جولاء 1981ع کان ڊسمبر 1981ع
اسان پنهنجي کولين ۾ ويٺا هئاسون ته وارڊ ۾ گوڙ ٿي ويو. آريسر صاحب ۽ اسان تڪڙا تڪڙا ٻاهر نڪتاسين، پوءِ ڏٺوسين ته رحيم بخش جمالي جي هٿ ۾ ڏنڊو هو ۽ ولي محمد شاهه به وَرَ کُنجيو جهيڙي لاءِ تيار بيٺو هو ۽ هڪٻئي کي گهٽ وڌ پئي ڳالهايائون. اسان سڀني وچ ۾ پئي جهڳڙي کي ٽاري ڇڏيو. ولي محمد شاهه جيل سپريڊنٽ سان وڃي مليو. کيس چيائين ته جمالي وارڊ مان نڪرن يا مون کي ڪڍو، اسان گڏ نٿا رهي سگهون. سپريڊنٽ ولي محمد شاهه کي ٻانهون ٻڌي چيو ته توهان پاڻ ۾ ٺهي وڃو، پر نه مڃيائين. نتيجي طور رحيم بخش ۽ اڪبر جمالي ٻئي نمبر ”بي ڪلاس“ ۾ وڃي رهيا ۽ اسان جا ”سي ڪلاس“ جا دوست عبدالواحد آريسر صاحب، روشن ٻرڙو، غلام قادر ميمڻ ۽ آغا نور احمد وارن کي ڌار بيرڪ ۾ رکيو ويو ۽ اهڙيءَ طرح سان ابوبڪر زرداريءَ هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ڪيا. يعني پ پ جا پاڻ ۾ ويڙهايائين ۽ جيئي سنڌ جا ”سي ڪلاس“ جا قيدي به وارڊ مان نڪري ويا.
81-7-2
اڄ منجهند جو اوچتو ليٽر آيو، جنهن ۾ آريسر صاحب ۽ پرويز پٺاڻ ۽ ٻيا ڪجهه مارشل لاء جا غير سياسي قيدي آزاد ٿي ويا. آريسر صاحب جي آزاد ٿيڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي. پاڪستان پيپلز پارٽي نواب شاهه جي ٽن دوستن رحيم بخش جمالي، علي اڪبر جمالي ۽ ولي محمد شاهه جي آزاديءَ جو ليٽر آيو، پر صرف علي اڪبر جمالي آزاد ٿيو ۽ باقي دوستن جو سول ڪورٽ نوابشاهه مان ضمانت جو ليٽر ايندو ته آزاد ٿيندا.
81-7-3
جمع جو ڏينهن هئڻ ڪري سڄو ڏينهن ڪچهريءَ ۾ گذري ويو. ولي محمد شاهه کي آزاديءَ جي خوشيءَ ۾ پارٽي ڏني سون، جنهن ۾ جيل جو ڊاڪٽر هادي بخش لغاري، نظام پنهور، مشتاق عباسي ۽ امان الله شاهاڻي کي دعوت ڏني سون. ولي محمد شاهه سڄو ڏينهن پنهنجي ڇنڊ ڦوڪ ۽ سامان وغيره سهيڙڻ ۾ گذاريو.
81-7-4
ولي محمد شاهه جي ضمانت جو ليٽر سندس ننڍو ڀاءُ سيد نجف علي شاهه کڻي آيو ۽ آزاد ٿي ويو. رحيم بخش جمالي آزاد ٿي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته سندس ضمانت جو ليٽر ڀُل ۾ سينٽرل جيل سکر هليو ويو ۽ ارشاد شاهه جي ضمانت جو ليٽر نارا جيل تي اچي ويو. ان ڪري رحيم بخش کي اڄ رات جيل ۾ گذارڻي پئي. شام جو رحيم بخش جمالي اسان جي وارڊ ۾ آيو ۽ سڀني دوستن سان مليو ۽ چيائين ته غلطي توهان جي هئي يا منهنجي، پر مون کي معاف ڪجو.
81-7-5
رحيم بخش جمالي اسان جي وارڊ ۾ آيو ۽ سڀني دوستن کان موڪلائي آزاد ٿي ويو.
81-7-6
قمر راڄپر ۽ ابوبڪر زرداري ماڙيءَ تي ڊپٽي سپريڊنٽ ۽ صوبيدار کي ملاقات نه ڪرائڻ تان گاريون ڏئي آيا. ان ڪري وارڊ جو ٻاهريون دروازو بند ڪري ڇڏيو اٿن ۽ اسان روشن ۽ نورل جي جيڪا ماني موڪليندا هئاسون، اُها به بند ڪري ڇڏي اٿن.
81-7-7
وارڊ جي دوستن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته جيل سپريڊنٽ سان ملي ڪالهه واري پيدا ٿيل صورتحال کي ٿڌو ڪجي. قمر راڄپر ۽ مان جيل سپريڊنٽ سان ملياسين. گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ مس مس مڃيائين ته سڄو ڏينهن وارڊ جو دروازو کليل رهندو ۽ روشن ٻرڙو، آغا نور احمد ۽ غلام قادر ميمڻ جي صبح جو ٽوٽل کلڻ کان وٺي ٽوٽل بند ٿيڻ تائين اسان جي وارڊ ۾ اچڻ جي اجازت ڏنائين. وارڊ جي سپاهيءَ کي چيم ته صاحب اجازت ڏني آهي، روشن ٻرڙو کي وٺي اچ. سپاهي موٽي اچي ٻڌايو ته صاحب جو حڪم آهي ته مان سڀاڻي فيصلو ڪري ٻڌائيندس. سپريڊنٽ جي ذهنيت تي ڏاڍو عجب ٿو لڳي ته پنهنجي ڪيل واعدي تان پاڻ ئي ڦري ٿو وڃي.
81-7-8
صبح جو روشن وارن مان ڪير به نه آيو. منهنجي جيل تي ملاقات آئي، جنهن ۾ يونيورسٽيءَ مان نثار سومرو ۽ ٻيا شاگرد ملڻ آيا. دوستن چيو ته روشن سان به ملون. سپريڊنٽ کي چيم ته روشن کي ملاقات جي اجازت ڏيو، پر انڪار ڪيائين. پوءِ گهڻي زور ڀرڻ تي اجازت ڏنائين. روشن آيو ۽ گڏجي ملاقات ڪئي سون. سپريڊنٽ کي ڪالهه وارو وعدو ياد ڏياريم، پر ائين ڦري ويو ڄڻ مان غلط ڳالهه ڪندو هجان. نيٺ گهڻي زور ڀرڻ تي وارڊ جي سپاهي کي گهرائي احڪامات صادر ڪيائين. صوبيدار ان ڳالهه تي ڏاڍو رنج ٿيو ۽ صاحب کي گهڻو جهليائين، تڏهن وڃي خبر پئي ته صوبيدار کان لڳل آهي.
81-7-9
روشن ٻرڙو ۽ آغا نور احمد ڪچهريءَ تي آيا. جيل ۾ اکين اُٿلڻ جي ڏاڍي بيماري ٿي آهي.
81-7-10
اڄ برسات ڏاڍي پئي. موسم ۾ جيڪا گرمي ۽ تپش هئي، اها ڪافي حد تائين گهٽجي وئي آهي. برسات پوڻ ڪري جيل جو ”ٽوٽل“ معمول خلاف ٽين بجي ٿيو.
81-7-11
منهنجون ۽ شيخ مجيب جون اکيون اٿي پيون آهن. ڏاڍو سور آهي. رات جو دير تائين سُور هئڻ ڪري ننڊ نه پئي اچي. ڊاڪٽر کي چٺي لکيم، جنهن دوا ڏياري موڪلي.
81-7-12
اکين ۾ سور هئڻ ڪري سڄو ڏينهن کوليءَ ۾ ستو پيو هوس.
81-7-13
اکين ۾ سور گهٽ آهي. سپرنٽنڊنٽ سان ملي کيس چيم ته ڏندن ۾ سور جي تڪليف وڌندي پئي وڃي، مارشل لاء حڪام کان اجازت نامو مليو يا نه؟ اختر شاهه جيلر کي گهرائي پڇيائين، جنهن چيو ته اڃا تائين ليٽر نه پهتو آهي.
81-7-14
اکين ۾ تڪليف وري زور وٺي وئي آهي. ڊاڪٽر کان دوا گهرائي اکين ۾ وڌم، ڪجهه فائدو ٿيو.
ٽنڊي محمد خان جي غلام مصطفيٰ شاهه عرف بصر شاهه سان ڪچهري ٿي. تيرهن ڊي ۾ (بنا لائسنس هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾) گرفتار ٿي آيو آهي. سندس چوڻ مطابق، مخالفن مارشل لاء وارن کي ٽي لک روپيه ڏئي کيس گرفتار ڪرايو آهي. سندس چوڻ مطابق ته هن جا به مارشل لاء جا وڏا وڏا فوجي آفيسر يار آهن، انهن کي شڪار ڪرائيندو آهي، دعوتون، شراب ڪباب پياريندو آهي. مون کيس چيو ته ايتري سنگت هوندي به توهان آزاد ڇو نٿا ٿيو؟ چيائين ته پئسه ٿا گهرن، جيڪي مان ڏئي نٿو سگهان. مون کيس انهن جي ٻٽي پاليسي سمجهائي.
81-7-15
آغا نور احمد ۽ بصر شاهه ڪچهري تي آيا. مون مارشل لاء ۽ ان جي عملدارن متعلق بحث ڪيو ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ظلمن ۽ ناانصافين جون ڳالهيون ثابتين ۽ دليلن سان سمجهايون. مطمئن ٿي ويا.
81-7-17
بصر شاهه ڪچهري تي آيو ۽ فوجي عملدارن کي گهٽ وڌ پيو ڳالهائي. مون کيس چيو ته تنهنجا ته يار آهن، تون ڇو ٿو ڳالهائين؟ چيائين ته اهي ڪنهن کي به بخش نه ڪندا. اهي صرف سنڌ کي فتح ڪندا، باقي هندستان وٽ جنگ وڙهڻ وقت نوانوي هزار فوجي قيد ڪرائيندا. بهرحال، سڳورو پنهنجي دوستن تي ڏمريل آهي ۽ چوي ٿو ته توهان جيئي سنڌ وارا سچا آهيو.
جيل سپريڊنٽ مون کي ڪتاب ”نهج البلاغه“ پڙهڻ لاءِ ڏياري موڪليو. منشي اختر عليم ٻڌايو ته مارشل لاء حڪام سياسي قيدي شاگردن جي لسٽ گهرائي آهي، پر ان ۾ توهان جو نالو ناهي، ڇاڪاڻ ته توهان تي 307 جو ڪيس آهي.
81-7-18
شنوائيءَ تي ويس. اتي چاچا سائين علي گوهر شاهه (مورو)، فرمان علي شاهه، لال بخش عرف لالڻ چانڊيو، رشيد جوڻيجو (ٻورڙي)، عبدالواحد آريسر صاحب، ابوبڪر بُلو ۽ محمد جمن دربدر ملاقات ڪرڻ آيا. ڏاڍي رس واري رهاڻ ٿي. موٽي جيل تي پهتس. منشي اختر عليم ڪوٽڙيءَ جو موڪلائڻ آيو. کيس مارشل لاء وارن آزاد ڪري ڇڏي.
81-7-19
سڄو ڏينهن ”نهج البلاغه“ پڙهيم.
81-7-22
ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ مون کي گهرائي چيو ته، ”ايس.ڊي.ايم ڪوٽڙي روشن ٻرڙو، شيخ مجيب ۽ تنهنجا نالا ۽ مڪمل ائڊريسون وٺڻ لاءِ پنهنجو سرشتيدار موڪليو هو، جيڪو تفصيل کڻي واپس ويو.“ کيس چيم ته بورچي جي تڪليف آهي. اسماعيل چانڊيو بورچي ڏياري موڪليائين. مان موٽي وارڊ ۾ اچي ويٺس ته ابرار آيو، جنهن چيو ته سپرنٽنڊنٽ صاحب توهان کي گهرايو آهي. ساڻس مليس. مون کي چيائين ته ”مان خيرپور جيل انڪوائري تي وڃان ٿو، مون کي چار پنج ڏينهن لڳندا. ان ڪري منهنجي اسٽاف طرفان ڪابه گهٽتائي يا اوڻائي ٿئي ته منهنجي اچڻ تائين درگذر ڪجو.“ لعل ڏنو عرف ڪراڙو چانڊيو کي خط لکيم.
81-7-23
چراغ جمعدار کي چيم ته روشن ٻرڙو ۽ نورل چانڊيو جو ڪچو راشن ”بي ڪلاس“ ۾ موڪليندا ڪريو، جيئن ته ماني اسان وٽ ٿا کائين ته اٽو به اسان کي ڏيو. هن هائو ڪئي. مون کيس چانهه جي صلاح ڪئي ته ويهي رهيو. چانهه جيستائين تيار ٿئي ته مون سان ڪچهري پئي ڪيائين. ان دوران روشن ٻرڙو به پهچي ويو. چراغ سان هٿ ملائي ويٺو ته جمعدار جي سيٽي کيسي مان لڙڪي پئي. روشن سيٽي کڻي زور زور سان وڄائڻ شروع ڪئي. ان تي چراغ ڏاڍو پريشان ٿي ويو ۽ چانهه به نه پيتائين. سيٽي وڄڻ ڪري سڄي جيل ۾ سيٽين جا ڪڙڪاٽ هجن، پر ڪنهن کي به صحيح خبر نه هئي ته سيٽي ڪهڙي طرف کان وڳي. سيٽي وڄائڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو اٽو ڏيڻ تان ڦري ويو.
جيل تي بنا وقت جي سيٽي وڄائڻ خطري جي نشاني سمجهي ويندي آهي. قيدي جي ڀڄي وڃڻ، جيل ۾ قتل ٿيڻ يا جهڳڙي ٿيڻ وقت سيٽي وڄائي ويندي آهي.
غلام مصطفيٰ شاهه عرف بصر شاهه ”بي ڪلاس“ جو آرڊر اچڻ ڪري ٽپڙ کڻائي اچي بي ڪلاس وارڊ ۾ پهتو. سڄو ڏينهن ڪچهري ٿي. ڳالهائڻ ۾ وارو ڪنهن کي به نٿو ڏئي. يورپ ۽ عربستان جو دورو ڪري آيو آهي، وري حڪيم به آهي. ان ڪري ڳالهيون کٽنس ئي ڪونه ٿيون.
81-7-24
برسات پوڻ ڪري موسم ۾ تازگي اچي وئي آهي. جيل جون ڀتيون، بيرڪون سڀ ڌوپجي ويون آهن.
صبح جو بصر بادشاهه کوليءَ ۾ آيو ڪچهريءَ جي خيالن سان. هن جي هڪڙي خراب عادت آهي ته جنهن به ماڻهو جو نالو کڻي ٿو ته شاهه صاحب ان کي هڪدم گار ٿو ڏئي، يا وري ويهي ويهي ٿڌو شوڪارو ڀري چوندو ته جيل ۾ شراب، شباب، ڪباب هجي، پوءِ ڀلي مون کي هتي جيل ۾ ويهاري ڇڏين. مون کيس چيو ته: ”شاهه شوقين آهي.“ چيائين ته، ”اها به ڪا ڳالهه آهي، مان شراب سان غسل ڪندو آهيان.“ مون چيس: ”پوءِ ته تون بهشت ۾ ڪونه ويندين؟“ چيائين ته: ”نانو نبي ويٺو آهي، ان جو اولاد آهيان، مون کي لهر نه لوڏو.“ مون کيس چيو ته هڪ انسان مسلمان ناهي. چڱا ڪم ٿو ڪري، پنهنجي وطن وارن جي سهائتا ٿو ڪري، غريبن کي ڪپڙا، دوائون، ڪتاب ڏيڻ، گهر ٺهرائي ڏيڻ ۽ انهن جي خدمت ٿو ڪري ته اهو بهشت ۾ ويندو يا دوزخ ۾؟ چيائين ته بلڪل دوزخ جي تري ۾ ويندو. مون کيس چيو ته: ”تون بهشت جي اعليٰ درجي واري جاءِ جنت الفردوس ۾ رهندين.“
81-7-25
ڊپٽي کي چيم ته سول اسپتال ۾ موڪلڻ جو ڇا ٿيو؟ ڊي.ايم.ايل.اي آفيس جي ميجر صادق نواز سان فون تي منهنجي روبرو ڳالهائي کانئس منهنجي ٻاهر اسپتال ۾ دوا لاءِ پڇيائين، جنهن چيس ته صبحاڻي توکي ٻڌائيندس. سڄو ڏينهن هلڪي هلڪي بوندا باندي ٿيندي رهي.
81-7-26
غلام قادر ميمڻ ملڻ لاءِ آيو. ٻئي ڄڻا گڏجي ”ماڙي“ تي وياسون. احمد حسين جيلر کي چيم ته اسان کي ڇُري جي ضرورت آهي، نئين گهرائي ڏيو. صبحاڻي جو واعدو ڪيو اٿس.
ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ علويءَ سان مليس. کيس چيم ته مارشل لاء وارن جو ليٽر آيو يا نه؟ چيائين ته اڃا ڪونه آيو آهي. جيل سپرنٽنڊنٽ جي نه هئڻ ڪري، اڄ هن جو رويو ۽ ڳالهائڻ جو انداز بلڪل مختلف آهي.
مون کي تعجب آهي ته اهڙي بيمار ماڻهوءَ، جنهن کي مٺا پيشاب آهن، خارش اٿس، نظر ڪمزور اٿس، هلي ٿو ته ٿيڙ کائيندو ٿو هلي، عمر اٽڪل ڇاونجاهه سال کن اٿس، اڄ ته غريب قيدين کي اهڙيون ته غليظ ۽ واهيات گاريون پيو ڏئي جو شايد چڪلي جو ڀڙوو ٻڌي ته شرم کان ڪنڌ هيٺ جهڪائي ڇڏي، ان کي هن نوڪريءَ تي ڪيئن رکيو ٿا اچن؟
81-7-27
شنوائيءَ تي ويس. رسول بخش ٿيٻو ۽ قمر ڀٽي به سينٽرل جيل خيرپور کان هتي پهتا. ملاقات لاءِ لال بخش چانڊيو، غلام سرور چنو، عزيزم فرمان علي شاهه، سردار علي شاهه، پرويز ملڪ مسيح، ننڍڙو قربان علي شاهه جو پُٽ ظفر علي شاهه، غلام سرور شيخ ۽ ٻيا دوست آيا. ساڻن ڪچهري ٿي.
ڀاءُ راشد مورائي جي چٺي ملي. پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيم. خبر ناهي هروڀرو ڇو سواءِ سبب پڇڻ جي هڪ طرفو فيصلو ڪري ڇڏيو اٿس ۽ اجايو نصيحتن ۽ تنقيد تي زور رکيو اٿس.
آغا نور احمد پٺاڻ کي هڪ سال سخت پورهئي سان ٽيپ ۽ پنجاهه هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ملي. مون سان نارا جيل تي گڏ موٽي آيو. سخت مايوس هو.
81-7-30
روشن ٻرڙو ۽ ايم.آر.ڊي جي ڪارڪن رانا شمشاد ميرپور خاص جو کي ڊي.ايم.ايل.اي آفيس گهرايو اٿن. موٽي اچي ٻڌايائون ته کين آزاد ڪيو اٿن ۽ روشن چيو ته مون کي 8-8 تي وري اچڻ لاءِ چيو اٿن. اسان سڀئي کيس ماڙيءَ تي ڇڏي آياسين. پڇاڙيءَ ۾ روشن پنهنجي پياري ۽ مخصوص انداز ۾ ٽهڪ ٻڌايا ۽ ٻاهر جي آزاد فضائن ۾ وڃي ساهه کنيائين.
81-7-31
غلام مصطفيٰ شاهه عرف بصر بادشاهه مخالف ڌر سان ٺاهه ڪري اڄ آزاد ٿي ويو ۽ اسان تان ڏچو لٿو.
81-8-1
سپرنٽنڊنٽ جي آفيس ۾ ويٺو هوس ته ٻاهران محترم علڻ خان ٿيٻو ۽ حبيب الرحمٰن شيخ جي چِٽ (Chit) آئي. صاحب موڪل جو ڏينهن هئڻ ڪري سپاهيءَ کي جواب ڏنو، پر مون جڏهن نالا پڙهيا ته خبر پيم ۽ مون کيس چيو ته حبيب الرحمٰن، شيخ مجيب جو وڏو ڀاءُ آهي ۽ علڻ خان اسان جيئي سنڌ وارن کي پنهنجن مائٽن عزيزن کان به وڌيڪ عزيز ۽ محترم آهي، ان کي گهرايو. پوءِ کين گهرايائين. ملياسون، الله بخش ۽ جمن سان به ڪچهري ٿي. شيخ مجيب به آيو.
رمضان جي عيد جو چنڊ ڏٺو. آغا نور احمد پٺاڻ کي سپرنٽنڊنٽ اسان جي وارڊ ۾ ڏياري موڪليو.
81-8-2
عيد نماز پڙهڻ لاءِ چڪر ۾ وياسون. عيد جي ڏينهن به جيل جو عملو قيدين سان اهڙو ته رويو پيو هلي جو ڏکائيندڙ هو. مون ڊپٽي کي چيو ته صوبيدار مير عالم ۽ سپاهين کي سمجهايو، عيد جي ڏينهن قيدين کي تنگ نه ڪن. ڊپٽيءَ صوبيدار ۽ سپاهين کي گهرائي منع ڪئي ته عيد جي ڏينهن سختي نه ڪيو.
مير الله بخش ٽالپر وارن اسان کي عيد جي ماني کارائي.
اسان وٽ مقبول سمون، محرم مير بحر عرف مارو ڍول، سڪندر شاهه، تنوير عرف فوجي، حاجي پنهور، مشتاق عباسي، نظام پنهور، امان الله شاهاڻي، نور احمد چانڊيو، راجا آفتاب، علي محمد وارڊ ۾ آيا. اسان کين عيد جي ماني کارائي.
اڄ امان الله شاهاڻي، شيخ مجيب، مشتاق عباسي ۽ قمر راڄپر ڀنگ پيتي آهي. خمار لڳا پيا اٿن. قمر راڄپر ته رڳو پيو ٿو کِلي.
81-8-3
احمد حسين جيلر عيد مبارڪ ڏيڻ آيو. ڪافي وقت تائين ڪچهري ڪيائين. مان سڪندر شاهه ۽ محرم مير بحر مارو ڍول سان سندن کولين ۾، جنهن کي ”هوا بندر“ سڏيندا آهن، ڪچهري ڪرڻ ويس.
81-8-5
مشتاق عباسي ۽ نظام پنهور ڪچهريءَ تي آيا. کين ”قوم ۽ قوميت“ تي ليڪچر ڏنم. رات جو بورچيءَ اسماعيل چانڊئي ماني سٺي نه پچائي. اسان کيس چيو ته ماني ڌيان سان پچاءِ ۽ سٺي پچاءِ. ان تان ڪاوڙجي پيو ۽ چيائين ته چنڊ ۽ تارا منهنجي هيلپ (Help) ٿا ڪن، توهان ڪير ٿيندا آهيو مون کي سمجهائڻ وارا. اسان کي ٿورو عجب لڳو ۽ کانئس پڇيو ته چنڊ ۽ تارا هيلپ ڪيئن ٿا ڪن؟ چيائين ته مان هلان ٿو ته چنڊ ۽ تارا مون سان گڏ ڏڪن ٿا. اسان چيس ته ڀلا هلي ڏيکار. وٺي زمين تي زور سان داڦوڙا هڻي هلڻ لڳو. چيائين ڏٺوَ ته منهنجي هيلپ ڪيائون نه؟ اسان چيس ته ”هيلپ“ جي معنيٰ ڇا آهي؟ چيائين چنڊ ۽ تارا اسماعيل چانڊئي جي هلڻ سان ڏڪندا آهن. ڏاڍو هن جي ڳالهين مان مزو ورتوسون.
81-8-6
ابوبڪر ۽ قمر ڪوٽڙي شنوائيءَ تي ويا. شيخ مجيب ۽ مان ڪمري ۾ ويٺا هئاسين ته اسماعيل بورچي آيو. در تي بيهي چيائين ته: ”مجيب! تون امان جي مهانڊي آهين.“ اسان چيس ته اهو وري ڪيئن؟ چيائين ته: ”بلڪل امان هن جي مهانڊي هئي.“ ڏاڍو کلياسين.
81-8-7
ڪمري ۾ ويٺو هوس ته مجيب ۽ اسماعيل بورچي آيا. شيخ مجيب چيو ته بورچي کان احوال وٺ. مون کانئس پڇيو ته: ”ڏي حال احوال.“ چيائين ته مجيب، الهداد مريءَ جو پُٽ آهي ۽ مون سان ڪوڙ ٿو هڻي ته بهادر خان شيخ جو پٽ آهي. مون کانئس پڇيو ته اهو وري ڪيئن؟ چيائين ته مان الهداد مريءَ وٽ نوڪر بيٺل هوس ته مجيب ننڍڙو هوندو هو. مان کيس هنج تي کڻي گهمائيندو هوس، چڪر ڏيارڻ وٺي ويندو هوسانس. پوءِ هڪ ڏينهن مون کان گم ٿي ويو ۽ دڙو جي شيخن مان بهادر خان شيخ جي هٿ چڙهي ويو، جنهن نپائي وڏو ڪيو اٿس ۽ هينئر مون کي سڃاڻي ڪونه ٿو. اسان هن جي عجيب وغريب ڳالهين تان ڏاڍو کلياسين ۽ شيخ مجيب هن کي دڙڪا ڏئي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. اسان پاڻ ۾ ڪچهري ويٺي ڪئي ته ٻاهر روئڻ جو آواز آيو. ٻاهر نڪري ڏٺوسون ته اسان جو بورچي اسماعيل روئي ويٺو ۽ ڳوڙها پيو ڳاڙي. اسان پڇيس ته ڇو ٿو روئين؟ چيائين ته مجيب کي ننڍڙي لاءِ جو رانديون کيڏايم، گهمايم، شيءِ کارائيندو هوسانس، اڄ وڏو ٿيو آهي ته مون کي دڙڪا ٿو ڏئي. هن جي معصوميت تي ڏاڍو رحم آيو ۽ کيس پرچائي وٺي وڃي بورچي خاني ۾ ڇڏيوسون. نالو رکيوسونس ”مجنون“. سڪندر شاهه ۽ محرم مير بحر ڪمري تي آيا ۽ منجهند جي ماني گڏجي کاڌي سون.
81-8-8
محبوب سپرنٽنڊنٽ سان مليس. کيس برداشتي، ڇُري، آغا نور احمد ۽ نور احمد چانڊيو جي ڪچي راشن ڏيڻ لاءِ چيم. ڇُري ان وقت ڏنائين. برداشتي موڪلڻ لاءِ واعدو ڪيائين، باقي ڪچي راشن ڏيڻ کان بلڪل انڪار ڪيائين. چيائين ته مان ڊڄان ٿو، هتي مون وٽ اختر شاهه جيلر جهڙا ماڻهو آهن، جيڪي مون تي ڪنهن به وقت درخواست ڪري سگهن ٿا.
81-8-9
شنوائيءَ تي ويس. اتي سينٽرل جيل خيرپور کان رسول بخش ٿيٻو ۽ قمر ڀٽي به مارشل لاء ڪورٽ ۾ آيا. محترم علڻ خان ٿيٻو، ڊاڪٽر مولا بخش ٿيٻو، انور لاکو، چاچو بوبڪ خان ٿيٻو، روشن ٻرڙو، سعد الله شاهه، فرمان علي شاهه، سردار علي شاهه سان ملاقات ٿي.
فرمان علي شاهه ٻڌايو ته توهان جو والد بزرگوار ٽي چار ڏينهن ٿيندا ته وفات ڪري ويو آهي.“ سخت ڏک ۽ ارمان ٿيم. سواءِ ان جي مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ منهنجو ضمير مطمئن آهي، ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌي قوم غلام آهي ۽ آزاديءَ جي راهه ۾ وڙهندڙ ڪارڪن لاءِ اهڙيون تڪليفون ۽ صدما ڌرتيءَ ۽ قوم کان مٿاهان ڪونه هوندا آهن. جتي سنڌي قوم ۽ سنڌ ڌرتيءَ تي منهنجي والد جهڙا هزارين لکين انسان سڏڪيو سڏڪيو ساهه ٿا ڏين، پنهنجا ارمان ۽ امنگون، سوچون ۽ لوچون، درد ۽ پيڙائون پاڻ سان گڏ کنيو قبر ۾ وڃي دفن ٿا ٿين، اتي منهنجي هڪ پيءُ جون آسون ۽ تمنائون به انهن سان گڏ آهن. شل اسان جون آزاديءَ جي راهه ۾ هي تڪليفون، جدائيون ۽ قيد هن قوم کي تقدير بدلائڻ لاءِ هڪ مشعل جو ڪم ڏين. موٽي جيل تي پهتس.
آغا نور احمد، قمر راڄپر، شيخ مجيب الرحمٰن ۽ ابوبڪر بابا سائين جي وفات جو ٻڌي مون سان عذر خواهي ڪئي. ان کان پوءِ وڃي سپرنٽنڊنٽ سان مليا ته جيئن مون کي پيرول تي جيل کان ٻاهر ڪڍرائڻ لاءِ مارشل لاء وارن کان اجازت وٺي. جيل سپرنٽنڊنٽ مارشل لاء وارن سان ڳالهايو، پر ڊي.ايم.ايل.اي قاضي سعيد الدين انڪار ڪيو. مشتاق، نظام، نور احمد چانڊيو عذر خواهي ڪرڻ آيا.
پيرول تي آزادي نه ملڻ کان وڌيڪ گهاءُ بابا سائين جي تڏي تي پنهنجي عزيزن، دوستن ۽ بابا سائين جي دوستن سان ڏک نه ونڊي سگهڻ جو آهي. هيءَ رات منهنجي جيل جي سڀ کان اداس ۽ اڪيلي رات آهي. مان محسوس ڪيان ٿو ڄڻ منهنجي هٿن جي آڱرين منجهان ڪو مضبوط سهارو ۽ آٿت بنا موڪلائڻ جي وڇڙي ويو آهي. ڀٽائي جون اهي سٽون جيل وارڊ جي کوليءَ جي ديوارن تي اُڪري اُڪري پار ڪڍڻ لڳيون آهن ته:
اڄ نه اوطاقن ۾ ٿا، طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
بابا سائين به ته منهنجي جيءَ کي جياريندڙ ۽ اسان جي غريب ڪٽنب کي معاشي جيئدان بخشيندڙ، مون لاءِ هڪ عظيم هستي وانگر هو. توڻي جو هو منهنجي سياسي سرگرمين منجهان شايد صدين جي غريبي ۽ جاگيرداري نظام جي اثرات ڪارڻ غير مطمئن/خوفزده رهندو هو، پر هن ڪڏهن به پنهنجي بردبار پورهيت اکين ۾ اهڙي ميار سانڍي مون سان کُهرو نه ڳالهايو هو جو آئون پنهنجي قومي مقصد واري راهه تان ٿڙي سگهان ها. اڄ رات عجيب ڪيفيتن ۾ مبتلا آهيان. بابا سائين سان گهاريل زندگيءَ جو هر لمحو، هر هڪ گهڙي وڏ ڦڙي مينهن جيان منهنجي روح تي برسي رهي آهي. بابا جو ڏنل بي پناهه پيار ۽ ڪنهن غلط ڪم ڪرڻ تي سندس ڏنل معصوم سزائون ذهن جي اسڪرين تي ڪنهن فلم جيان هلي رهيون آهن. بابا سائين بنيادي طور تي پورهيت انسان هو. هن سڄي ڄمار پنهنجو وجود پورهئي جي پوتر عمل کي ڏئي پنهنجي ڪٽنب جو پيٽ پاليو هو. غربت جي لحاظ کان هو جان جوکم ۾ وجهڻ وارو پورهيو ڪندو هو، يعني پيشي جي لحاظ کان ”کوهاڻو“ هو. درياهي علائقن يا وڏن ڳوٺن ۾ نارن وسيلي پاڻي ڪڍيو ويندو آهي ۽ بابا سائين پنهنجي ماتحت ليبر سان گڏ ڌرتيءَ جو سينو چيري ويهه کان ٽيهه فوٽ اونها کوهه کوٽيندو هو. توڻي جو سندس پيشو ڊرائيور وانگر موت جو همسفر هوندو هو، پر بابا سائين وڏو توڪل وارو ۽ سخي انسان هو. هڪ ڀيري ته ائين به ٿيو جو بابا سائين کي اسان گهر ڀاتي اچرج مان ڏسندا رهجي وياسين، ڇاڪاڻ ته سندس وجود تي صرف اجرڪ جي گوڏ ٻڌل هئي. گهڻي زور ڀرڻ کان پوءِ معصوم ٻار جهڙي مرڪ چهري تي آڻي ٻڌايائين ته رستي ۾ فقيرن امام حسين جي نالي تي صدا هنئي ۽ مون کان لباس طلب ڪيو ۽ اهو سودو مون لاءِ مهانگو نه هو ۽ بابا سائين جي سڄي زندگي ائين گذري. پاڻ غربت سبب تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. پنهنجي زندگيءَ جا ورق ورائيندي بابا ٻڌائيندو هو ته سندن ٻاروتڻ تمام گهڻو ڏکيو ۽ غربتن ۾ گذريو. هڪ ويلو کائڻ لاءِ ملندو هو ته ٻه ويلا بکون ڪاٽڻيون پونديون هيون ۽ ڪيئي چانڊوڪيون راتيون امڙ خالي ديڳڙيءَ ۾ پاڻي وجهي ڏوئي کڙڪائيندي اسان کي دلاسا ڏيندي ننڊ سمهاري ڇڏيندي هئي. غربت جي ايڏن شديد امتحانن مان گذرڻ باوجود مون بابا سائين جي اکين ۾ ڪڏهن گهڻي دولت جي لالچ ۽ حوس نه ڏٺي هئي. هو اسان کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جو خواب ضرور ڏسندو هو. مون کي ياد آهي ته ننڍپڻ ۾ مون اسڪول کان گسايو هو ته بابا وَنگ جي رسي سان منهنجي پٺيءَ تي ڪيئي چٽ ڪڍيا هئا ۽ زندگيءَ ۾ سندس اها پهرين ۽ آخري مار هئي. هو اسان مان بُريون عادتون ۽ غلط ورتاءَ ايڏي ته پيار ۽ معصوم انداز سان ڪڍندو هو جو اسان کي اندازو نه ٿيندو هو. ننڍپڻ ۾ آءٌ کاٻي هٿ سان ماني کائيندو هوس. هڪ دفعي بابا سائين ڏسي ورتو. سزا ۽ دڙڪا ڏيڻ جي بدران بابا ٻئي ڏينهن تي مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ دوڪان تان ٻن روپين جون ريوڙيون ورتيون ۽ مون کي مٺ ڀري ڏيڻ بدران هڪ هڪ ريوڙي ڏيندي ساڄي هٿ سان کائڻ جي هدايت ڪيائين. سندس انهيءَ شفقت ڀرئي انداز کان پوءِ مون وري ڪڏهن به کاٻي هٿ سان نه کاڌو.
بابا سائين کوهه کڻڻ کان سواءِ پڪين سرن جو بٺو تيار ڪرڻ ۽ ميلن ملاکڙن ۾ ٻئي جوڙ ۾ ملهه وڙهڻ سان گڏوگڏ اوطاقي ڪچهرين جو ڪوڏيو هوندو هو ۽ ڪيترن سگهڙن کي نڙ بيت ۾ ماٺ ڪرائي ڇڏيندو هو، پر جڏهن سندس 18 ورهين جو ڳڀرو پٽ (اڳين گهرواريءَ مان) مراد علي شاهه ڪمهلي موت مري ويو، انهيءَ کان پوءِ بابا سائينءَ جا سمورا شوق، وندر ۽ ورونهن موڪلائي ويا. نڙ بيت چوندي روئي ڏيندو هو.
بابا سائين سادي سودي محدود پورهيت واري زندگي گذارڻ سان گڏوگڏ روحانيت جو قائل هو ۽ ڪيتريون قرآني آيتون هر وقت سندس چپن جو ورد بڻيل هونديون هيون. خاص طور تي ”سلام قول من رب الرحيم“ يا حي، يا قيوم جو ورد ڪندو هو. بابا سائين پورهيت هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ جو هڪ ٽپيڪل ڀاڳيو ۽ اوطاقي انسان هو. سياري جون اڪثر راتيون اوطاق تي برپا ڪيل مچ ڪچهرين ۾ گذرنديون هيس. سندس ياري دوستي جو وڏو حلقو هوندو هو. مينهن ڌارڻ جو تمام وڏو شوقين هو ۽ شوقين به ايتري حد تائين جو پهرئين نگاهه سان ڀلي مينهن جون وصفون جانچي ويندو هو. مون کي اڪثر ڀلي مينهن جون وصفون بيان ڪندي ٻڌائيندو هو ته ڀلي مينهن جي چمڙي پشم جهڙي، ٿڻ کارڪ جهڙا، سينو موڪرو، اوهه پيٽ سان جڙيل هجي، ڪنڊي ايتري جو آڱر به ڪراس نه ڪري سگهي، اڳيون ڄنگهون گوڏن کان هيٺ مٿئين حصي کان ننڍيون هجن. اهڙيون مينهون وٿاڻ ۽ ڀاڳئي جي سونهن هونديون آهن. باقي گوشي ۽ ڀِل مينهون کير ڏيڻ جون ڀليون ٿينديون آهن.
بابا سائين اڪثر ڪري چوندو هو ته سؤ وڃائجي، ساءُ نه وڃائجي. دوستي جو وڏو قدردان، وفا شعار انسان هو. اڪثر مون کي پنهنجي عزيز ترين دوست سنهون ابڙو، محمد خان ڪاريو، حاجي نظام الدين بڙدي، حاجي بهاول بڙدي سان سڄي ڄمار ادب احترام وارو رشتو قائم رکڻ جي هدايت ڪندو هو.
اڄ زندگيءَ کي زنده دليءَ سان جيئندڙ اهو انسان مون کي ماڻهن جي هن جهنگل ۾ هميشه هميشه لاءِ هيڪل وياڪل ڇڏي، انهيءَ پنڌ جو راهي ٿي چڪو آهي، جتان ڪوبه مسافر واپس نه آيو آهي ۽ انهيءَ ڏک منهنجي روح ۾ ڏانوڻ وجهي ڇڏيا آهن ته دنيا جو آءٌ ڪيڏو نه بدنصيب موڀي پٽ آهيان، جيڪو پنهنجي محبوبن ۽ دوستن جهڙي والد جو آخري ديدار نه ڪري سگهيو، سندس ڪلهي ڪانڌي ٿي نه سگهيو. ان سمي منهنجي جيجل امڙ پاڻ کي ڪيڏو نه تنها ۽ اڪيلو محسوس ڪيو هوندو، جڏهن ته سندس شريڪ حيات جي پيڙائتي وڇوڙي واري ويل ساڻس ڳراٽڙي پائي ڏک ونڊڻ لاءِ سندس فرزند (آءٌ) موجود نه هوندو. مان سوچيان ٿو ته هيءَ ڪهڙي رياست آهي، ڪهڙي ٺڳيءَ جو ٺاهه آهي، جتي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جا حق گهرندڙ انسانن کي اهو به حق حاصل ناهي ته هو پنهنجي پيارن جي جدائي ۽ وڇوڙن وارن لمحن ۾ پنهنجي خاندان جي باقي ڀاتين سان گڏجي ٻه چار لڙڪ لاڙي سگهن. هتي جيل جي اونداهين راتين ۾ منهنجا سياسي قيدي دوست ستار موريو، شيخ مجيب الرحمٰن، قمر راڄپر، ابوبڪر زرداري، غير سياسي دوست مشتاق عباسي، نظام الدين، نور احمد چانڊيو، مير الهه بخش ٽالپر، غلام رسول لاشاري، امان الله شاهاڻي ۽ ٻين رسمي طور تي مون سان عذر خواهي ڪئي ۽ منهنجي ڏک کي پنهنجو ڏک قرار ڏنو. نظرياتي دوستن مون کي مايوسي جي ڪُن مان ڪڍڻ ۽ حوصلا بلند ڪرڻ لاءِ اهڙن حادثن ۽ هاڃن کي سياسي ڪارڪن جي زندگيءَ جو حصو قرار ڏنو، پر انهن کي ڪهڙي خبر ته ڪائنات ۾ ڪجهه اٽوٽ رشتا، ڪي ازلي ڳانڍاپا اهڙا به هوندا آهن، جن کان ظاهري طور وڇڙڻ جي باوجود ماڻهو وڇڙي نه سگهندو آهي ۽ انهن عظيم ترين پيارين شخصيتن جون قبرون دلين ۾ سدائين تازيون هونديون آهن، جن جي لحد جي سفر ۾ شامل نه هوندو آهي ۽ بابا سائين جي وڇوڙي جو گهاءُ شايد منهنجي پنهنجي لحد جي سفر تائين منهنجي سيني ۾ ساهه کڻندو رهندو.
ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوءِ،
تو سان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون.
(اياز)
81-8-10
مير الهه بخش ٽالپر، غلام رسول لاشاري، اختر شاهه جيلر، سڪندر شاهه، محرم ميربحر، مقبول سمون، جيل جو ڊاڪٽر هادي بخش لغاري، قيوم ۽ ابرار عذر خواهي ڪرڻ آيا.
81-8-11
تنوير عرف فوجي چڪر جمعدار، علي نواز چانڊيو عذر خواهي ڪرڻ آيا.
81-8-12
حاجي محمد اسماعيل اوٺو ۽ شفيع ارشد عذر خواهي ڪرڻ آيا.
منشي نظام پنهور ٻڌايو ته شاهه محمد شاهه جيل تي آيو هو ۽ جيل سپرنٽنڊنٽ سان گڏجي آءِ.جي جيلز ڏي ويا آهن. قمر راڄپر کان پڇيم ته آيو هو ڇا؟ چيائين ته آيو هو، پر اسان سان ملاقات ڪري نه سگهيو. مون کي سمجهه ۾ ڳالهه نٿي اچي ته شاهه کي جهاز اغوا واري لسٽ جي ماڻهن ۾ زوري ٻاهر موڪليو ويو هو ۽ هتي ائين سرڪاري ڪارندن سان ڪيئن وتي ٿو ڦرندو؟
81-8-13
ايوب شورو عرف جانِ من تعزيت ڪرڻ لاءِ آيو. ٻڌايائين ته چڪر جا تمام گهڻا قيدي عذر خواهي لاءِ سنبريل هئا، پر کين جيل انتظاميه اجازت نه ڏني، ان ڪري اچي نه سگهيا. ٻڌايائين ته مان به چڪر جمعدار مومن علي کي رشوت ڏئي پوءِ توهان ڏي تعزيت لاءِ آيو آهيان. ڊيوٽي جمعدار ٻڌايو ته سپرنٽنڊنٽ جيل جي سڄي اسٽاف کي گهرائي چيو آهي ته سرڪاري ليٽر آيو آهي ته صبحاڻي چوڏهين آگسٽ تي نياز اسٽيڊيم ۾ سادن ڪپڙن ۾ سڄو عملو وڃي، جيئن هن حڪومت جي مضبوطي جي ثابتي ملي.
81-8-4
اختر شاهه جيلر آيو. ڪچهري ڪيائين. ٻڌايائين ته سپرنٽنڊنٽ چيو آهي ته نياز اسٽيڊيم وڃ، پر مان ڪونه ويس ۽ ڊيوٽي واري عملي کان سواءِ سمورو اسٽاف نياز اسٽيڊيم ۾ موڪليو اٿس. اختر شاهه جيلر چيو ته مون کي ڀنگ پياريو. اتفاق سان امان الله شاهاڻي وٽ تيار لڳي پئي هئي، جتان برداشتي ٻه گلاس جڳ ۾ ڀرائي کڻي آيو ۽ پيتائين. ڪافي وقت تائين ڪچهري ڪيائين. شام جو اٿي ويو. آغا نور احمد پٺاڻ جو ”بي ڪلاس“ ٿي ويو.
81-8-15
مان جيل جي اسپتال ڏي چڪر ۾ ويس. اتي جڏهن قيدين کي منهنجي خبر پئي ته ڪافي تعداد ۾ پهچي ويا ۽ اچي تعزيت ڪيائون. ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري مان ماڙيءَ ۾ سپرنٽنڊنٽ سان وڃي مليس ۽ کيس ڪچي راشن پوري نه ملڻ جي شڪايت ڪيم، جنهن محمد خان هيڊ ڪلرڪ کي گهرائي چيائين ته شاهه صاحب کي راشن ڇو گهٽ مليو آهي؟ آئنده اهڙي شڪايت نه ٿئي. مان محمد خان هيڊ ڪلرڪ سان گڏجي سندس آفيس ۾ وڃي ويٺس، جنهن ٻڌايو ته عيد واري ڏينهن سپرنٽنڊنٽ پاڻ اٺ ڪلو کنڊ، ڏهه ڪلو گيهه جيل جي راشن مان کڻي ويو هو. مان ڪٿان پوري ڪيان؟ مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو.
81-8-16
صبح جو اٿي سڪندر شاهه ۽ محرم مير بحر سان سندن وارڊ ”هوا بندر“ تي ڪچهري ڪرڻ ويس. اتي ڏاڍي مزيدار ڪچهري ٿي. خدا بخش ٻگهيو پڪو قيدي آيو، جنهن چيو ته احمد حسين جيلر کي چئي منهنجي بورچي خاني مان بدلي ڪرايو، ڇو ته مون سان چراغ جمعدار نه ٿو ٺهي ۽ مقبول سمي چيو ته مون کي سانگهڙ جيل تي بدلي ڪرايو ۽ اختر شاهه جيلر کي چئو ته پوليس گهرائي مون کي سانگهڙ ڪورٽ موڪلي. ٻنهي سان واعدو ڪيم ته صبحاڻي آفيس ۾ وڃي ٻنهي جيلرن سان ڳالهائيندس.
اڄ اسان بي ڪلاس وارڊ جي غلام رسول لاشاري، امان الله شاهاڻي، شفيع ارشد، ڊاڪٽر هادي بخش لغاري، مشتاق عباسي، ايوب شورو ۽ مير الهه بخش ٽالپر ۽ سندس ڀائرن جي پنهنجي وارڊ ۾ دعوت ڪئي سون، ڇاڪاڻ ته ميرن اسان کي هن کان اڳ دعوت کارائي هئي.
شام جو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فزيالاجي ڊپارٽمينٽ جا ٽي مهاجر ڇوڪرا سيد سجاد ۽ ٻيا ٻه قيد ٿي آيا آهن. يونيورسٽي ۾ سڃاڻپ هئڻ ڪري وڃي ساڻن مليس. پڇڻ تي ٻڌايائون ته فوجين جي آفيسرس ميس مان رنگين ٽي وي چوري ڪئي هئي سون، پر جنهن ماڻهوءَ کي ڏني سون، ان وٽ پڪڙجي پئي ۽ ان نالا ٻڌايا ۽ اسان گرفتار ٿي نارا جيل پهتاسون.
81-8-17
سپرنٽنڊنٽ سان وڃي مليس. کيس چيم ته مون کي ڏندن جي تڪليف تمام گهڻي ٿي وئي آهي، توهان مون کي اسپتال ڪونه ٿا موڪليو؟ چيائين ته ليٽر روانو ڪيو اٿم، جيئن مارشل لاء وارا اجازت ڏيندا ته حاضر. بعد ۾ چيائين ته مان توهان جي والد جي وفات تي تعزيت ڪونه ڪري سگهيو آهيان. هينئر توهان وارڊ ڏي هلو، مان اچان ٿو. وارڊ ۾ آيو ۽ تعزيت ڪري واپس ويو. مون احمد حسين جيلر ۽ اختر شاهه کي خدا بخش ۽ مقبول سمون لاءِ چيو.
رات جو بورچي اسماعيل چانڊيو عرف مجنون، اولهه طرف ڏي پير ڪيو ستو پيو هو. مون کيس چيو ته اولهه ڏي ڪعبة الله آهي ۽ ايڏانهن پير ڪرڻ گناهه آهي، ڪجهه ادب سک. مون ڏي ڪاوڙ مان نهاري چيائين ته: ”مٿو نه کاءُ، تون به ٿو مون کي سمجهائين. مان توکان گهڻو پڙهيل آهيان.“ مون کيس پيار مان وري سمجهايو ته اولهه طرف پير ڪري نه سمهه. مون کي چيائين ته انسان جڏهن ڪعبة الله ۾ زيارت ۽ عبادت ڪرڻ ويندو آهي ته پير به گڏ هوندا اٿس يا مٿي تي رکي ڇڏيندو آهي؟ اتي مون چيو ته پير بلڪل گڏ هوندا اٿس. چيائين ته جڏهن اهي پير اتي کڻي گهمندو آهي ته ڏوهه ڪونهي، باقي مان هينئر هزارن ڪوهن کان پري ان طرف پير ٿو ڪريان ته گناهه ٿي ويو. دل ۾ چيم ته ڪڏهن ڪڏهن چريا، سياڻن کان به وڌيڪ پختن دليلن سان سچي حقيقت بيان ڪندا آهن. برسات جي بوندا باندي وسي رهي آهي. اندر کوليءَ ۾ گرمي ۽ گُهٽ ڏاڍي آهي. سوچيان ويٺو ته برسات گهٽ ٿئي ته کٽ ٻاهر ڪڍان.
81-8-19
صبح جو اعظم منشي اچي ٻڌايو ته مون کي ۽ قمر راڄپر کي ڊي.ايم.ايل.اي هيڊ ڪوارٽر ۾ گهرايو آهي، ان ڪري تيار ٿي ويهو. ڏهين بجي ڌاري پوليس اسان کي ڊي.ايم.ايل.اي جي آفيس وٺي وئي. اتي مون کي ۽ قمر راڄپر کي ڊي.ايم.ايل.اي ميجر گهرائي چيو ته جنرل صاحب ٺٽي ضلعي ۾ ٻوڏ جي صورتحال خراب ٿيڻ ڪري اوڏانهن هليو ويو آهي، ان ڪري توهان واپس وڃو. ايندڙ هفتي ۾ توهان ٻنهي کي وري گهرائينداسون.
81-8-20
تنوير، محرم ميربحر ۽ سڪندر شاهه ڪچهري تي آيا. بورچي اسماعيل مجنون اڄ آزاد ٿي ويو.
81-8-21
محمد صالح راهپوٽو ۽ مير مولا بخش لغاري جا ڀان سعيد آباد کان تعزيتي پيغام پهتا.
81-8-22
سڄو ڏينهن طبيعت ٺيڪ ڪانه هئي. شام جو سڪندر شاهه، محرم مير بحر، مقبول سمون سان ”هوا بندر وارڊ“ وٽ رهاڻ ٿي. سپرنٽنڊنٽ مون کي گهرائي چيو ته 8-25 تي قمر راڄپر ۽ توکي ڊي.ايم.ايل.اي گهرايو آهي.
81-8-23
شنوائي تي مارشل لاء ڪورٽ ۾ ويس. سينٽرل جيل خيرپور کان رسول بخش ٿيٻو ۽ قمر ڀٽي آيا. سٺ ميل تان برادرم ارباب علي شاهه، ماروٽ غلام سرور شاهه، بڇيريءَ جو غلام قادر ابڙو، فرمان علي شاهه، قربان علي شاهه جا ننڍڙا پٽ ممتاز علي شاهه ۽ مهتاب علي شاهه آيا. غلام النبي سومرو، ذڪاءُ الله شيخ، قادر بخش عباسي، غلام قاسم لغاري، لال بخش عرف لالڻ چانڊيو ۽ سنڌ يونيورسٽي جا ٻيا شاگرد به آيا. شنوائي 9-8 تي ملي.
81-8-25
قمر ۽ مان ڊي.ايم.ايل.اي آفيس وياسين. اتي ميجر محبوب قادر اسان جي انچارج جمعدار کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ کيس چيو ته هنن کي ڇو وٺي آيا آهيو؟ اڄ جڏهن ته هنن جي هتي ڪابه تاريخ ڪانه آهي ۽ نه وري اسان گهرايو اٿن. اسان کي ڏاڍو تعجب لڳو، واپس موٽي آياسين ته قمر راڄپر جي انتظار ۾ سندس وڏو ڀاءُ اڪبر راڄپر، شاهه محمد شاهه، اسماعيل وساڻ ۽ عرفان شاهه بيٺا هئا. سڀني کي احوال ٻڌايوسين. سڀ اچرج ۾ پئجي ويا. موٽي اچي جيل تي پهتاسون. ڊپٽي کي احوال ڏنوسون. شام جو ڊپٽي ڏاڍو پريشان لڳو بيٺو هو. مون کي ڏسندي ئي سڏ ڪيائين ۽ چيائين ته مون کان ميجر محبوب قادر ڳالهايو آهي ۽ چيو اٿس ته توتي انتظامي ڪارروائي ٿيندي. هاڻي ڇا ڪريان؟ مان ته ڏاڍو پريشان آهيان. مون کيس چيو ته سپرنٽنڊنٽ اڄ ڪراچي مان اچي ويو هوندو. ان سان ڳالهائي مسئلو حل ڪري ڇڏ.
81-8-26
سپرنٽنڊنٽ سان ملڻ ”ماڙي“ تي ويس. آفيس ۾ اندر ويس ته صاحب پٽ تي بسترو وڇايو گِهري ننڊ ۾ ستو پيو هو. مون کي تعجب لڳو ته آفيس ٽائيم ۾ ائين بسترو وڇائي ڪيئن ستو پيو آهي؟ سوچيم ته ڊپٽي سان ملان. ان جي آفيس ۾ ويس ته اهو به ٽيبل تي ٽنگون رکيو مٺي ننڊ ۾ ستو پيو هو. مان ماٺ ڪري موٽي آيس. شام جو پنجين بجي ڌاري آفيس جو منشي آيو، جنهن چيو ته صاحب لاءِ چار چانهيون ٺهرائي ڏيو ۽ مون کي چيائين ته توهان کي گهرايو اٿس. مان وڃي ساڻس مليس. 25 تاريخ وارو احوال پڇڻ تي کيس ٻڌايم. ان وچ ۾ چانهن به اچي وئي. حسب معمول وات ۾ ”مين پوڙي“ هيس. چانهه پيئڻ کان اڳ ان کي ڪڍڻ لاءِ گُرڙي ڪيائين. جيئن گرڙي جو پاڻي وات مان ٻاهر اڇلايائين ته سڀ جو سڀ بش شرٽ جي کيسي ۾ وڃي پيس ۽ کيسي ۽ ٻي جنهن به جاءِ تي گرڙيءَ جو پاڻي پهتو، اتي ڳاڙهو رنگ ڏيندو ويو. مون کي ڏاڍي کِل آئي. هن لاءِ ڪابه ڳالهه نه هجي. برداشتيءَ کي گهرائي ٽوال سان قميص کي صاف ڪرايائين ۽ مزي سان چانهه مان چسڪيون وٺڻ لڳو. مون کيس چيو ته صاحب! ايترو آفيم ڇو ٿا کائو؟ مون کي جواب نه ڏنائين ۽ پوءِ وري اسلام جون ڳالهيون وٺي شروع ڪيائين ۽ ماضيءَ جا پنهنجي بهادريءَ جا قصا ٻڌائڻ شروع ڪيائين. نيٺ ٽيليفون آيس. پاڻ جيئن اکيون ٻوٽي ان سان ڳالهائڻ لڳو ته مان آفيس مان نڪري اچي وارڊ ۾ پهتس.
81-8-27
سپرنٽنڊنٽ آفيس ۾ گهرايو. چيائين ته مارشل لاء وارن تنهنجي لاءِ ڊاڪٽر کي لکيو آهي ته رپورٽ ڏي ته علي محمد شاهه کي ڇا آهي؟ ان دوران ڊاڪٽر هادي بخش به اچي ويو ۽ ليٽر ان کي ڏنائين. ڊاڪٽر ڪجهه پريشان ٿي ويو ۽ مون کي چيائين ته يار! ٻاهر آزاد ٿي وڃي علاج ڪرائجانءِ، هينئر مون کي به پريشان ڪري ڇڏيو اٿئي. مون چيومانس ته مون کي ڏندن جي تڪليف ظاهر آهي، ناجائز ڳالهه ناهي. توهان ليٽر لکي موڪليو، ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڳالهه ناهي. ڊاڪٽر ليٽر لکي ڀُٽي ڪلرڪ کي ڏنو، جيڪو صحيح ڪرائڻ لاءِ اچي سپرنٽنڊنٽ کي ڏنو ۽ پاڻ هليو ويو. سپرنٽنڊنٽ ليٽر صحيح ڪري مون کي چيو ته هن تي آئوٽ ورڊ نمبر (Outword) هڻائي کڻي اچ ته ڊاڪٽر ٻٽيهون نمبر رجسٽر ڀري. مون صاحب کي چيو ته مان تنهنجو پٽيوالو نه آهيان. گهنٽي وڄائي، ڪلرڪ کي گهرائي ان کي ڏي. مون کي چيائين ته شاهه صاحب! غلطي ٿي وئي. مان آفيس مان اٿي اچي نور احمد پنهور ۽ شيخ مجيب سان ويٺس، جن ملاقات ويٺي ڪئي.
81-8-28
جيل جي اسپتال ۾ غفار چنو ۽ نور احمد چانڊيو سان ڪچهري ڪيم. جمع جي ڏينهن هئڻ ڪري سڄي جيل ۾ خاموشي ڇانئي پئي آهي. سڀئي قيدي اڄوڪي ڏينهن لاءِ چڱو رايو نه رکندا آهن، ڇاڪاڻ ته هنن جو چوڻ آهي ته موڪل جو ڏينهن، ڪوبه آزادي جو ليٽر يا ملاقات نه ٿيندي آهي. هونئن به ٻين ڏينهن تي ڪوبه آزادي جو ليٽر يا ملاقات هر هڪ قيدي جي روزانه ڪانه ٿيندي آهي، پر جيئن سج اڀرندو آهي ته هر هڪ قيدي اها آس لڳايو ويٺو هوندو آهي ته اجهو ٿو آزادي جو پروانو اچي يا اجها ٿي ملاقات اچي. حقيقت ۾ قيدي صرف ان اميد جي سهاري تي قيد ڪاٽيندا آهن. شام جو سپرنٽنڊنٽ آيو. ان وقت شيخ مجيب، قمر ۽ امان الله بند وارڊ ۾ مهاجر شاگردن سان ڪچهري ڪري رهيا هئا. هنن کي صاحب پاڻ ڏٺو ۽ ماڙي تان سپاهي کي حڪم ڏنائين ته ٻنهي وارڊن جو دروازو بند رکو ۽ شام جو گهمڻ بند آهي.
81-8-29
سپاهيءَ چيو ته مان شام جو دروازو بند رکندس، ان لاءِ توهان شام جو ڇهين بجي جي اجازت وٺي ڇڏيو. مون کيس چيو ته اسان کي اجازت مليل آهي، باقي جيستائين سپريڊنٽ اسان کي روبرو نه جهليندو، تيستائين اسان جيل ۾ دروازو بند ٿيڻ نه ڏينداسين. مون کيس چيو ته تون سپاهي آهين، هرو ڀرو ڪنهن سان ڦٽائڻ ۾ توکي ڇا هٿ ايندو؟ سپاهي دروازو بند نه ڪيو ۽ اسان شام جو چڪر ڏنو.
81-8-30
سچل ڪاليج حيدرآباد جي شاگرد غفار چني کي ٻارنهن مهينا سزا ملي آهي، ان ڪري ساڻس اسپتال ملڻ ويس. سينٽرل جيل حيدرآباد تي بدلي ڪيو اٿنس.
81-8-31
سچل ڪاليج جيل شاگرد غفار چني کي سينٽرل جيل تي بدلي ڪيائون، پر سينٽرل جيل وارن نارا جيل موڪليس.
81-9-1
ابو القاسم برمي برداشتي کي اڄ آزاد ڪرائي گيٽ کان ٻاهر ڪڍي موٽي آيس. شام جو نئون برداشتي وٺڻ لاءِ ويس. سپريڊنٽ وٽ رش هئڻ ڪري ساڻس ڪونه مليس. صوبيدار مير عالم کي چيم، جنهن ان وقت هڪ برداشتي ڏياري موڪليو ۽ باقي هڪ سڀاڻي ڏيڻ جو واعدو ڪيو اٿس. اڄ غير قانوني طرح وي.سي.آر ڏسڻ جي ڏوهه ۾ ٽيهارو کن نوان قيدي آيا آهن، جن جي سپريڊنٽ صاحب ”پريڊ ڪئي“ يعني پهرين پڇا ڳاڇا ڪئي. ان ۾ جيڪي سڻڀيون آساميون ڏسڻ ۾ آيس، انهن کي ڏنڊا ٻيڙيون هڻائي، بند وارڊ ۾ موڪلي ڇڏيائين. ويچارا نوان ماڻهو پهريون دفعو جيل ۾ اچڻ ڪري ڏاڍا پريشان ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا. صالح راهپوٽي کي خط لکيم.
81-9-2
اختر شاهه جيلر چيو ته توهان شام جو جيڪو بند وارڊ ڏي چڪر ڏيو ٿا، ان سان اسان جي روزگار تي ٻنجو اچي ويو آهي. مون پڇيومانس ته ڇو؟ چيائين ته توهان قيدين کي ذهني طرح سان تيار ڪري ٿا ڇڏيو، پوءِ نتيجو اهو ٿو نڪري جو اسان کي کنگهن به ڪونه ٿا.
81-9-3
صبح جو ماڙيءَ ۾ گهرايائون. اتي هڪ فوجي ويٺل هو، جيڪو سياسي قيدي شاگردن جا انگ اکر گڏ ڪري رهيو هو، جنهن ۾ گرفتار ڪهڙي تاريخ تي ٿيو، سياسي جماعت ڪهڙي آهي ۽ ڏوهه ڪهڙو آهي؟ غفار چني (سپاف)، غلام مصطفيٰ مرزاڻي (جيئي سنڌ)، نور احمد چانڊيو ڪنهن به پارٽيءَ سان ڳانڍاپو نه ڏيکاريو، حالانڪ پارٽيءَ سان تعلق اٿن. ان کان پوءِ وري سزا يافته شاگرد گهرايائون. انهن کان به ساڳيا ئي سوال پڇيائون. شام معمول جي خلاف بُرجين تي گهنڊ زور سان وڄڻ لڳا. خبر وٺڻ تي معلوم ٿيو ته باغ پارٽيءَ مان قيدي ڀڄي ويو آهي. ٿوري دير کان پوءِ ڏٺوسين ته ساڳيو ئي قيدي اگهاڙو، ڪارو منهن ٿيل، گڏهه تي چڙهيل ۽ منهن گڏهه جي پوئين پاسي اٿس. ويچاري کي سخت ماريو اٿن، پٺن ۽ مٿي مان رت وهي رهيو اٿس. سپريڊنٽ صاحب اهڙا احڪامات پڻ جاري ڪيا هئا. هڪ انسان جي اهڙي تذليل ۽ تحقير ٿيندي ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. قانون مطابق ڀڄي ويندڙ قيديءَ تي ڪيس ڪبو آهي، پوءِ جج جيڪا سزا ڏئي، پر هتي ته قانون ئي اُلٽو آهي. حقيقت ۾ ظلم جي جيڪڏهن ننگي تصوير ڏسڻي هجي ته جيل جي چار ديواري اندر ڏسجي.
81-9-4
رات جو ٽين بجي کان پوءِ بخار ٿي پيو ۽ صبح تائين ننڊ ڪانه آئي. مشتاق کي گهرائي سُئي هڻايم. سڄو ڏينهن بخار هئڻ ڪري ڪمري ۾ ستو رهيس ۽ بي آرامي رهي.
81-9-5
ڊاڪٽر وٽ اسپتال ۾ ويس. دوا وغيره ڏنائين، بخار ڇڏي ويو. اڄ خبر پئي ته شيخ مجيب جا ڪوڙا بحال ٿي آيا آهن ۽ ٻن ٽن ڏينهن ۾ لڳي ويندا.
81-9-6
آفيس ۾ ليٽر آيو آهي ته شيخ مجيب ۽ رسول بخش ٿيٻو جا ڪوڙا پندرنهن پندرنهن مان گهٽائي پنج پنج ڪيا ويا آهن ۽ ڏنڊ پنجويهه پنجويهه هزار روپين مان گهٽائي، پنج پنج هزار روپيه ڪيو اٿن. مارشل لاء وارن جي به خبر ڪانه ٿي پئي ته ڌنڌو ڪيئن ٿو هلين؟ رسول بخش کي ٻه مهينا اڳ پندرنهن ڪوڙا لڳي چڪا آهن ۽ شيخ مجيب کي به ان وقت ئي لڳي وڃن ها، پر رمضان شريف جي مهيني ويجهي هئڻ ڪري هتان جي سپريڊنٽ ڪوڙا هڻڻ نه ڏنا. باقي سينٽرل جيل خيرپور جي سپريڊنٽ ۽ ڊپٽي حيات ڦل ڪوشش ڪري رسول بخش ٿيٻي کي رمضان مهيني جي اچڻ کان صرف ٽي ڏينهن اڳ ۾ ڪوڙا هڻائي ڇڏيا.
81-9-7
سپريڊنٽ سان مليس ته جيڪي شاگرد آهن، انهن کي ڪنهن هڪ کوليءَ ۾ رکو، انهن کي تڪليف ٿئي ٿي. ان تي مون کي انڪاري جواب ڏنائين، جنهن تان هڪٻئي تي گرم ٿي وياسين. باقي ٻن ماڻهن جون ڏنڊا ٻيڙيون کولڻ ۽ برداشتي ڏيڻ لاءِ چيومانس. اهي ان وقت ئي ڪم ڪري ڏنائين. سپريڊنٽ چيو ته قمر راڄپر مون کي چيو آهي ته انهن شاگردن سان ان جو ڪوبه تعلق ڪونه آهي. توهان جي مرضي ۽ هينئر توهان مون کي نه چئو. ان ڳالهه تان مان سپريڊنٽ سان گرم ٿي ويس ته غلط ڳالهه آهي. اتفاق سان ان ڳالهه دوران قمر راڄپر آفيس ۾ اچي ويو ۽ سپريڊنٽ کيس منهن تي چيو ته تو مون کي چيو آهي. پوءِ ”ڪُڇي جهڙي ڀت“ ۽ ماٺ ڪري اُٿي ويو. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. مان به آفيس مان اُٿي هليو ويس.
81-9-8
شنوائي تي ويس. خيرپور سينٽرل جيل کان دوست آيا ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد کان محمد حسن باغي آيو. ڪچهري سٺي ٿي. ديدار مگسي، ابوبڪر بُلو، شفيع شيخ، لعل بخش چانڊيو، بشير واتڻي سان ڪچهري ٿي.
81-9-9
لعل بخش چانڊيو، مجيب ۽ منهنجي ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو. ڪافي وقت تائين ڪچهري ٿي.
81-9-10
سڄو ڏينهن ڪمري ۾ سُتو پيو هئس. مجيب ٻڌايو ته کيس ٻارهين تاريخ تي ڪوڙا لڳندا.
81-9-11
سڪندر شاهه جي ڀاءُ جي شاديءَ جو ڀت سندس والد صاحب کڻائي آيو، جيڪو سڄي جيل جي قيدين ۽ اسٽاف جي عملي ۽ انهن جي گهر وارن به کاڌو. سڪندر شاهه ۽ محرم مير بحر مون وٽ آيا ۽ ڪافي وقت تائين ڪچهري ٿي.
81-9-12
شيخ مجيب کي اٽڪل پوڻين ٻارهين بجي ڌاري مارشل لاء جي ڪئپٽن ۽ جيل انتظاميه جي روبرو پنج ڪوڙا جيل جي صوبيدار مير عالم هنيا. بلڪل خاموشيءَ سان ڪوڙا کائي بنا سهاري جي وارڊ ۾ اچي سنگت کي ”جيئي سنڌ“ چيائين. ڊاڪٽر هادي بخش آيو ۽ جيل جا ڪافي قيدي ويچارا پڇڻ آيا. ڪي ويچارا روئن پيا ته اسان سنڌين سان اهڙو ظلم ڇو ٿو ڪيو وڃي ۽ جيئي سنڌ وارن سان تمام گهڻي همدردي پيا ڏيکارين. سڀني کي چانهه پياري روانو ڪيم.
81-9-13
حبيب الرحمٰن شيخ، مجيب سان ملاقات ڪئي. بعد ۾ مان به وڃي ساڻس ماڙيءَ تي مليس. وري احمد پنهور منهنجي ۽ مجيب جي ملاقات تي آيو.
81-9-14
سڄو ڏينهن ڪمري ۾ آرام ڪيوسين. قيوم سوڍرو ۽ نور احمد ڪچهريءَ تي آيا. ٻڌايائون ته سندس ڪيس مارشل لاء مان بدلي ٿي سِوِل ڪورٽ ۾ آيو آهي. مون پڇيومانِ ته خرچ گهڻو آيو آهي؟ جدا جدا ٻڌايائون ته پنج پنج هزار روپيه خرچ آيو آهي.
81-9-15
مجيب ٻڌايو ته حبيب الرحمٰن کيس جيڪي ٽي سؤ روپيه ڏئي ويو هو، اُهي آهن ئي ڪونه. تمام گهڻي پُڇا ڳاڇا ڪئي سون، پر سچي ڪنهن به ڪانه ڪئي. اسان وٽ جيڪو برداشتي يوسف عباسي آهي، اهو انتهائي گندي ذهنيت جو مالڪ آهي ۽ آءٌ چوندس ته هن جهڙو چالاڪ ۽ بدمعاش ڏکڻ ايشيا ۾ ڪونه لڀندو. حقيقت ۾ ڏسڻ جهڙو ۽ ڪچهري ڪرڻ جهڙو ماڻهو آهي. هن وٽ پنهنجي ڌنڌي لاءِ جيڪي فني صلاحيتون آهن، اهي ٻڌڻ گهرجن. اسان سڀني جو هن ۾ شڪ آهي. دوستن کي مون چيو ته ايف.آءِ.يو ۾ جيڪو مون سان جسماني تشدد ٿيو هو، ان مان صرف هڪ يا ٻه نمونا ڪرڻ جي اجازت ڏيو ته پاڻهين ٿو سچي ڪرايانس، پر دوستن چيو ته اها سٺي ڳالهه ڪانه آهي. مون به کڻي بس ڪئي.
81-9-16
سڄو ڏينهن ڪمري ۾ ڪتاب پڙهيم. رات جو اٺ بجي اوچتو ئي اوچتو ماڙيءَ وارو گهنڊ ۽ برجين وارا گهنڊ زور سان وڄڻ لڳا. اسان سمجهيو ته شايد قيدي ڀڄي ويو آهي يا قيدين جو پاڻ ۾ جهڳڙو ٿي پيو آهي ۽ هاڻي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪئي اٿس يا ڪنهن قيديءَ ڪيس کان تنگ ٿي پاڻ کي ساڙڻ جي ڪوش ڪئي آهي. بهرحال، اسان انهن ئي سوچن ۾ هئاسون ته سپاهي آيو. اسان کانئس گهنڊ وڄڻ جو سبب پڇيو. کلي ٻڌايائين ته وڏي صاحب وڄرايا آهن، ڇاڪاڻ ته معمول مطابق شام جو ستين بجي جيل جا سڀ سپاهي حاضري ڀرائيندا آهن، پر اڄ ڪجهه سپاهي ڪونه آيا. ان ڪري گهنڊ وڄرائي انهن کي گهرايائين.
81-9-17
اختر شاهه جيلر آيو. ڪچهري ٿي. مون کيس چيو ته مارشل لاء وارن کي فون تي چئو ته مون کي اسپتال ۾ ڏندن جي دوا ڪرائڻ لاءِ اجازت ڏين. ان تي چيائين ته توهان اعتبار ڪريو ته مون هن کان اڳ ٽي دفعا فون ڪئي آهي، پر جڏهن تنهنجو نالو ٻڌن ٿا ته هنن کي چڙ ٿي لڳي ۽ گار گند ڪن ٿا. ان ڪري توهان ماٺ ڪري ويهي رهو. جڏهن به اجازت ڏنائون ته وڃجؤ.
81-9-18
بند وارڊ ۾ ٽي نوان قيدي ڏنڊا ٻيڙيون هڻي اچي بند ڪيا اٿن. مون کانئن سندن ڪيس متعلق پڇيو. ٻڌايائون ته ڦُر جي ڪيس ۾ آهيون. انهن ۾ هڪ ابڙو، ڀَچو ۽ کُماڻ ذات جا آهن. هنن جي بند وارڊ ٿيڻ لاءِ هنن جا ڪپڙا ذميوار آهن. جيڪڏهن ڪپڙا پراڻا هجن ها ته سپريڊنٽ سمجهي ها ته غريب آهن، پر اتفاق سان هنن کي ڪپڙا چڱا پاتل هئا. حقيقت ۾ ٽئي غريب آهن. هتي جيل ۾ خون ۽ ڌاڙن جي ڏوهن ۾ وڏا وڏا قيدي آهن، پر انهن کي ڏنڊا ٻيڙيون ڪونه آهن ۽ هنن کي صرف پئسن لاءِ بند وارڊ ڪيو اٿن.
81-9-19
نور احمد چانڊيو ضمانت تي جيل مان آزاد ٿي ويو. ڏاڍو خوش هو. سندس وڏو ڀاءُ وٺڻ آيو.
81-9-20
ستين نمبر باريڪ ۾ ٻه ڇوڪرا نثار ۽ ستار پاڻ ۾ وڙهي پيا. سپريڊنٽ اڄ آفيم جو ذرڙو ڪجهه سَجيهه کائي آيو آهي، تنهن ڪري ستين نمبر بيرڪ جي سڀني ڇوڪرن کي ”جوڙي جوڙي“ ويهاري هر هڪ کان پڇيائين ته تنهنجو فاعل ڪهڙو آهي، تنهنجو فاعل ڪهڙو آهي؟ پهريائين ته ڪنهن به نه باسيو، پر ٻين ڇوڪرن چغلي هنئي ته فلاڻا فاعل آهن ۽ فلاڻا مفعول آهن. جڏهن صاحب انهن کان سختيءَ سان پڇيو ته انهن تسليم ڪيو.پوءِ ٻڌايائون ته چرس جي ڇينٽي تي، سڄي ماني يا سگريٽ جي پاڪيٽ تي ڌنڌو ٿيندو آهي. ان کان پوءِ جيڪي سهڻا ۽ مفعول ڇوڪرا هئا، انهن کي جدا بند ڪيو ويو ۽ جيڪي فاعل هئا، انهن کي وري اسان واري ”بي ڪلاس“ جي پوئين پاسي واري بند وارڊ ۾ ڏنڊا ٻيڙيون هڻي بند ڪيائون ۽ ابڙو، ڀَچو ۽ کُماڻ کي ڏنڊا ٻيڙيون ڪڍي چڪر ۾ موڪليائون. سٺو ٿيو جو ڇورا وڙهيا پاڻ ۾، ڀلو ٿيو هنن غريبن جو.
81-9-21
پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو هڪ ڇوڪرو رضوان پلي جيل ۾ آيو. کانئس مون ڪيس متعلق پڇيو. ٻڌايائين ته بورڊ آف انٽر ميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن حيدرآباد جو پيپر ظاهر ٿيو هو. ان ڪيس جي سلسلي ۾ فيض محمد کوکر ان جو چاچو، علي نواز خاصخيلي ۽ ڪلارڪ خدا بخش عباسي به گڏ آهن. وڌيڪ ٻڌايائين ته هڪ برگيڊيئر جي پٽ ڪوشش ڪئي ته اهو پيپر مون کي به ملي، پر ان کي جڏهن نه مليو ته پنهنجي پيءُ برگيڊيئر کي دانهن ڏنائين، جنهن اسان کي گرفتار ڪرائي ايف.آءِ.يو ۾ ڏاڍو تشدد ڪيو آهي. اسان کيس ماني، چانهه وغيره کارائي، ڪپڙا ميرا هئس، اُهي لهرائي ٻيا ڏناسونس. اسان کي ٻڌايائين ته غازي خان سمون ۽ رفيق پنهور منهنجا دوست آهن ۽ مان جساف جو ميمبر آهيان. ڊاڪٽر کان هفتي جي ريسٽ لکرائي ڏني مانس ته جيئن هن کان جيل ۾ ٻهاري يا ليپو وغيره نه ڏيارين.
81-9-23
تاريخ تي ويس. مون سان گڏ پيپر ڪيس جا رضوان پلي، فيض محمد کوکر ۽ خدا بخش عبادي به گڏ هليا. سينٽرل جيل خيرپور کان رسول بخش ٿيٻو ۽ قمر ڀٽي به آيا. سينٽرل جيل حيدرآباد کان قربان ارباب ۽ حسن باغي آيا. ارباب علي شاهه، فرمان علي شاهه، محمد صالح راهپوٽو، علي مراد لنڊ، قادر بخش عباسي، لال بخش چانڊيو ۽ ٻيا دوست ملاقات ڪرڻ آيا. اڄ ملٽري ڪورٽ ۾ مزي جي ڳالهه ٿي ته خدا بخش عباسي مهراڻ يونيورسٽيءَ جو ڪلارڪ آهي، ان لاءِ پوليس ليٽر لکيو ته ميجر افتخار جي حڪم سان ان کي گرفتار ڪيو ويو هو، پر جيئن ته هي بي ڏوهي ثابت ٿيو آهي، ان ڪري هن کي آزاد ڪيو وڃي. ان ڳالهه تان ملٽري ڪورٽ جي ميجر غلام محمد کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ پوليس کي چيائين ته جيڪڏهن بي ڏوهي هو ته پوءِ هن جو رمانڊ ڪورٽ ۾ ڇو پيش ڪيو ۽ کيس پندرنهن ڏينهن ڇو جيل ۾ رکيو ويو؟ آخر ۾ چيائين ته مان هن تي ڪيس هلائيندس. ويچاري عباسيءَ جي شڪل روئڻ جهڙي لڳي پئي هئي. اسان سڀني کي وري 10-7 جي تاريخ ملي. جيل تي موٽي آياسين. شام جو خدا بخش عباسي ڀڄندو آيو ته مان آزاد ٿي ويو آهيان ۽ موڪلائڻ آيو آهيان.
81-9-24
صبح جو فيض محمد کوکر ۽ رضوان پلي سان ڪچهري ٿي. جيل ۾ پهريون دفعو آيا آهن، ان ڪري ٿورو گهٻرايل آهن. مارشل لاء وارن منهنجي ڏندن جي چڪاس ڪرائڻ جي اجازت ڏني.
81-9-25
رضوان پلي ۽ فيض کوکر کي گهرائي کين نيرن جي ماني کارائي ۽ ڪچهري ڪئي. جيل جو ڪلرڪ قادر بخش آيو، ڪچهري ڪيائين. پنهنجي درد جو داستان کڻي ڇيڙيائين. سڀڪو ڏکن سورن ۾ ڀريو پيو آهي، ڪوبه سورن کان خالي ناهي.
81-9-26
رضوان پليءَ جي ريسٽ ختم ٿي وئي هئي، ان ڪري ڊاڪٽر کان ٻئي هفتي جي ريسٽ لکرائي ڏنم. سپريڊنٽ سان رضوان لاءِ ڳالهايم ته کيس فيض کوکر وارن سان گڏ رکو، پر نه مڃيائين، ان ڪري جو جڏهن رضوان کان پهرئين ڏينهن سپريڊنٽ پڇيو هو ته تنهنجا مائٽ ڇاڪندا آهن؟ هن چيو ته زميندار آهن ۽ سپريڊنٽ کي پئسن جي لالچ آهي. اڄ غازي خان سمون ۽ بشير واتڻي، رضوان، مجيب ۽ منهنجي ملاقات تي آيا ۽ اسان کي رضوان جي پارت ڪيائون.
81-9-27
رضوان ۽ ڪيشي ڪچهري ڪرڻ آيا.
81-9-28
سپريڊنٽ احڪامات ٻڌايا ته ٻنهي بي ڪلاس جي وارڊن جا ٻاهريان دروازا بند ڪيا وڃن. شام جو سپاهيءَ کي چيم ته دروازو کول ته اسان ٻاهر چڪر ڏينداسين. سپاهي دروازو کولي هليو ويو. موٽي اچي مون کي ٻڌايائين ته صوبيدار چيو آهي ته وڃي بند ڪرين، نه ته سپريڊنٽ نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيندئي. مون کيس چيو ته سپريڊنٽ يا صوبيدار کي وڃي چؤ ته ”بي ڪلاس“ وارا چون ٿا ته توهان پاڻ اچي دروازو بند ڪريو. گهڙي کن کان پوءِ سپاهي جان محمد موٽي آيو ۽ چيائين ته صاحب چوي ٿو ته ڀلي چڪر ڏين پر وارڊ ڏي نه وڃن. رات جو اٺين بجي ڌاري معمول جي خلاف چڪر ۾ سيٽيون ۽ برجين جا گهنڊ وڄڻ لڳا. دير سان سپاهي اسان جي وارڊ ڏي آيو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته چڪر جي چوٿين بيرڪ ۾ ”سنڌي مهاجر“ جو جهيڙو ٿي پيو آهي، جنهن ۾ ڪافي قيدي زخمي ٿي پيا آهن.
81-9-29
صبح جو ڊاڪٽر وٽ اسپتال ۾ ويس ته اتي علي گوهر شاهه ۽ محرم مير بحر ٻڌايو ته صبح به اسپتال جي ڇٻر تي جهڳڙو ٿي پيو هو، جنهن ۾ سپريڊنٽ سنڌي ڇهه قيدي گهرايا آهن ۽ انهن جي حمايت ۾ سنڌي قيدين ”ڀتو“ وٺڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن سپريڊنٽ کي ”ڀتي“ نه وٺڻ جي خبر پئي ته انهن ڇهن ئي سنڌي قيدين کي سواءِ ڪنهن سزا ڏيڻ جي چڪر ۾ موٽائي ڏنائين ۽ پوءِ قيدين ”ڀتو“ ورتو. حقيقت ۾ قيدين وٽ ڪنهن به مطالبي کي مڃرائڻ لاءِ بک هڙتال يا ”ڀتو“ نه وٺڻ، جيل انتظاميه خلاف وڏو هٿيار آهي. آغا نور احمد ڪچهريءَ تي آيو. مير الهه بخش ٽالپر ۽ سندس ڀائرن جي گلا پيو ڪري. ٻڌايائين ته اڄ کان هنڊي ڌار ڪري امان الله شاهاڻيءَ سان گڏائي اٿم. مون کيس چيو ته امان الله شاهاڻيءَ جي ڪڏهن گِلا ڪندين؟ ته خاموش ٿي ويو.
81-9-30
صبح جو ايل.ايم.سي اسپتال ويس. ايم.ايس ٻارهين بجي تائين ويهاري ڇڏيو. پوءِ ليٽر تي صحيح ڪري ڏنائين ۽ اسان ڏندن جي شعبي ۾ وياسين. ڊاڪٽرن چڪاس ڪئي ۽ ڏنگن جي اسڪيلنگ ڪيائون ۽ چيائون ته چار دفعا ڏندن جي صفائي ٿيندي، ان کان پوءِ سور ۽ رت بند ٿي ويندا. ذوالفقار علي شاهه کي سندس گهر فون ڪيم، پاڻ ڪونه هو. سندس ننڍو ڀاءُ اعجاز علي شاهه ملڻ لاءِ آيو. اسپتال ۾ ڊاڪٽر محمد هاشم لانگاهه، ڊاڪٽر بنده علي ٻرڙو (مورو) ۽ ڊاڪٽر عبيدالله شاهاڻي مليا، جن ماني کارائي ۽ ڪچهري ٿي.
81-10-1
ڀٽو ڪلارڪ چيو ته مارشل لاء وارن تنهنجي لاءِ لکيو آهي ته علي محمد شاهه جڏهن به اسپتال وڃي ته اسان کان موڪل وٺجو ۽ جنهن تاريخ تي وڃي ته اسان کي اطلاع ڏجو. مان سپريڊنٽ سان ڳالهايو ۽ کيس چيو ته صرف هڪ دفعي لاءِ چئن مهينن کان پوءِ اجازت ملي آهي. هاڻي وري جيڪڏهن اجازت لاءِ لکندا ته خبر ناهي ته مارشل لاء وارا ڪيتري دير لائيندا. ان ڪري صاحب، اختر شاهه، جيلر ۽ ڀٽو ڪلارڪ کي چيو ته ٻيهر اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي. صرف جنهن ڏينهن تي علي محمد شاهه اسپتال وڃي، ان تاريخ تي مارشل لاء وارن کي ليٽر لکي ڇڏيو. سڪندر شاهه، فيض کوکر ۽ رضوان پلي ڪچهريءَ تي آيا.
81-10-2
آغا نور محمد آيو. سندس ڳالهين مان معلوم ڪيو ته ”بي ڪلاس“ وارڊ مان سخت بيزار ٿي پيو آهي ۽ هن وارڊ ۾ اچڻ جا سانباها ٿو ڪري.
81-10-3
صبح جو آغا نور احمد آيو. سخت پريشان هو. قمر راڄپر ۽ ابوبڪر زرداريءَ جو خيال آهي ته آغا ”بي ڪلاس“ وارڊ ۾ اسان جي خلاف ڳالهيون ڪيون آهن، ان ڪري اهميت نه ڏيڻ کپي. مون کين چيو ته هڪ سنڌي قيدي آهي، اسان جي وارڊ ۾ هلي اچي ٿو، ان سان ملڻ جلڻ اسان جو اخلاقي فرض آهي. قمر راڄپر مون کي چيو ته ماڙيءَ تي ڪم آهي، گڏجي هلون. ماڙيءَ ۾ وياسين. احمد حسين جيلر سان ملي صاحب وٽ وياسين. کيس رضوان پليءَ لاءِ چيوسين ته فيض کوکر سان گڏ رکيس. صاحب بلڪل انڪار ڪيو. مون قمر کي چيو ته صاحب بي عزتو آهي، هن کي عزت جي ڪابه خبر ڪانهي، هن کي صرف پئسه کپن، ڇاڪاڻ ته سورهين تاريخ هن جون نياڻيون شادي ٿيون ڪن. منهنجي ان چوڻ تي سپريڊنٽ چيو ته مان بلڪل پئسه وٺان ٿو ۽ وٺندس. مون کان هوم سيڪريٽري ۽ جيلن جو آءِ.جي ڏوڪڙ ٿو وٺي. مون کيس چيو ته توکي نه آءِ.جي کي پئسه ڏيڻا آهن، نه هوم سيڪريٽريءَ کي. توکي آفيم لاءِ ۽ ڇوڪرين جي شاديءَ لاءِ پئسن جي ضرورت آهي. ان تان هڪٻئي سان تکو ڳالهايوسين. رحيم ماڇي ۽ سڪندر شاهه چيو ته ابوبڪر زرداري روز روز اسان جي کولين ڏي اچي ٿو ۽ رضوان سان چرچا ڪري ٿو ۽ رضوان اسان کي دانهون ٿو ڏئي، ان ڪري اوهان ابوبڪر کي سمجهايو، نه ته سٺو نه ٿيندس. مون کين منع ڪئي ته اخلاق جي حدن اندر رهجو.
81-10-4
ماڙيءَ تي ويس. اتي رضوان پليءَ جا مائٽ ڍورو نارو (عمر ڪوٽ) کان آيا هئا. سُست لڳو پيو هو. مون کيس چيو ته خير آهي؟ هٿ به ٿڌا لڳا پيا اٿئي. چيائين، مارشل لاء وارن منهنجن مائٽن کان پنجاهه هزار روپيه رشوت جا گهريا آهن ۽ چيو اٿن ته ڏوڪڙ ڏيو ته ڇوڪرو جيل مان آزاد ڪيون. ان ڪري مان مائٽن کي چوان ٿو ته پنجاهه هزار روپيه مون کي ڏيو، آءٌ ٻه سال جيل ۾ ويٺو آهيان.
اڄ خبر پئي ته شاهه محمد شاهه، ابوبڪر ۽ قمر راڄپر جي ملاقات لاءِ آيو. قمر راڄپر کان پڇيم، جنهن چيو ته مون کي خبر ناهي.
81-10-5
سزا يافته (پڪن) قيدين جو ڪلارڪ قادر بخش وڏي بورچيخاني جي قيدين کي ڪاٺيون ڏيڻ ويو پئي ته مون کي سڏ ڪيائين ۽ چيائين ته، ”تون معافي نامو لکي ڏي ۽ آزاد ٿي وڃ.“ مون کيس چيو ته، ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو تنهنجا حق غضب ڪري توکي اذيتون به ڏئي ۽ جيل ۾ به وجهي ته تون ان کان معافي وٺندين؟“ چيائين: ”سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. مان ته ان سان وڙهندس.“ مون کيس چيو ته، پنجابي ۽ مهاجر سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان اهڙو ظلم ڪن ٿا ته پوءِ مان قوم پرست ۽ انقلابي ڪارڪن آهيان، مان شاهه لطيف جي ان شعر جو پيروڪار آهيان ته:
جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري چم،
ته مون ڪر اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنهوار سين.
مون کي چيائين ته، ”مون تو سان صرف ان ڪري ڳالهه ڪئي جو ڪالهه شاهه محمد شاهه آيو هو ۽ قمر ۽ ابوبڪر کان ڏهه ڏهه هزار روپين جي بانڊ تي صحيح ۽ معافي نامي جي درخواست تي صحيحون وٺي کڻي ويو.“ مون کيس چيو ته، ”هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو ضمير آهي.“ پاسڪو جو آفيسر حسين بخش کوسو آيو، ڪچهري ڪيائين ۽ ٻڌايائين ته مارشل لاء وارا پئسه ٿا گهرن، جلد ئي آزاد ٿي ويندس.
81-10-6
آغا نور احمد آيو. منجهند تائين ڪچهري ڪيائين. پاسڪو جو آفيسر حسين بخش کوسو موڪلائڻ آيو ۽ ٻڌايائين ته دال واري سيٺ ۽ مون کان مارشل لاء وارن ستر هزار روپيه ورتا آهن. في الحال ضمانت تي آزاد ٿيو آهيان، پوءِ ڪيس ختم ڪرڻ جو وعدو ڪيو اٿن.
81-10-7
ڪورٽ ۾ شنوائيءَ تي ويس. مون سان گڏ ”پيپر ڪيس“ جا رضوان پلي، علي نواز خاصخيلي، جيو راج، فيض کوکر به گڏ هئا. سينٽرل جيل خيرپور کان رسول بخش ٿيٻو ۽ قمر ڀٽي به آيا. رسول بخش ٻڌايو ته عيد کان پوءِ ستت ئي نارا جيل بدلي ڪرائي ايندس. لال بخش چانڊيو، غلام حسين جويو، نور احمد چانڊيو، قربان علي شاهه جو منشي موسيٰ ڀٽي ۽ محترم علڻ خان ٿيٻو ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا. ٻي شنوائي 10-21 تي ملي. موٽي جيل تي پهتاسين. سڀني دوستن کي پنهنجي وارڊ ۾ وٺي آياسين ۽ گڏجي ماني کاڌي سين.
81-10-8
ماڙيءَ ۾ ويس. هيڊ ڪلارڪ محمد خان کي صبحاڻي عيد جي لاءِ ٽن ڪڪڙن لاءِ پئسه ڏنم. شاهه محمد شاهه به ماڙيءَ ۾ مليو. قمر ۽ ابوبڪر جي ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو هو. سزا يافته قيدين جا پڪا ڪپڙا ڦاٽل هئا، ان ڪري مون کي چيائون ته احمد حسين جيلر کي چؤ ته اسان کي گودام مان ڪچا ڪپڙا ڏئي ته اسان صبحاڻي عيد نماز تي پائينداسون ۽ وري ٻئي ڏينهن تي جمع ڪرائي ڇڏينداسون. مون احمد حسين کي چيو، جنهن گودام منشي شاهد کي گهرائي چيو ته ڪچا ڪپڙا ڀلي قيدين کي ڏيو. اڄ ڪافي قيدي آزاد ٿيا، جن ۾ اڪثريت مارشل لاء جي سزا يافته ۽ ڪيس هلندڙ قيدين جي هئي، جن ۾ راحب مير جت ۽ سندس سترهن ٻيا همراهه، فيض محمد کوکر ۽ جيو راج به آزاد ٿيا. حاجي پنهور ڀانن جو به موڪلائڻ آيو ۽ آزاد ٿي ويو. رضوان عيد ڪارڊ موڪليو.
81-10-9
صبح جو معمول مطابق ساڍي چئين بجي اٿيس. محمد شير سپاهي ٻه ڪڪڙيون پنجين بجي ڌاري ڏئي ويو. ان وقت ئي سير ڏئي ڇلي، ٺاهي تيار ڪيم ته دروازو به کليو. گوشت بورچيءَ جي حوالي ڪري مان ڏاڙهي وغيره ٺاهي چڪر ۾ عيد نماز لاءِ ويس. حقيقت ۾ مون کي نماز جو ايترو خيال نه هو، جيترو قيدي دوستن سان ملڻ جو خيال هو. نماز مون کان اڳ پڙهي ڇڏيائون، ان کان پوءِ علي نواز خاصخيلي ڇهين نمبر بيرڪ ۾ وٺي ويو، جتي چانهه بسڪوٽ کارايائين. بعد ۾ علي محمد، ايوب شورو، غفار چنو، رضوان پلي، علي نواز خاصخيلي، مشتاق عباسي، مقبول سمون، ”ناچيز“ سڪندر شاهه لڪياري، رحيم ماڇي، ميراڻو کوسو، آغا نور احمد، محرم مير بحر، نديم پنهور گڏجي آياسين ۽ ناشتي جي ماني سڀني گڏجي کاڌي. شام جو رضوان ۽ سڪندر شاهه اسان کي چانهه بسڪوٽ جي دعوت ڏني، جيڪا بند وارڊ ۾ گڏجي کاڌي سين.
81-10-10
گذريل عيد تي هتي نارا جيل ۾ سڀني قيدين کي هڪٻئي سان ملڻ جي اجازت هئي، پر هن عيد تي جيل انتظاميه اها رعايت واپس ورتي آهي. جيل سپرنٽنڊنٽ سان ملي کيس چيم ته عيد جي خوشيءَ ۾ قيدين سان سختي نه ڪريو. چيائين ته، قيدين ۾ ٻه مخالف پارٽيون آهن. هڪ پارٽي چڪر ۾ آهي ۽ ٻي ٻاهر وارڊ ۾ آهي. ٿي سگهي ٿو ته آزاديءَ سان گهمڻ ڦرڻ ڪري پاڻ ۾ وڙهي پون. شام جو جيل سپرنٽنڊنٽ اسان جي وارڊ ۾ قربانيءَ جو گوشت ڏياري موڪليو.
81-10-11
وارڊ جي دوستن کي چيم ته رضوان پلي جساف جو ميمبر آهي، ان ڪري سندس ماني بي ڪلاس وارڊ ۾ پچرائي ڏجيس. سڀني متفق ٿي چيو ته ڀلي ڏجيس.
81-10-12
سڪندر شاهه لڪياري آيو. مون کي ٽي سؤ روپيه امانت لاءِ ڏنائين ۽ چيائين ته، بابا ملاقات ڪرڻ آيو آهي. تون هلي کيس سمجهاءِ ته مون کي ”بي ڪلاس“ ڪرائي ڏي ۽ سپرنٽنڊنٽ کي بابا ۽ تون گڏجي چؤ ته رضوان پليءَ کي ”هوا بندر“ جي کولين ۾ رکن. مان ساڻس گڏجي ماڙيءَ تي ويس. سندس والد سائين مهدي شاهه کي بي ڪلاس لاءِ چيم، جنهن چيو ته جلدي بي ڪلاس ڪرائيندو سانس. رضوان لاءِ سپرنٽنڊنٽ کي ٻنهي گڏجي چيو، جنهن رضوان کي هوا بندر تي رکڻ لاءِ جمعدار کي گهرائي چيو.
81-10-13
رضوان پلي مون وٽ آيو. چيائين ته منهنجي ملاقات اڌ ۾ ختم ڪري ڇڏي اٿن، تون ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ کي هلي چؤ ته وڌيڪ ملاقات جي اجازت ڏئي، ضروري ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي. مان ساڻس گڏجي ويس. ڊپٽيءَ کي چيم، جنهن ملاقات جي اجازت ڏني، ليڪن ملاقاتي دير ٿي وڃڻ ڪري ٻاهران هليا ويا. رضوان چيو ته منهنجا پان ماڙيءَ جي سپاهين رکي ڇڏيا آهن، اُهي وٺي ڏي. مون کيس وٺي ڏنا.
81-10-14
علي نواز خاصخيلي جيڪو رضوان جي ڪيس ۾ جوابدار آهي، ان کي پنهنجي وارڊ ۾ وٺي آيس. منجهند جي ماني گڏجي کاڌي سون. رضوان کي به گهرايم. ٻنهي پاڻ ۾ ڪچهري ڪئي. سپرنٽنڊنٽ کي برداشتيءَ لاءِ چيم، جنهن صوبيدار مير عالم کي گهرائي چيو ته بي ڪلاس وارڊ ۾ برداشتي موڪلي ڏي.
81-10-15
اسان جي وارڊ جي پوئين پاسي کولين ۾ هڪ نوجوان سورهن سالن جو قيدي بند ڪيو اٿن. سندس دماغ درست ناهي، رڳو گاريون پيو ڏئي ۽ جلان ڦلان پيو ڳالهائي. بلڪل اُگهاڙو ويٺو آهي. مان ڪپڙا کڻي آيس، سپاهيءَ کي منٿ ڪيم ته هن کي ڪپڙا پاراءِ، جنهن مون کان ڪپڙا وٺي زبردستي هن کي پارايا. معلوم ٿيو ته پوليس جي تشدد ڪري ههڙو حال ٿيو اٿس. ڊاڪٽر سان مليس. کيس چرئي جي دوا لاءِ چيم، جنهن چيو ته جيل جي اسپتال ۾ دوائون ڪونه آهن، باقي لکي ڏيان ٿو، توهان پنهنجي پئسن مان ٻاهران گهرائي کارايوس. دوائن لاءِ آغا نور احمد کي چيم، جنهن دوائون گهرائي ڏنيون ۽ چرئي کي وزن کارايوسين.
81-10-18
سول اسپتال لاءِ قيدين کي وٺي وڃڻ لاءِ گهڻو ڪري هر اربع جي ڏينهن تي پوليس ايندي آهي. جيئن ته ايندڙ اربع تي منهنجي شنوائي آهي، ان ڪري مان اسپتال وڃي نه سگهندس. آءٌ ماڙيءَ ۾ ويس. اختر شاهه جيلر ۽ ڀٽو ڪلرڪ کي چيم ته مون کي اسپتال موڪليو، جن چيو ته سروسز اسپتال ٻه قيدي وڃن ٿا، تون به انهن سان گڏجي وڃ، ليڪن سپاهي مون کي وٺي وڃڻ لاءِ تيار نه هئا. ظهير سپاهيءَ کي پاسي تي وٺي ويس. کيس چيم ته ”توکي خرچي ڪرائيندس، مون کي وٺي هل.“ جيڪو راضي ٿيو ۽ اسپتال وٺي ويا. ڪورٽ واري پوليس گاڏيءَ ۾ چڙهي اچي ڪورٽ ۾ لٿاسون. اتي قربان، ارباب ۽ متارو ڏاهري مليا، جيڪي مارشل لاء ڪورٽ ۾ شنوائي تي آيل هئا. قربان ٻڌايو ته حسن باغي جيل مان آزاد ٿي ويو آهي. اسان وحدت ڪالونيءَ ۾ سروس اسپتال آياسون. ڊاڪٽر ٻنهي قيدين کي ڏسي سول اسپتال ليٽر ٺاهي ڏنو. آئوٽ وارڊ وارو ڪلرڪ دير سان اچڻ ڪري ٻارهين بجي سول اسپتال آياسون. ڏندن جي اسڪيلنگ ڪرايم. اتي فقير رحمت الله هيسباڻي ۽ عبدالرزاق انصاريءَ سان ڪچهري ٿي. سپاهيءَ کي چيم ته مون کي شهر ۾ ڀائي خان جي چاڙهي تي وٺي هل، اتي توکي پئسه ڏيندس. مون کي قربان علي شاهه جي آفيس وٺي آيا. اتي فرمان علي شاهه ۽ قربان علي شاهه سان ڪچهري ٿي. شام جو جيل تي موٽي آياسين. جيل تي جيئن ماڙيءَ ۾ داخل ٿياسين ته سڄي عملي کي پريشان ڏٺم. ٻڌايائون ته پوليس لائين مان فون آئي آهي ته علي محمد شاهه فرار ٿي ويو. سپرنٽنڊنٽ مون کي گهرايو. آفيس ۾ ويس ته اتي غلام رسول لاشاري ۽ ابوبڪر زرداري به ويٺا هئا. سپرنٽنڊنٽ دير سان اچڻ لاءِ پڇيو. مون کيس چيو ته ڊاڪٽر دير ڪرائي ڇڏي آهي. پوءِ پوليس لائين فون ڪري کين ڏاڍو دٻايائين. ابوبڪر زرداري سپرنٽنڊنٽ کي چيو ته اسان کي ڇو گهرايو اٿئي؟ کين چيائين ته علي محمد شاهه جي گهر جي ائڊريس پڇڻ لاءِ، پر جيئن ته هي اچي ويو آهي، هاڻي بس!
81-10-19
رضوان پليءَ سان مليس، جنهن چيو ته سپرنٽنڊنٽ ستين نمبر ۽ اٺين نمبر بيرڪ جي عملدار علي نواز چانڊيو کي چيو آهي ته رضوان کي ستين نمبر بيرڪ ۾ بند ڪيو. مان علي نواز سان وڃي مليس، جنهن ٻڌايو ته هوا بندر جي کولين واري سپاهي ارشد صاحب وٽ شڪايت ڪئي آهي ته بي ڪلاس جا قيدي رضوان سان ڪچهري ڪرڻ ٿا اچن، ان ڪري صاحب اهو حڪم ڏنو آهي. جهول ضلع سانگهڙ جو شاگرد قيدي فقير غلام رسول مهر نارا تي پهتو. کيس ستين نمبر بيرڪ ۾ بند ڪيائون. مان صاحب سان ملڻ ويس ته جيئن رضوان ۽ فقير غلام رسول کي هوا بندر جي کولين ۾ رکڻ لاءِ چوان، پر ڪونه هو ۽ ڊپٽيءَ معذرت ڏيکاري.
81-10-20
آغا نور احمد، تنوير ۽ خدا بخش ٻگهيو ڪچهريءَ تي آيا. رضوان چيو ته مون کي ستين نمبر بيرڪ مان نه ڪڍرائجو. باقي فقير غلام رسول لاءِ صاحب کي چيم، جنهن کيس ”هوا بندر“ جي کولين ڏي رکڻ جي اجازت ڏني.
81-11-12
رضوان پلي، علي نواز خاصخيلي ۽ آءٌ ملٽري ڪورٽ ۾ شنوائيءَ تي گڏجي وياسين. سينٽرل جيل خيرپور کان رسول بخش ٿيٻو ۽ قمر ڀٽي به شنوائي تي آيا. ملاقات تي ابوبڪر بُلو، لعل بخش چانڊيو، علي گوهر ٻگهيو، ملاقات ڪرڻ آيا. سڀني کي وري شنوائي 11-26 جي ملي. جيل تي ماڙيءَ ۾ پهتاسين ته سپرنٽنڊنٽ مون کي گهرايو ۽ رعب مان چوڻ لڳو ته توهان سائي ڀاڄي بصر وغيره آڻيو ٿا، جيڪو جيل جي قانون مطابق غير قانوني آهي. مون کيس چيو ته اسان ”بي ڪلاس“ جا قيدي آهيون، توهان به ڪچو راشن ٿا ڏيو. مون جيڪڏهن ڀاڄي آندي آهي ته ڏوهه ڪونه ڪيو اٿم. ان تي جيل بدلي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏنائين. مون کيس چيو ته ڀلي جيل بدلي ڪري ڇڏيو، اها اسان لاءِ وڏي ڳالهه ناهي. مان وارڊ ۾ پهتس ته سپاهي سائي ڀاڄي ۽ سامان کڻي آيو ۽ چيائين ته لنپي صاحب موڪليو آهي.
81-11-13
ايوب شورو، عنايت کوسو ۽ رضوان ڪچهري ڪرڻ آيا. ڊپٽي علوي به ڪچهريءَ تي آيو. جيڪو وقت ڪچهري ڪيائين، ان ۾ رڳو اڳوڻو جيل سپرنٽنڊنٽ محبوب کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو. ان لاءِ ٿي کيس برو ڀلو چيائين، جو اهو هن کي رشوت جي پئسن مان حصو ڪونه ڏيندو هو.
81-11-14
وارڊ ۾ ويٺا هئاسين ته قمر راڄپر کي مقدم وٺڻ آيو ۽ کيس چيائين ته ڊي.ايم.ايل.اي (ڊپٽي مارشل لاء ايڊمنسٽريٽر) گهرايو آهي. ٻارهين بجي منجهند جو موٽي آيو. ٻڌايائين ته کيس آزاد ڪيو اٿن. ڪهڙن شرطن تي يا نه؟ وڌيڪ اسان کي ڪجهه به نه ٻڌايائين ۽ آزاد ٿي جيل جي ماڙيءَ کان ٻاهر نڪتو.
81-11-15
ڊپٽي علوي سان مليس. کيس فنائل جو ڊٻو ۽ برداشتي ڏيڻ لاءِ چيو ۽ کيس چيم ته فقير غلام رسول مهر جي ماني اسان بي ڪلاس ۾ تيار ڪري ڏينداسون، ان جي اجازت ڏيو، جيڪا اجازت ڏنائين.
ڊاڪٽر هادي بخش لغاريءَ سان مليس. کيس اسپتال موڪلڻ لاءِ چيم، جنهن منهنجي گذريل اسپتال وڃڻ واري سلپ گهرائي، ان تي ٻٽيهون نمبر رجسٽر ڀريائين ۽ ايندڙ اربع تائين واعدو ڪيائين ته اسپتال موڪلينداسون.
81-11-17
لنپي سپرنٽنڊنٽ شيخ مجيب ۽ مون کي گهرائي چيو ته توهان کي ڪابه تڪليف هجي ته ڊپٽي يا مون کي چوندا ڪريو، مان توهان کي وي.آءِ.پي جي حيثيت سان برتاءُ ڪندس. ولي محمد شاهه جي سيوهڻ تاريخ آئي آهي.
81-11-18
اڄ ”ڇهن حدن جي قتل ڪيس“ جا جوابدار اي.ايس.آءِ شاهه محمد ليکي، صوبيدار چوڌري يعقوب ۽ سپاهي اسان جي وارڊ ۾ آيا. مون کي چيائون ته دعا ڪريو ته اڄ ڪيس مان آزاد ٿيون، حالانڪ پاڻ اڳ ۾ مون سان شيخ مجيب جي روبرو اقرار ڪيو هئائون ته ڪن ماڻهن جي لالچ ۽ وڏن عهدن تي ترقي ڏيارڻ جي ڪري اسان انهن ڇهن ئي حدن کي بي گناهه قتل ڪيو هو. بهرحال، مون کين چيو ته هن ڪورٽ مان ته توهان آزاد ٿيو يا نه، پر بيگناهه سنڌي ماڻهن جو خون توهان کي زندگي ڀر سُک سان سمهڻ نه ڏيندو. بس! پوءَ ته پيرن تي ڪِري پيا، منٿون ۽ آزيون پيا ڪن.
شام جو خبر پئي ته حرن واري قتل ڪيس ۾ پوليس جي سڀني ماڻهن کي ڪورٽ سزاءِ موت جو حڪم ڏنو.
81-11-22
اڄ سپرنٽنڊنٽ ستين ۽ اٺين نمبر بيرڪن ۾ چڪر هڻڻ ايندو، ان ڪري اسان جي بي ڪلاس وارڊ جي سپاهي ٻاهريون دروازو بند ڪري ڇڏيو ۽ ٻارهين بجي تائين نه کوليائين.
شام جو لقمان سپاهي مون وٽ آيو ۽ چيائين ته نورو ساند ۽ انور بدمعاش پاڻ ۾ وڙهي پيا آهن. توهان گڏجي هلو ۽ انهن کي سمجهائيو ته ٺهي وڃن. مان ساڻس گڏجي ويس ۽ هنن جو ٺاهه ڪرائي ڇڏيم.
81-11-23
سپرنٽنڊنٽ لُنپي اسان جي وارڊ جو چڪر ڏيڻ آيو. مختصر ڳالهه ٻولهه کان پوءِ ڊپٽي علويءَ کي چيائين ته هنن شاگردن جو سينٽرل جيل حيدرآباد بدلي ڪيو. اڄ رضوان پليءَ جو بي ڪلاس ٿي ويو.
81-11-24
ولي محمد شاهه لڪياري سيوهڻ واري مون کي چيو ته ڊاڪٽر هادي بخش لغاريءَ ڏي گڏجي هل ۽ کيس چؤ ته منهنجو ٻاهر اسپتال ۾ وڃڻ لاءِ ٻٽيهون نمبر رجسٽر ڀري ته جيئن مان شهر کي چڪر ڏئي اچان. گڏجي وياسين ۽ ڊاڪٽر رجسٽر ڀري ماڙيءَ تي موڪليو. جڏهن پوليس آئي ته رضوان اسان جي وارڊ ۾ سامان کڻي آيو ۽ مون سان کوليءَ ۾ گڏ اچي رهڻ لڳو.
81-11-26
اڄ شنوائيءَ لاءِ تيار ٿي ماڙيءَ ۾ پهتاسين. ساڍي يارهين بجي تائين پوليس ڪانه آئي. جيل انتظاميه سڀني شنوائي وارن قيدين کي واپس پنهنجن پنهنجن بيرڪن ۾ موڪليو. جيئن ته رضوان جي اڄ ”بي ڪلاس“ ٿيڻ کان پوءِ پهرين شنوائي هئي، ان ڪري خوش هو ته کيس اڄ هٿڪڙي نه لڳندي، پر پوليس نه اچڻ ڪري ڏاڍو مايوس ٿيو. سندس مائٽ ۽ ننڍڙو ڀاءُ ڪاشف پلي ملاقات ڪرڻ آيس ۽ منهنجي ملاقات تي فرمان علي شاهه آيو ۽ ٻڌايائين ته 12-17 جي تاريخ ملي آهي.
81-11-27
علي نواز خاصخيليءَ پئسه ڏياري موڪليا ته سامان گهرائي ڏيو. ماڙيءَ جي دروازي تي سپاهي صابر کي پئسه ڏنم، جنهن سامان وٺي آڻي ڏنو. رات جو ڊپٽي علوي، جيلر اختر شاهه ۽ احمد حسين گڏجي آيا، جن چيو ته سپرنٽنڊنٽ صاحب جو حڪم آهي ته شام جو چئين پنجين بجي جيل جي ٻين قيدين جو ٽوٽل بند ٿئي ٿو، توهان به انهن سان گڏ بند ٿيندا ڪيو ۽ هينئر به اٺين بجي ٿيو. اسان کيس چيو ته ماني کائي پوءِ بند ٿيون ٿا.
81-11-28
سپرنٽنڊنٽ کي ملڻ لاءِ پرچي لکي سون، جنهن مون کي گهرائي چيو ته بند ٿيڻ واري مسئلي تي ڊپٽيءَ سان وڃي ڳالهاءِ. ڊپٽيءَ سان مليس. ٿوري بحث مباحثي کان پوءِ رات جو اٺين بجي بند ٿيڻ تي متفق ٿياسون. رات جو اٺين بجي کولين ۾ بند ٿياسون.
81-11-30
سپرنٽنڊنٽ لنپي رائونڊ ڏيڻ لاءِ اسان جي وارڊ ۾ آيو. اڳئين دفعي کان اڄ چڱي نموني ڳالهه ٻولهه ڪيائين.
81-12-3
سڪندر شاهه ڏي هوا بندر تي رضوان ۽ مان گڏجي وياسون. کيس بي ڪلاس وارڊ ۾ وٺي آياسين ۽ منجهند جي ماني گڏجي کاڌي سون.
81-12-8
امتياز شاهه، محمد خان ابڙو ۽ لال بخش چانڊيي، ولي محمد شاهه، شيخ مجيب الرحمٰن ۽ منهنجي ملاقات ڪرڻ آيا.
81-12-9
اسپتال جي پوليس اچڻ ڪري امان الله شاهاڻي ۽ مان سول اسپتال وياسون. اتي مان هڪ سپاهي کي وٺي سائين ميهر علي شاهه جي بنگلي تي ويس. اتي اعجاز علي شاهه مليو. بعد ۾ ذوالفقار علي شاهه ۽ شبير علي شاهه به مليا. مڊوي هوٽل تي ماني گڏجي کاڌي سون. کانئن موڪلائي قربان علي شاهه جي گهر ويس. ڀاڄائي ڏاڍو خوش ٿي ته توهان آزاد ٿي آيا آهيون. جڏهن مون کيس چيو ته ڏوڪڙن جي ڪرامت آهي، صرف توهان سان ملڻ آيو آهيان، وري جيل تي واپس ويندس ته ڏاڍو ڏک ٿيس.
81-12-10
رضوان، آءٌ ۽ شيخ مجيب ڪمري ۾ ويٺا هئاسون ته منشيءَ چيو ته توهان کي هڪ قيدي ٻاهر سڏي ٿو. ٻاهر نڪتس ته امان الله شاهاڻي، نظام ۽ مشتاق بيٺا هئا، جن چيو ته ولي محمد شاهه جي ڳالهائڻ جو رويو درست ناهي، ان ڪري کيس سمجهايو. شام جو ولي محمد شاهه کي ٻاهر اڪيلائي ۾ وٺي کيس سمجهايم، جنهن پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ آئنده لاءِ وعدو ڪيائين ته شڪايت نه ٿيندي.
احمد حسين جيلر کي چيم ته بخت کُهاوڙ کي محرم ملاح ۽ علي نواز خاصخيليءَ سان گڏ ڇهين نمبر بيرڪ ۾ بند ڪيو، جنهن شام جو بخت جو ٽوٽل ڇهين نمبر بيرڪ ۾ ڪرايو.
81-12-11
چڪر عملدار علي نواز چانڊيو کي چيم ته بخت کهاوڙ کي بي ڪلاس وارڊ ۾ موڪل. بخت آيو، ڏاڍي ڪچهري ٿي. منجهند جي ماني گڏجي کاڌي سون.
81-12-12
اڄ لاکيڻي لطيف سرڪار جو ڀٽ شاهه تي ميلو آهي. سنڌ جي گورنر ايس.ايم عباسي سنڌي قوم مٿان احسان ڪري حيدرآباد ڊويزن ۾ موڪل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي جو لطيف کي حيدرآباد ڊويزن جو شاعر سمجهي صرف هن ڊويزن جي رهاڪن لاءِ موڪل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم يا هاڪي ٽيم رڳو راند کٽي ايندي آهي ته سڄي پاڪستان ۾ موڪل جو اعلان ڪيو ويندو آهي. اقبال جهڙي بدڪردار ۽ شرابي شاعر جي ورسيءَ تي سڄي پاڪستان ۾ موڪل ڪئي وڃي ٿي، پر هن انسانيت جي علمبردار شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڏوهه صرف اهو آهي ته سنڌ ۾ پيدا ٿيو، پنجاب ۾ پيدا نه ٿيو. اها سزا اسان کي ملي ٿي. مون کي يقين آهي ته جڏهن ڏيهه مان ڏول لهندو ۽ مارو پنهنجي ملير ۾ آزاد گهمندا ڦرندا، تڏهن لطيف هڪ آزاد ملڪ جو قومي شاعر هوندو ۽ هينئر ته اسان وٽ آهي به، پر اسان جا پنهنجا پٽڪا ۽ ٽوپيون پايو، اجرڪ ڪلهن ۾ وجهيو بيٺا ڌارين جي دلالي ڪن. شل هيءَ قوم اکيون کولي نڀاڳ جي ننڊ مان سجاڳ ٿئي.
81-12-14
قربان علي ٻگهيو مورو مان ملاقات ڪرڻ آيو. راشد جو خط آندائين. ارباب علي شاهه، غلام سرور شاهه، غلام شاهه، ابراهيم واهوجو ۽ ٻيا دوست ڀٽ شاهه جي ميلي تان زيارت ڪري ميلي جي مٺائي کڻي آيا ۽ ڪچهري ڪيائون.
ولي محمد شاهه جي ملاقات آئي. کيس ٻڌايائون ته ڏينهن ٻن ۾ آزاد ٿي ويندين.
81-12-16
شيخ مجيب ۽ مون صلاح ڪئي ته ولي محمد شاهه آزاد ٿيڻ وارو آهي، هن جي گڏجي الوداعي دعوت ڪجي. اڄ ئي ٻاهران سامان گهرائي، آزاد ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ آغا نور احمد، مير الهه بخش ٽالپر آف چُکي، مير بچل خان، مير ڇٽل خان، غلام رسول لاشاري، امان الله شاهاڻي، نظام پنهور، مشتاق عباسي، ايوب شورو، سڪندر شاهه، عنايت کوسو، دائود ڪنڀر، غفار چنو، فقير غلام رسول مهر، ادريس ناريجو، بهاول لغاري، محرم ملاح، علي نواز خاصخيلي، بخت کهاوڙ، ڊاڪٽر هادي بخش، سڀني کي ماني کارائي سون.
81-12-17
رضوان ۽ آءٌ ملٽري ڪورٽ ۾ شنوائيءَ تي وياسون. اڄ رضوان کي بي ڪلاس هئڻ ڪري هٿڪڙي ڪانه لڳي هئي، ان ڪري ڏاڍو خوش هو. سندس ملاقات تي ڪاشف پلي ۽ عارف آيا هئا ۽ کيس ٻڌايائون ته تنهنجو ضامن ٿي ويو آهي ۽ اڄ آزاد ٿيندين. رسول بخش ٿيٻو ۽ قمر ڀٽي سينٽرل جيل خيرپور کان شنوائيءَ تي آيا. ملاقات تي ابوبڪر بُلو، لال بخش چانڊيو ۽ حسن باغي آيا.
جيل تي پهتاسين. رضوان جي ضمانت جا ڪاغذات سندس سؤٽ ڊاڪٽر علي شير پلي کڻي آيو ۽ شام جو چئين بجي آزاد ٿي ويو.
81-12-18
علي نواز خاصخيلي، محرم ملاح ۽ ادريس ناريجو ڪچهريءَ تي آيا ۽ وري ڊپٽي علوي آيو، جنهن چيو ته رضوان آزاد ٿي ويو آهي، مٺائي کاراءِ. ڪافي جا ٻه ڪوپ ٺهرائي کيس پياريم ۽ روانو ٿي ويو.
81-12-20
اڄ هوا بندر جي کولين ڏي نظام پنهور سان ڪچهري بيٺي ڪيم ته اوچتو لنپي سپرنٽنڊنٽ اچي ويو ۽ مون کي چيائين ته بي ڪلاس جا قيدي آهيو، ان جو مطلب اهو ناهي ته توهان سڄي جيل ۾ جنهن تنهن سان وتو ڪچهريون ڪندا. مون کيس چيو ته ضروري ڪم هو، ٻاهر ڀڄي ڪونه ٿي وياسون، جيل ۾ اندر آهيون، ايترو خوف ڇو ٿو ٿئي؟ بهرحال، بُڙ بُڙ ڪندو هليو ويو.
81-12-23
صبح جو سڪندر شاهه ڪچهري ڪرڻ آيو. مجيب ۽ مان گڏجي کيس هوا بندر تي ڇڏڻ وياسون. اتي بيٺا هئاسون ته انور ۽ اڪبر پوو پاڻ ۾ وڙهي پيا. سڪندر شاهه وڃي کين ڇڏايو. انور اچي گاريون ڏيڻ لڳو. ان تي عنايت کوسو چيس ته تون ڪنهن کي ٿو گاريون ڏين؟ چيائين ته پنهنجي دشمنن کي گاريون ٿو ڏيان.
شام جو عنايت کوسو آيو، جنهن چيو ته انور صبح مجيب کي گهٽ وڌ پئي ڳالهايو. اسان ٽئي مجيب، آءٌ ۽ عنايت گڏجي وڃي انور جي هنڊيوال نوروءَ کي چيو ته کيس سمجهائي، جنهن چيو ته هر وقت ميڊريڪس جون گوريون کايو ٿو وتي. گهڻو ئي سمجهايانس ٿو پر نٿو مڙي، توهان مون کي معاف ڪريو. اسان پاڻ ۾ ڳالهايو پئي ته انور به اچي ويو ۽ گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيائين. ان تي مجيب ۽ مان هن سان وڙهي پياسين. ان دوران سڪندر شاهه به اوچتو اچي ويو، جنهن سپاهيءَ کان زوري ڏنڊو کسي انور کي سينڌ وارو ٺڪاءُ ڪرايو. رت جا گهارا ٿي ويس. بس پوءِ ته سپاهي محمد شير سيٽي وڄائڻ شروع ڪئي، جنهن تي سڄي جيل جو عملو ڀڄندو آيو ۽ اچي انور کي ڇڏايو. اسان کي ماڙيءَ تي وٺي ويا. سپرنٽنڊنٽ اسان کان سواءِ پڇڻ جي چيائين ته توهان جو بي ڪلاس ختم ٿو ڪريان ۽ شيخ مجيب کي جيڪا جيل قانون تحت معافي ملي هئي، اها به ختم ڪيائين ۽ سڪندر شاهه کي ڏنڊا ٻيڙيون هڻي بند وارڊ ۾ رکيائون.
81-12-24
صبح جو مير عالم صوبيدار آيو، جنهن چيو ته صاحب انور کي خوش ڪرڻ لاءِ سڪندر شاهه کي ڏنڊا ٻيڙيون هنيون آهن، باقي توهان جي بي ڪلاس ختم ڪونه ڪندو ۽ سڪندر شاهه جون ڏنڊا ٻيڙيون به کلي وينديون. ٿوري دير کان پوءِ ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ علوي، نئون جيلر رمضان جيڪو اختر شاهه جي جاءِ تي آيو آهي، گڏجي آيا ۽ اسان کي چيائون ته توهان لکيل پڙهيل آهيو، جذباتي نه ٿيندا ڪيو. باقي توهان جو بي ڪلاس ختم نه ٿيندو ۽ نه وري مجيب جي معافي ختم ٿيندي. سڪندر شاهه لاءِ چيائون ته ان کي جلدي کولرايون ٿا. اڄ ولي محمد شاهه لڪياري ضمانت تي آزاد ٿي ويو.
81-12-25
صبح جو جيئن جيل جو ٽُوٽل کليو ته جيلر احمد حسين ٿوري دير ويهڻ کان پوءِ چيائين ته انور ۽ نوروءَ کي بدلي ڪرڻ جو مون بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، توهان مطمئن رهو. ٻڌايائين ته مير عالم صوبيدار رٽائر ٿي ويو آهي، ان ڪري مون کي باغ پارٽيءَ لاءِ قيدي ڪڍڻا آهن، توهان ٻه ڪوپ ڪافيءَ جا ٺاهي موڪليو.
81-12-26
جيل جو ٽوٽل کلڻ کان پوءِ چڪر ڏي اندر سيٽيون وڄڻ شروع ٿي ويون. خبر پئي ته بخت کهاوڙ ۽ فقير حسين پاڻ ۾ وڙهي پيا آهن. ڊپٽيءَ کي ملڻ لاءِ پرچي لکيم، جنهن گهرايو. ماڙيءَ ۾ ويس ته شاهه محمد شاهه، قمر راڄپر ۽ سميع مڱريو ابوبڪر زرداريءَ جي ملاقات ڪري رهيا هئا. قمر، شيخ مجيب کي به ملاقات لاءِ گهرايو. ڊپٽيءَ کي چيم ته بخت کي چڪر مان ڪڍي هوا بندر جي کولين ڏي رکو. بخت وڃڻ لاءِ راضي نه هو، پر مون کيس چيو ۽ پوءِ اوڏانهن وڃي بند ٿيو.
مجيب ۽ آءٌ گڏجي احمد حسين جيلر جي آفيس واري ڪمري ۾ وياسون. مجيب جو ڪارڊ ڏٺوسون، جنهن ۾ جهڳڙي جي ڪري ٻارهن ڏينهن معافي ختم ڪري ڇڏي اٿس ۽ جيلر ٻڌايو ته صاحب چيو آهي ته بي ڪلاس ختم ڪرڻ لاءِ به ليٽر لکي اچ ته بالا عملدارن کي موڪليون. اسان کيس چيو ته ڀلي ختم ڪيو، جيل ته هونئن ئي آهي، وڌيڪ توهان ڇا ڪندؤ؟
81-12-27
مشتاق عباسي آيو، جنهن ٻڌايو ته ڊاڪٽر هادي بخش لغاري سپرنٽنڊنٽ کي چيو آهي. جيڪا معافي ختم ڪئي اٿس يا بي ڪلاس ٽوڙڻ لاءِ جيڪو ليٽر ٿي لکيائين، هاڻي نه ڪندو. مجيب جي ملاقات تي سندس وڏو ڀاءُ شيخ حبيب الرحمٰن ۽ علڻ خان ٿيٻو آيا.
عنايت کوسو لٺ کڻي انور ساند سان وڙهڻ لاءِ آيو، پر سڄي جيل ۾ سيٽيون وڄي ويون. جهيڙو نه ٿيو. سپرنٽنڊنٽ ٻنهي ڌرين کي گهرائي ٺاهه ڪرائي ڇڏيو ۽ بخت کهاوڙ ۽ فقير حسين جو به ٺاهه ڪرائي ڇڏيائين.
81-12-28
لنپي سپرنٽنڊنٽ اسٽاف سوڌو چڪر هڻڻ لاءِ آيو. ڊاڪٽر هادي بخش کي چيائين ته هي ڏس علي محمد شاهه ۽ مجيب سياسي قيدي ٿيا آهن ۽ وتن ٿا ماڻهن سان وڙهندا. ان تي ڊاڪٽر چيس ته توهان کي جيڪڏهن ڪير گهٽ وڌ ڳالهائي ته پوءِ توهان ڇا ڪندؤ؟ ان تي چيائين ته مان معاف ڪندوسانس. ڊپٽي علوي ۽ احمد حسين چيس ته، انور ۽ نورو بدمعاش ۽ نشئي آهن، اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي.
شام جو سپاهي ٻڌايو ته عنايت کوسو وارڊ جي ڇت تي چڙهي ويهي رهيو ۽ مطالبو ڪيائين ته دائود ڇوڪرو ساڻس کوليءَ ۾ بند ڪيو. جيل وارن وعدو ڪري ڇت تان هيٺ لاٿس، پوءِ ته ڏاڍي مار ڪڍي، ڏنڊا ٻيڙيون هڻي بند وارڊ ڪري ڇڏيائونس.
81-12-29
مجيب ۽ آءٌ گڏجي ڊاڪٽر سان ڪچهري ڪرڻ وياسين. اتي خبر پئي ته بخت کهاوڙ ۽ عنايت کوسو کان سواءِ باقي سڀني کي چڪر ۾ موڪليو اٿن. ڊاڪٽر صاحب چيو ته مون سپرنٽنڊنٽ کي چئي ڇڏيو آهي، اهو معافي ۽ بي ڪلاس ختم نه ڪندو.
احمد حسين جيلر جو ماڻهو آيو ته توهان کي گهرايو اٿس. مان وڃي ساڻس مليس. چيائين ته توهان اسپتال ويندا ڪيو ته مون کي يا ڊپٽي کي پرچي لکي، اجازت وٺي، پوءِ ويندا ڪيو، ڇاڪاڻ ته ٻيا قيدي اعتراض ڪن ٿا.
81-12-30
ابوبڪر زرداريءَ کي ڊي.ايم.ايل.اي گهرايو. دير سان وڃڻ ڪري ميجر محبوب قادر چيس ته صبحاڻي اچجانءِ ۽ جنرل صاحب سان اچي ملجانءِ.
81-12-31
ابوبڪر زرداري ڊي.ايم.ايل.اي آفيس ويو. منجهند جو موٽي آيو ۽ ٻڌايائين ته کيس آزاد ڪيو اٿن ۽ اڄ جيل مان آزاد ٿي ويو.