جيل ڊائري

ڪايا مَنجَهه ڪَڙَن

” ڪَايا مَنجهه ڪَڙن “ محترم علي محمد شاهه لڪياري جي جيل ڊائري آهي. هن جيل ڊائريءَ ۾ 1980ع جي ڏهاڪي واري دور جي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ قوم پرست شاگرد سياست ۾ علي محمد شاهه جي شاگردي واري زماني ۾ هم آهنگي ۽ اُن سياست جي سفر ۾ آيل ڀوڳنائن ۾ جيل ياترا جو دور ۽ قيد وبند جون يادگيريون تحرير ٿيل آهن.
Title Cover of book ڪايا مَنجَهه ڪَڙَن

ليکڪ پاران : رَت اَڏيءَ تان اُڏيو

سال 1954ع – ها اهو ئي سال – جنهن سال ۾ نوزائد پاڪستان ۾ مستقل مفاد ٽولي پنهنجا اُلو سڌا ڪرڻ لاءِ ڀرپور سازشون سٽڻ جا سانباها ڪرڻ شروع ڪيا. عين انهيءَ وقت اڃا سازشن جي سج ڪَنِي ڪانه ڪڍي هئي ته هڪ درويش صفت انسان ۽ بزرگ گهراڻي جي سيد عمر شاهه لڪياري جي گهر ۾ مبارڪون ۽ لاڏا شروع ٿيا ۽ پهرين پٽ ڄمڻ جي واڌائي ملي.
ڳوٺ سيد جادل شاهه تعلقو مورو ضلعو نوابشاهه ۾ 3 اپريل 1954ع جي بهار واري مُند ۾ ڄاول ٻار لاءِ هڪ هفتو خوشيون ۽ خير خيراتون ٿيون. ڇَٺي واري رات سندس نالو علي محمد شاهه رکيو ويو.
سيد علي محمد شاهه کان اڳ ۾ پيءُ کي ڪوبه نرينو اولاد ڪونه هو، ان ڪري مٽن مائٽن لاءِ مستقبل ۾ ٿيندڙ سهاري واري ٻار کي وت آهر ماءُ ۽ پيءُ پالي ڇهه سال عمر تي پهچائي انهيءَ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ سڄي تَرَ جي پياري اُستاد سيد حافظ جڙيل شاهه جي حوالي ڪيو، ته جيئن قرآن شريف سان گڏ مادري ٻولي سنڌيءَ ۾ ڀڙ ٿئي.
استاد وڏي محبت ۽ پيار سان پاڙهي پنج درجا پاس ڪرايا ۽ انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ موري شهر جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو. موري جو شهر ڳوٺ جادل شاهه کان ڏکڻ، اوڀر ڪُنڊ تي ڇهه ميل پري هيو. سيد علي محمد شاهه ڳوٺ کان پري، جهنگل جي دنيا ڇڏي شهري ايريا ۾ هڪ وڏي اسڪول ۾ پهچڻ ۽ پڙهڻ ۽ استادن جي علم ۽ بصيرت ۽ نون دوستن سان ملڻ جلڻ ڪري پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ واري ڏاڪي تي پهچي ويو ۽ جهنگل ۾ رهڻ ۽ شهر ۾ رهڻ ۾ فرق محسوس ڪرڻ لڳو ۽ هاڻ علم پرائڻ سان گڏ ڪيترن مشاعرن، جلسن ۽ جلوسن ۾ پاڻ وڃي مشاهدو ماڻڻ ۾ مشغول رهيو.
ڇاڪاڻ ته انهيءَ دوران ون يونٽ جو قهري ڳٽ سنڌ جي ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ پئجي چڪو هو، جنهن مان اڃا جند ڇُٽي ئي ڇُٽي ته مٿان بي قصور ۽ معصوم قوم بنگالي، سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻن تي فوجي جنرلن پوري ملڪ ۾ مارشل لا مڙهي ڇڏي، جنهن عمومًا ان وقت جي چئن صوبن بنگال، سنڌ، فرنٽيئر ۽ بلوچستان ۽ خصوصًا سنڌ ۾ باهه تي تيل جو ڪم ڏنو.
جڏهن ته باقي پاڪستان جي هڪ صوبي خوشيون پئي ڪيون، يعني پنجاب! اهڙي ظلم خلاف ان وقت جي سڄي ملڪ جي اڌ حصي کان وڌيڪ آبادي واري صوبي بنگال ۽ مغربي پاڪستان جي ٽِن صوبن سنڌ، بلوچستان، سرحد جي عوام وڏي جاکوڙ شروع ڪري ڏني، مگر فوج سان لاڳاپيل صوبو پنجاب اسلامي آسرن، دم دلاسن تي مدار رکي فوج کي اڀاريندو رهيو ۽ فوجي جنتا راڪاس بنجي باقي چئن صوبن جي عوام جو رت وهائيندي رهي.
مِٽن مائٽن، پاڙي اوڙي، تعلقي، ضلعي، ڊويزن، ويندر پوري سنڌ کي ۽ سڄي سنڌي قوم کي انهيءَ مارشل لا جي جانڊهه ۾ پيسجندي ۽ ريهاڙ ڪندي ۽ روڊن تي سنڌي ماڻهن جو رت وهندي، تان ته چوٿين مارچ جو ڪيس پلئي پيو ۽ ائين ”رت دانگيءَ تان وري پوي“ واري ڪار سيد علي محمد شاهه سان ٿي. اهو سيد علي محمد شاهه نيٺ هن ڪڙيءَ تي پهتو، جنهن اهڙي ڀيانڪ صورتحال (جنهن جو گمان به نه هو) کي گهڻو پوءِ قلمبند ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻي اوهان آڏو ساڻس ٿيندڙ روئداد پيش ڪري رهيو آهي.
ها! مان اهو ساڳيو علي محمد شاهه لڪياري درويش گهر جي پيداوار، پُر امن ماحول جي زنده تصوير، سادات گهراڻي جو فرزند آهيان ۽ اڄ جيڪي به سور سامهون آيا، سي سڀ سور سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم خاطر سر تي سَهي اوهان کي 23 مارچ 1940ع واري گُهر ڪيل پاڪستان ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ سا ماجرا هوبهو ٻڌايان ٿو. انهيءَ لاءِ نه ته مون سور ڏٺا آهن ۽ مون کي عيوضي ۾ ڪجهه ملي، مگر انهيءَ لاءِ ته اهو پاڪستان ڪاٿي آهي، جنهن پاڪستان جي پهرين سِر سنڌ جي هڪ عظيم انسان، صوفي منش، رهبر سنڌ، سائين جي.ايم سيد رکي.
(1) پاڪستان ون يونٽ لاءِ وجود ۾ ڪونه آيو هو.
(2) پاڪستان مارشل لا لاءِ وجود ۾ ڪونه آيو هو.
(3) هڪ ”مارشل لا“ مٿان ٻي ”مارشل لا“، ٻين ”مارشل لا“مٿان ٽين ”مارشل لا“.
(4) پاڪستان جي عمر 43 سال ۾ ٽي مارشل لا.
ڇا اهي ڳالهيون انسانن جي ذهن ۾ ولوڙ پيدا ڪونه ڪنديون؟!
مون کي به اهي ڳالهيون ائين پلئي پيون.
مان ڪالهه به بي ڏوهي هوس ۽ اڄ به بي ڏوهي آهيان.
منهنجو ڏوهه فقط ۽ فقط اهو هيو جو سچ سان ساٿ نباهيم ۽ نباهيندس.
سال 1971ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيم ۽ اڌ پاڪستان ٽٽندي ڏٺم ۽ 1972ع کان مهراڻ ڪاليج مورو ۾ داخلا ورتم ۽ بي اي پاس جو ڪورس پاس ڪيم ۽ ان دوران جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) سان واڳجي ويس ۽ انهيءَ وقت ڪيتريون جوابداريون سر تي اچي ويون، جن سان هڪ سچي ڪارڪن جي حيثيت سان نينهن جي لگن سان نباهيندو آيس.
مون مهراڻ ڪاليج مورو مان بي.اي ڪري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شعبه بين الاقوامي تعلقات ۾ داخلا ورتي. تڏهن سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر شيخ مبارڪ علي، مشهور سنڌ جو شاعر المتخلص شيخ اياز صاحب هو، جنهن صاحب وائيس چانسلر ٿيڻ شرط جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن وارن تي گند اڇلائڻ شروع ڪيو ۽ لاهي پاهي بيٺو. هن صاحب سنڌ لاءِ سٺا گيت لکيا ۽ وڏا شعر چيا، مگر هت اچڻ کان پوءِ سندس پورو دور سنڌ ڌرتيءَ لاءِ ۽ خاص ڪري جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن وارن لاءِ ڪارو ۽ بدزيبو رهيو. اقتدار جي لالچ سندس چوڻ مطابق ”کانئس ڏات کسي ورتي.“
”مارن منجهه مياس، نه ته ماڙين ماريس ڪينڪي“
جناب شيخ صاحب نس پِس ڦوڳ وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس رَويئي ۽ راءِ سان ”جساف“ وارن ڪيترن بيقصور نوجوانن تي قهري ڪوپ ڪري پيو ۽ انهيءَ باهه کان آءٌ به نه بچي سگهيس.
پهريائين مون کي ٽن سالن لاءِ رسٽيڪيٽ ڪيو ويو، جنهن جو اطلاع مون کي پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ميڊم مهتاب چنه امتحان ڏيڻ دوران ڪلاس ۾ اچي ڏنو ۽ وڌيڪ لاءِ شعبه جي چيئرمين ميڊم مهتاب چنا (هاڻي مهتاب اڪبر راشدي) چيو ته پيپر اطمينان سان ويهي ڏي.
حقيقت ۾ شيخ صاحب جي مون تي سخت ناراضگي هئي. ان جا ٻيا به گهڻا سبب هئا، پر مان صرف ٽي ٻڌايان ٿو ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ضرورت پوندي ته ثابتيءَ سان هر شيءِ ثابت ڪري ڏيکاربي. هڪ بي روزگار ڇوڪريءَ سان (نوڪري ڏيارڻ جي دلاسي تي) رنگ رليون ملهائيندو رهيو ۽ جڏهن ان کي پيٽ ٿي ويو ته پوءِ ان ڇوڪريءَ اسان ”جساف“ وارن کي سڄي روئداد ٻڌائي. جڏهن اسان ان ڳالهه جي خلاف احتجاج ڪيو ته يونيورسٽي جي هڪ استاد کي گهرائي ان کي چيائين ته هن عورت سان شادي ڪر. ٻي صورت ۾ توکي نوڪريءَ مان به ڪڍندس ۽ فوج جي حوالي ڪندس. (ڇاڪاڻ ته ڊي.ايم.ايل.اي قاضي سعيد گهاٽو يار هوس ۽ اها سڀ ڪنهن کي خبر هئي) مجبورن ان غريب استاد ان عورت سان شادي ڪئي ۽ مون آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ احتجاجي ميڙ اڳيان هي شعر پڙهيو هو، جيڪو سندس ئي شعر جي تتبع تي چيم:
سِرُ اياز اڄ ڏنو ڪنهن نه ڄاتو ته ڇو؟
رت اڏيءَ تان اُڏيو، سنڌ ڏسندي رهي.
مون چيو هو ته:
ڀاڙي تي پيو اياز، ڪنهن نه ڄاتو ته ڇو؟
ڌوڙ اڏيءَ تان اُڏي، سنڌ ڏسندي رهي.
ان کان سواءِ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن شيخ اياز جي خلاف گڏهه جو جلوس پيرين اگهاڙو ڪڍيو هو، جنهن جي اڳواڻي رسول بخش ٿيٻو مرڪزي صدر جساف ۽ مون ڪئي هئي. شيخ اياز کي ان لاءِ گڏهه بڻايو ويو هو جو گڏهه کي اڳتي ڇڪبو ته پوئتي ويندو. ان ڪري وي.سي کي شاگرد چون ته ڪرسي ڇڏ ته هي چنبڙيو بيٺو هو. ان ڏينهن فيڪلٽي تي فائرنگ ۽ شيلنگ به پوليس ڪئي هئي، جنهن ۾ استادن عبدالحڪيم لاکو، آصد قاضي ۽ ميڊم مهتاب چنه وارن جلوس ڪڍي ايس.اِي ٽو ويا هئا ۽ احتجاج ڪيو هئائون.
ٽيون نمبر ته شاگردن جو هڪ وفد منهنجي اڳواڻيءَ ۾ يونيورسٽي کي کولرائڻ لاءِ وائيس چانسلر سان مليو. مون شيخ صاحب کي چيو ته يونيورسٽي تمام گهڻو عرصو بند رهي آهي ۽ توهان ان کي ٻيهر کوليو، جيئن سنڌي شاگرد ٻين يونيورسٽين جي شاگردن سان تعليمي سال ۾ گڏ هلن. مون کي چيائين ته مارشل لا وارا يونيورسٽي کولڻ جي اجازت نٿا ڏين، مان ڇا ڪريان؟ مون کيس چيو ته توهان اسان شاگردن جي رهبري ۽ رهنمائي لاءِ آيا آهيو، جيڪڏهن اهو فرض پورو نٿا ڪري سگهو ته پوءِ نوڪري ڇڏي وڃو. بس منهنجو ايترو چوڻ، صفا ڳاڙهو تتل سِيخ وانگر ٿي ويو ۽ مون کي چيائين ته، ”مان پڻهين کان پگهار ٿو وٺان جو نوڪري ڇڏي ڏيان.“ بس پوءِ ته شاگرد ساٿي اُڀا ٿي ويا وڙهڻ لاءِ تيار، گهٽ وڌ زبان استعمال ڪيائون. مون کين چيو ته هن پنهنجو وکر ظاهر ڪيو ۽ هاڻي توهان وري پنهنجي بردباريءَ جو مظاهرو ڪريو.
منهنجي گرفتار ڪرائڻ لاءِ ”هٿ ڌوئي پويان پيو.“ جنرل قاضي سعيد کي رڳو ڪن ۾ ڦوڪ ڏنائين، بس پوءِ ته ايس پي لالا اعظم پوليس جون ٻه ٽرڪون ساڻ ڪري پوليس وارين عورتن سميت سٺ ميل ٿاڻي تي پهتو ۽ منهنجي والد سيد عمر شاهه کي گرفتار ڪرڻ لاءِ آيا ته جيئن علي محمد شاهه پيءُ جي گرفتاريءَ کان پوءِ پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪري.
اتفاق اهڙو ٿيو جو پوليس بجاءِ منهنجي ڳوٺ جي، ڀُلجي سيد عطاء الله شاهه جي ڳوٺ وڃي نڪتي، ڇاڪاڻ ته اُتي به هڪ سيد عمر شاهه نالي آهي. عورتون پوليس واريون گهر ۾ گهڙي پيون ۽ سائين عمر شاهه کي ٻاهر وٺي آيون. ايس پي لالا اعظم کانئس منهنجي پڇا ڪئي، جنهن تي سائين عمر شاهه کيس چيو ته مون کي نه علي محمد شاهه نالي ڪو پٽ آهي ۽ نه وري ڪو اولاد ئي آهي. توهان ڀلجي پيا آهيو. ايس.پي چيس ته توهان ته ضرور ائين چوندا. بهرحال، گهڻي ڇڪ ڇڪان ۽ ڏي وٺ کان پوءِ پوليس ڪوٽڙي روانو ٿي وئي.
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪمري نمبر 63 ۾ شيخ مجيب الرحمٰن ۽ آءٌ گڏ رهندا هئاسون. دادو مان فون آئي ته شيخ مجيب جي والده وفات ڪري وئي آهي. مجيب ته ڳوٺ هليو ويو. اصولي طرح سان مون کي به وڃڻ کپندو هو، پر اسان جي کيسن ۾ سدائين سڃائي جو واسو. هاڻي دادو ڪيئن پهچان ۽ ان کي به ٻه چار ڏينهن گذري ويا ته مجيب شيخ پاڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو آيو ۽ جماڻي جي دعوت ڏئي ويو يعني ويهه فيبروري 1980ع تي.
ستار موريو ميمبر جساف ۽ مون صلاح ڪئي ته رات انٽرنيشنل هاسٽل ۾ 1980ع جا ڪئلينڊر کپائي، جيڪي پئسه ٿين ته ان جو ڀاڙو ڪري شيخ مجيب جي ڳوٺ هلنداسون.
رات جو ستار موريو ۽ آءٌ گڏجي اٽڪل پنجاهه کن ڪئلينڊر کپايا، في ڪئلينڊر پنج روپيه ۽ اهڙي طرح اسان کي اڍائي سؤ روپيه ٿي ويا. سمهڻ لاءِ اسان جو هاسٽل تي معمول هوندو هو ته پنهنجعي ڪمري تي ننڊ ڪونه ڪندا هئاسون. ان رات ستار جو چوڻ ته ٻئي ڪنهن ساٿيءَ جي ڪمري تي هلي ٿا سمهون ۽ منهنجو چوڻ ته رات جو هڪ ڏيڍ ٿو ٿئي، هينئر ڪنهن جي هلي ننڊ ڦٽايون ۽ اهڙيءَ ريت هاسٽل جي ٽيهين نمبر ڪمري ۾ سمهي پياسون. رات جو اٽڪل چئين بجي ڌاري ڪمري جو دروازو کڙڪڻ لڳو. مون کان اڳ ستار سجاڳ ٿيو ۽ بعد ۾ مون کي به ننڊ مان اٿاريائين. گئلريءَ جو دروازو کولي هيٺ ڏسون ته چوڌاري فوج ۽ پوليس جو پهرو لڳو پيو آهي، سنگينون سڌيون ڪيو بيٺا هئا، جيئن هندستان جي فوج سان مقابلي لاءِ تيار هجن. اسان گئلريءَ جو دروازو بند ڪري ويهي رهياسون. دروازو کڙڪائيندا رهيا ۽ اسان دروازو نه پيا کوليون. آخرڪار رائيفل جا ڪنداڪ هڻي زبردستي انٽرلاڪ ٽوڙي دروازو کوليائون. سڀ کان پهريائين ڪمري ۾ اندر ڊي.ايس.پي قربان علي شاهه ۽ ايس.پي لالا اعظم داخل ٿيا. اسان کي چيائون ته توهان ڪپڙا پايو، توهان کي گرفتار ڪرڻو آهي. لالا اعظم مون کان پڇيو ته ڏاڙهي ڪوڙائي ڇڏيئي ڇا؟ کيس چيم ته نه، ڌوٻيءَ کي ڌوئڻ لاءِ ڏني اٿم. اسان کي چنبو چنبي ۾ ڏئي ڪمري کان ٻاهر وٺي آيا. ورانڊي ۾ به فوجي ۽ پوليس رائفلون تاڻيو بيٺا هئا. اسان ٻاهر نڪتاسون ته ڪمري ۾ فوجي گهڙي پيا ۽ سمورو سامان بسترن جي چادرن ۾ وجهي کڻي ڀريون ٻڌائون. ان تي ڊيوٽي مئجسٽريٽ ايس.ڊي.ايم ڪوٽڙي ڪي بي رند جيڪو سنڌي هئو، ان کين چيو ته توهان کي جيڪو اعتراض جوڳو مواد يا شيءِ ڏسڻ ۾ اچي ته اها کڻو. پوءِ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي منشور جون پنج سؤ کن ڪاپيون، ڪئلينڊر ۽ ڪتاب کنيائون، باقي سامان ڪپڙا وغيره ڦٽا ڪيائون.
اسان کي وٺي آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڀرسان پوليس جي گاڏين ۾ اچي ويهاريائون. هاڻي پرهه باکون ڪڍيون هيون ۽ ڏينهن ٿيڻ وارو هو. گاڏيءَ ۾ اندر ماچيس جي تيلي ٻاري ڏٺوسون ته متارو ڏاهري سنڌ يونيورسٽي شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري، عبدالصمد ڪانڌڙو اڳوڻو مرڪزي صدر جساف، ظفر راڄپر ۽ ٻيا به اٽڪل ويهارو کن شاگرد سٿيا پيا هئا. پوليس جون گاڏيون هلڻ شروع ٿيون ۽ اچي ڪوٽڙي لاڪ اپ جي پوليس اسٽيشن اڳيان بيٺيون. اتي سي.آءِ.ڊي وارا جيڪي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ گهمندا ڦرندا وتندا هئا، اهي ۽ اسٽوڊنٽس ويلفيئر آفيسر شوڪت شورو اسان کان اڳي ئي ويٺا هئا، جن اسان جي سڃاڻپ ڪئي ته فلاڻا فلاڻا شاگرد هي آهن، باقي جيڪي شاگرد هئا، انهن کي ڏينهن جو ٻارهين بجي تائين آزاد ڪري ڇڏيائون. صرف اسان عبدالصمد ڪانڌڙو، منظور پنهور، متارو ڏاهري، ظفر راڄپر، ستار موريو ۽ مون کي اندرئين لاڪ اپ ۾ بند ڪيائون.


علي محمد شاهه لڪياري
نوابشاهه سنڌ!