جنوري 1982ع کان جون 1982ع
شنوائيءَ تي ملٽري ڪورٽ ويس، اُتي لال بخش چانڊيو، فقير داد کوسو، ابوبڪر بُلو، محمد صالح راهپوٽو، غلام نبي سومرو ملاقات ڪرڻ آيا. سينٽرل جيل خيرپور کان رسول بخش ٿيٻو ۽ قمر ڀٽي به آيا. سينٽرل جيل حيدرآباد کان قربان ارباب آيو. تاريخ 82-7-28 جي ملي.
اڄ بخت کهاوڙ، مقبول سمون، گُلو ۽ چنيسر ڀچو کي جيل بدلي ڪري ڇڏيائون. انهن جو ڏوهه صرف اهو هو جو آءِ. جي جيل جي چڪر هڻڻ وقت کيس چيائون ته جيل انتظاميه چرس ۽ هيروئن ٿي کپائي ۽ غريب قيدين سان ظلم ٿي ڪري.
82-1-14
سپرنٽنڊنٽ لنپي آيو، جنهن اسان کي چيو ته توهان بي ڪلاس وارڊ نمبر ٻه ڏي بدلي ٿي وڃو، ڇاڪاڻ ته هن وارڊ کي ”سزا وارڊ“ ٺاهيو اٿئون. شام جو سامان کڻي بي ڪلاس وارڊ ۾ رکيوسون. شيخ مجيب، امان الله شاهاڻي سان کوليءَ ۾ بند ٿيو. آءٌ ۽ فقير غلام رسول مهر هڪ ننڍڙي کوليءَ ۾ بند ٿياسون، ڇاڪاڻ ته ٻين کولين کي دروازا لڳل نه هئا. ڊپٽي ۽ جيلر چيو ته صبحاڻي توهان کي دروازا هڻائي ڏينداسون.
82-1-15
کوليءَ کي دروازو (ڄاريءَ جو) هڻي ڏنائون. بجلي ۽ پاڻيءَ جا ڪنيڪشن پڻ ٺاهي ڏنائون. مجيب ۽ مون سائين جي.ايم سيد جي سالگرهه لاءِ ڪيڪ گهرايو.
82-1-17
اڄ سن جي سائين غلام مرتضيٰ شاهه (جي.ايم سيد) جي سالگرهه ملهائڻ لاءِ چڪر مان محرم ملاح، سڪندر شاهه، مشتاق، غفار چنو، ادريس ناريجو، امان الله شاهاڻي ۽ ٻيا اٽڪل پنجاهه کن قيدي اسان جي وارڊ ۾ آيا.
سالگرهه جو ڪيڪ مون ڪاٽيو. ان کان پوءِ سنڌ جي سيد اعظم جي زندگي، سياسي جدوجهد ۽ سنڌ سان ڪيل آزاديءَ جي واعدي متعلق تقرير ڪيم.
82-1-18
محمد حسن کوسو ميهڙ ضلع دادو جو قيد ٿي آيو آهي. ٽنڊي ڄام ڏي زمين تان سندس ۽ هن جي ڀاءُ لونگ خان کوسو جو جهڳڙو، حاجي راول پهوڙ ۽ محمد حسين پٺاڻ سان آهي، ان ڪيس ۾ آهي. ڪچهري ڪيائين. ڏاڍو زنده دل ۽ سچو سنڌي ماڻهو آهي.
شام جو موٽيو کوسو، خدا بخش ۽ حمل کوسو آيا، جن چيو ته ماڙي تان معلوم ڪري ڏي ته اسان جو مارشل لاء وارن ڇا جو ليٽر موڪليو آهي؟ مان ويس پر آفيس بند ٿي وئي، خبر نه پئجي سگهي.
82-1-17
ماڙي تي ويس. هيڊ ڪلرڪ محمد خان ڀٽو کي چيم ته مارشل لاء وارن جو ليٽر حمل کوسو وارن لاءِ آيو آهي، ان ۾ ڇا لکيل آهي؟ جنهن احمد حسين جيلر کان پڇي ٻڌايو ته ڪوبه اهڙو ليٽر نه آيو آهي. مون کي انديشو آهي ته هنن کوسن کي ڪوڙا هڻڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪري ليٽر لکيو اٿن.
82-1-20
برادرم ارباب علي شاهه ملاقات ڪرڻ آيو. شام جو جيل بند ٿيڻ کان پوءِ سپاهيءَ ٻڌايو ته گودام جي اڳيان واري ميدان تي ٽڪ ٽڪي اچي رکي اٿن. خبر ناهي صبحاڻي ڪنهن کي ڦٽڪا لڳندا.
82-1-21
معمول جي خلاف چڪر جو وڏو دروازو ۽ بي ڪلاس جو ٻاهريون دروازو بند ڪري ڇڏيائون. بعد ۾ پتو پيو ته غلام محي الدين کوسو، موٽيو کوسو ۽ خدا بخش ٻگهيو کي ڦٽڪا لڳي رهيا آهن ۽ مارشل لاء جا فوجي آفيسر ڪرسين تي ٽيڪ ڏيو ويٺا آهن.
ڦٽڪا هڻڻ واري جاءِ تي مقرر ٿيل سپاهي قمر اسان جي وارڊ ۾ آيو. مون کانئس ڦٽڪن بابت پڇا ڪئي. ٻڌايائين ته خدا بخش ٻگهيو ڇهن ڦٽڪن لڳڻ کان پوءِ بيهوش ٿي ويو، ان ڪري کيس ڊاڪٽر وڌيڪ ڦٽڪا هڻڻ کان جهليو، پر فوجي ميجر چيو ته هڻي ڇڏيو. ان تي ڊاڪٽر چيس ته لکت ۾ آرڊر ڏي ته ڀلي هڻن، ٻي صورت ۾ مان هڻڻ نه ڏيندس. ميجر لکي ڏنو ۽ هن کي لاهي هيٺ ويهاريائون. باقي موٽيو کوسو ۽ غلام محي الدين کوسو ويهه ويهه ڪوڙا کائي، هيٺ لهي، ميجر ڏي منهن ڪري، شهپرن کي وٽيندا، چڪر ڏي پيرين پنڌ هليا ويا.
آءِ.جي جيل منظور احمد پنهور سالياني چڪاس ڪرڻ لاءِ آيو. هڪ سال سزا لڳل قيدين کي پندرنهن پندرنهن ڏينهن معافي ڏنائين. نارا جيل جي ويهارو کن قيدين کي فائدو مليو. ان معافي ملڻ جي ڪري شيخ مجيب الرحمٰن آزاد ٿي ويو ۽ اسان جي وارڊ جو برداشتي قادر بخش مهيسر به آزاد ٿي ويو.
82-1-22
ستين نمبر بيرڪ جا ڇوڪرا قيدي اسان جي وارڊ جي ڀرسان واري کولين ۾ اچي بند ڪيا اٿن. سڄو ڏينهن ڌمچر ۽ هل هنگامو لڳو پيو هو.
82-1-23
فقير غلام رسول مهر کي محمد خان ڀٽو ڪلرڪ مارشل لاء وارن طرفان چارج شيٽ ڏئي ويو، جنهن ۾ لکيل آهي ته توهان پنج جنوري 1981 تي مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جي سالگرهه تي ڪيڪ ڪاٽيو، مٺائي ورهائي ۽ نظريه پاڪستان جي خلاف نعرا هنيا.
ڪيڏي نه تعجب جي ڳالهه آهي ته فقير غلام رسول مهر ان تاريخ تي نارا جيل ۾ قيد آهي ۽ مارشل لاء جا فوجي چارج شيٽ ڏين ٿا ته توهان ڪيڪ ڪاٽيو ۽ نظريه پاڪستان جي خلاف نعرا هنيا آهن.
82-1-24
فقير غلام رسول مهر شنوائي تي ويو. کيس وري صبحاڻي جي تاريخ ڏنائون. محرم ملاح، سڪندر شاهه، حسن کوسو ڪچهري تي آيا.
82-1-25
فقير غلام رسول کي وري به مارشل لاء وارن شنوائي ڏني آهي. حسن کوسو آيو، جنهن چيو ته کيس مارشل لاء وارن ڏي درخواستون لکي ڏي. مون کيس چيو ته اجايو ٿو چيچڙي ۾ ٻانهن ڦاسائين، هنن کي هرو ڀرو ٿو پنهنجي ڪيس جو حال احوال لکين. مارشل لاء جي فوجين جو اهو حشر آهي جو فقير غلام رسول قيد آهي ۽ لکن ٿا ته تو ڪيڪ ڪاٽيو آهي. پوءِ ٺهيو ڪيائين.
82-1-27
فقير غلام رسول ۽ آءٌ گڏجي شنوائيءَ تي ملٽري ڪورٽ وياسون. اتي رسول بخش ٿيٻو ۽ قمر ڀٽي به سينٽرل جيل خيرپور کان آيا. سينٽرل جيل حيدرآباد کان قربان ارباب آيو. رسول بخش ٻڌايو ته کيس سينٽرل جيل سکر بدلي ڪيو اٿن. گل محمد دل سينٽرل جيل حيدرآباد مان آزاد ٿي اسان جي ملاقات لاءِ آيو ۽ لطف عباسي به آزاد ٿي ڳوٺ روانو ٿي ويو.
ملاقات تي سيد زوار نقوي، بلبل کورواهي، وفا رضا بلوچ، قاسم، نواز ڳاهوٽي، فرمان علي شاهه، لال بخش چانڊيو آيا. اڄ خبر پئي ته سڪندر شاهه جو ضامن ٿي ويو آهي. سڀني دوستن کي 2-10 جي تاريخ ملي.
82-1-28
ادريس ناريجو آزاد ٿي ويو. محرم مارو ڍول ۽ سچل پنهور گڏجي آيا. ڏاڍا مزاحيه ٽوٽڪا ٻڌايائون.
82-1-29
محرم آيو ۽ بعد ۾ خدا بخش ٻگهيو به آيو، جنهن ٻڌايو ته سڀاڻي باقي رهيل چوڏهن ڦٽڪا لڳڻ جو حڪم نامون فوجين موڪليو آهي. مون کانئس پڇيو ته هن دفعي وري بيهوش ٿيندين ڇا؟ چيائين ته اڳئين دفعي مون کي لاڳيتو ٽي ڏينهن بخار آيا هئا ۽ بخار ڇڏئي کي هڪ ڏينهن به نه گذريو ته ڦٽڪا لڳا هئا، ان ڪري بيهوش ٿي ويو هوس. مون کيس چيو ته فوجي ڌاريا پنجابي آهن، انهن جي اڳيان مڙس ٿجان، ٻاهر وڃي چوندا ته سنڌي سُست آهن. چيائين ته دعا ڪر، سڀاڻي رڪارڊ ٽوڙي ڏيکاريندوسانءِ.
82-1-30
خدا بخش ٻگهيو کي ڦٽڪا لڳا. ڦٽڪن لڳڻ کان پوءِ ٽڪ ٽڪيءَ تان لهي، ڦٽڪن هڻڻ مهل جيڪا چڊي پارائيندا آهن، اها ميجر جي سامهون لاهي، اگهاڙو ٿي ڪپڙا پائڻ لڳو. ميجر کي ان ڳالهه تان ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ تڪڙو تڪڙو ماڙي ڏي هليو ويو. شام جو خدا بخش مون وٽ آيو ۽ فاتحانه انداز ۾ مرڪندي چيائين: ”سائين! فوجين مون کي ڦٽڪا هنيا ۽ مون کين ... ڏيکاري ڇڏيو.“
آغا نور احمد ۽ آءٌ گڏجي ڊاڪٽر هادي بخش لغاري وٽ وياسون. کيس پنهنجي ۽ آغا لاءِ چيم ته ٻٽيهون نمبر رجسٽر ڀري ته اسپتال مان چڪر به ڏئي اچون ۽ دوا به وٺي اچون. رجسٽر ۾ لکي ماڙيءَ تي موڪليائين. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته، ”اڄ خدا بخش ڪمال ڪري ڇڏيو. ميجر جي آمهون سامهون اگهاڙو ٿي بيهي رهيو.“
82-1-31
رضوان پلي، علي نواز خاصخيلي، ڊاڪٽر طيب ۽ چندر ملاقات ڪرڻ آيا. علي نواز چيو ته هي دوست ايل.ايم.سي ڄامشورو ۾ ڊاڪٽري پڙهندا آهن ۽ عمرڪوٽ جا آهن. توهان کي ڏسڻ ۽ ملڻ آيا آهن.
82-2-1
آءٌ ۽ آغا نور احمد گڏجي اسپتال وياسون. آغا پنهنجي وڏي ڀاءُ آغا نور نبي سان ملڻ لاءِ سندس آفيس گول بلڊنگ هليو، پر پاڻ ڪونه مليو. ليڪن سندس پٽ زرار خان مليو. اسان اسپتال وياسين. اتي زرار ۽ پرويز گل پٺاڻ جيپ ڪاهي آيا. دوا وٺي گڏجي آغا نور نبي خان جي گهر ريشم گلي آياسين. منجهند جي ماني به اتي کاڌيسون. مون قربان علي شاهه سان سندس آفيس ڀائي خان جي چاڙهي تي ملاقات ڪئي. زرار خان اسان کي جيپ تي کڻي نارا جيل تي ڇڏي ويو. فقير غلام رسول کي وري 2-4 جي تاريخ ملي آهي.
82-2-2
اڄ نئين آيل جيلر جمال الدين مري سان مليس. کيس شام جو سائي ڀاڄي ۽ ”جنگ“ اخبار لاءِ چيم ته هڪ ڏينهن اخبار توهان پڙهو، ٻئي ڏينهن تي اسان کي موڪليندا ڪيو. واعدو ڪيائين. ڪافي وقت کان پوءِ سنڌي جيلر آيو آهي ۽ هيءُ ڏسڻ، ڳالهائڻ، ٻولهائڻ ۾ ڏاڍو اخلاق وارو ٿو لڳي. اڳتي ڏسون ته ڇا ٿو ڪري؟
82-2-3
جمال مري جيلر سائي ڀاڄي ۽ اخبار جنگ ڏياري موڪلي. بهاول لغاري جي ضمانت هاءِ ڪورٽ رد ڪري ڇڏي، ان ڪري وري جيل تي پهچي ويو.
82-2-4
فقير غلام رسول شنوائي تي ويو. وري کيس 2-7 جي تاريخ ملي. خبر ناهي ته ڇو هن کي شنوايون پيا ڏين؟ نه ته اڪثر ڪري ائين ٿيندو آهي ته جنهن کي به چارج شيٽ ملندي آهي ته ڏينهن ٻن ۾ ان کي سزا لڳندي آهي. حسن کوسو، موٽيو کوسو، دائود عرف شمن ڪنڀر، ٺارو شاهه جو بهاول لغاري ۽ موٽن پالاري ڪچهري تي آيا.
82-2-5
ڀرايو ٽئونگل، فقير غلام رسول ۽ مون کي دعوت ڏئي چڪر جي ڇهين نمبر بيرڪ ۾ وٺي ويو. شام جو خبر پئي ته باغ پارٽيءَ جو هڪ قيدي ٻاهران ڀڄي ويو آهي. سپاهي کي سِسپينڊ، شاهد مقدم کي ڏنڊا ٻيڙيون هڻي بند وارڊ ڪيو اٿن.
محرم مارو ڍول امير البحر ۽ علي نواز چانڊيو چڪر عملدار گڏجي آيا. محرم چيو ته آغا نور احمد کي چؤ ته سندس وڏي ڀاءُ آغا نور نبي خان ڏي چٺي لکي ڏئي، ڇا ڪاڻ ته اهو ايڪسائيز انسپيڪٽر آهي ۽ ڪالهه شام علي نواز کان چنگيزي انسپيڪٽر شراب جي بوتل کسي ويو آهي، اها وٺي ڏئي يا پئسه ڏئي. آغا کي چيم، جنهن چٺي لکي ڏني.
82-2-6
اڄ محرم وارن جي هنڊيوال ٻڌايو ته شراب لاءِ پئسه محرم، علي نواز چانڊيو کي ڏنا هئا ۽ علي نواز نه شراب ورتو نه ڪجهه، صرف پئسه کائڻ لاءِ آغا کان چٺي لکرائي اٿس ۽ محرم توهان سان ان لاءِ ڳالهه نه ڪئي ته سائين شراب پيئڻ تان ڳالهائيندو.
بهاول لغاري چيو ته شنوائي تي وڃان ٿو، توهان جمال مري جيلر يا ماڙي جي وڏي دروازي جي سپاهي سعيد کي چئي ڇڏجو ته منهنجو سامان نه روڪين. مان سعيد سپاهي کي چئي آيس ته توکي بهاول خرچي ڏيندو، تون ان جو سامان نه روڪجانءِ. بهاول سامان کڻي آيو. شام جو پنج روپيه سپاهي کي خرچي جا ڏنائين.
82-2-7
ڊپٽي علوي روزانه جسارت اخبار پڙهندو آهي. مون کيس چيو ته جسارت اخبار پڙهي اسان جي وارڊ ڏي موڪليندا ڪيو. واعدو ڪيائين ته موڪليندس.
82-2-8
ڊپٽيءَ اخبار جسارت ڏياري موڪلي. برداشتي حسين موروجو مون کي چيو ته فقير غلام رسول چرس ڏاڍو ٿو پئي، توهان ان کي جهليو. مون فقير کي چيو ته تنهنجي باڊي اڳيئي سنهڙي، ڦڦڙن جي مرض ۾ مبتلا آهين، وري ٿو چرس پيئين. اهو تنهنجي لاءِ به چڱو نه آهي ۽ نه وري اسان شاگردن لاءِ، ڇاڪاڻ ته عام قيدين تي اخلاقي طرح سان برو اثر پوندو ۽ چڱو ڪم به ڪونه آهي. مون سان ڪاوڙجي پيو ۽ ڳالهائي به ڪونه ٿو.
82-2-9
محرم مارو ڍول آيو. فقير غلام رسول ۽ پاڻ شنوائي تي ڪورٽ ڏي گڏجي ويا. فقير غلام رسول موٽي اچي ٻڌايو ته محرم کي سينٽرل جيل حيدرآباد بدلي ڪري ڇڏيو اٿن ۽ ڪورٽ تان سڌو سينٽر تي ويو. ڏاڍو ڏک ٿيو، تمام پيارو کل مک قيدي دوست هو.
82-2-10
فقير غلام رسول ۽ آءٌ گڏجي شنوائي تي وياسون. اتي سينٽرل جيل سکر کان رسول بخش ٿيٻو، سينٽرل جيل خيرپور کان قمر ڀٽي ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد مان قربان ارباب، نور النبي عباسي، عنايت لغاري، الطاف تنيو شنوائي تي آيا.
ملاقات تي شيخ مجيب، رئيس علڻ خان ٿيٻو، ذڪاءُ الله شيخ، فقير داد کوسو، سيد زوار نقوي، وفا رضا بلوچ، شبير علي شاهه ۽ ٻيا ڪافي يونيورسٽي جا دوست آيا.
82-2-16
آغا نور احمد کي جيل سپرنٽنڊنٽ گهرائي چيو ته اسپتال لاءِ دوائون گهرائڻيون آهن، غريب قيدين جي توهان کي دعا ٿيندي، ڏيڍ سؤ روپيه ڏيو. موٽي آغا مون سان مليو ۽ چيائين ته هنن کي ٽڪو به نه ڏيان، پر ڇا ڪريان، منهنجو سزا وارو ڪارڊ آءِ.جي جيل وٽان پهچي ويو آهي. هاڻي پئسه نه ڏيندس ته سزا ۾ مليل معافي ڪاٽي ڇڏيندا. مون کان ڏيڍ سؤ روپيه گهريائين. مون وٽ ته ڪونه هئا. حسن کوسو کان هڪ سؤ چاليهه روپيه وٺي ڏنامانس، جيڪي ماڙيءَ تي ڏئي آيو.
82-2-17
آغا نور احمد جي ميرپور خاص ڪورٽ ۾ شاهدي جي شنوائي آهي. ڏاڍو پريشان آهي. مون کي چيائين ته ڊاڪٽر لغاري صاحب کي هلي چؤ ته مون کي سرٽيفڪيٽ ڏئي ته هي بيمار آهي ۽ شنوائيءَ تي نه اچي سگهندو. مون کيس چيو ته قيدي پيرَ پيا سوريندا آهن ته ٻاهر ڪا شنوائي اچي ته وڃي چڪر ڏئي اچون ۽ تون پاڻهي شنوائي آئي آهي ته به نه ٿو وڃين. چيائين ته مان ميرپور خاص ۾ رجسٽرار رهي آيو آهيان، اتي جا وڪيل مون کي جُهڪي سلام ڪندا هئا ۽ آفيسر ۽ شهر جا معزز ماڻهو مون کي عزت ڏيندا هئا. اڄ وري اتي آئون هٿڪڙيون پائي سپاهين سان گڏجي ڪونه ويندس.
ڊاڪٽر صاحب وٽ وياسين، جنهن آغا جي بيماريءَ جو سرٽيفڪيٽ ٺاهي ڏنو. ماڙيءَ ۾ محمد خان ڀٽو ڪلرڪ کي ڏنم ۽ آغا شنوائيءَ تي ڪونه ويو.
82-2-19
جمال الدين مري جيلر ۽ محمد خان ڀٽو هيڊ ڪلرڪ ماڙيءَ تي ماني گڏجي کاڌي. سڄو ڏينهن کوليءَ ۾ ويٺو رهيس ۽ ڪتاب پڙهيم.
82-2-20
مير الهه بخش ٽالپر، غلام رسول لاشاري وارن آغا نور احمد کي ٻارڻ جي ڪاٺين تان ڏاڍو گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويا. مس مس هنن کي ٿڌو ڪيم. سپاهي وڃي سپرنٽنڊنٽ کي ٻڌايو، جنهن ٻنهي ڌرين کي گهرائي ڀاڪر پارائي ڇڏيو.
82-2-22
حسن کوسو آيو. پڪن قيدين (سزا يافته) جي اٺين نمبر بيرڪ ۾ وٺي ويو. اتي قوم پرستيءَ تي کين ليڪچر ڏنم ۽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلمن کان کين واقف ڪيم. قيدي ڏاڍو متاثر ٿيا.
82-2-24
جيل سپرنٽنڊنٽ گهرائي چيو ته توهان قيدين کي سياسي ليڪچر ٿا ڏيو، ان ڪري اسان جو جيل جو انتظام خراب ٿيندو. توهان مهرباني ڪري پنهنجي وارڊ مان ٻين قيدين جي بيرڪن ۾ نه ويندا ڪيو. مون کيس چيو ته حق جي ڳالهه ڪرڻ ڏوهه ڪونه آهي. مون ڪابه غلطي ڪانه ڪئي آهي. چيائين ته سڀ ٺيڪ چيو اٿئي، پر اسان کي اها ڳالهه وڏي مصيبت ۾ وجهندي. مٿان جمال الدين مري جيلر آفيس ۾ گهڙي آيو، جنهن مسئلي کي ختم ڪري ڇڏيو.
امان الله شاهاڻي ماني کائڻ وقت سڀني دوستن جي روبرو مون کي چيو ته فقير غلام رسول منهنجي کوليءَ مان سڪل ڀنگ ڪڍي پاڻ ۽ بهاول لغاري ڪچي کائن پيا، تون کين سمجهاءِ. فقير به روبرو ويٺو هو. بس پوءِ ته رڳو پيو کلي ۽ چوي پيو ته امان الله غلط ڳالهه ٿو ڪري. بهرحال، مون وري به کيس منٿ ڪئي ته اهي اخلاقي برائيون ڪڍي ڇڏ ۽ تنهنجي صحت به چڱي نه رهندي.
82-2-25
اڄ فقير داد کوسو جا مائٽ ڦوٽو کوسو ۽ علي نواز کوسو قيدي ملڻ آيا ۽ فقير داد جا سلام به ڏنائون. کين چڪر ڏي ڇهين نمبر بيرڪ ۾ رکيو اٿن. چڪر عملدار کي هنن لاءِ پارت ڪيم.
82-2-26
قيدي ولي محمد کوسو عرف ولڻ، رمضان جيلر کي گاريون ڏنيون ۽ گهٽ وڌ ڳالهايو. سعيد سپاهي حسن کوسو ۽ صوبيدار صادق مون وٽ آيا ته تون هلي ولڻ کي سمجهاءِ ته هرو ڀرو جيل وارن کي گاريون ڇو ٿو ڏئي. مون ولڻ کي وڃي چيو، جنهن چيو ته: ”سائين! جيل جا پنجابي سپاهي ۽ جيلر ڀڙوا آهن. انهن کي ٿڪ لعنت لڳندي رهندي ته سڌا هوندا.“ مون کيس پاسي تي وٺي وڃي چيو ته: ”ڪانٽي کي ڇڪي رک، پر جيل قيدين کي به پاڻ سان ملاءِ، ائين نه ٿئي جو اڪيلو پيو پادر کائين.“
فقير غلام رسول مهر ۽ بهاول لغاري ڏاڍو چرس پيتو آهي. نشي ۾ ڌُت لڳا پيا آهن.
اڄ اخبار ۾ هڪ انتهائي دل ڏکوئيندڙ خبر ڇپيل آهي. منهنجو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شعبه بين الاقوامي تعلقات جو استاد آغا احد جان وفات ڪري ويو آهي. ڏاڍو صدمو رسيو آهي. دل چڪنا چور ٿي پئي. اهڙا کلمک، پيارا، زنده دل، پيار محبت جا مجسما ۽ مسيحا انسان زندگيءَ ۾ ڀاڳ وارن ماڻهن کي اتفاق سان ملندا آهن ۽ سندن مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ۽ ليڪچر دل تي اڻمٽ نقش ڇڏي ويندا آهن.
سامي سفر هليا، ڏُور چتائي ڏيهُه،
ڇڏي سُک ساڙيهُه، مٿي گنگا گجيا.
(شاهه)
82-2-28
شنوائي تي ڪورٽ ۾ ويس. اتي رسول بخش ٿيٻو، قمر ڀٽي، قربان، ارباب ۽ الهه بچايو مرڻاس به مارشل لاء ڪورٽ ۾ شنوائي تي پهتا. ملاقات تي رئيس علڻ خان ٿيٻو، رضوان پلي، علي نواز خاصخيلي، فقير داد کوسو، سيد زوار نقوي، وفا رضا بلوچ، مومن مليرائي، فقير امير علي قريشي ۽ فرمان علي شاهه آيا. وري تاريخ 3-13 ملي.
82-3-1
محمد حسن کوسو، علي احمد عمراڻي ۽ فقير علي محمد نوح پوٽو بي ڪلاس وارڊ ۾ ڪچهري ڪرڻ آيا ۽ چيائون ته صبحاڻي چڪر ۾ چوٿين نمبر بيرڪ جي قيدين توهان کي دعوت ڏني آهي ۽ چيو اٿن ته ڪچهري ڪري وڃو. جيل سپرنٽنڊنٽ رائونڊ ڏيڻ لاءِ آيو.
82-3-2
فقير علي محمد نوح پوٽو وٺڻ آيو ته چوٿين نمبر بيرڪ ڏي هلو. گڏجي وياسين. قيدين سان ڪچهري ڪيم ۽ کين قوم پرستي ۽ جيئي سنڌ بابت سمجهايم. ڪافي قيدين سوال جواب ڪيا.
آغا نور احمد مون وٽ آيو ۽ چيائين ته: ”توهان جمال الدين مري جيلر سان وڃي ڳالهايو ته جيل سپرنٽنڊنٽ کي مان پئسه ڏيندس، مون کي پندرنهن ڏينهن قيد جي سزا معاف ڪري، ڇاڪاڻ ته جيل سپرنٽنڊنٽ کي مختلف قانون ۽ قائدن تحت جيل مينوئل ۾ اختيار مليل آهي.“ مون آغا کي چيو ته جيڪڏهن توکي پئسه ڏيڻا آهن ته پوءِ پاڻ وڃي ڳالهاءِ، باقي آءٌ جمال صاحب کي منٿ ڪريان ٿو، پوءِ کٽي تنهنجي قسمت. جمال الدين مري جيلر سان وڃي مليس ۽ کيس آغا جي معافي لاءِ چيم، جنهن چيو ته آغا جي ڪيس ۾ مارشل لاء وارا دلچسپي وٺي رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته آغا فوجين کي ٻن مهينن جي معافي لاءِ پنجاهه هزار روپيه ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. جڏهن فوجي مارشل لاء وارا معافي ڏيڻ لاءِ تيار ٿيا ته آغا ڏوڪڙ ڏيڻ تان ڦري ويو. هاڻي جيڪڏهن اسان جيل انتظاميه وارا هن کي معافي ڏينداسين ته مارشل لاء وارا چوندا ته پئسه ورتا اٿن. مون آغا کي اچي ٻڌايو. ڏاڍو پريشان آهي.
82-3-3
محمد حسن کوسو، فقير علي محمد نوح پوٽو، علي احمد عمراڻي، شفيع محمد نظاماڻي، ربو ٽئونگل ۽ ڀيرو ٽئونگل ڪچهري ڪرڻ آيا ۽ تاس راند کيڏياسون.
امان الله شاهاڻيءَ ۽ مون کي آغا نور احمد اچي ٻڌايو ته توهان گڏجي وڃي ڊاڪٽر صاحب کي منٿ ڪيو ته سپرنٽنڊنٽ کان معافي وٺي ڏئي. اسان گڏجي ڊاڪٽر صاحب وٽ وياسون، پر ان چيو ته اسان کي مارشل لاء وارن جهلي ڇڏيو آهي ته مارشل لاء جي سزا يافته قيدين جي معافي ڏيڻ لاءِ نه سفارش ڪيو ۽ نه وري سرٽيفڪيٽ ڏيو. آغا کي اچي ٻڌايوسين، ڏاڍو مايوس ٿيو.
82-3-5
ڦوٽو کوسو آيو ۽ چيائين ته چوٿين نمبر بيرڪ جي قيدين چيو آهي ته سائين علي محمد شاهه کي وٺي اچ ته اسان سان ڪچهري ڪري. مان ساڻس گڏجي ويس ۽ بيرڪ جي سڀني سنڌي قيدين سان ڪچهري ڪيم.
82-3-7
فقير غلام رسول مهر کي ٻنهي ڪيسن ۾ ڇهه ڇهه مهينا سزا لڳي. ٻڌايائين ته مون ملٽري ڪورٽ جي انچارج ميجر کي چيو ته هڪ ڪيس ۾ ته مان جيل ۾ هوس ۽ ڪيس ڪوڙو آهي. چيائين ته ميجر ڪاوڙجي پيو ۽ چيائين ته هي ۽ پوليس وارا ڪوڙا آهن، تون سچو آهين؟
82-3-10
نثار ڇوڪري اچي ٻڌايو ته ماڙيءَ تي رضوان پلي، علي نواز خاصخيلي ۽ فيض کوکر ملٽري ڪورٽ مان سزا وٺي آيا آهن، توهان کي سڏيو اٿن. مان ماڙيءَ ۾ ويس. مون کان اڳ ۾ ئي جمال الدين جيلر کين بي ڪلاس وارڊ جي ڀرسان ڇوڪرا وارڊ ۾ رکيو آهي. رضوان کي سڄو ڏينهن بخار هو ۽ ستو پيو هو.
82-3-11
رضوان پلي، فيض کوکر ۽ علي نواز کوکر ڪچهري ڪرڻ آيا. جيئن ته اڳ ۾ به هن جيل ۾ رهي ويا آهن، ان ڪري هينئر ڪابه اهڙي تڪليف محسوس ڪانه ٿين.
جيل جي گُلو حجم اچي ٻڌايو ته يونيورسٽي جا شاگرد قيد ٿي آيا آهن، توهان کي سڏين ٿا. مان ماڙي تي ويس ته اتي شاگرد ته ڪونه هئا، ليڪن اسان جي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن شاگرد اڳواڻ حفيظ سولنگي جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر عبيدالله سولنگي ۽ بشير خان قريشي جو والد حاجي غلام مصطفيٰ قريشي ويٺا هئا. مان ساڻن وڃي مليس. ٻڌايائون ته هاڻ پوليس ۽ فوجي جيئي سنڌ جي شاگردن جي والدين کي گرفتار ٿا ڪن پيا. مان کين پنهنجي بي ڪلاس وارڊ ۾ وٺي آيس. ماني، چانهه کارايم. کين واپس اٺين نمبر بيرڪ ۾ ڇڏي آيس، ڇاڪاڻ ته جيل جي ٽوٽل بند ٿيڻ جي سيٽي وڄي چڪي هئي.
82-3-12
حاجي غلام مصطفيٰ قريشي ۽ ڊاڪٽر عبيدالله سولنگي کي اٺين نمبر بيرڪ مان وٺي آيس. سڄو ڏينهن اتي مون وٽ رهيا. شام جو کين بيرڪ ۾ ڇڏي آيس ۽ جمال الدين مري جيلر سان وڃي مليس ۽ کيس چيم ته هي ٻه ماڻهو اسان جي ساٿين جا والد آهن، انهن جي هر طرح پارت هجي. واعدو ڪيائين ۽ چيائين ته مون کي اڳواٽ ان ڳالهه جو احساس آهي.
82-3-13
شنوائي تي ڪورٽ ۾ ويس. رسول بخش ٿيٻو، قمر ڀٽي ۽ قربان ارباب وارا مون کان اڳ ۾ مختلف جيلن تان پهچي چڪا هئا. ملاقات تي سيوهڻ جو ولي محمد شاهه عرف پپو شاهه، رئيس علڻ خان ٿيٻو، وفا رضا بلوچ، لعل بخش چانڊيو، سيد زوار نقوي، عزيز مگسي، ڊاڪٽر مولا بخش ٿيٻو، قمر الزمان راڄپر ۽ ٻيا يونيورسٽي جا ساٿي ملاقات ڪرڻ آيا. الطاف تنيو کان سواءِ ٻين سڀني دوستن کي 3-29 تي تاريخ ملي.
82-3-14
جمال مري جيلر سان وڃي مليس ۽ کيس چيم ته اڄ جيل سپرنٽنڊنٽ رائونڊ دوران حاجي غلام مصطفيٰ قريشي ۽ ڊاڪٽر عبيدالله کي جيل بدلي ڪرڻ جو چيو آهي. واعدو ڪيائين ته هنن جو جيل بدلي ڪونه ٿيندو.
82-3-15
علي احمد عمراڻي آيو ۽ چيائين ته اسان جيڪي سنڌ وارن شاگردن جي والدين حاجي غلام مصطفيٰ قريشي ۽ ڊاڪٽر عبيدالله سولنگي جي ٽين نمبر بيرڪ ۾ دعوت ڪئي آهي. ان ۾ علي نواز خاصخيلي ۽ توهان به گڏجي هلو. ٽين نمبر بيرڪ ۾ وياسين. چانهه بسڪوٽ کارايائون. سڀني بيرڪ جي قيدين سان ڪچهري ٿي. شام جو فقير علي محمد نوح پوٽو ۽ حسن کوسو ڪچهري تي آيا.
82-3-17
آغا نور احمد پنهنجي سزا جو ٽوٽل ڪرائي آيو ۽ موٽي اچي ٻڌايائين ته صبحاڻي سزا ختم ٿيندي ۽ آزاد ٿيندس. آغا کي چانهه پارٽي ڏنم، جنهن ۾ حسن کوسو، فقير علي محمد نوح پوٽو، علي احمد عُمراڻي، شفيع محمد نظاماڻي، نظام پنهور، امان الله شاهاڻي، فقير غلام رسول، رضوان پلي، فيض کوکر، رحيم ماڇي، ڊاڪٽر عبيدالله سولنگي، حاجي غلام مصطفيٰ قريشي ۽ بهاول لغاري شريڪ ٿيا. مير الله بخش ٽالپر، غلام رسول لاشاري کي به دعوت ڏنم، پر چيائون ته اسان آغا سان ڳالهايون به ڪونه ٿا، ان ڪري اسان گڏجي نه ويهنداسون.
82-3-18
آغا نور احمد قيد جي سزا ڪاٽي جيل مان آزاد ٿيو. فقير غلام رسول سامان کڻي آغا واري ڪمري ۾ وڃي رکيو ۽ سڄو ڏينهن ڪچهري ڪئي سون.
82-3-19
ڊاڪٽر عبيدالله سولنگي مون کي چيو ته مير الله بخش ٽالپر کي ڳالهائڻ جي ڪابه فضيلت نه آهي ۽ انتهائي گندا لفظ ڪچهريءَ ۾ استعمال ٿو ڪري. ان تي فقير غلام رسول مهر به شڪايت ڪئي ۽ چيائين ته هڪ ڏينهن مير مون کي چيو ته 1942ع ۾ سانگهڙ جا ماڻهو انگريزن جو ٽپڙ ئي چٻاڙي ويا هئا. هاڻي ڇا ٿيو اٿن جو فوج سان نٿا وڙهن؟ بهرحال، مون ڊاڪٽر عبيدالله کي چيو ته توهان هرو ڀرو اهڙن ماڻهن سان ڇو ٿا ڪچهري ڪريو؟ چيائين ته مان هن کي ڏاڍو مهذب ۽ فضيلت وارو سمجهندو هوس.
82-3-20
ڊاڪٽر ولي محمد منهنجي ۽ ڊاڪٽر عبيدالله سولنگي سان ملاقات ڪرڻ آيو. فيض کوکر جو بي ڪلاس ٿي ويو. سامان کڻي اچي مون سان کوليءَ ۾ گڏ رهيو. شام جو خبر پئي ته هڪ سياسي قيدي آيو آهي. ملڻ لاءِ ويس، پر جيل جو ٽوٽل بند ٿي ويو هو، ان ڪري ملي نه سگهيس.
82-3-21
صبح جو سياسي قيديءَ سان ملڻ ويس. نالو صديق خان اٿس. لاهور جو رهاڪو آهي. سياسي وابستگي پيپلز پارٽي سان اٿس. حيدرآباد جي پي پي ورڪرن کي اسلحو مهيا ڪرڻ جو الزام اٿس.
ڊاڪٽر هادي بخش لغاري ٻڌايو ته سندس ترقي ٿي آهي ۽ کيس جيل تان بدلي ڪري ميرپور خاص سول اسپتال ۾ ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ مقرر ڪيو اٿن. صبحاڻي کين الوداعي دعوت ڏيڻ جو بندوبست ڪيم.
82-3-22
ڊاڪٽر هادي بخش لغاريءَ کي الوداعي دعوت ڏنم، جنهن ڊپٽي علوي، جمال الدين مري ۽ جيل آفيس جو سمورو اسٽاف، چڪر مان فقير علي محمد نوح پوٽو، شفيع نظاماڻي، علي احمد عمراڻي، ڦوٽو کوسو، علي نواز کوسو، ايوب شورو، بهاول لغاري، رضوان پلي، حاجي غلام مصطفيٰ قريشي، مير الله بخش ٽالپر ۽ سندس ڀائر، فيض کوکر، امان الله شاهاڻي، غلام رسول لاشاري، ڊاڪٽر عبيدالله سولنگي ۽ ٻين دوستن شرڪت ڪئي. دعوت کان پوءِ هڪ قيدي ڪريم بخش ڏاڍا انقلابي ڪلام ٻڌايا. اڄ شام جو ڊاڪٽر هادي بخش لغاري، حاجي غلام مصطفيٰ قريشي ۽ ڊاڪٽر عبيدالله سولنگيءَ کي جيل جي اسپتال ۾ بدلي ڪري اسپتال جون کٽون ڏنيون.
82-3-23
پيپلز پارٽيءَ جو سياسي قيدي صديق خان ڪچهريءَ تي آيو. موڪل جو ڏينهن هئڻ ڪري جيل ۾ ڪابه رونق ڪانه آهي.
82-3-25
مير الله بخش ٽالپر ۽ غلام رسول لاشاري، پيپلز پارٽي جي صديق خان سان ڪچهري ڪرڻ ويا. ان تان ڊپٽي علوي سخت ڏمرجي پيو اٿن ۽ سندن تيرهون نمبر رجسٽر ڀريو اٿس ۽ وارڊ جي انچارج سپاهي کي معطل ڪري ڇڏيائين. بعد ۾ جيل جي اسٽاف جي منٿ ميڙ تي سپاهيءَ کي نوڪريءَ تي بحال ڪيائين.
82-3-26
هوا بندر تان صديق خان ۽ علي احمد عمراڻي ۽ محمد حسن کوسو چڪر مان ڪچهري ڪرڻ آيا. صديق خان لاهور جي پيپلز پارٽي ڪارڪنن جا ڏاڍا مزيدار واقعا ٻڌايا.
82-3-27
رضوان پلي جو والد غلام مصطفيٰ پلي جيل تي پُٽ سان ملاقات ڪرڻ آيو. ملاقات ڄارين کان پئي ڪرايائون. رضوان اچي مون کي چيو، ڊپٽيءَ کي وڃي چيم، جنهن ماڙيءَ ۾ ملاقات ڪرائي.
تنوير عرف فوجيءَ کي اڄ ڪورٽ ۾ ڇهه مهينا سزاءِ قيد ملي، ليڪن ڪورٽ مان هٿڪڙين سميت پوليس کان حيدرآباد جي شهر ۾ ڀڄي ويو.
82-3-29
شنوائي تي ڪورٽ ۾ ويس. اتي رسول بخش ٿيٻو، سينٽرل جيل سکر کان، قمر ڀٽي خيرپور جيل کان، قربان ارباب، ارشاد نظاماڻي ۽ غلام رسول زرداري سينٽرل جيل حيدرآباد کان آيا.
ملاقات لاءِ شيخ مجيب الرحمٰن، محمد صالح راهپوٽو، وفا رضا بلوچ، سيد زوار نقوي، ممتاز علي شاهه، جيوڻ ٿيٻو آيا. ٻي شنوائي جي تاريخ مون پاڻ 4-8 ورتي، ڇاڪاڻ ته حاجي غلام مصطفيٰ قريشي ۽ ڊاڪٽر عبيدالله سولنگيءَ چيو هو.
جيل تي پهتس ته نوشهرو فيروز جي شاگرد اڳواڻ ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي دوست سيد مختيار علي شاهه جو وڏو ڀاءُ سيد ظفر علي شاهه پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي بدلي ۾ گرفتار ٿي پهتو. سندس بسترو اٺين نمبر بيرڪ ۾ رکرائي، بي ڪلاس وارڊ ۾ کيس وٺي آيس. کيس ماني وغيره کارائي بيرڪ ۾ ڇڏي آيس ۽ انچارج سپاهيءَ کي پارت ڪري آيس. شوڪت بورچي آزاد ٿي ويو.
82-3-30
صوبيدار کي بورچي ڏيڻ لاءِ چيم، جنهن ڏياري موڪليو. جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالوجي جي شاگرد اڳواڻن سليمان جتوئي جو والد حاجي ڪسارو جتوئي ۽ ممتاز شيخ جو وڏو ڀاءُ غلام رسول شيخ قيد ٿي نارا جيل تي پهتا. کين اٺين نمبر بيرڪ ۾ ظفر علي شاهه سان گڏائي رکرايم. بي ڪلاس وارڊ ڏي وٺي آيوسان، ماني کارائي وري بيرڪ ۾ ڇڏي آيس. صوبيدار کي هنن جي پارت ڪيم ۽ کيس بورچي تبديل ڪري صديق مڪراني لاءِ چيم، جيڪو چين ٻيڙي پارٽيءَ مان ڪڍي مون کي ڏنائين.
82-3-31
فيض الله پيرزادو ۽ هڪ گهانگهرو شاگرد جيل تي ملاقات ڪرڻ آيا. ڪچهري دوران ٻڌايائون ته مهينو کن ٿيندو ته راشد علي شاهه (راشد مورائي) جي شادي ٿي وئي آهي. ان کان سواءِ فيض الله، راشد جي تيز طبع ۽ دوستن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ جي شڪايت ڪئي.
82-4-1
اڄ اخبار ۾ ڏٺم ۽ ريڊئي تي ٻڌم ته سنڌ جو عظيم محقق، دانشور ۽ سيد اعظم سائين جي.ايم سيد جو پيارو دوست وفات ڪري ويو. سخت صدمو رسيو اٿم. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات خان محمد پنهور سان ڪراچيءَ واري بنگلي تي ٿي هئي. ان کان پوءِ ساڻس سن ۾ ملاقات ٿيندي رهندي هئي. سندس ادبي رهاڻين جو واسُ ۽ خوشبوءِ اڄ به اها ئي ساڳي آهي، جيڪا مون چار سال اڳ محسوس ڪئي هئي. اهڙا پيارا، عظيم انسان، محقق، سچائي ۽ صداقت جا مجسما سنڌ صدين ۾ ورلي پيدا ڪيا آهن، جن جي ذات تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو فخر ڪري سگهن ٿا ۽ سندن پيغام رڳو سنڌين لاءِ نه، پر دنيا جي مظلوم قومن لاءِ به مشعلِ راهه رهيو آهي.
صديق خان کي سينٽرل جيل حيدرآباد بدلي ڪري ڇڏيائون. سياسي اختلافن جي باوجود ذاتي طرح سان چڱو هو، پر ڪنهن ڪنهن وقت پنجابي ٿي پوندو هو.
علي نواز خاصخيليءَ جو بي ڪلاس ٿي ويو ۽ سامان کڻي اچي امان الله شاهاڻي سان کوليءَ ۾ گڏ رهيو.
82-4-2
بيرڪ ۾ حاجي ڪسارو جتوئي ۽ غلام رسول شيخ کي وٺي آيس. ماني گڏجي کاڌي سون. سڄو ڏينهن مون وٽ بي ڪلاس وارڊ ۾ هئا. شام جو کين بيرڪ ۾ ڇڏي آيس. اتي سپاهيءَ چيو ته هنن ٻنهي کي صاحب چڪر ۾ بدلي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. کين چڪر عملدار علي نواز چانڊئي ڏي وٺي ويس ۽ فقير علي محمد نوح پوٽو جو هنڊيوال ڪري کين پارت ڪري موٽي آيس.
82-4-3
علي نواز خاصخيليءَ چيو ته اڄ منهنجي ملاقات ٿي وئي آهي ۽ طيب ميمڻ ۽ منهنجو ڀاءُ شاهنواز خاصخيلي ملاقات ڪرڻ ايندا. توهان ڊپٽي وصال احمد علويءَ کي منٿ ڪيو ته ملاقات موٽائي نه ڇڏي.
آءٌ ماڙيءَ ۾ ويس ته طيب ميمڻ جي درخواست منهنجي ملاقات لاءِ پهتي. مون علي نواز خاصخيليءَ کي به گهرايو ۽ ماڙي ۾ طيب سان ملاقات ڪئي سون.
82-4-5
وارڊ جي انچارج سپاهي چيو ته سپرنٽنڊنٽ لُنپي چڪر هڻڻ ايندو. اسان وارڊ جي ميدان ۾ بيٺا هئاسون ته سپرنٽنڊنٽ چڪر لاءِ آيو ۽ وارڊ جي ٻاهرئين دروازي تي اسان کي چيائين ته ڪوئي عرج ٻرج، ڪوئي عرج ٻرج (عرض ٻرض) ڪرنا هي؟ ان تي مون کي سخت ڪاوڙ اچي وئي، ڇاڪاڻ ته هيءُ هڪ ته اچي دروازي تي بيٺو ۽ ٻيو وري پاڻ برمي ڌاريو ماڻهو. ان تي مون کيس چيو ته اسان عرض جيڪڏهن تنهنجي پيءُ ضياءُ الحق کي ڪيون ته اهو به اسان کي جيل مان آزاد ڪري ڇڏي. اسان ان کي به ٿُڪ ڪونه هڻون، تون ڪير ٿيندو آهين عرض ٻڌڻ وارو؟ اسان عرض الله تعاليٰ کي ڪنداسين، جيڪو سڀني جو عرض ٻڌڻ وارو آهي. تون هيڏي اندر وارڊ ۾ اچ ۽ پوءِ اچي اسان سان ڳالهاءِ. ان ڳالهائڻ کان پوءِ ائين تڪڙو وٺي پوئتي ڀڳو ڄڻ ”ڪُتيءَ ڪن وڍايا.“
بس پوءِ ته وارڊ جا مير الله بخش ٽالپر ۽ سندس ڀائر، غلام رسول لاشاري مون کي ڀُون ڀُون ڪري وٺي ويا ته تو ظلم ڪري ڇڏيو. اسان سان صاحب گهٽ نه ڪندو، جيل بدلي ڪندو، رعايتون نه ڏيندو، ملاقات ۾ تڪليف ڏيندو. مون کين چيو ته توهان پاڻ فيصلو ڪيو ته مون کيس ناجائز ڳالهايو آهي؟ چيائون ته ناجائز ته تون ڪونه آهين، پر پوءِ به ته صاحب آهي. مون کين چيو ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو ٻيڙو به توهان ئي ميرن ۽ اهڙي ذهنيت رکندڙ ماڻهن ٻوڙيو آهي. ان تان ڪاوڙجي پيا ۽ کولين ۾ وڃي ويٺا.
82-4-6
شفيع نظاماڻي، شوڪت نظاماڻي گڏجي بي ڪلاس وارڊ ۾ آيا ۽ مون کي چيائون ته جمال مري جيلر سان وڃي ڳالهاءِ ته اسان کي سينٽرل جيل حيدرآباد بدلي نه ڪن. مان ماڙيءَ تي ويس. جمال مريءَ سان وڃي مليس. مون کي وڏو ڀاڪر پائي چيائين ته ويهه ڪالهه واري صاحب سان ڳالهائڻ کان پوءِ ٻڌايائين ته لنپي چيو ته شاهه کي ڪراچي جيل تي موڪليو، پر مون کيس چيو ته هڪ ته ڏوهه تنهنجو، وري بدلي ٿو ڪرينس. جيڪڏهن بدلي ڪندينس ته جيئي سنڌ جا شاگرد هتي جيل تي موچڙا هڻندئي. بس پوءِ ته جهڙو ”ڪڪڙ تي مينهن پئجي ويو“ ۽ خاموش ٿي ويو.
مون کيس شوڪت نظاماڻي ۽ شفيع نظاماڻي لاءِ چيو ته جيل بدلي نه ڪيو. ان تي واعدو ڪيائين ته بدليءَ جو آرڊر اچي ويو آهي، پر آءٌ پوليس لاءِ ليٽر نه لکندس. ان دوران هنن جا مائٽ آءِ.جي جيل کان جيل بدليءَ جو آرڊر تبديل ڪرائي اچن. مون اچي شوڪت وارن کي ٻڌايو.
82-4-7
صالح برداشتي بيمار ٿي پيو آهي. کيس جيل جي اسپتال ۾ وٺي ويس. ڊاڪٽر دوا لکي ڏني، جيڪا ٻاهران گهرائي کيس ڏنم. علي احمد عمراڻي چيو ته آزادي لاءِ سوا لک صلواة جو پڙهايان ٿو، تون به هلي ويهه. مان ان وقت ته ڪونه ويس، ليڪن شام جو ويس. کيس چيم ته صلواة پڙهڻ سان جيڪڏهن تون جيل مان آزاد ٿي وڃين ته پوءِ مان اربين کربين صلواة پڙهايان ته سنڌ ظالمن جي چنبي مان آزاد ٿئي. کيس چيم ته ڪيس جو بندوبست ڪر ۽ شاهدن کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪر ۽ سٺو وڪيل ڪر ته جان آزاد ٿئي، باقي صلواة پڙهائڻ سان جيل مان آزاد ڪونه ٿيندين. اجايا ”واهڻ نه ولوڙ.“
82-4-8
شنوائي تي ڪورٽ وياسين. مون سان گڏ ڊاڪٽر عبيدالله سولنگي ۽ حاجي غلام مرتضيٰ قريش به گڏ هليا. اتي سکر جيل کان رسول بخش ٿيٻو، خيرپور جيل کان قمر ڀٽي ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد کان قربان ارباب، غلام نبي پنهور، غلام رسول زرداري، ڊاڪٽر شمس گوپانگ ۽ ناز سنائي به آيا، جيڪي سڀئي جيئي سنڌ جا شاگرد قيدي آهن.
ملاقات تي فرمان علي شاهه، اختيار لغاري، مولا بخش ٿيٻو، سيد زوار نقوي، وفا رضا بلوچ ۽ مومن مليرائي آيا. ملٽري ڪورٽ وري تاريخ 22 جي ڏني.
82-4-9
حاجي ڪسارو جتوئي ۽ غلام رسول شيخ ڪچهري ڪرڻ آيا ۽ غلام رسول شيخ چيو ته سگريٽ ختم ٿي ويا آهن، گهرائي ڏيو. سگريٽ گهرائي ڏنامانس.
82-4-10
وارڊ کان ٻاهر نڪتس ته هڪ خط جا سڙيل پنا ٽڪرن ٽڪرن جي صورت ۾ پکڙيا پيا هئا. پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته مٺل حيدريءَ جو تازو خط لکيل هو. ڏاڍو ڏک ٿيو. خط جا ٽڪرا کڻي ماڙيءَ تي جمال مري جيلر کي وڃي ڏنم، جنهن چيو ته توهان جو خط مون فقير غلام رسول مهر کي ڏنو هو، شايد ان ساڙي ڇڏيو آهي. ارمان ته گهڻو ٿيو، پر فقير کي مون ڪجهه به ڪونه چيو.
82-4-11
منهنجو ننڍو ڀاءُ ارباب علي شاهه ملاقات ڪرڻ آيو. ملاقات سپرنٽنڊنٽ پنهنجي آفيس ۾ ڪرائي. مون کي چيائين ته شاهه صاحب! توهان کي ڪا به تڪليف هجي ته مون کي حڪم ڪريو. مون کيس چيو ته الله جو فضل آهي، جيل ۾ آهيون، باقي سڀ سک لڳو پيو آهي. صرف هڪ ڳالهه جي تڪليف آهي ته تون اصل برما ملڪ جو آهين، ڄائو نپنو اُتي آهين ۽ هينئر هتي نارا جيل جو سپرنٽنڊنٽ آهين. بهتر آهي ته تون اها ڪرسي ڪنهن سنڌي نوجوان لاءِ خالي ڪري ڇڏ. ان تي مون کي ڳاڙهي ٻلي وانگر دوڏا ڦاڙي ڏسڻ لڳو ۽ چيائين ته اسان مسلمان ڀائر آهيون، اسان جو پاڪستان ۾ حق آهي، ڏوهه ته ناهي. کيس چيم ته سڀ کان پهريائين ته توهان برما وڃو ۽ اتي پنهنجي ڌرتيءَ جي خدمت ڪيو، هرو ڀرو ته پوءِ مينارِ پاڪستان به لاهور ۾ اٿئي ۽ اصل پاڪستان به پنجاب اٿئي، اتي وڃي نوڪري ڪر. بس! پوءِ ته ملاقات به ختم ٿي وئي ۽ مون کي شام تائين آفيس ۾ ويهاري بحث ڪيائين ۽ آخر تسليم ڪيائين ته سنڌي ماڻهن سان ناانصافي آهي.
82-4-12
خبر ناهي ته ڪهڙا ٻه دوست ملاقات ڪرڻ آيا، پر جيل انتظاميه ڪالهه ملاقات ٿي وڃڻ ڪري اجازت نه ڏني. صرف سامان ڏياري موڪليائون.
82-4-13
صبح جو پنجين بجي کان شام جو ساڍي چئين بجي تائين بجلي غائب رهي، ان ڪري گودام جي اڳيان گدامڙيءَ جي وڻ هيٺان فقير علي محمد نوح پوٽو، محمد حسن کوسو ۽ علي احمد عمراڻي سان ڪچهري ڪيم.
82-4-17
شاگرد ساٿي مير حسن پلي ۽ گل محمد دل ملاقات ڪرڻ آيا. رضوان ۽ علي نواز خاصخيليءَ جي پارت ڪيائون ۽ ساڻن ملاقات لاءِ به چيائون. جمال مريءَ کي چيم، جنهن ملاقات ڪرائي.
فيض کوکر، امان الله شاهاڻيءَ کي وڃي چيو ته رضوان سٺي اخلاق وارو ناهي. امان الله مون کي اچي ٻڌايو ۽ فيض کوکر کي به گهرايوسين. جڏهن امان الله روبرو چيس ته کڻي ماٺ ڪيائين. ”ڪُڇي جهڙي ڀت!“ ان تي مون کيس چيو ته رضوان ۽ تون هڪڙي ڪيس جا سزا يافته قيدي آهيو ۽ ٻاهر پبلڪ اسڪول ۾ گڏ پڙهندا به آهيو ۽ هتي توهان کي ائين نه جڳائي جو هڪٻئي خلاف پيا گلائون ڪيو. ٻنهي کي پاڻ ۾ ٺاهي ڇڏيم.
82-4-20
برادرم ارباب علي شاهه ۽ فرمان علي شاهه ملاقات ڪرڻ آيا. محمد حسن کوسو ۽ رضوان پليءَ چيو هو ته جڏهن به تنهنجو ننڍو ڀاءُ ملاقات ڪرڻ اچي ته اسان کي ملائجانءِ، ان ڪري جمال مري جيلر کي چيم، جنهن ٻئي گهرائي ڏنا ۽ ملاقات ڪيائون.
82-4-21
جمال مري جيلر چيو ته پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي پرنسپال حميد سنڌيءَ وٽ ٻن پٽن جي داخلا لاءِ چار پنڌ ڪيم، پر بلڪل ٺُپ جواب ڏنائين. اها ڳالهه جيل جي نئين بدلي ٿي آيل ڊاڪٽر آرائين سان ڪيم، جنهن چيو ته برگيڊئر ايس.ايس.ايم.ايل.اي (سب مارشل لاء ايڊ منسٽريٽر) منهنجو دوست آهي. ان کي فون تي چيائين، جنهن پبلڪ اسڪول جي پرنسپال کي فون تي چيو، جنهن وري مون کي جيل تي فون ڪري چيو ته ڇوڪرن جا سرٽيفڪيٽ کڻي اچو ته داخلا ڏيانوَ. اهي اٿئي حال حميد سنڌيءَ جا. مان خاموش ٿي ويس.
شام جو رضوان هرو ڀرو اچي روئڻ لڳو. مان کيس جيئن پرچائڻ لڳس، تيئن اچي زور سان روئڻ لڳو. علي نواز خاصخيلي به آيو پر گهڻي پڇڻ تي به سبب نه ٻڌايائين.
82-4-22
شنوائي تي ڪورٽ ۾ ويس. رسول بخش ٿيٻو ۽ قمر ڀٽي به ملٽري ڪورٽ ۾ شنوائي تي پهتا. ملاقات تي مورو کان سائين خدا بخش سيهڙ، حاجي عبدالحڪيم سيهڙ، محمد بخش سيهڙ آيا. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان فقير داد کوسو، وفا رضا بلوچ، سيد زوار نقوي، جيوڻ ٿيٻو ۽ ٻيا ڪافي شاگرد دوست آيا. ملٽري ڪورٽ جي انچارج ميجر غلام احمد اسان ٽن ڄڻن رسول بخش ٿيٻو، قربان ارباب ۽ مون کي ڪورٽ ۾ اندر گهرايو ۽ اسان کي چيائين ته مان بدلي ٿي پيو وڃان ۽ چاهيان ٿو ته توهان کي ڊي.ايم.ايل.اي ميجر جنرل قاضي سعيد الدين سان ملاقات ڪرايان ۽ توهان کيس منٿ ڪريو ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي قائل ڪيوس ته آزاد ٿي ويندؤ. ان تي رسول بخش ٿيٻو ميجر کي چيو ته هڪ توهان اسان کي بيگناهه جيل ۾ قيد ڪيو آهي ۽ وري منٿ به اسان ڪيون! سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. قربان ارباب ۽ مون کي 4-24 جي تاريخ ملي. رسول بخش ۽ قمر کي جدا تاريخ ڏنائين.
82-4-24
شنوائي تي ڪورٽ ۾ ويس. اتي قربان ارباب ۽ ارشاد نظاماڻي سينٽرل جيل حيدرآباد کان آيا. ملاقات تي وفا رضا بلوچ، علي اصغر شاهه، فرمان علي شاهه ۽ قربان علي شاهه جا ننڍڙا پٽ ممتاز علي شاهه، مهتاب علي شاهه ۽ ظفر علي شاهه آيا. مون کي وري تاريخ 4-29 جي ڏنائون.
82-4-25
حسن کوسو کي مليريا جو سخت بخار ٿي پيو آهي. آءٌ، رضوان، علي نواز خاصخيلي کانئس جيل جي اسپتال ۾ پڇڻ وياسون. طبيعت ڏاڍي خراب اٿس.
82-4-27
جيل سپرنٽنڊنٽ لُنپي جهيڙي ڪرڻ جي سزا ۾ پنهنجا اختيارات استعمال ڪندي شمن نظاماڻي ۽ شوڪت نظاماڻي کي پنج ۽ ڏهه ڦٽڪا هڻايا، حالانڪ شمن نظاماڻي ٽي.بي جو مريض آهي، پر پوءِ به پنجابي آرائين ڊاڪٽر فٽ (Fit) جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيس.
82-4-28
ظفر شاهه چيو ته ڀنگ پيئڻ وارو ڪونڊو ڀڄي پيو آهي، ڪٿان به ۽ ڪهڙي حالت ۾ به هٿ ڪري ڏي، منهنجو دماغ ڦري رهيو آهي. چڪر جمعدار علي نواز چانڊيو کي پئسه ڏنم، جنهن چيو ته شام بُرجيءَ تي جيڪو سپاهي چڙهندو، اهو توهان کي ڏيندو. باقي ماڙيءَ تان مون کي اندر ڪونه آڻڻ ڏيندا. شام جو بي ڪلاس وارڊ جي ڀرسان واري بُرجيءَ تان سپاهي ارشد ڪونڊو لاهي ڏنو ۽ ظفر شاهه کي ڏاڍي خوشي ٿي.
82-5-11
شنوائي تي سمري ملٽري ڪورٽ ويس. رسول بخش ٿيٻو سکر جيل کان آيو. ملاقات تي پورڻ جو سيد غلام اصغر شاهه آيو. سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد ساٿي ۽ قربان علي شاهه لڪياري، ايڊوڪيٽ آيا. اسان ٻنهي کي وري گڏائي 5-22 جي تاريخ ملي.
82-5-13
رضوان پليءَ جي ملاقات تي سندس ننڍو ڀاءُ ڪاشف پلي، سندن نوڪر سليم ۽ دوست حنيف کوسو ملاقات ڪرڻ آيا. مون کي به ملاقات تي گهرايائون.
82-5-14
چڪر ۾ ڪٻڊي راند ٿي. اسان به ڏسڻ وياسون. جيل جهڙي ماحول ۾ سٺي وندر آهي. خبر ناهي ته وري ڪڏهن لُنپي جي مٿي کي ڦيري ايندي ۽ راند بند ڪرڻ جو حڪم ڏيندو.
82-5-16
محمد حسن کوسو، علي احمد عمراڻي ۽ چڪر جمعدار علي نواز چانڊيو وارڊ ۾ ڪچهريءَ تي آيا. تاس راند کيڏي سون.
82-5-17
فقير غلام رسول مهر ۽ علي نواز خاصخيليءَ جي پاڻ ۾ تلخ ڪلامي ٿي پئي. مون ٻنهي کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر في الحال ٻئي دوست ڏاڍا گرم لڳا پيا آهن. جمال الدين مري جيلر کي اسپتال جي پوليس لاءِ چيم، جنهن واعدو ڪيو ته ڏينهن ٻن ۾ توهان کي موڪليندس.
82-5-18
علي نواز خاصخيلي ۽ منهنجي ملاقات تي نواز جو چاچو ولي محمد خاصخيلي آيو.
82-5-20
اسپتال جي پوليس آئي. رضوان ۽ آءٌ گڏجي وياسون. ڪورٽ ۾ محرم ملاح مليو، جنهن ٻڌايو ته ڪورٽ مان ضمانت تي آزاد ٿيو آهيان. اسپتال مان ٿي، مورو جي سيد اطهر علي شاهه سان ڪچهري ڪيم. وري لطيف آباد نمبر ٻئي ۾ سيوهڻ واري سيد ولي محمد شاهه عرف پپو شاهه جي جاءِ تي ساڻس ڪچهري ڪيم. رضوان وري صدر ۾ پنهنجي ماسيءَ سان ڪچهري ڪري آيو. شام جو جيل تي موٽي آياسين.
82-5-22
شنوائي تي ڪورٽ ۾ ويس. اُتي رسول بخش ٿيٻو به سکر جيل کان پهتو. ملاقات تي قادر جوڻيجو، ولي محمد شاهه لڪياري عرف پپو شاهه، جيوڻ ٿيٻو، نواز کوسو، شفقت ڏاهري، مظهر شاهه ۽ يونيورسٽي جا شاگرد ساٿي آيا.
82-5-23
فيض کوکر مارشل لاء ڪورٽ طرفان مليل سزا پوري ڪري اڄ آزاد ٿي ويو. حسن کوسو ۽ علي احمد عمراڻي ڪچهريءَ تي آيا.
82-5-24
ظفر علي شاهه جو ”بي ڪلاس“ ٿي ويو. سندس سامان امان الله سان رکيوسون، ڇاڪاڻ ته سندس چوڻ آهي ته اسان ٻئي ڄڻا گرين وسڪي جا موالي آهيون، ان ڪري گڏ هجون.
شاهنواز شيخ، لياقت علي شاهه ۽ حسن باغي جيل تي ملاقات ڪرڻ آيا.
82-5-25
ڍورو نارو جا ساٿي مير حسن پلي، غازي خان سمو ۽ خير محمد مڱريو ملاقات ڪرڻ آيا.
اڄ چڪر ۾ قيدين جو پاڻ ۾ جهڳڙو ٿي پيو. ان ۾ غلام رسول شيخ کي ملوث ڪيو اٿن ۽ کيس بند وارڊ ۾ رکيائون. جمال مري سان ڳالهايم ته شيخ کي بند وارڊ مان ڪڍو، پر جواب ڏنائين. سپرنٽنڊنٽ سان به مليس. ان به چيو ته ٻه ڏينهن ترس، بعد ۾ بند وارڊ مان ڪڍنداسونس.
82-5-28
حسن کوسو ۽ آءٌ وارڊ جي کوليءَ ۾ ويٺا هئاسون ته قربان خاصخيلي ۽ علي احمد عمراڻي آيا ۽ چيائون ته ٽين نمبر بيرڪ جي قيدين توهان کي امين مقرر ڪيو آهي ۽ فيصلو ڪري ڌرين کي ٺاهي ڇڏيو. آءٌ ساڻس گڏجي چڪر جي ٽين نمبر بيرڪ ۾ ويس. اتي قيدي نواز علي کوسو، حاجي سليمان جتوئي، قربان لاشاري، سليم خاصخيلي، حاجي يعقوب ڀچو، فقير علي محمد نوح پوٽو ويٺا هئا. نظاماڻين ۽ رندن جو فيصلو ڪري کين ٺاهي ڇڏيم.
82-5-29
وارڊ جي کوليءَ ۾ ويٺا هئاسون ته برداشتيءَ اچي ٻڌايو ته جن رندن جو ڪالهه چڪر ۾ ٺاهه ڪري آيا هئا، انهن ٻنهي ڄڻن مور رند ۽ جمع رند کي ملٽري ڪورٽ طرفان سزاءِ موت ٻڌائي وئي آهي. کين سينٽرل جيل حيدرآباد بدلي ڪري ڇڏيائون. ڏاڍو ڏک ٿيو. خون جو ڪيس 302 ۾ قيد هئا. سندن چوڻ هو ته مخالف اثر رسوخ وارا هئا، جن سيشن ڪورٽ مان ڪيس ڪڍرائي اسپيشل ملٽري ۾ هلايو آهي.
82-6-2
رضوان کي امتحان ڏيڻو آهي، ڇاڪاڻ ته فارم پبلڪ اسڪول مان ڀرايل اٿس. رمضان جيلر کي چيم، جنهن چيو ته اهڙي درخواست لکي ڏيو ته مان مارشل لاء انتظاميه کان اجازت وٺي ڏيندس. رضوان درخواست لکي ڏئي آيس.
82-6-4
رضوان جي پيپرن ڏيڻ لاءِ اجازت آئي. کيس سينٽرل جيل حيدرآباد پيپرن ڏيڻ لاءِ موڪليائون.
82-6-5
ظفر شاهه، آءٌ، بشير خان قريشي جو والد حاجي غلام مرتضيٰ قريشي ۽ ڊاڪٽر عبيدالله سولنگي گڏجي شنوائي تي سمري ملٽري ڪورٽ ۾ وياسو. سکر جيل کان رسول بخش ٿيٻو ۽ خيرپور جيل کان قمر ڀٽي آيا. ملاقات تي شيخ مجيب الرحمٰن، عابد لاکير، فقير داد کوسو، لال بخش چانڊيو، فرمان علي شاهه، ابوبڪر بُلو، قادر بخش عباسي، وفا رضا بلوچ ۽ ولي محمد شاهه لڪياري عرف پپو شاهه آيا. هڪ ننڍڙو ٽيپ رڪارڊ به جيل لاءِ ڏئي ويا. اجازت ناهي، پر لڪ چوري سڀڪجهه هلي پيو.
82-6-8
ڊاڪٽر طيب ميمڻ ۽ چندر، علي نواز خاصخيلي ۽ منهنجي ملاقات تي آيا. اسان ماڙيءَ ۾ ملاقات ويٺي ڪئي ته قادر بخش عباسي سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد ساٿي ملاقات ڪرڻ آيو.
82-6-10
صبح جو چنڱل ماڇي، خان محمد جمالي، شمن جمالي، رحيم ماڇي، حسن کوسو، علي احمد عمراڻي، فقير علي محمد نوح پوٽو گڏجي آيا ۽ چيائون ته ٽيپ رڪارڊ ۾ سنڌي ڪيسٽ ٻڌاءِ. عابده پروين جي ڪيسٽ ٻڌائون. رحيم ماڇي ۽ شمن جمالي ته اچي روئڻ ۾ شروع ٿيا. سبب پڇڻ ته ٻڌايائون ته پرين پيارا ياد پيا آهن.
82-6-12
رضوان سينٽرل جيل تان پرچا ڏئي موٽي آيو. ٻڌايائين ته پيپر سٺا ٿيا آهن. اتي ڊاڪٽر دودو مهيري، قربان ارباب سٺي مدد ڪئي. دودو مهيريءَ ۽ مقبول پنهور جو خط ڏنائين.
82-6-17
بي ڪلاس وارڊ جي سپاهي قمر چانڊيو ٻڌايو ته رات جمال الدين مري جيلر جي ماءُ وفات ڪري وئي آهي، ان ڪري پاڻ شڪارپور ڳوٺ ويو آهي. علي نواز خاصخيليءَ ۽ مون گڏجي کيس جيل جي معرفت ٽيليگرام روانو ڪيو.
82-6-19
شيرو ماڇي ۽ خانو جمالي هڪ خوبصورت ڇوڪري علي محمد پٺاڻ تان وڙهي پيا. ڇوڪرو سنڌي پٺاڻ نه پر دغادا روڙا وارن يعني نسوار وارن مان آهي. هڪ ٻئي سان چڱي نموني وڙهي سچي عاشق ٿيڻ جو ثبوت ڏنائون. بعد ۾ حيدرآباد جو مشهور داداگير خميسو ڀٽي، حسن کوسو، جبار ۽ علي احمد عمراڻي گڏجي آيا ته هلي پرچائي ڇڏجين. سڀئي گڏجي وياسين. هي ٻئي همراهه به ڪجهه ٿڌا هئا، ڇاڪاڻ ته ڪجهه پاڻ ۾ وڙهيا هئا ۽ ڪجهه جيل جي عملي پيرن جي ترين تي ڏنڊا هنين، بس اسان جي وڃڻ جي دير هئي، کڻي ڀاڪر پاتائون.
82-6-20
شنوائي تي ملٽري ڪورس ۾ ويس. اُتي وفا رضا بلوچ، سيد زوار نقوي، ابوبڪر بُلو، فقير داد کوسو، محمد صالح راهپوٽو، شيخ مجيب، فرمان علي شاهه، ولي محمد شاهه عرف پپو شاهه ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا.
قمر ڀٽي ۽ رسول بخش ٿيٻو به ملٽري ڪورٽ جي تاريخ تي آيا. قمر ڀٽيءَ کي عارضي طرح سان نارا جيل تي رکيائون. گڏجي نارا جيل تي پهتاسون. رمضان جيلر ۽ ڊپٽيءَ سان ڳالهائي بي ڪلاس وارڊ ۾ گڏ بند ٿيو.
82-6-22
قمر ڀٽيءَ کي ملٽري ڪورٽ ۾ شنوائي تي موڪليائون. وري کيس 28 تاريخ ڏنائون.
82-6-24
اسان جا شاگرد ساٿي سليمان جتوئي، ممتاز شيخ ۽ خدا بخش ساريو گڏجي حاجي ڪسارو جتوئي، غلام رسول شيخ ۽ منهنجي ملاقات ڪرڻ آيا.
جمال الدين مري اڄ پنهنجي ڳوٺان شڪارپور مان والده جي وفات کان پوءِ پهتو. ساڻس تعزيت ڪيم.
82-6-25
روزو رکڻ لاءِ جيئن علي نواز خاصخيلي اٿيو ته مون کي به اچي ننڊ مان اٿاريائين ۽ چيائين ته روزو رک، جمعي جو ڏينهن آهي. مون کيس چيو ته، ”اسان هتي جيل جي دال کائي سڪي تاڙو ٿي ويا آهيون، ٻيو وري روزو! پوءِ ته اسان جي لاءِ ويل ٿي ويندو. ان کان سواءِ اسان سنڌي ماڻهو مظلوم قيدي آهيون ۽ مظلومن تي خدا سڀ ڪجهه معاف ڪري ڇڏيو آهي.“ گهڻو زور ڀريائين، ان ڪري هن جي دل خوش ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏجي ماني کاڌم ۽ روزو ڪونه رکيم.
82-6-26
فقير داد کوسو اسان جو تمام پيارو ساٿي، نهايت ئي همٿ ڀريو ۽ بهادر آهي. ان جي والد بزرگوار لکانو کوسو کي قيد ڪري نارا جيل تي موڪليائون. هن جو به ڏوهه صرف اهو آهي جو هڪ جيئي سنڌ جي بهادر ڪارڪن جو پيءُ آهي. مان ساڻس ڇهين نمبر بيرڪ ۾ ملڻ ويس ۽ ساڻس ڪچهري ڪيم.
قمر ڀٽيءَ کي ٻڌايو ويو ته توکي صبحاڻي ٽين بجي ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن عبدالله ميمڻ گهرايو آهي.
82-6-27
فقير داد کوسو ۽ لال بخش چانڊيو ملاقات ڪرڻ آيا. قمر ڀٽيءَ کي ڪمشنر عبدالله ميمڻ ڏي وٺي ويا. شام جو موٽي آيو ۽ اچي ٻڌايائين ته منهنجي وڏي ڀاءُ، جيڪو پي.ايس.آءِ آهي، اُن ۽ حبيب الله ناريجي گڏجي هڪ ڪرنل جي معرفت ڊي.ايم.ايل.اي کي منهنجي آزاديءَ لاءِ چيو، جنهن وري ڪمشنر کي چيو ته قمر ڀٽيءَ کان مستقبل بابت پڇيس ته جيل مان آزاد ٿي ڇا ڪندو؟ جيڪو ڪشمنر مون کان پڇيو. مون کيس ٻڌايم ته سڀ کان پهريان ماءُ جو آپريشن ٿيو اٿم، ان کي پيرين پوندس، پوءِ جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي اجازت ملي ته پڙهندس.
82-6-28
قمر ڀٽي ملٽري ڪورٽ ۾ شنوائي تي ويو. وري به کيس نارا جيل تي موڪليائون ۽ 7-7 جي تاريخ ڏنائون.
82-6-29
قمر ڀٽيءَ کي ماڙيءَ ۾ گهرايائون. مان به ساڻس گڏجي ويس. رمضان جيلر چيو ته قمر کي اسان عارضي طرح بي ڪلاس ۾ رهايو آهي، هاڻي ستين نمبر بيرڪ ۾ وڃي رهي. ان تي اسان کيس چيو ته ستين تاريخ تائين بي ڪلاس ۾ رهڻ ڏيو. ٻئي ڄڻا موٽي وارڊ ۾ پهتاسين. ٿوري دير کان پوءِ منشي قمر ڀٽيءَ کي وٺڻ آيو ته توهان لاءِ سينٽرل جيل خيرپور جي پوليس آئي آهي، تيار ٿي هلو. سامان کڻي مان به ساڻس گڏ ماڙيءَ تائين آيس. اتي معلوم ٿيو ته سينٽرل جيل حيدرآباد بدلي ڪيو اٿن.
فقير داد کوسو جو ننڍو ڀاءُ وليداد کوسو به ڀاءُ جي بدلي ۾ گرفتار ٿي نارا جيل جي بنديخاني ۾ پهتو.