ۽ علي نواز خاصخيليءَ جا سزا وارا ڪارڊ ڪڍي سفارشي ليٽر لکي آءِ.جي جيل جي آفيس روانو ڪيو. خيرپور ميرس جو مرحوم لاله اسد شيخ جو ڀاءُ حفيظ شيخ عرف پپني ڪچهري ڪرڻ آيو. کيس ڪجهه ڏينهن ٿيندا ته قيد ڪري موڪليو اٿن.
82-7-10
آءِ.جي جيل، رضوان پلي ۽ علي نواز خاصخيليءَ کي ٽيهه ٽيهه ڏينهن معافي ڏئي ڪارڊ روانا ڪيا، پر پوءِ به ست ڏينهن آزاد ٿيڻ ۾ لڳن پيا.
82-7-12
جمال الدين مريءَ سان باقي رهيل معافيءَ لاءِ ڳالهايم، جنهن چيو ته رضوان کي ته باقي ٻه ٽي ڏينهن آهن، ان کي ملي ويندي. باقي علي نواز سرڪاري ملازم آهي، ان ڪري اسان لاءِ مسئلو پيدا ٿي پوندو.
82-7-15
وارڊ جي کوليءَ ۾ ويٺا هئاسون ته منشيءَ اچي ٻڌايو ته رضوان جي آزادي آهي، ماڙيءَ تي اچي. رضوان، آءٌ ۽ علي نواز ماڙيءَ تي وياسين. جمال الدين مري ٻڌايو ته ماستر سميع ميمڻ جو بي ڪلاس ٿي ويو آهي، کٽ نه هئڻ ڪري جيل سپرنٽنڊنٽ باقي رهيل ٻه ڏينهن معافي ڏئي آزاد ڪري ڇڏيس. مون کيس چيو ته علي نواز جا باقي ست ڏينهن رهن ٿا، ان جي به صاحب کان معافي وٺي ڏيو ته ٻئي ڄڻا گڏ آزاد ٿين. چيائين ته مير الله بخش ٽالپر کي وڃي موڪليو ته صاحب کي معافي لاءِ چئيس، باقي مان سنئون سڌو چوندو سانس ته سمجهندو ته پئسه ورتا اٿس، ان ڪري اسان وڃي مير الله بخش ٽالپر کي موڪليو، جنهن لنپي سپرنٽنڊنٽ کي چيو ۽ مٿان جمال الدين مري ڪارڊ کڻي وڃي چيائينس ته معافي ڏيوس، غريب آهي ۽ ائين معافي ملي ويس ۽ ٻئي ڄڻا قيد مان آزاد ٿي ويا. فيروز ميمڻ جيل تي ملاقات ڪرڻ آيو.
82-7-18
اڄ جيل سپرنٽنڊنٽ چڪر ڏيڻ لاءِ پنهنجي پوري اٽالي سان سيٽيون وڄرائيندو اسان جي وارڊ ۾ پهتو. اچڻ شرط مون کان پڇيائين ته تون ٽي نمبر کوليءَ ۾ رهندو آهين؟ ائين چئي منهنجي کوليءَ ۾ اندر گهڙي پيو ۽ پنجابي صوبيدار صادق کي چيائين ته جهڙتي وٺ. ان سڄي کوليءَ جي جهڙتي ورتي، پر ڪابه جيل قانون خلاف شيءِ هٿ ڪانه آين. مون کي چيائين ته تو وٽ ٽيپ رڪارڊر آهي ۽ تون چڪر جي قيدين سان ڪچهريون ٿو ڪرين. مان تنهنجو بي ڪلاس ختم ڪري ڇڏيندس. مون کيس چيو ته آءٌ توکي منع ٿو ڪريان ڇا؟ ڀلي ختم ڪري ڇڏ. حالانڪ مون وٽ ٽيپ رڪارڊر ان کوليءَ ۾ پيل هو، جيڪو مون معمول مطابق لڪائي رکي ڇڏيو هو ۽ هنن کي هٿ نه لڳو.
82-7-20
ظفر شاهه، آءٌ ۽ مرحوم لالا اسد شيخ جو ڀاءُ حفيظ شيخ عرف پپني گڏجي ملٽري ڪورٽ جي شنوائيءَ تي وياسون. اتي سينٽرل جيل حيدرآباد کان مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جو شاگرد زڪريا ميمڻ، يوسف ڳاهو، قربان ارباب، غلام النبي پنهور ۽ قمر ڀٽي آيا. ملاقات تي تاج جويو، فقير داد کوسو، محمد راهمون، زوار نقوي، وفا رضا بلوچ ۽ ٻيا دوست آيا. دوستن سان ڪچهري ٿي. زڪريا ميمڻ چيو ته عبدالحي سومرو منهنجو دوست آهي، ان جو هر طرح خيال رکجانءِ. مون کيس چيو ته تون دڙو ضلع ٺٽو جو ۽ هي شهدادپور ضلع سانگهڙ جو! چيائين ته منهنجو جيل جو دوست آهي. ان تان ٻين دوستن ڀوڳ چرچا ڪيس، پر پنهنجي پياري مخصوص کلڻ واري انداز ۾ سڀني کي چپ ڪرائي ڇڏيائين.
نارا جيل تي موٽي آياسين. صرف پندرنهن منٽن کان پوءِ منشي، حفيظ شيخ عرف پپنيءَ کي چيو ته توهان آزاد ٿي ويا آهيو، ٽپڙ کڻي هلو. اسان سڀئي گڏجي کيس ماڙيءَ جي دروازي تي ڇڏي آياسين.
82-7-21
منهنجو ننڍو ڀاءُ ارباب علي شاهه جيل تي ملاقات ڪرڻ آيو ۽ ٻڌايائين ته امان سخت بيمار آهي. مون کيس چيو ته سڄي سنڌي قوم جون عورتون پنجاب وٽ غلام آهن. سنڌ ڌرتيءَ جو جسم لانگ بوٽن جي هيٺان چيڀاٽجي رهيو آهي ۽ کيس زنجيرن ۾ جڪڙي يرغمال بنايو ويو آهي. جيڪڏهن امان بيمار آهي ته مڙوئي خير آهي. ڌرتي ماءُ کان ان جو رتبو وڌيڪ نٿو سمجهان.
82-7-27
اڄ رمضان جي عيد جو ڏينهن آهي. جيل سپرنٽنڊنٽ جيل جي هڪ حافظ قيديءَ کي حڪم ڪيو ته عيد نماز پڙهاءِ ۽ اهو نماز پڙهائڻ جي تيارين ۾ لڳي ويو، حالانڪ اهو حافظ سڳورو مسجد ۾ هڪ ڇوڪريءَ سان زوري زنا جي ڪيس ۾ قيد هو. گهڻن قيدين (آءٌ پاڻ به انهن ۾ شريڪ هوس) عيد نماز ڪانه پڙهي. ڪجهه قيدين چيو ته اسان مجبور قيدي آهيون، ٻيو ڪير نه آهي ته پوءِ ڪاڏي وڃون. مون کين چيو ته سپرنٽنڊنٽ جيڪڏهن گڏهه کي پيش امام ڪري بيهاري ته پوءِ ان جي پٺيان به نماز پڙهندؤ؟ چيائون ته نه. مون کين چيو ته گڏهه پوءِ به پنهنجي مالڪ کي ڪمائي کارائيندو آهي، هي مُلو ته ان گڏهه کان به پري آهي.
حاجي غلام مرتضيٰ قريشي، غلام رسول شيخ، حسن کوسو، فقير علي محمد، وليداد کوسو، لکانو کوسو ۽ ٻيا ڪافي جيل جا قيدي بي ڪلاس وارڊ ۾ آيا. حال سارو سندن خدمت ڪئي سون. سڄو ڏينهن ڪچهريءَ ۽ کل ڀوڳ ۾ گذريو.
82-7-24
حاجي ڪسارو جتوئي، حاجي غلام مرتضيٰ قريشي، غلام رسول، وليداد کوسو، لکانو کوسو، صوف کوسو، ظفر شاهه ۽ اسان گڏجي ڪچهري ڪئي.
غلام رسول لاشاريءَ چيو ته مون سان گڏجي هل ۽ جمال مري جيلر کي هلي چؤ ته مون کي شهر ۾ فون ڪرڻي آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجو وڏو ڀاءُ بخت کهاوڙ جو ضامن پيو هو، ان کي پوليس تنگ ٿي ڪري. ان ڪري جيڪي منهنجا دوست صوبيدار آهن، انهن سان ڳالهائيندس. جمال الدين کي چيم، جنهن ٽيليفون لاشاري جي حوالي ڪري ڇڏي.
82-7-26
سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڪائونٽس برانچ جو ڪلرڪ نثار جوڻيجو گرفتار ٿي جيل تي پهتو. مون کي ماڻهو موڪليائين. ساڻس وڃي مليس ۽ چڪر عملدار علي نواز کي هن جي پارت ڪيم. ڪاشف پليءَ جو ڍورو نارو مان خط آيو. گل محمد سنجراڻي ڪچهري ڪرڻ آيو. زرداري قيدي شهدادپور ضلع سانگهڙ جا قيد ٿي آيا آهن.
82-7-28
خانو جمالي، ميرو مري، شمن جمالي، حسن کوسو آيا، جن چيو ته زرداري قيدين کي ڏنڊا ٻيڙي هڻي بند وارڊ ٿا ڪن، توهان جمال الدين مري جيلر سان ڳالهايو. مان ماڙيءَ ۾ ويس ته جمال اڳ ۾ ئي سپرنٽنڊنٽ لُنپي ٻاهر آيو ۽ پاڻ بيهي زرداري قيدين کي ڏنڊا هڻايا ۽ حڪم ڏنائين ته جيستائين پئسه نه ڏين، اوستائين بند وارڊ ۾ رکونِ.
82-7-30
محمد حسن کوسو آيو، جنهن چيو ته زردارين جي ٻن نوجوان ڇوڪرن بک هڙتال ڪئي آهي ۽ ٻه ڏينهن گذري وڃڻ ڪري ڪمزور ٿي ويا آهن.
82-7-31
قيدين ٻڌايو ته بند وارڊ ۾ زرداري ڇوڪرن جي حالت خراب ٿي وئي آهي. چڪر جي قيدين بک هڙتال ڪئي آهي ۽ ڀتو واپس ڪري ڇڏيائون، ان ڪري زرداري ڇوڪرن جون ڏنڊا ٻيڙيون لاهي جيل جي اسپتال ۾ داخل ڪيائون.
82-9-26
شنوائي تي ڪورٽ ۾ ويس. سکر جيل کان رسول بخش ٿيٻو به آيو. ملاقات لاءِ برادرم ارباب علي شاهه، قربان علي شاهه، فرمان علي شاهه، تاج جويو، سڪرنڊ مان استاد مير حسن لاکو، مورو کان محمد مٺل ڪمالاڻي عرف مٺل ترابي آيا. ان کان سواءِ ڊاڪٽر مولا بخش ٿيٻو، رئيس علڻ خان ٿيٻو به آيا، جن ٻڌايو ته شيخ مجيب الرحمٰن کي ظهور حسن ڀوپالي ڪراچيءَ واري قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري پوليس ڪراچي تشدد واري سيل ۾ رکيو اٿن. ڏاڍو ڏک ٿيو.
82-9-27
گورنر سنڌ، صوبي جي قيدين کي هڪ مهينو عام معافي ڏني آهي. نارا جيل مان به ڪافي قيدي آزاد ٿيا، جن ۾ عبدالحي سومرو، قربان لاشاري، بي ڪلاس وارڊ جو بورچي منظور ٻين قيدين سان گڏ آزاد ٿيا.
جيئي سنڌ محاذ جو هڪ ڪارڪن غلام رسول عرف ”مستانو“ ۽ ڌاڙيل حسن ماڇيءَ کي ماني کارائڻ ۽ پناهه ڏيڻ جي ڏوهه ۾ سعيد آباد جو هڪ وڏيرو نواب دَل قيد ٿي نارا جيل پهتا. مستانو کي پنهنجي وارڊ ۾ وٺي آيس. کيس تڙ ڪرائي، پنهنجا ڪپڙا پارايم، ڇاڪاڻ ته لاڪ اپ ۾ رهڻ ڪري ڪپڙا ميرا ٿي ويا هيس.
شام جو اسان جي وارڊ جو بورچي منظور واپس آيو ۽ چيائين ته منهنجو اٺ سؤ روپيه ڏنڊ رهيل آهي، ان ڪري آزاد نه ڪيائون.
82-9-28
اڄ عيدالاضحيٰ آهي. بي ڪلاس وارڊ جي قيدين ۽ ڇوڪرا وارڊ جي قيدين کي عيد نماز پڙهڻ لاءِ وارڊ جو دروازو نه کوليائون. وارڊ جي سپاهي جعفر ڪالرو کان پڇيوسون، جنهن چيو ته سپرنٽنڊنٽ چيو آهي ته بي ڪلاس جا قيدي نماز ڪونه ٿا پڙهن، ان ڪري کين ٻاهر نه ڪڍجو. دير سان آءٌ چڪر ڏي ويس ۽ ساڻن عيد ملي آيس. نياز چانڊيو ۽ لعل خان سيال ٽنڊو ڄام جا قتل ڪيس ۾ آهن، اُهي نواب خان دل، حسن کوسو، علي احمد عمراڻي، غلام رسول مستانو، شفيع کوسو، فضل ڀچو ۽ ٻيا ڪجهه قيدي پاڻ سان گڏ بي ڪلاس وارڊ ڏي وٺي آيا. ماني گڏجي کاڌي سون.
82-9-29
نياز چانڊيو ۽ علي احمد عمراڻي آيا ۽ چيائون ته توهان جي عيد پارٽي ڪئي اٿئون. چڪر ڏي گڏجي هلو ته ماني کائون. اتي نواب خان دل کي وٺي آيا. ڏاڍي مزيدار ڪچهري ٻڌايائون. ڏاڍو زنده دل ۽ کل مک ماڻهو آهي. حالانڪ هيءُ به سنڌ جي عام وڏيرن وانگر ٺپ اڻ پڙهيل آهي ۽ جيترو پاڻ بدن ۾ صحتمند آهي، اوترو عقل به ٿُلهو اٿس.
82-9-30
گل محمد سنجراڻي آيو، جنهن چيو ته اسان جي بيرڪ وارن قيدين توهان جي عيد پارٽي ڪئي آهي، هلو ته گڏجي ماني کائون. نواب خان دل کي به اُتي وٺي آيا. ماني گڏجي کاڌي سون.
82-10-1
وارڊ جو سپاهي جعفر ڪالرو دروازي جي چاٻي ڇوڪرا وارڊ جي هڪ ڇوڪري رياض پنجابيءَ کي ڏئي پاڻ بورچي خاني مان ماني کائڻ ويو. مون دروازو کڙڪايو ته ڇوڪرو آيو. کيس چيم ته دروازو کول. چيائين ته نه کوليندس. جڏهن سپاهي آيو ته دروازو کوليائين. مون دروازو نه کولڻ جو سبب ڇوڪري کان پڇيو ته مون سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويو. مون سپاهي کان ڏنڊو ڦري (جيڪو هر هڪ سپاهي کي ساڻ هوندو آهي)، ڇوڪري کي مٿي ۾ هنيو. ڇوڪري جو مٿو ڦاٽي پيو. سپاهيءَ چيو ته سائين! ظلم ڪري ڇڏيئي. هاڻي جيڪڏهن سپاهي ٿو دانهن ڏئي ته پڇندس ته تون بورچيخاني ۾ ڇو وئين؟ ان ڪري کڻي ماٺ ڪيائين. صوبيدار صادق سان سپاهي جي اڻ بڻت ڪري، صوبيدار رياض ڇوڪري کي گهرايو ۽ رمضان جيلر وٽ پيش ڪيائون، جنهن تيرهون نمبر رجسٽر ۾ داخلا ڪئي.
82-10-2
صبح جو جعفر سپاهي کي بدلي ڪري ان جي جاءِ تي جانو پنجابي سپاهي مقرر ڪيائون. غلام نبي شاهه ۽ فقير غلام رسول مهر چيو ته سپاهي عبدالرزاق ۽ شاهنواز کي تون چؤ ته رات اسان کي هڪ کوليءَ ۾ بند ڪن، ڇاڪاڻ ته وڏي اسر مهل تاري تاس پيئنداسون. مون کانئن پڇيو ته تاري تاس ڇا آهي؟ چيائون رات جا تارا بيٺل هجن ته ڀنگ گهوٽي اُڃ لاهينداسون. مون انڪار ڪيو. پاڻ سپاهين کي گهڻو چيائون، پر جدا جدا بند ڪيائون. سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد ساٿي محمد حسين پٺاڻ گرفتار ٿي جيل پهتو.
82-10-3
شيخ مجيب الرحمٰن ۽ نور احمد ملاقات ڪرڻ آيا. پوليس جي تشدد جا نشان صاف ڏسڻ ۾ پئي آيا ۽ ڪمزور به ڏاڍو هو. ٻڌايائين ته پڇا ڳاڇا ڪري ڪالهه آزاد ڪيائون. سوچيم ته تنهنجي ملاقات ڪري پوءِ ڳوٺ دادوءَ وڃان.
82-10-4
جمال الدين مري جيلر هڪ اردو جو پراڻو ڪتاب ڏنو، جنهن تي نه مصنف جو نالو آهي ۽ نه ڪتاب جو نالو آهي. ان ۾ اندرين صفحن تي برصغير جي مشهور عالم سيد عطاء الله شاهه بخاريءَ جو شعر جيڪو هن پنجاب لاءِ لکيو آهي، پڙهيم. شعر هي آهي:
1- نويد م کشوري مردود مرتاب، بشومي هائي ڪفر آباد پنجاب
ڪوبه ملڪ مردود، تڙيل ۽ بدبختن وارو نه ڏٺم جهڙو پنجاب آهي.
2- چه ملڪ؟ ننگ وعار هفت کشور، ز شرق وغرب بادش خاک برسر
ڪهڙو ته ملڪ آهي؟ ستن ولايتن کي لڄائيندڙ، اولهه اوڀر جي ڌوڙ مٿي تي هجيس.
3- خمير طينتش مردم کشيها، ز قتل مسلمش باشد خوشيها
ان جي مٽيءَ ۾ انسان ڪُهڻ آهي ۽ مسلمانن کي قتل ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪن ٿا.
4- چه پيرانش؟ مريدانِ فرنگي، لقب کافور وذات پاک زنگي
ان جي مرشدن جو ڇا ٿو پڇين؟ انگريزن جا مريد آهن، لقب ته اُچا پر ذات جا ڀنگي آهن.
5- ز نواب ورئيانش چه پرسي؟ سگ وسگزادگان کرسي به کرسي
ان جي نوابن ۽ رئيسن جو ڇا ٿو پڇين؟ ڪتا ڪتي جا پٽ پيڙهي به پيڙهي آهن.
6- چنان فرزند نا هموار زايد، که از خر قيمتش برتر نيايد
اهڙو ته ڦِڏو ڦر ڄڻين ٿا جو گڏهه کان به قيمت گهٽ اٿس.
7- چکد از لاله اش خونِ مسلمان، ازو نالان حجاز ومصر وايران
انهن جي ڳلن تان مسلمانن جو رت ٽمي ٿو، انهن کان حجاز، مصر ۽ ايران بيزار آهن.
8- جوانانش غلامانِ فرنگي، پناهِ شاهه بد امانِ فرنگي
انهن جا جوان انگريزن جا غلام آهن، جن جي پناهه گاهه انگريزن جي جهولي آهي.
9- چه پنجاب؟ آن فرنگي را معسکر، معسکر را غلام احمد پيمبر
ڪهڙو پنجاب؟ اهي ته انگريز جو لشڪر آهن ۽ ان لشڪر جو پيغمبر غلام احمد قادياني آهي.
10- فضايش کفر ريزد کفر بيزاست، به آئينِ الاهي درستيزاست
پنجاب جون هوائون ڪفر پوکيندڙ آهن ۽ ڪفر ڦٽائيندڙ آهن ۽ الله تعاليٰ جي آئين سان جنگ ڪندڙ آهن.
11- به ملڪ شد ارض الجواسيس، نه جان محفوظ نه مسئون نواميس
هندستان جي ملڪ ۾ اها جا سوسن جي زمين آهي، جتي نه جان محفوظ آهي ۽ نه وري عزتون محفوظ آهن.
12- زميني فتنه زائي فتنه خيزي، که شيطان پيش پايش سجده ريزي
اها اهڙي ته زمين آهي، جيڪا فتنو ڄڻي ٿي ۽ فتنو پيدا ڪري ٿي. شيطان به انهن جي پيرن تي سجدا ڪري ٿو.
82-10-7
جمال الدين مري جيلر جو سالو ظفر شيخ ۽ ان جو دوست آيا ۽ جمال کي چيائون ته علي محمد شاهه کان فقير داد کوسو ۽ وفا رضا بلوچ ڏي خط وٺي ڏي ته اسان کي انٽرنيشنل هاسٽل ۾ ڪمرو وٺي ڏين. خط لکي ڏنم.
82-10-9
جمال الدين مري ٻڌايو ته ڇوڪرن کي ڪمرو ملي ويو آهي، فون ڪري ٻڌايائون. رات جي ماني کائڻ کان پوءِ اٺين بجي ڌاري گڙدي ۾ سخت سور اچي پيو. پيشاب بند ٿي ويو. هر هر اُلٽي پئي اچي. ڏاڍي درد تڪليف پهچائي. جيل جا قيدي ڪمپائونڊر مشتاق عباسي کي وٺي آيا، جيڪو مون کي اسپتال ۾ وٺي ويو ۽ دوائون کارايائين. رات جو خبر ناهي ته ڪيڏيءَ مهل سور مان جان ڇٽندي.
82-10-10
ملٽري ڪورٽ ۾ شنوائي تي ويس. رسول بخش سکر جيل کان پهتو. ملاقات لاءِ غلام اصغر شاهه، علي نواز خاصخيلي، دولتپور صفن کان غلام مصطفيٰ عرف ڪرڙ خان هٿيپوٽو، ان جو والد، جيوڻ ٿيٻو، لال بخش چانڊيو، وفا رضا بلوچ، قربان علي شاهه، ان جا ننڍڙا پٽ ممتاز علي شاهه، مهتاب علي شاهه ۽ فرمان علي شاهه آيا.
82-10-17
شنوائي تي ڪورٽ ۾ ويس. سکر جيل کان رسول بخش ٿيٻو، سينٽرل جيل حيدرآباد کان ڊاڪٽر دودو مهيري، غلام النبي پنهور، قربان ارباب پهتا. مُلاقات تي لال بخش چانڊيو، فقير داد کوسو، وفا رضا بلوچ، ولي محمد شاهه لڪياري عرف پپو شاهه، شيخ مجيب الرحمٰن، سليمان جتوئي، يوسف ڳاهو ۽ ٻيا ڪافي دوست آيا.
82-10-18
نظام الدين پنهور جي ملاقات آئي. کيس ٻڌايائون ته سندس والد وفات ڪري ويو آهي. غلام النبي شاهه، فقير غلام رسول مهر ۽ آءٌ گڏجي وياسين ۽ سندس والد جي وفات تي هٿ سنوان ڪياسون.
فقير غلام رسول مهر چيو ته ڏهه رپيا اڌارا ڏي. مون کيس ڏنا. پوءِ خبر پئي ته چرس گهرايو اٿس. ڏاڍو ارمان ٿيم اهڙي سنڌي نوجوان تي. گهڻو ئي سمجهايانس ٿو، ”پر چري ڪيئن، جي ويران ويران وڌ“ وارو لقاءُ آهي.
82-10-27
سڄي جيل ۾ جيڪي به شيعا مسلمان هئا، ڏهين محرم جي نسبت سان چڪر ۾ ماتم ڪيائون. جمال مريءَ کي چيم ته سڀني شيعن جو چڪر جي ڇهين نمبر بيرڪ ۾ ٽوٽل ڪيو ۽ کين رات هڪ ٽيپ رڪارڊر به گهرائي ڏيو ته جيئن نوحه، مرثيه يا شامِ غريبان ٻڌن. ٽيپ گهرائي ڏنائين ۽ ٽوٽل به سڀني شيعن جو ڇهين نمبر بيرڪ ۾ ٿيو.
82-10-30
شنوائي تي ڪورٽ ۾ ويس. اتي ملاقات ڪرڻ لاءِ رئيس علڻ خان ٿيٻو، فقير داد کوسو، وفا رضا بلوچ، يوسف ڳاهو، فرمان علي شاهه ۽ ڪجهه ايل.ايم.سي ڄامشورو جا شاگرد ساٿي آيا، جن ٻڌايو ته سينٽرل جيل حيدرآباد تي ڊاڪٽر دودو مهيري، غلام النبي پنهور، قربان ارباب ۽ قمر ڀٽي وارن بک هڙتال ڪئي آهي ته سمري ملٽري ڪورٽ جو مقصد آهي تڪڙو فيصلو ڏيڻ ته پوءِ سنڌي شاگردن کي ٻه ٻه سال ٽي ٽي سال جيل ۾ گذري ويا آهن، سندن ڪيس ڇو نه ٿا هلايا وڃن؟ اهي هلايا وڃن.
82-11-1
چڪر ۾ عبدالستار ميمڻ ۽ عبدالمجيد ميمڻ جيڪي ٽنڊو محمد خان جا هئا، مون کي، غلام النبي شاهه ۽ امان الله شاهاڻي کي وٺڻ آيا ته امامن جو نياز ڪيو اٿئون، هلي کائو. اسان گڏجي وياسون.
82-11-6
غلام النبي شاهه چيو ته ڪئميرا گهرائي اٿم، جلديءَ ۾ تڪڙا فوٽو ڪڍي ٻاهر موڪليون، جيئن پڪڙجي نه پوي. فوٽو ڪڍياسون، جنهن ۾ چڪر جي به ڪافي قيدي دوستن جا فوٽو ڪڍياسون.
82-11-10
فقير غلام رسول مهر چيو ته ماڙيءَ تي گڏجي هل ته سزا جو ٽوٽل ڪرايون ته باقي گهڻا ڏينهن ٿا بچن؟ ماڙيءَ تي ٽوٽل ڪرايوسون ته باقي سزا چوڏهن ڏينهن رهيل هئي. فقير مون کي چيو ته مير الله بخش ۽ جمال مريءَ کي چئو ته سپرنٽنڊنٽ لنپيءَ کان چوڏهن ڏينهن معافي وٺي ڏين.
82-11-11
مير ۽ جمال مريءَ کي فقير جي سزا ۽ قيد چوڏهن ڏينهن معاف ڪرڻ لاءِ چيم ته سپرنٽنڊنٽ کان وٺي ڏيو. ٻنهي واعدو ڪيو ته هاڻي گڏجي منٿ ڪيونس ٿا. ان دوران فقير غلام رسول جو والد ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو، جنهن لنپي سپرنٽنڊنٽ کي چيو ۽ باقي رهيل ڏينهن سزا ۽ قيد جا معاف ٿي ويس. اڄ فقير غلام رسول آزاد ٿي ويو.
82-11-13
ملٽري ڪورٽ ۾ شنوائي تي ويس. سکر جيل کان رسول بخش ٿيٻو ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد کان ڊاڪٽر دودو مهيري، قربان ارباب، غلام النبي پنهور، قمر ڀٽي آيا. سڀني کي وري 25 تاريخ ملي.
ملاقات تي وفا رضا بلوچ، غلام النبي سومرو، قادر بخش عباسي، علي مراد لُنڊ، فيض الله پيرزادو، ادريس چانڊيو، حفيظ شيخ، شاهنواز شيخ ۽ ٻيا ڪافي ساٿي آيا.
82-11-19
جيل جي اسپتال جو ڪمپائونڊر نادر خوجا ڪچهري ڪرڻ آيو. مون کيس ڪئميرا جي رول لاءِ چيو ۽ پئسه ڏنا. شام جو رول کڻي آيو. چڪر ۾ هڪ فوٽو گرافر قيدي آهي، ان کي گهرايم، جنهن فوٽو ڪڍيا.
82-11-23
اکين جي اسپتال جي پوليس آئي. مون سان گڏ فقير علي محمد نوح پوٽو به اسپتال هليو. اکين جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر سيد ڏنل شاهه مليو. اهڙيءَ طرح هٿ ڏنائين جيئن مان سندس پري جو واقفڪار هجان ۽ اهڙو نمونو اختيار ڪيائين، جيئن آءٌ ساڻس وڌيڪ ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ڪيان، حالانڪ سندس ننڍو ڀاءُ اطهر علي شاهه ۽ ڀائٽيو سيد ذوالفقار علي شاهه منهنجا تمام عزيز ۽ پيارا آهن ۽ ان کان سواءِ سندس ڀاءُ مهراڻ ڪاليج مورو جو پرنسپال سيد علي بخش شاهه منهنجو انتهائي شفيق ۽ مهربان استاد آهي، جيڪو به ڊاڪٽر جو وڏو ڀاءُ آهي. بهرحال، مون ساڻس وڌيڪ ڪجهه به نه ڳالهايو ته متان جيئي سنڌ وارن سان ملڻ جي ڪري نوڪريءَ تان لهي نه وڃي.
82-11-24
چڪر عملدار علي نواز چانڊيو بي ڪلاس وارڊ ۾ آيو. مون کي چيائين ته شام پنهنجي برداشتيءَ ارباب جيسر کي چڪي ڏي وٺي اچجانءِ ته انور پنهور سان چرچا ڪري. شام جو غلام نبي شاهه، آءٌ، ارباب جيسر گڏجي وياسون. چڪر جي ميدان تي اڳيئي انور ڪانڀ ٻڌيو ويٺو هو. اسان جو پهچڻ ۽ چرچا شروع ٿي ويا. گهڻي ڀوڳن کان پوءِ انور چيو ته مون ارباب جي آنڪي ڀري، وري چڪر عملدار چرچا ڪيس، پر ان کي به ماٺ ڪرائي ڇڏيائين.
82-12-8
شنوائي تي ڪورٽ ۾ ويس. رسول بخش ٿيٻو، دودو مهيري، قمر ڀٽي، قربان ارباب وارا به شنوائي تي آيا. ملاقات تي مامو فيضل شاهه ۽ ان جو ننڍڙو پُٽ انور علي شاهه، برادرم، ارباب علي شاهه، قربان علي شاهه، فرمان علي شاهه، سردار علي شاهه، قادر جوڻيجو، علي نواز خاصخيلي، رضوان پلي، شيخ مجيب جو ننڍو ڀاءُ خان شيخ آيا.
قمر ڀٽيءَ جي ضمانت جو ليٽر، ڊي.ايم.ايل.اي آفيس مان ملٽري ڪورٽ ۾ پهتو. سندس وڏي ڀاءُ محمد خان ضمانت ڏئي قمر کي آزاد ڪرايو.
82-12-10
جمال الدين مري ۽ مون ڪچهري ويٺي ڪئي ته رمضان جيلر، ڀٽو ڪلرڪ ۽ شجاع ڪلرڪ آيا ۽ ٻڌايائون ته ڪالهه شام ميجر مسعود جو ٽيليفون آيو هو. علي محمد شاهه کي گهرايو اٿن، پر اڄ پوليس نه اچڻ ڪري کيس موڪلي نه سگهياسين. ان تي جمال الدين مري کيس چيو ته آئنده جيڪڏهن فون اچي ته مون کي ٻڌائجانءِ.
اڄ قائم مقام آءِ.جي جيلن جو ۽ ڊپٽي هوم سيڪريٽري جيل جو اچانڪ دورو ڪيو ۽ پڪن قيدين (سزا يافته) کي سزا جي حساب سان ٻه مهينا معافي ڏئي ويو. بي ڪلاس وارڊ ۾ اسان وٽ ڪونه آيو.
82-12-11
وارڊ ۾ ويٺو هوس ته منشيءَ اچي چيو ته توهان کي مارشل لاء وارن ڏي وٺي وڃڻ لاءِ پوليس ماڙيءَ ۾ بيٺي آهي. آءٌ تيار ٿي آيس ۽ پوليس مون کي ڊي.ايم.ايل.اي ميجر جنرل شريف جي اڳيان پيش ڪيو. ميجر جنرل جي آفيس ۾ اندر داخل ٿيس ته ڦرڻي ڪرسيءَ جي پٺ دروازي ڏي هئي ۽ صاحب موصوف ڀت ۾ منهن وجهيو ليٽر پئي پڙهيو. مان السلام عليڪم چيو. ڪابه ورندي ڪانه ڏنائين. پنجن منٽن کان پوءِ ڪرسي ڦري ۽ مون کي ڏسي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ هٿ جو اشارو ڪيائين. مان ويهي رهيس. مون کان مڪمل بايو ڊيٽا پڇيائين. ان کان پوءِ چيائين ته توکي جيل ۾ ٽي سال کن ٿي ويا آهن، ان ڪري اسان توکي ضمانت تي آزاد ٿا ڪيون ۽ پوليس وارن کي گهرائي چيائين ته ميجر مسعود سان وڃي ملو. ميجر مسعود سان ملياسين، جنهن مون کي چيو ته ويهه هزار روپين جي ضمانت ڪير به کڻي اچي ته توکي آزاد ڪيو ويندو. ٻاهر نڪري آيس ته سليمان ڏاهريءَ جا مائٽ، اقبال ناريجو جا مائٽ، قربان ارباب جو والد ۽ غلام النبي پنهور جا ڀائر ضمانت لاءِ ڪاغذ کنيو ويٺا هئا. مان موٽي نارا جيل تي پهتس ۽ نادر خواجه ڪمپائونڊر کي چٺي لکي قربان علي شاهه ڏي ڏنم ته ضمانت لاءِ بندوبست ڪري.
82-12-15
اڄ ضمانت جو ليٽر پهتو ۽ جيل مان سڀني قيدي ساٿين کان موڪلائي ٻاهر آزاد فضا ۾ قدم رکيم ته قربان علي شاهه، سيد غلام رسول شاهه رفاعي ۽ فرمان علي شاهه بيٺا هئا. گڏجي گهر پهتاسين. مان کانئن موڪلائي اچي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ساٿين سان ڪچهري ڪئي ۽ رات به اتي رهيس.