جولاء 1980ع کان ڊسمبر 1980ع
طبيعت خراب هئڻ ڪري ورزش ڪانه ڪيم. پي ٽي شوز ۽ ڪڇو شيخ مجيب کي ڏنم. صبحاڻي کان ورزش ڪندو.
گل بهار قيديءَ ٻي ٽوپي ٺاهي موڪلي. ننڍي هئڻ ڪري مجيب کي ڏنم.
80-7-2
صبح جو شيخ مجيب کي ننڊ مان اٿاريم ته ورزش ڪر. گڏجي ورزش ڪئي سون. رسول بخش، ستار، مجيب ۽ مون گڏجي تاس راند کيڏي.
بورچيءَ قمر ڀٽيءَ جي شڪايت ڪئي ته کيس هرو ڀرو گهٽ وڌ ڳالهايو اٿس. چيائين ته هر هڪ قيدي پنهنجي ڪيس ۾ ٿو اچي. ”بي ڪلاس“ مليل اٿس ته ان جو اهو مطلب ناهي ته اسان کي گهٽ وڌ ڳالهائي. اسان کيس ٿڌو مٺو ڪري پرچائي ڇڏيو. پروز پٺاڻ موٽي آيو ۽ ٻڌايائين ته سينٽرل جيل تان کيس ايف.آءِ.يو جي ٽارچر سيل ڏانهن وٺي ويا هئا. سخت بخار هئڻ جي ڪري نارا جيل تي ڇڏي ويا اٿس ۽ پنجين تاريخ وري وٺي ويندس. سخت مايوس آهي.
80-7-3
”بي ڪلاس“ وارن جا ڪپڙا ڌوٻيءَ واپس ڪيا آهن ۽ چيو اٿس ته مون کي قمر ڀٽيءَ هروڀرو گهٽ وڌ ڳالهايو آهي. ان ڪري ڪپڙا استري ڪونه ڪندس. آغا آفتاب جيلر آيو، جنهن کي چيوسون ۽ ان ڪپڙا استري ڪرائي موڪليا. شام جو سخت جهڪَ لڳي ۽ برسات پئي.
80-7-4
صبح جو جيئن ”بي ڪلاس“ وارڊ ڏي ويس ته اُتي معلوم ٿيو ته رسول بخش، مجيب ۽ قمر ڀٽي ٻاهر ستا آهن، ان ڪري رات جو ٻين بجي تائين سپريڊنٽ ۽ ڊپٽي هنن کي کوليءَ ۾ بند ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا رهيا، پر هي کوليءَ ۾ بند نه ٿيا. سڄو ڏينهن آسمان تي ڪڪر ڇانيل رهيا. هوا جي نه هئڻ ڪري سخت گرمي ۽ ٻوسٽ رهيو ۽ شام جو برسات پوڻ ڪري گرميءَ مان ڇوٽڪارو مليو. پرويز پٺاڻ کي سڀاڻي ايف.آءِ.يُو ۾ وڃڻ جي سخت ڳڻتي آهي ۽ بخار به تيز ٿي ويو اٿس.
80-7-5
اڄ جيئن بي ڪلاس وارڊ ۾ ويس ته خبر پئي ته سپريڊنٽ رات آيو هو، جنهن ٻاهر سمهڻ جي اجازت ڏني آهي. پرويز کي سخت بخار جي باوجود جيل انتظاميه ميڊيڪل فٽنيس سرٽيفڪيٽ ڏئي ايف.آءِ.يُو موڪلي ڇڏيو. بخار هئڻ جي ڪري ايف.آءِ.يُو جي فوجين هن کي سڀاڻي جي تاريخ ڏئي واپس ڪيو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيل انتظاميه فوجين کان ڪيترو ڊڄي ٿي.
80-7-6
ستار ۽ مان شنوائيءَ تي وياسين. اسان سان گڏ پرويز پٺاڻ به ايف.آءِ.يو وڃڻ لاءِ پوليس ٽرڪ ۾ گڏ هو. کيس ان وقت به 103 ڊگري بخار هو ۽ سپريڊنٽ هن کي ”چاڪ چڱو ڀلو جو سرٽيفڪيٽ“ ڏئي روانو ڪري ڇڏيو. اُتي عزيزم فرمان علي شاهه ۽ ساٿي عبدالحق ڪانڌڙو، حبيب الله ناريجو، برڪت علي حيدري دستي، محمد صالح کوسو (نوان جتوئي)، علي حسن شاهه وارا ملاقات تي آيا. اتي نياز راڄپر ۽ ڊاڪٽر ستار راڄپر، نظام راڄپر جي ايف.آءِ.آر جي ڪاپي وٺڻ لاءِ آيا ۽ نظام جي خير، خيريت جو احوال ورتائون. بعد ۾ علي گوهر ٻگهيو ۽ غلام نبي لاشاري به ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا. محمد صالح کوسو جي هٿان برادرم راشد مورائي گهه، کنڊ ۽ گوڏ جو پوتڙو موڪليو. جيل تي واپس پهتاسين ته خبر پئي ته سڀاڻي رسول بخش ٿيٻو ۽ شيخ مجيب کي ايف.آءِ.يو جي ٽارچر سيل ۾ فوجين گهرايو آهي. رات جو نائين بجي تائين سڀني ڪچهري ڪئي ۽ پوءِ اسان اچي پنهنجي وارڊ جي کوليءَ ۾ بند ٿياسين.
80-7-7
رسول بخش ۽ مجيب ايف.آءِ.يو ويا. دادوءَ مان محترم علڻ خان ٿيٻو ۽ شيخ حبيب الرحمٰن، رسول بخش ٿيٻو ۽ شيخ مجيب الرحمٰن سان ملاقات لاءِ آيا، پر انهن جي نه هئڻ ڪري ستار ۽ مون کي ملاقات لاءِ گهرايائون. اسان ساڻن ملاقات ڪئي ويٺي ته رسول بخش ۽ مجيب به موٽي آيا. انهن سان به ملاقات ڪيائون. حبيب الله ڪابورو کي سندس والد جي وفات تي تعزيتي خط لکيم.
80-7-8
صبح جو رسول بخش ۽ قمر ڀٽي کي شنوائيءَ تي وٺي ويا ۽ شيخ مجيب کي ايف.آءِ.يو وٺي ويا. کانئس رڳو سوال جواب ۽ پڇا ڳاڇا ڪري روانو ڪيائون ۽ سڀاڻي جي لاءِ رسول بخش کي گهرايو اٿن. قمر ڀٽي ۽ رسول بخش شنوائيءَ تان موٽي آيا ۽ بيڊ منٽن جون رئڪيٽون ۽ گُڏيون وٺي آيا. شام جو نيٽ کان سواءِ راند کيڏي سون، پر مزو نه آيو. نيٽ، جيل انتظاميه کان وٺڻ لاءِ قمر ڀٽيءَ کي چيوسين.
80-7-9
رسول بخش کي ايف.آءِ.يو وٺي ويا. منجهند جو موٽي آيو. ٻڌايائين ته تشدد وغيره ڪونه ڪيو اٿن، باقي صرف مختلف قسم جا سوال ڪيائون. جيڪي سوال مون کان پڇيائون، اُهي ئي هن کان به پڇيائون. ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو ملاقات لاءِ آيو، پر جيل انتظاميه صرف کين قمر ڀٽي ۽ شيخ مجيب الرحمٰن سان ملاقات ڪرڻ ڏني. باقي اسان لاءِ ٻاهران ئي حق موجود چورائي موڪليائون.
80-7-10
رسول بخش کي وري به پڇا ڳاڇا لاءِ ايف.آءِ.يو وٺي ويا. منجهند جو موٽي آيو ۽ ٻڌايائين ته اڄ به وڙهيا ڪونه آهن، باقي بيان لکت ۾ ورتو اٿن ۽ ٻيهر ٻارهين تاريخ گهرايو اٿن. بي ڪلاس ۾ گڏيل فيصلو ڪيو ويو ته ڪچهريءَ دوران جيڪو به ٽيبل تي پير رکندو، اُن کي ڏهه دفعا اُٿ ويهه ڪرڻي پوندي. اڄ ئي ستار موريو، قمر ڀٽي، امان الله شاهاڻيءَ ۽ شيخ مجيب اُٿ ويهه ڪئي.
80-7-11
اڄ مون کي غلطيءَ ۾ ٽيبل تي پير رکڻ ۽ تاس راند ۾ هارائڻ ڪري اٽڪل هڪ سؤ دفعا اُٿ ويهه ڪرڻي پئي. ٽنگن ۾ سخت سُور اٿم. صوبيدار ولي محمد آيو، جنهن چيو ته سپريڊنٽ صاحب توهان لاءِ کٽون موڪليون آهن ۽ چيو اٿس ته توهان مون کي پنهنجي اولاد وانگر آهيو، ان ڪري توهان ڀلي کٽن تي ٻاهر سُمهو. اسان کي ڇهه مهينا ٿيا آهن ته ڪڏهن به جيل سپريڊنٽ مهرباني نه ڪئي. هڪ دفعي رات جو اسان سان ٻين بجي تائين ڪچهري ڪيائين. ان مهل اسان کيس چيو هو ته جيل کلڻ ۾ باقي ٽي ڪلاڪ آهن ته اسان کي اجازت ڏيو ته ٻاهر سُمهون، پر ٺوپ جواب ڏنائين. اهڙو ماڻهو هڪدم اسان لاءِ ايڏو وڏو جوابداريءَ جو ڪم ڪيئن ٿو کڻي؟ شايد بي ڪلاس؟؟ ٿي ويو آهي. شام جو اڄ پهريون دفعو چڪر واري ڪوٽ کي ڦيرا ڏنا.
80-7-12
خبر پئي ته گذريل ڏهين تاريخ اسان جي ”بي ڪلاس“ جو ليٽر پهچي چڪو آهي. اڄ کولين لاءِ ڪاٺ وارا دروازا ۽ ڄاريءَ وارا دروازا لڳائي ڏنا ۽ هڪ برداشتي به ڏنائون ۽ کاڌي لاءِ ٿانوَ به ڏنائون. ڪرسيون وغيره سڀاڻي ڏيڻ جو واعدو ڪيو اٿائون. رات جو ٻاهر ستاسون ۽ مزي سان ننڊ ڪئي سون.
80-7-13
ستار، مجيب ۽ آءٌ گڏجي ڊپٽي سپريڊنٽ کي ننڍين ٽيبلن ۽ ”بي ڪلاس“ جي کٽل سامان لاءِ چيو، جيڪو هن شام جو ڏياري موڪليو. اڄ شيخ مجيب ۽ قمر ڀٽيءَ پاڻ ۾ تکو مٺو ڳالهايو، ليڪن بعد ۾ قمر ڀٽيءَ پنهنجي غلطي تسليم ڪري شيخ مجيب کان پيرين پئي معافي ورتي ۽ معاملو درگذر ٿي ويو.
80-7-14
رسول بخش ٿيٻو، شيخ مجيب الرحمٰن ۽ قمر ڀٽي شنوائيءَ تي ويا ۽ اسان سان گڏ چوويهين تاريخ وٺي آيا. جيل انتظاميه تڙ ڪرڻ لاءِ ٻه خالي ٽين، ٻه ڪرسيون موڪليون ۽ رهيل سامان ڏيڻ جو واعدو ڪيائون. ٽنڊي ڄام يونيورسٽيءَ جو قيدي شاگرد ارشاد پنهور ۽ ٻه ٻيا آزاد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا شاگرد ڪچهري ڪرڻ آيا ۽ اسان کي چيائون ته جيل انتظاميه سان ڳالهائي اسان کي به اسپيشل وارڊ ۾ رکرايو.
80-7-15
ورزش ڪري، ڪتابن جو مطالعو ڪيم. منجهند جو ارشاد پنهور ۽ ايوب پٺاڻ ڪچهري تي آيا. ماني به گڏجي کاڌي سون. اڪبر پَوي ٻڌايو ته پرويز پٺاڻ ۽ طارق پاڻ ۾ گڏجي سمهندا آهن، حالانڪ بسترا ڌار ڌار اٿن. پرويز کان پڇيم، جنهن پهريائين ته انڪار ڪيو، پر جڏهن پَوي سامهون اچي چيس، تڏهن مڃيائين ۽ مون کي دال ۾ ڪارو ته ڇا پر تِڏِ محسوس ٿئي ٿي.
80-7-16
بي ڪلاس ملڻ کي اڄ ڇهون ڏينهن آهي، پر پوءِ به سامان پورو نه مليو آهي. ستار ۽ مون سان ڊپٽيءَ جي ناسازيءَ جي ڪري قمر ڀٽي کي چيم ته تون ساڻس ڳالهاءِ. قمر سان سڀاڻي سامان موڪلڻ جو واعدو ڪيائين.
80-7-17
ڊپٽي سپريڊنٽ واعدي موجب سامان ڪونه موڪليو. ستار، مجيب ۽ رسول بخش ٿيٻي جي ملاقات لاءِ ڊاڪٽر مولا بخش ٿيٻو آيو. تاريخ ريگستان جا ٻئي ڀاڱا ۽ خليفي نبي بخش جو رسالو پڙهڻ لاءِ ڏئي ويو. اڄ کان خليفي نبي بخش جو رسالو پڙهڻ شروع ڪيو اٿم.
80-7-18
اڄ پاڻ ۾ ”بي ڪلاس“ جي قيدين صلاح ڪئي ته پاڻ مان ڪي به ٻه دوست چونڊيون، جن کي اهو اختيار هوندو ته ڪوبه ”بي ڪلاس“ جو قيدي برداشتيءَ سان يا پاڻ ۾ اڍنگو رويو اختيار ڪندو ته ان کي اهي ٻه دوست اُٿ ويهه جي سزا ڏئي سگهن ٿا، جيڪا هڪ سؤ تائين ٿي سگهي ٿي. ڪُل نَوَ ميمبر هئا، جن ۾ ووٽ ٿيا. قمر ڀٽيءَ کي صرف پنهنجو ئي ووٽ مليو. ڏاڍو کلياسين ۽ قمر ڀٽيءَ سان ڀوڳ چرچا ڪياسين. اڄ خبر پئي ته ٺيڪيدار علي محمد ڪاسائي ۽ سپريڊنٽ سيد محبوب الحق پاڻ ۾ صلاح ڪري سپريڊنٽ جي آفيس جو باٿ روم، جنهن جو ٺيڪو پنجويهه هزار روپين ۾ آهي، ان ۾ مزدورن جي جاءِ تي پڪا قيدي ڪم ڪن ٿا، اُن ٺيڪيدار کي اهو فائدو آهي ته ٻاهريون مزدور ٽيهه روپيه تاريخ وٺي ٿو ۽ هاڻي کيس ويهه روپيه في مزدور جي حساب سان سپريڊنٽ کي پئسه ڏيڻا پون ٿا ۽ ڪم پڪا قيدي ڪن ٿا، جن جا نالا هي آهن:
1- لونگ پُٽ محمد عمر ذات سولنگي ويٺل هوسڙي
2- فضل ڪريم پٽ محمد حسين راجپوت ويٺل جهلم پنجاب
3- جمع خان پٽ مير خاتم پٺاڻ ويٺل وزيرستان
4- عبدالعزيز پٽ عبدالحڪيم پٺاڻ ويٺل ڪابل
5- عبدالغفور پٽ محمد يوسف بهشتي حيدرآباد شهر
6- دلدار احمد پٽ عبدالحميد مغل پٺاڻ ڪراچي شهر
80-7-19
جيل سپريڊنٽ محبوب الحق اسان وٽ آيو ۽ چيائين ته توهان ٻئي ڄڻا ”بي ڪلاس“ وارڊ ۾ وڃي رهو يا اُهي ٽئي ڄڻا هتي توهان وٽ اچي رهن، ڇاڪاڻ ته شاهه محمد شاهه سکر سينٽرل جيل تان بدلي ٿي آيو آهي، اُهو توهان سان گڏ رهڻ نٿو چاهي، تنهن ڪري توهان سڀ هڪ طرف ٿيو. ستار ۽ مون کيس چيو ته شاهه محمد شاهه اسان جو دوست آهي. سياسي اختلاف ضرور آهن، پر اسان جو ڪوبه ساڻس ذاتي اختلاف ڪونه آهي. ان کان سواءِ اسان کيس چيو ته بقول تنهنجي مارشل لاء وارن جو حڪم آهي ته اسان ٻنهي سان ٻيو ڪوبه گڏ رهي نٿو سگهي ۽ جڏهن اسان توهان کي زرعي يونيورسٽيءَ جي ٽن شاگردن ارشاد پنهور وارن لاءِ گڏ رهڻ جو چيو ته توهان تڏهن به جواب ڏنو ۽ هاڻي اسان کي گڏ ڪيئن ٿا رهايو؟ بهرحال، ڪافي وقت تائين جهڳ جهڳ هلي پر ڪوبه کڙ تيل ڪونه نڪتو ۽ سپريڊنٽ نااميد ٿي واپس هليو ويو. شام جو خبر پئي ته شاهه محمد شاهه کي جيل جي اسپتال ۾ رهايو اٿن. سڀاڻي ڏسون ته ڇا ٿا ڪن؟ غلام رسول لاشاريءَ انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪئي ته مان جيل سپريڊنٽ جي آفيس ۾ ويٺو هئس ته شاهه محمد شاهه توهان سان گڏ رهڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائينس ته اهي منهنجا دشمن آهن. بهرحال، جنهن کي جهڙو وکر هوندو آهي، ان جو هوڪو ڏيندو آهي.
80-7-20
ستار موريو، قمر ڀٽي ۽ شيخ مجيب هڪ غلط ڪم ڪيو آهي، جنهن تي مان ۽ رسول بخش ٿيٻو سخت ناراض آهيون. ڏاڍو ڏک اٿم ته جيڪڏهن اسان قومي، انقلابي ڪارڪن ويهي اهڙا غلط ڪم ڪيون ته پوءِ اسان ۾ ۽ هڪ غير انقلابي ماڻهوءَ ۾ ڪهڙو فرق ٿيندو؟ اڄ قمر ڀٽيءَ مون سان ۽ رسول بخش ٿيٻي سان تاج جويو ۽ مير محمد پيرزادي متعلق بحث ڪيو ۽ کين گهٽ وڌ ڳالهايو. هن جو چوڻ آهي ته اهي ٻئي انور پيرزادي جي ڪميونسٽ گروپ جا ڇاڙتا آهن. اسان ٻنهي ڄڻن کيس دليلن سان مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جي ڳالهين مان محسوس ڪيو ته تاج جويو سان ذاتي اختلاف اٿس.
ستار ۽ قمر جيل انتظاميه سان ڳالهايو ته جيڪي به شاگرد قيدي آهن، انهن کي الڳ هڪ جاءِ تي رکيو وڃي ۽ سندن نالن جي لسٽ ٺاهي سپريڊنٽ کي ڏئي آيا.
80-7-21
صبر شڪر ميٺ، مون مورائين نه وڻي،
بُکئي جِهڄي جندڙو، ڍايل کنهين پيٽ،
جَان هونديس ڀُون هيٺ، جَان قاسم ڀيڙي ڪيچئين.
جيل سپريڊنٽ جيل جي قيدي شاگردن کي گهرائي انهن کي چيو ته توهان کي ڪهڙي تڪليف آهي جو الڳ ٿا رهو؟ جيئن ته قيدي شاگرد نوان هئا، انهيءَ جي ڪري کيس چيائون ته اسان کي ڪابه تڪليف ڪانهي. ان ڳالهه جي جڏهن اسان کي خبر پئي ته قمر ڀٽي ۽ ستار موريو وڃي جيل سپريڊنٽ سان ڳالهايائون، جنهن وري به واعدو ڪيو ته شاگردن کي عليحده وارڊ ۾ رکندس، پر اميد گهٽ ڏسڻ ۾ ٿي اچي.
پرويز پٺاڻ آيو جنهن چيو ته شاهه محمد شاهه ٻڌايو ته مون کي جيڪڏهن وٺڻ اچن ها ته مان ساڻن گڏ رهان ها، پر مون کي وٺڻ به ڪونه آيا، تنهن ڪري مان انهن سان گڏ ڪونه رهندس، حالانڪ اسان کي جڏهن شاهه محمد شاهه جي جيل تي اچڻ جي خبر پئي هئي ته ستار ۽ قمر ڀٽي کيس وٺڻ پئي ويا ته جيل سپريڊنٽ کين منع ڪئي ته هو چوي ٿو ته مون سان وڙهندا ۽ جان جو خطرو آهي ۽ توهان وري هُن سان ملڻ ٿا وڃو! ائين چئي موٽائي ڇڏيائين. امان الله شاهاڻي اسپتال مان دوا وٺڻ لاءِ ويو ته ان سان به شاهه محمد شاهه اهڙو ذڪر ڪيو، جنهن ڪري اسان کي تصديق ٿي وئي ۽ جيڪا ذاتي طرح هن لاءِ عزت هئي، اها ڏک ۾ تبديل ٿي وئي.
80-7-22
ارشاد پنهور جو ڀاءُ ساڻس ملاقات ڪرڻ آيو. ان کيس ٻڌايو ته مان آءِ.جي جيلز جي آفيس ويو هوس. اتي هڪ ليٽر ٽائيپ ٿيو، جنهن ۾ لکيل هو ته رسول بخش ٿيٻو، علي محمد شاهه، قمر ڀٽي، شيخ مجيب الرحمٰن ۽ ستار موريو کي نارا جيل تان سينٽرل جيل حيدرآباد منتقل ڪيو وڃي ۽ اتان وري ٻيا پنج ”بي ڪلاس“ جا قيدي نارا جيل منتقل ٿي ايندا. جيل انتظاميه طرفان ڪرسيون مليون.
80-7-23
خليفي نبي بخش جي رسالي ۾ جيڪي مون کي چونڊ شعر پسند آيا، اُهي نوٽ بوڪ تي اتاريم. اڄ سڄو ڏينهن جيل بدليءَ جو انتظار رهيو. خبر ناهي ته بدلي ٿيندي يا رڳو افواهه آهي؟
80-7-24
رسول بخش ٿيٻو، قمر ڀٽي، شيخ مجيب، ستار موريو ۽ آءٌ گڏجي شنوائيءَ تي وياسين. اُتي محترم علڻ خان ٿيٻو، وڏيرو عبدالرحمٰن عرف بُوبڪ خان ٿيٻو (رسول بخش جو والد)، مولا بخش ٿيٻو، پير بخش خاصخيلي (چيئرمين ضلع ڪائونسل دادو)، محمد صالح راهپوٽو، وليد خان شيخ، حبيب شاهه، حاجن شاهه، حبيب الله ناريجو، علي گوهر ٻگهيو، برادرم ارباب علي شاهه، حبيب الله ڪابورو، حڪيم سراج الدين موريو (ستار جو ڏاڏو)، فرمان علي شاهه، لال بخش چانڊيو، اياز بلوچ بجار زئي، منظور شاهه ۽ ٻيا ڪافي دوست اسان جي ملاقات لاءِ آيل هئا. برادرم راشد علي شاهه جو خط حبيب شاهه آندو. (کيس جواب لکي موڪليم) قمر ڀٽيءَ، حبيب الله ناريجي کي چيو ته تنهنجي مارشل لاءِ وارن سان دعا سلام آهي، اسان کي جيل بدلي ٿا ڪن ۽ ملاقات به جيل تي صحيح نموني نٿي ٿئي، ان لاءِ ڪوشش ڪر، جنهن واعدو ڪيو ته ٻئي ڪم جلدي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس.
80-7-26
ڊيوٽيءَ تي بيٺل سپاهي غلام قادر چانڊيو سان قمر ڀٽيءَ جي مُنهن ماري ٿي پئي، صرف انهيءَ ڪري جو هڪ قيدي دوست اسان سان ملڻ آيو ٿي ۽ سپاهي هُن کي نه پيو ڇڏي. بعد ۾ جمعدار علي نواز چانڊيو آيو، جنهن سپاهيءَ جي غلطيءَ جي معافي ورتي.
80-7-27
اسان جي برداشتي اڪبر عرف پَوي کي ٻه مهينا سزا ملي آهي، جنهن کي سينٽرل جيل حيدرآباد بدلي ڪري ڇڏيو اٿن. موڪلائڻ مهل سندس اکين مان ڳوڙها وهي پيا.
80-7-28
ستار موريو، مجيب شيخ ۽ امان الله شاهاڻي گڏجي اسپتال ۾ ارشاد پنهور سان ڪچهري ڪرڻ ويا. اُتي شاهه محمد شاهه به ويٺو هو، جنهن سان دعا سلام ڪيائون، ليڪن هو تڪڙو اُٿي ويو. بعد ۾ خبر پئي ته سپريڊنٽ کي چيائين ته جنهن ڳالهه جي ڪري مان ”بي ڪلاس“ وارڊ ۾ نه رهيس، اُها ساڳي ڳالهه اسپتال ۾ مون سان آهي، يعني اهي ساڳيا ماڻهو اسپتال ۾ اچن وڃن ٿا، ان ڪري منهنجو بچاءُ ڪريو. سپريڊنٽ کيس دلداري ڏني. تاريخ ريگستان جو پهريون ڀاڱو پڙهي پورو ڪيم. شام جو ستار، رسول بخش، شيخ مجيب ۽ مون هڪ ٻئي سان ڏاڍا ڀوڳ چرچا ڪيا.
80-7-29
اسپتال ويس. شاهه محمد شاهه سان مختصر ملاقات ٿي. موٽي اچي سمهي پيس. اٽڪل ٻارهين بجي ڌاري جمعدار علي نواز چانڊيو ننڊ مان اٿاري ٻڌايو ته توهان پنجن ئي ڄڻن جي سينٽرل جيل حيدرآباد بدلي ٿي آهي ۽ توهان پنهنجو سامان تيار رکو.
کوليءَ مان ٻاهر نڪري سڀني دوستن وٽ ويس، جيڪي سڀئي سامان ٻڌڻ ۾ مشغول هئا. مون به اچي سامان ٻڌو. غلام رسول لاشاري ۽ ايوب شورو ٻڌايو ته چڪر جا سڀ قيدي بارڪن ۾ بند ڪري ڇڏيا اٿن ۽ چڪر جو ٻاهريون وڏو دروازو به بند ڪري ڇڏيو اٿن. ڊپ اٿن ته متان سينٽرل جيل تي نه وڃن ۽ جهڳڙو ٿي پئي.
چئين بجي ڌاري پوليس ٽرڪ ۾ چڙهي اچي سينٽرل جيل حيدرآباد لٿاسون. آفيس بند ٿي وئي هئي. صرف هڪ ڊيوٽي جيلر مرزا ويٺو هو، جنهن اسان جي سامان جي چڪاس ڪرائي ۽ ڪافي ڪتاب پاڻ وٽ رکيائين، حالانڪ ڪوبه اهڙو ڪتاب اعتراض جهڙو نه هو ۽ سڀ شهر جي بُڪ اسٽالن تان ملندڙ هئا. ساڳئي وقت اردو جا جيڪي به ڪتاب يا ڊائجسٽ هئا، اهي بنا دير جي اسان کي ڏنائين. ان دوران جيل جو ڊپٽي نواز حسين اچي مليو. اسان کيس چيو ته جنهن وارڊ ۾ محمد خان ابڙو وارا دوست رهن ٿا، اسان کي به ان وارڊ ۾ رکو، پر نه مڃيائين. اسان کي ڦاسي گهاٽ ڀرسان ”بي ڪلاس“ وارڊ ۾ وٺي آيا. شيخ مجيب پٺاڻ سپاهي کي چيو ته اسان جو رات وارو ڀتو (ماني) وٺي اچجانءِ، جنهن تي ان ٽوڪ واري انداز ۾ چيو ته نارا جيل تان توهان جو ڀتو ايندو. ان تي شيخ مجيب ڪاوڙ ۾ اچي کيس پادر اڇلائي هنيو، پر سپاهي تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري دروازو بند ڪري هليو ويو. رات جو سوا نائين بجي اسان کي کولين ۾ بند ڪيائون. خبر پئي ته اسان جي ڏکڻ واري وارڊ ۾ سلامو عرف ڇانگا بدمعاش ويهن ڏينهن کان بک هڙتال تي آهي.
80-7-30
”بي ڪلاس“ جي سامان مڪمل نه ملڻ جي ڪري سپاهيءَ کي موڪليوسين ته اهڙو اطلاع ماڙيءَ تي ڏئي. بعد ۾ عبدالحئي قريشي جيلر ۽ ٻيو به هڪ جيلر گڏجي آيا. سامان جي لسٽ کڻي ويا ۽ سپاهيءَ جي بدليءَ لاءِ به کيس چيوسون. شام تائين تقريبًا مڪمل سامان پهچي ويو. هڪ ”بي ڪلاس“ جو قيدي نالي سميع سڀاڻي آزاد ٿيڻ جي خوشيءَ ڪري اسان سڀني کي مٺائيءَ جي دعوت ڏني. اسان وري کيس رات جي ماني پاڻ سان گڏ کارائي. رسول بخش کي پيٽ ۾ سخت سور ٿي پيو. دوا لاءِ ڊيوٽيءَ تي سپاهيءَ کي چيوسين، پر ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنائين. جڏهن اسان کيس ڌمڪي ڏني ته رات جو کولين ۾ بند نه ٿينداسون ته پوءِ رات جو ساڍي نائين بجي محمد طيب جمالي جيل جي اسپتال جو ڪمپائونڊر آيو. انجيڪشن هنيائين ۽ کائڻ لاءِ گوريون ڏنائين. ان کان پوءِ اسان کولين ۾ بند ٿياسين. محمد خان ابڙي سپاهيءَ جي هٿان چٺي لکي موڪلي، جنهن ۾ تفصيلي احوال لکيو اٿس.
80-7-31
اڄ خبر پئي ته سلامو عرف ڇانگا جي حالت تمام خراب آهي. سندس بک هڙتال کي اڄ ٻاويهه ڏينهن گذري ويا آهن، پر سندس ڪوبه تدارڪ ڪونه ٿو ٿئي. قمر ڀٽيءَ کي ماڙيءَ تي ڊپٽي سان ڳالهائڻ لاءِ موڪليوسين ته جيئن وڌيڪ برداشتي ملن ۽ محمد خان ابڙو سان به ملڻ جي اجازت ملي. اڪبر پَوو برداشتي موڪلي ڏنائون. سڀاڻي محمد خان ابڙو، جعفر سهتو، بشير شاهاڻي، غلام مصطفيٰ جانوري اسان سان ملڻ لاءِ ايندا. اسان چاهيو ٿي ته پاڻ انهن جي وارڊ ۾ وڃي دوستن سان ملون، پر ڊپٽيءَ ٻڌايو ته قمر راڄپر اعتراض ڪيو آهي ته اهي جيڪڏهن اسان جي وارڊ ۾ ايندا ته جهڳڙو ڪندا، ان ڪري اهي هيڏانهن نه اچن. خبر ناهي ته جيل انتظاميه اهڙيون ڳالهيون ڪري اسان کي بدظن ٿي ڪري يا واقعي ائين آهي؟ اڄ خبر پئي ته فقير رحمت الله هيسباڻي ۽ فقير عنايت الله هيسباڻيءَ وارن کي آزاد ڪري ڇڏيو اٿن، جيڪي هن ئي جيل ۾ قيد هئا.
80-8-1
بي ڪلاس ۾ گوشت خراب ملڻ ڪري سپاهي سردار کي چيوسين ته ڊاڪٽر کي وٺي اچ. ڊاڪٽر نور عباسي، ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو، شيرازي جيلر ۽ مرزا جيلر گڏجي آيا. گوشت ڊاڪٽرن ڏٺو ۽ تسليم ڪيائون ته سٺو گوشت ناهي. گوشت واري ٺيڪيدار کي گهرائي چيائون ته صبحاڻي کان گوشت جو ثابت ٽڪرو ڏياري موڪلي.
محمد خان ابڙو، جعفر سهتو ۽ بشير شاهاڻي کي جيل انتظاميه ڇڏيو. جن اسان سان اچي ڪچهري ڪئي. ڏاڍي مزيدار ڪچهري ٿي. دوستن ٻڌائيو ته رحمت الله هيسباڻي ۽ عنايت هيسباڻي کي ٻيا ڪيس هئڻ ڪري آزاد نه ڪيائون. شام جو ساڍي پنجين بجي تائين ڪچهري ڪئيسون.
80-8-2
رسول بخش ٿيبو ۽ شيخ مجيب الرحمان کي فوجي ڇانوڻي جي پُڇاڳاڇا واري جاءِ تي وٺي ويا. يعني (F.I.U). منجهند جو جهڙا ويا هئا تهڙا موٽي آئيا، سبحاڻي وري گهرائيو اٿن. اسانجي وارڊ ۾ هڪ برداشتي علي نواز کوسو باڊهه جو آهي. ان ڪچهري دوران ٻڌايو ته اسانجي وارڊ جي ڏکڻ اوڀر واري ڀت جي ڀرسان ٻئي وارڊ ۾ ڄام ساقي قيد آهي. کوسي ٻڌائيو ته پهريائين ڄام ساقي جو برداشتي هئو. پر هڪ ڏينهن ڄام سنڌجي ڪن معزز ماڻهن کي گاريون ۽ گهٽ وڌ پئي ڳالهائيو. مون کيس منع ڪئي ته توهان پڙهيل لکيل آهيو، ڪنهن کي به گار ڏيڻ سان پنهنجو وات خراب ٿا ڪريو. بس پوءِ ته ڄام ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو ۽ مون سان ڏاڍو وڙهيو ۽ مونکي وارڊ مان بدلي ڪرائي ڇڏيائين.
ڊيوٽي واري سپاهي ٻڌائيو ته ڇانگي جو وزن بک هڙتال ڪري ڏهه پائونڊ گهٽجي ويو آهي ۽ تمام ڪمزور ٿي ويو آهي. گوشت ۾ پوئين ران جو ثابت ٽڪرو مليو. جيل ۾ جيستائين قيدي ڪجهه چرپر نه ڪندو ته سندس جائز ڳالهه به انتظاميه نه مڃيندي. ان ڪري ڪجهه نه ڪجهه کڙڪا کڙڪي هجي.
80-8-3
رسول بخش ٿيٻو ۽ شيخ مجيب کي ايف.آءِ.يو ۽ ملٽري ڪورٽ ۾ شنوائي تي وڃڻو هئو. ساڻن گڏ قمر ڀٽي کي به شنوائي هئي. گڏجي ڪورٽ ڏي ويا. مجيب ۽ رسول بخش کي فوجي ڇانوڻي جي پُڇا ڳاڇا مرڪز تان واپس ملٽري ڪورٽ روانو ڪيائون. عبدالصمد ڪانڌڙو کي ڪجهه ڀاڄي ۽ ضرورت جو سامان موڪليوسون. جواب ۾ هن چٺي لکي ته مهرباني ڪري مونکي پاڻ وٽ ڪچهريءَ لاءِ گهرائيو. محمد خان ابڙو کي به سائي ڀاڄي ۽ ضرورت وارو سامان سپاهي هٿان موڪليو. بورچي کي گهرائي چيوسون ته اسانجي ڀاڄي ڌار ٺاهيندوڪر ڇاڪاڻ ته وارڊ ۾ رهندڙ ٻيا ڪرمنل بي ڪلاس جا ٽي قيدي صرف جيل واري ڪچي راشن تي ڀاڙين ٿا. حقيقت ۾ اهو اڻپورو آهي.
80-8-4
منهنجو سنڌ جي دشمن سان ٺاهه تڏهن ٿيندو:-
جڏهن هٿ جي تريءَ تي وار ڦٽندا،
جڏهن سُڪي ميدان تي ٻيڙيون هلنديون،
جڏهن زمين آسمان هڪ ٿي ويندو،
جڏهن مڇي سڪي زمين تي جيئرو رهڻ شروع ڪندي،
جڏهن بگهڙ ٻڪرين جو ڌنار ٿيندو،
جڏهن سج ۽ چنڊ اڀرڻ کان بس ڪندا.
رسول بخش ۽ مجيب کي ايف.آءِ.يو وٺي ويا. ٻي بجي ڌاري واپس پهتا. کين نائين تاريخ تي وري گهرايو اٿن. مجيب ٻڌايو ته اسان جي ڏنل بيان مان مطمئن ناهن ۽ چيائون ته اسان يونيورسٽي جي قيدي شاگردن جي ٻي پارٽي گهرائي انهن کان به پڇا ڳاڇا ڪري، پوءِ توهان جي بيان کي آخري شڪل ڏينداسون. مون بشير شاهاڻي وارن کي چٺي لکي ته متان انهن کي گهرائين ته ذهني طرح سان تيار هجن. شام جو هلڪي برسات پئي. موسم ڏاڍي پياري لڳي پئي آهي. اسان جي پاڻ ۾ مختلف موضوعن تي ڪچهري ٿي.
80-8-18
شيخ قاضي پاڪدامن، اي مشائخ مولوي!
ڪر نصيحت کي ڦٽو، هر جاءِ حق حاضر ڏٺم!
نيرن جي ماني کان پوءِ رسول بخش ۽ قمر ڀٽي شطرنج راند کي لڳي ويا. مجيب ۽ مان پرک پروگرام رکيو، جنهن ۾ بين الاقوامي سطح تي مختلف شخصيتن کي ڳوليوسون. ”ڪليات مصري شاهه“ جو مطالعو ڪيم.
80-8-19
شنوائي تي سمري ملٽري ڪورٽ ويس. اتي منهنجو يونيورسٽي جو پيارو استاد پرويز مرزا ملاقات لاءِ آيو. عزيزم فرمان علي شاهه، ساٿي شاهنواز شيخ (لاڙڪاڻو)، حبيب الله ناريجو ۽ قربان علي شاهه سان ڪچهري ٿي.
سمري ملٽري ڪورٽ ۾ ميجر فاروق گهرائيو ۽ مون کان سوال پڇيائين ته توهان جيئي سنڌ وارا پنجابين جي مخالفت ڇو ٿا ڪريو؟ مون کيس چيو ته هر قوم جو بنيادي مسئلو ”اقتصاديات“ هوندو آهي ۽ ان قوم جي جياپي ۽ موت جو دارومدار ان تي هوندو آهي. پنجابين اسان جي مڪمل اقتصاديات تي قبضو ڪري سنڌين کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. مثال طور: فوج جي رٽائرڊ آفيسرن کي سنڌ ۾ انعام طور زمينون ڏنيون ٿيون وڃن. جيڪڏهن پنجابي پهلوان ڪشتي ٿو کٽي ته ان کي سنڌ ۾ انعام طور زمين ڏني ٿي وڃي. جيڪڏهن ڪو پنجابي ڪرڪيٽ راند کٽي ٿو اچي ته ان کي سنڌ ۾ زمين ڏني ٿي وڃي. بهرحال، خاموشيءَ سان منهنجون ڳالهيون ٻڌندو رهيو ۽ وري ٻي شنوائي ڏنائين.
پوليس ٽرڪ هڪڙي هئڻ ڪري نارا جيل ۽ سينٽرل جيل جا قيدي ان ۾ ويهاريائون. پهريائين نارا جيل جا قيدي ڇڏڻ هليا. اُتي ڊپٽي لعل محمد سومرو مليو، جنهن کي مون چيو ته امان الله شاهاڻيءَ ۽ نظام پنهور سان ملاقات ڪراءِ، پر خبر پئي ته ٻئي ڄڻا بيمار آهن ۽ اسپتال ۾ آهن. موٽي سينٽرل جيل تي اچي ڇڏيائون. وارڊ ۾ جيئن داخل ٿيس ته شيخ مجيب اڳيئي هاءِ ڪورٽ لاءِ تيار بيٺو هو. رسٽيڪيشن آرڊر واپس وٺڻ لاءِ کيس هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو هو.
80-8-20
اسان جي وارڊ ۾ ٻين سان گڏ هڪ ارشد نالي نيشنل بينڪ جو مينيجر قيدي آهي. پڇڻ تي ٻڌايائين ته سندس گهرواري رفعت، جيڪا هن سان هميشه جهڳڙو ڪندي رهندي هئي ۽ ڪڏهن به سکيو ٽڪر کائڻ نه ڏنائين ۽ هن وري سندس نالي تي بينڪ ۾ ڇاونجاهه هزار روپيه ۽ ٽيٽيهه هزار روپين جا پرائز بانڊ به ۽ هڪ وڏو پلاٽ به ان جي نالي تي ڪري ڇڏيو آهي، پر پوءِ به هُوءَ هن مان خوش نه رهي ۽ آخرڪار خون جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسرائي ڇڏيائينس. هن جو هڪ پٽ سهيل به آهي، پر اهو به هن سان سٺو نٿو هلي ۽ نوڪريءَ تان به سسپنڊ آهي. هر وقت مايوس ۽ پريشان رهي ٿو. حالت اها اٿس جو ملاقات نه اچڻ ڪري سگريٽ به برداشتين کان وٺي پيئندو آهي. مون کيس ڪجهه لفافا ڏنا، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ذاتي دوستن کي خط لکي مدد وٺڻ چاهيائين ٿي. مجيب شيخ، شام جو ڪراچيءَ مان واپس پهتو ۽ ٻڌايائين ته محترم نور الدين سرڪي وڪيل هاءِ ڪورٽ ۾ رِٽِ داخل ڪئي آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته جيل انتظاميه سڀاڻي جيل جي جهڙتي وٺندي. قيدين جو چوڻ آهي ته جيل انتظاميه جو خرچ کٽندو آهي ته پوءِ سڄي جيل جو جهڙتي ڪندا آهن ۽ پوءِ سُڪن سان گڏ ساوا به سڙي ويندا آهن. ان ڪري اسان جو برداشتي عمر سمون گوڏ جو پوتڙو ۽ وهاڻو منهنجي کوليءَ ۾ رکي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي شيون ”سي ڪلاس“ جي قيديءَ کي جيل قانون تحت رکڻيون ناهن.
80-8-22
اڄ جهڙتي ڪانه ٿي، صرف افواهه هو. پر قيدين جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪنهن به موڪل واري ڏينهن تي جهڙتي ضرور ٿيندي، ڇاڪاڻ ته عيد جي ڪري هر ڪنهن قيديءَ وٽ ٿورو گهڻو سامان آهي، ان ڪري بٽئي يا پيراڻو ٽويو ضرور ڪڍندا. قيدي ويچارا مجبور، ڪجهه به نه ڪڇي سگهندا آهن. حقيقت ۾ جهڙتيءَ دوران ڪابه اعتراض واري شيءِ قيدي وٽان نڪري ٿي ته اها جيل قانون موجب رجسٽر تي لکي گودام ۾ جمع ڪرائي ڇڏبي آهي ۽ جڏهن قيدي آزاد ٿيندو آهي يا جيل بدلي ٿيندو اٿس ته اُهي شيون کيس موٽائي ڏبيون آهن، پر هتي ته چرخو ابتو ڦرندو آهي.
80-8-23
رچنا پبليڪيشن جو پرچو پڙهڻ لاءِ مليو. چڱو پرچو آهي. جيل جهڙي ماحول ۾ اهڙي ڪا شيءِ پڙهڻ لاءِ ملي وڃي ته پوءِ ڇا کپي؟ نسيم ٿيٻو جو انٽرويو چڱو آهي. پڙهڻ مان معلوم ٿيو ته شايد هن جي دل جي نازڪ مُکڙي مُلن جي فتوائن يا ڪنهن ڪميونسٽ جي ڪوجهي ڪردار مُرجهائي ڇڏي آهي. اياز گل، زبيده ميتلو ۽ بليل کورواهيءَ جا شعر ڏاڍا پسند آيا. باقي سليمان سولنگيءَ جو آزاد نظم ائين پيو لڳي ته شاعر جي مٿان مايوسيءَ جا ڪڪر آهن ۽ پاڻ انهن جي ڇانوَ ۾ پيو گهمي. رات جو ڪرشن چندر جو ناول ”غدار“ پڙهڻ شروع ڪيم.
80-8-24
رسول بخش، مجيب ۽ قمر شنوائيءَ تي ويا. مون شاهه مقدم کي جيل لائبريريءَ مان تحفة الڪرام ڪتاب لکي ڏنو ته وٺي اچي، پر لائبريري انچارج نه هئڻ ڪري موٽي آيو.
80-8-25
جيل جي لائبريريءَ مان ڪتاب ”سنڌ جو سفر“ گهرايم ۽ پڙهي پورو ڪيم. ڊاڪٽر نور عباسي ۽ سندس ٻيو جونيئر ڊاڪٽر گڏجي اسان جي وارڊ ۾ آيا. رسول بخش کي بخار آهي، قمر ڀٽيءَ کي اکين جي چڪاس ڪرائڻي آهي ۽ شيخ مجيب کي ريزش ٿي پئي آهي. اسان جي ٻن برداشتين کي به بخار آهي. دوائون لکي ڏنائين ته ٻاهران گهرايو، حالانڪ اسان کي خبر آهي ته جيل اسپتال جي پنجويهه هزار روپين جي بجيٽ تازو ملي آهي. گهڻي بحث کان پوءِ اسان جي ٻن برداشتين لاءِ کير جو هڪ ڪلو لکي ڏنائين، جيڪو ست ڏينهن ملندو.
80-8-26
قمر کي ڊاڪٽر اسپتال ۾ گهرائي نظر تپاس ڪري کيس ٻڌايو ته تنهنجي اکين جو نُور ڪمزور ٿيندو ٿو وڃي. ان لاءِ دوائون لکي ڏنائينس.
80-8-27
اسان جو هڪ برداشتي ميهڙ جو ڪوڙو سوڍر آزاد ٿي ويو. کيس چانهه، مانيءَ لاءِ پنجاهه روپيه ڏناسين. جيل لائبريريءَ مان مولانا ابوالڪلام آزاد جو ڪتاب ”غُبارِ خاطر“ پڙهڻ لاءِ گهرايم.
80-8-28
لائبريريءَ جو ماستر آيو. رسول بخش ۽ مجيب وٽ ڪجهه ڪتاب هئا، جيڪي کڻي ويو. قمر ڀٽيءَ کيس پئسه ڏنا ته ڪتاب ”پَسِ ديوارِ زندان“ ٻاهران گهرائي ڏئي. ارشد مون وٽ ڪچهريءَ لاءِ آيو. هر وقت مون کي منٿون ڪندو رهي ته مان هن جي ڪيس ۾ مدد ڪريان، جيئن هي ضمانت تي ٻاهر نڪري.
اڄ وري ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سڀاڻي جمع جي ڏينهن جهڙتي ٿيندي. جمع جي ڏينهن خاص ڪري ان ڪري جهڙتي ٿا ڏين جو چين پارٽي وارا پڪا قيدي يا ٻُهاري يا ليپا پارٽيءَ وارن کي موڪل هوندي آهي ۽ اُهي پارٽيون ڪم تي نه وينديون آهن. لازمي آهي ته جهڙتيءَ دوران دير ٿي ويندي آهي.
80-8-29
معمول مطابق صبح جو پنجين بجي اسان جي وارڊ ۾ کولين جا دروازا ڪونه کليا. سردار سپاهي ڇهين بجي اچي دروازا کوليا. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته جهڙتي آهي، پر اسان جي وارڊ، ”بي ڪلاس وارڊ نمبر 2“ (ڪارن ٽين) ۽ ”اي ڪلاس“ وارڊ ۾ جهڙتي ڪانه ٿيندي. شايد سڀاڻي يا ڪنهن ٻئي وقت تي اچن، ڇاڪاڻ ته ”بي ڪلاس“ وارا قيدي ڪم وغيره ڪونه ڪندا آهن، تنهن ڪري ڪنهن به وقت جهڙتي ٿي سگهي ٿي. اسان جي وارڊ جو مقدم ٽنڊي آدم جو شاهه آهي. کانئس جهڙتيءَ جي بابت پڇيم، جنهن ٻڌايو ته صبح سوير سپريڊنٽ کان سواءِ ٻيو سڄو عملو جهڙتي ڏيڻ آيو هو، جنهن ۾ قيدين جو ڪافي سامان، سنڌي اڻپوريون ٽوپيون، اڳٺ، سڳيون، گنجيون جيڪي قيدي ٺاهيندا آهن، اُهي کنيائون ۽ جن سزا يافته (پڪن قيدين) وٽ پنهنجا ذاتي ڪپڙا، رلي، وهاڻو، چادر، بليڊ، خالي ٽين جا ڊٻا وغيره هئا، سڀ کڻي ويا. عيد جي ڪري ڪافي قيدين وٽ ٿورا گهڻا پئسا به هئا، اُهي به کڻي ويا. جيڪي غريب قيدي هئا ۽ انهن وٽان ٿورو سامان به نڪتو ته انهن کي ڏنڊا ٻيڙيون هڻي بند وارڊ ۾ بند ڪري صبح شام پيرن جي تِرين تي ڏهه ڏهه ڏنڊا هنيا ويندا آهن. پر ان جي جاءِ تي اڄ جو مثال آهي ته هڪ قيدي راجا جاويد وٽان (جيڪو هڪ وڏي پوليس آفيسر جو پُٽ آهي) چرس جي ڏيڍ پٽي نڪتي، پر ان کي ڪجهه به نه چيو ويو. بورچي خاني ۾ هڪ قيدي ڊپٽي نواز جون ٽوپيون ٺاهيندو آهي، پر ان کي ڪجهه به نه چيو ويو. حقيقت ۾ ٽوپيون، اڳٺ، سڳيون ٺاهڻ سٺو هنر آهي ۽ ان سان گڏ قيدين لاءِ واندي ويهڻ کان ڪجهه بهتر آهي ته ڪجهه مشغولي هجي، ڇاڪاڻ ته واندو قيدي مختلف پريشانين ۽ سوچن ۾ گهيريل رهي ٿو. بهرحال، جيل انتظاميه ماحول کي بگاڙڻ جي پاڻ ذميوار آهي.
80-8-30
هڪ مهيني گذرڻ کان پوءِ ٿرڊ ڪلاس پلاسٽڪ جون پليٽون جيل انتظاميه موڪليون، جنهن تي سپريڊنٽ کي پليٽن سان گڏ چٺي لکي موڪليسون ته اهي پليٽون ”بي ڪلاس“ وارن جي معيار کان مٿي آهن، ان ڪري ڪنهن اعليٰ عملدار جي آمد وقت کاڌي کارائڻ جي وقت استعمال ڪندا ۽ پوءِ ڌوئي شوڪيس ۾ رکي ڇڏيندا، متان ٻاهر خراب ٿي وڃن.
شام جو شيرازي جيلر آيو، جنهن کي برداشتيءَ جي کوٽ ۽ وارڊ ۾ صفائيءَ لاءِ چيوسين. چانهه پي هليو ويو. قمر ڀٽيءَ سان گڏ آءٌ معمولي ڳالهه تي ناراض ٿي پيس، جنهن جو ڏک اٿم. ”بي ڪلاس“ جي قيدي اشرف پنهور، برداشتي عمر سمون، اختر ۽ مون گڏجي تاس راند کيڏي. اڄ جيل تي پهريون خط ڀائو راشد مورائيءَ جو پهتو. هن کان اڳ جيل انتظاميه خط نه ڏيندي هئي، ان ڪري سڀ خط عزيزم قربان علي شاهه جي معرفت ملندا هئا، جيڪي شنوائيءَ واري ڏينهن پڙهي واپس ڳوٺ موڪليندو هئس. هڪ نئون برداشتي ٽنڊي آدم جو خاصخيلي آيو آهي ۽ ليپا پارٽي به آئي، جنهن وارڊ جي صفائي ۽ ڇنڊڪار ڪيو. ڪتاب ”غبارِ خاطر“ پڙهي لائبريريءَ کي واپس ڪيم ۽ ان جي جاءِ تي ٻيو ڪتاب ”جادو ۽ سائنس“ لکيم، پر اُهو نه هئڻ ڪري مجبورًا حليم بروهيءَ جو مجموعو پڙهڻ لاءِ گهرايم. مجبور، ان ڪري جو حليم بروهيءَ جي ڪتاب پڙهڻ لاءِ...!!
80-9-1
شنوائيءَ تي ويس. اُتي نارا جيل کان غلام رسول لاشاري، امان الله شاهاڻي، جانِ مَن، نظام پنهور، مشتاق عباسي، علي محمد پنهور به شنوائيءَ تي آيل هئا. سندن ڪيس اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، جنهن ڪري سخت پريشان هئا. ڪچهري به مزي سان ڪونه ڪري سگهياسين. مون سان ملڻ لاءِ برادرم ارباب علي شاهه، ماسات حاجن شاهه، وڏيرو محمد عثمان سيٺار، مامون اسماعيل شاهه، مُلو الهندو ڪانُهه، الهڏنو لوهاچ، اسماعيل ڪَانُهه ۽ پيارا ساٿي عبدالحق ڪانڌڙو، حبيب الله ناريجو، علي احمد پنهور، لطف الله عباسي ۽ لال بخش چانڊيو آيا. جن سان ڪچهري ٿي. جيل تي پهچڻ کان پوءِ خبر پئي ته اڇي چڪر جي چوٿين نمبر بيرڪ جي قيدين جيل مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان کي ناڪام بنايو ويو آهي ۽ بيرڪ جي اوڻويهن قيدين کي بند وارڊ ڪري ڇڏيو اٿن. اسان جي وارڊ جو مقدم حڪيم شاهه پڻ چوٿين نمبر بيرڪ ۾ رهندو آهي. ان کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ڪوبه قيدي نه ڀڳو آهي ۽ نه وري اهڙي ڪوشش ڪئي اٿس. باقي چڪر جمعدار کي روزانو چانهه جو ڪوپ ۽ پاپا ملندا آهن. اڄ انهن ۾ دير ٿي وئي ته اُن اهو ڊرامو رچائي هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ چاهيا آهن. هڪ ته آئنده قيدي سٺي چانهه ۽ بسڪوٽ کارائيندا ۽ ٻئي طرف جيل انتظاميه وٽ سُرخرو ٿيڻ لاءِ ته برجستو عملدار آهي. حقيقت ۾ قيدين کي جيڪو کائڻ لاءِ ڀتو ملندو آهي، اهو اهڙو ته گندو ۽ بيڪار هوندو آهي، جنهن جي انتها ناهي. ان ڪري قيدي هنڊي پچائيندا آهن. جيئن ته انهن کي جيل جي قانون مطابق پلاسٽڪ جي ڊٻي ۾ گيهه ۽ تيل رکڻ جي اجازت آهي، ان ڪري دال کي تڙڪو ڏيڻ لاءِ ٻه قسم استعمال ٿيندا آهن. هڪ ته ٽين جي اڍائي سيري ڊٻي ۾ هڪ طرف چورس سوراخ ڪڍي ڪاٺين جا ننڍڙا ننڍڙا ٽڪر ان سوراخ ۾ وجهي باهه ڏئي ڀاڄي پچائيندا آهن ۽ ٻيو طريقو آهي ته پراڻي ڪپڙي جو سينهون ٺاهي، تيل مان ٻوڙي، اڍائي سيرن واري خالي ڊٻي ۾ اندر وجهي باهه ڏيندا آهن ۽ مٿان ڀاڄي رکي پچائيندا آهن. هتي جيل ۾ اڪثر ڪري پهريون طريقو استعمال ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي جيل جي ڀتين ۾ اڪثر ڪري ڪاٺين جا ننڍا ننڍا چورس ٽڪرا لڳل آهن، جيڪي قيدي ڪڍي ڀاڄي پچائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. اهڙي ريت قيدي اڄ به ڀتين مان ڪاٺين جا چورس ٽڪرا ڪڍي رهيا هئا ته انهن تي جيل مان ڀڄڻ جو الزام هڻي کين بند وارڊ ڪيو آهي ۽ اها ڪيڏي نه تعجب جي ڳالهه آهي ته اڇي چڪر جي ٻاهران وري هيڏو پربت جهڙو ڪوٽ سڄي جيل کي ڦريل آهي ۽ ڏينهن جو ٻارهين بجي قيدين جو ڀڄڻ، ڪيڏو نه عجيب آ من گهڙت قصو...!
80-9-2
خبر پئي ته صبحاڻي آءِ.جي جيلز اچي ٿو ته جيڪي قيدي ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، انهن جو معائنو ڪري. سپاهي ٻڌائيو ته سپرنٽنڊنٽ توهان جي وارڊ ۾ چڪر تي اچي ٿو ته توهان تيار ٿي بيهو. اسان پڇيس ته تيار ڪيئن ٿي بيهون؟ چيائين ته دروازي تائين اڳتي هلي بيهو، جيئن صاحب اچي ته ساڻس ملو. اسان کيس چيو ته صاحب به اسان جهڙو انسان آهي، وارڊ جي چڱي نموني سان خبر اٿس، پاڻهي اچي ملندو. پوءِ خبر پئي ته ڦاسي گهاٽ جي قيدين سان ملي واپس هليو ويو.
80-9-3
آءِ.جي جيلز آئيو. اسان جي بي ڪلاس وارڊ وارن قيدين ۽ ڦاسي گهاٽ وارن قيدين کان سواءِ سڄي جيل جا قيدي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيائون. صاحب قيدين اڳيان تقرير ڪندي چيو ته مان صدر پاڪستان جنرل ضياء الحق جي حڪم سان توهان وٽ آيو آهيان ته توهان چوري ڪرڻ، ڌاڙا هڻڻ، خون ڪرڻ ۽ ٻين بڇڙن ڪمن کان پاسو ڪيو. نمازون پڙهو، قرآن شريف پڙهو ۽ خدا جو خوف دلين ۾ پيدا ڪيو ته سڀ چڱائي ٿي ويندي. صاحب تقرير ڪري واپس وڃڻ لڳو ته قيدي کانئس سزا ۾ معافي لاءِ عرض ڪيو، ڇاڪاڻ ته آءِ.جي جيلز کي قانون مطابق اهو اختيار آهي ته سزا يافته پڪي قيديءَ کي ٻه مهينا (سٺ ڏينهن) معافي ڏئي سگهي ٿو، ليڪن صاحب معافي نه ڏني ۽ هليو ويو. بس پوءِ ته قيدين جي حالت رحم جوڳي هئي. اسان جي وارڊ ۾ جيڪي قيدي آيا، انهن پڇڻ تي ٻڌايو ته نمازون پڙهي پڙهي نرڙ گسي ويا آهن، سڄو ڏينهن قرآن شريف جو دور ڪيون ٿا، هر وقت الله پاڪ جي در تي دعائون پيا گهرون، چڱي ۽ بري جي اسان کي خبر آهي، باقي آءِ.جي صاحب اسان جي قبر ۾ ڪونه هلي سمهندو. ”سڀڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگبي.“ گهٽ ۾ گهٽ سزا ۾ معافي ته ڏئي ها. هن جي گهران ڇا ٿي ويو؟
80-9-4
جيل ۾ اچڻ کان پوءِ مٿي جي وارن تڪڙو تڪڙو الوداع ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. هڪ قيدي ڏس ڏنو ته لاڳيتو چار پنج دفعا مٿي کي پاڪي ڏيار ۽ کوپري جي تيل سان مالش ڪر ته وار ڇڻڻ بند ٿي ويندا.
80-9-5
قمر کي مون کان ڏک پهتل هو. کيس وڃي پرچايم. ڄام ساقي خط لکي گُڏي (شٽل ڪاڪ) ۾ ٻڌي اسان جي وارڊ ۾ اڇلايائين. بلڪل ان وقت وارڊ جو انچارج جمعدار اتان اچي لنگهيو ۽ گڏيءَ سوڌو خط کڻي ويو. خبر ناهي ته خط ۾ ڇا لکيل هو؟
80-9-6
سڄي ڏينهن ۾ اردو ڪتاب ”چٽاگانگ ڪي انقلابي“ پڙهيم ۽ پورو ڪيم.
80-9-7
مجيب، رسول بخش ۽ قمر حاضري تي ويا. موٽي اچي حال احوال ڏنائون. اسان جي وارڊ ۾ نواب شاهه جو غلام قادر جمالي ۽ شهدادپور جو مهاجر سيد ڪبير شاهه بدلي ٿي آيا، ڇاڪاڻ ته جنهن وارڊ ۾ رهندا هئا، ان ۾ پيپلز پارٽي جو اڳواڻ پي.ڪي شاهاڻي ٽي سال سزا وٺي آيو آهي، اهو رهندو. غلام قادر جمالي تمام پيارو ماڻهو آهي. اخلاق وارو ۽ يار ويس ڏسڻ ۾ اچي ٿو، باقي سياسي طرح سان ڪابه ڄاڻ ڪانه اٿس.
80-9-8
مرزا قليچ بيگ جو ترجمو ٿيل ڪتاب ”مقالات الحڪمت“ جو مطالعو ڪيم. ستار موريو کي خط لکيم.
80-9-9
غلام قادر جمالي آيو. تاس راند کيڏي سين. رسول بخش ٿيٻو ۽ شيخ مجيب ٿيلهي (Drip) هڻائي. سهول منشي آيو، جنهن ٻڌايو ته حبيب الله ناريجو ۽ ستار موريو ۽ ٻيو به هڪ همراهه گڏ اٿن. علي حيدر شاهه ۽ قمر ڀٽي جي ملاقات ڪرڻ آيا آهن. قمر ملاقات ڪري آيو، پر اسان جي پڇڻ تي حال احوال نه ٻڌايائين. شام جو قمر وارڊ جي ڏکڻ پاسي واري ڀت ٽپي ڄام ساقي سان ڪچهري ڪري موٽيو.
80-9-10
عبدالواحد آريسر صاحب ڄامشورو اسپتال مان ٻن مهينن رهڻ کان پوءِ به ساڳي بيماري واري ڪيفيت ۾ بدلي ٿي اچي جيل پهتو. حال احوال ڏنائين. ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ وَويڪانند جا لکيل هي لفظ منهنجي ذِهن ۾ چُڀڻ لڳا:
”اوهان کي عيش پسند ڏسي، منهنجي دل ۾ وڍ ٿا پون. وطن جي نماڻي مورت پنهنجي شاندار روايتن جي تصوير ڪڍي، اوهان جي اڳيان آئي آهي. نوجوان! ترسڻ جو وقت ڪونه آهي. هن اڏامندڙ زندگيءَ تي ڪهڙو ڀروسو؟ جنهن جو هڪ پل، جو هت گذري ٿو، سو ٻئي طرف ڪفن جي ڪپڙي ۾ ڌاڳو ٿو اُڻي. سستي ۾ اهڙي املهه زندگي آخر ڪيستائين گنوائينداسين؟ دل ۾ قوم ۽ وطن جي لاءِ ڪجهه جاءِ پيدا ڪر. خود غرضي ۽ نفسا نفسي کان پاڻ آجو ڪر، پوءِ ڏس ته ڪيئن نه فتح تنهنجي اڳيان مسڪرائيندي ٿي اچي!“
”هٺ ۽ وڏائي ڪڍي ڇڏ ۽ ڀائرن سان ڪلهي ڀائي ٿي ڪم ڪرڻ سک. صبر ۽ صداقت هر وطن خدمتگار لاءِ لازمي شيون آهن، پر افسوس جو اهي ٻين ملڪن ۾ ته موجود آهن، پر هڪ تون ئي آهين، جنهن وٽ ٻيو سڀ ڪجهه آهي، جيڪڏهن نه آهي ته فقط صبر ۽ صداقت!! وڌندو رهه! ۽ هر نيڪ ڪم ۾ بي داغ زندگي سان شامل ٿي ٻين لاءِ سهڻو مثال پيدا ڪر.“
”مان توکي خاطري ٿو ڏيان ته دنيا ۾ ڪابه طاقت ۽ خطرو ڪاميابيءَ تائين پهچڻ واري راهه ۾ توکي روڪڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو.“
اخبار ۾ پڙهيم ته سنڌ جو مشهور ڪلاسيڪل ڳائڻو استاد منظور علي خان موت جي اڳيان مات کائي ويو.
”ماڻهو سڀ مُئا وڃن، تون نه مُئين موت“
اُف يا خدا! هي ڇا ٿي ويو؟ دل باسي ئي نٿي. استاد منظور جي تصوير منهنجي سامهون بيٺي آهي. دل تي بوجهه ۽ دماغ تي غبار آهي. سوچيان ٿو ته هانءُ ڦاڙي رڙيون ڪيان ته بار هلڪو ٿئي، پر ائين نٿو ڪري سگهان. سندس يادگيرين واري هر محفل منهنجي ذهن تي تري آئي آهي. ڪيڏي مهل مهراڻ ڪاليج مورو ۾ فنڪشن، ڪڏهن سنڌ يونيورسٽي جا فنڪشن، ڪڏهن ڪراچي يونيورسٽي ۾ لطيف جا ڏينهن، ڪڏهن سنڌ جي مديني ”سن“ ۾ سنڌ جي پيغمبر جي.ايم سيد جي سالگرهه تي لطيف جون وايون، سچل جون ڪافيون ۽ مصري شاهه جون ڪافيون هينئر به سندس آواز منهنجي ڪنن ۾ ٻُري رهيو آهي. صرف ايترو چوندس ته سنڌي ڪلاسيڪي موسيقي جي هڪ باب جي پڄاڻي ٿي. اهو خال شايد ئي ڪير ڀري سگهي.
اسان سنڌين سان ظلم ته اهو آهي جو هڪ هيڏو وڏو سنڌيءَ جو فنڪار وفات ڪري وڃي ٿو ته ”جنگ اخبار“ تلاشِ گمشده جي بيان جيتري به اهميت ڏيئي نٿي سگهي.
پاڙيسري ملڪ ڀارت سان جيڪڏهن ڀيٽ ڪئي وڃي ته ملڪ جي وزيراعظم محترمه اندرا گانڌي جو نوجوان پٽ جهاز جي حادثي ۾ فوت ٿي وڃي ٿو ته هندستان جي ريڊيو ٻه منٽ خاموشي اختيار نه ڪئي. پر جڏهن هندستان جو مشهور ڳائڻو محمد رفيع گذاري وڃي ٿو ته اُتان جو ريڊيو ٻه منٽ خاموشي اختيار ڪري ٿو. مطلب ته هڪ حڪمران وزيراعظم جي پٽ سنجي گانڌيءَ جي موت کي ايڏي اهميت نه آهي، جيڏي هڪ فنڪار جي موت کي آهي. استاد منظور علي خان جي ياد ۾ هي شعر چوندس:
ٽمن نيڻ رت وهي، چئاڪا ڪيو،
مون کي ڏنءُ ڏيو، ائين ٿا وڃو اوٺيا.
(شاهه)
80-9-11
آريسر صاحب سان ڪافي وقت تائين ذاتي ۽ سياسي ڪچهري ٿي. هن عظيم انسان لاءِ مان صرف ايترو چوندس ته:
ويا اُڏامي ڪک، پڙ تان پَهَڻُ نه چُري.
باقي قمر ڀٽيءَ ۽ حبيب الله ناريجي جي اکين سان آريسر صاحب کي ڏسنداسين ته ٿيو مڙيوئي خير. باقي منهنجي نظرن سان اچي ڪير ڏسي ته:
تهڙا چاليها نه چاليهه، جهڙو پَسڻُ پرينءَ جو.
هن اسان جي زندگيءَ جو وهڪرو ازل کان ابد ڏانهن وهندو پيو وڃي. اسان کي گهرجي ته هن ڪائنات ۾ اهڙن پيارن ماڻهن، جيڪي حيرت ۾ وجهندڙ تخليقون ۽ جوڙ جڪ ڪن ٿا ۽ دانائيءَ کي ڳولهي لهن ٿا، جن جي ڳالهائڻ مان فطرت جي هر هڪ نظاري جو ڏيک ظاهر ٿئي ٿو، ڪائي ڪومايل دل ٽڙي پوي ٿي ۽ ڪوئي سنڌ ڌرتيءَ جو غلام فرد ان جي آواز تي لبيڪ چئي مقتل گاهه ڏانهن ڊوڙندو اچي ٿو.
الا! جُنگَ جيئن، جنين اَجهي گهاريان،
شال مَ سُڪي وِيئَرِي، جِئان پي پِيَنِ.
(شاهه)
80-9-12
عبدالواحد آريسر کان سچل سائينءَ جو رسالو ورتم ۽ سندس مطالعو شروع ڪيم. ڪافي وقت ڪچهري ٿي. آريسر ۽ مون هڪٻئي کي پنهنجي زندگيءَ جا نه وسرندڙ واقعا ٻڌايا. ماضيءَ جي جهروڪن ۾ جهاتي پائڻ کان پوءِ ڪجهه پيارن ماڻهن جون يادون ستائن ٿيون.
ڇَلي ڇَلي وال سُهڻي دي، ڄاڻ بشيهر ڪالي،
طرح ڪيهي اِهي دلبر مُنهن تي سخت بلائين پالي.
80-9-13
قمر ۽ آريسر صاحب جو پاڻ ۾ بحث ٿيو. قمر جي اندازِ گفتگو تان مون کي ڏاڍو ڏک پيو ٿئي، پر هُو ٿري ۽ هُنَ جو تاب تکو. مان خاموش رهيس. قمر جي هر ڳالهه جو جواب مسڪرائيندي ڏيندو رهيو. اڄ آريسر صاحب پنهنجي ماضيءَ جا ڪيترا ئي واقعا ٻڌايا، جنهن ۾ جي.ايم سيد سان ملهايل شام جو ذڪر ۽ ان ڏينهن تي شاهه محمد شاهه، مدد علي سنڌي، عمر شورو، اسماعيل وساڻ ۽ هڪ نوجوان ڇوڪري جو ڏاڍو مزيدار قصو ٻڌايو.
ڊاڪٽر نور عباسي، ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر ڳوڀُ چڪر تي آيا. اسان کين چيو ته ٽن برداشتين جي نالي چانور ڪَٽِي اٽو لکي ڏيو، ڇاڪاڻ ته برداشتي به اسان سان گڏ ماني کائيندا آهن. اڄ صمد ڪانڌڙي جو ”بي ڪلاس“ ٿي ويو. سامان کڻي اسان جي وارڊ ۾ پهچي ويو. پنهنجي پياري ساٿي شبير لاکو کي آمريڪا خط لکيم.
80-9-14
اڄ عام قيدين واري پوليس گاڏيءَ ۾ شنوائيءَ تي وٺي نه ويا. صبح جو ڏهين بجي ڌاري پوليس جو پورو گهاٽ صوبيدار جي اڳواڻيءَ ۾ اسپيشل گاڏيءَ ۾ وٺي ويا. ڪورٽ تي پيارا ساٿي قادر بخش عباسي، اختيار علي لغاري ۽ علي گوهر ٻگهيو آيا، جن سان ڪچهري ٿي. آريسر صاحب ۽ مون پاڻ ۾ ڪافي خيالن جي ڏي وٺُ ڪئي.
80-9-15
صبح جو سڀني گڏجي تاس راند کيڏي. بعد ۾ مون ۽ صمد ڪانڌڙي ڪيرم بورڊ راند کيڏي. شام جو سڀني گڏجي وَنجَهه وَٽي راند کيڏي. ڄام ساقي وارڊ واري وچين ڀت تي چڙهي بيٺو ۽ اتان بيٺي بيٺي مختصر ڪچهري ٿي.
80-9-16
رسول بخش ٿيٻو، شيخ مجيب ۽ مون گڏجي ڏينهن جو تقريبًا گهڻو حصو آريسر صاحب سان ڪچهريءَ ۾ گذاريو. ڪافي ڪجهه زندگيءَ جا مشاهدات ۽ تجربات ٻڌايائين، جيڪي تمام سٺا ۽ نصيحت آميز هئا.
80-9-17
آريسر صاحب سندس ڳوٺ جي ٻن شخصيتن عليم فقير ۽ سليمان فقير تي سندس لکيل تاثرات ۽ فقيرن جي زندگيءَ جو احوال پڙهڻ لاءِ ڏنو. ڏاڍو لطف آيو. هڪ ته فقيرن جون پنهنجون رمز ڀريون ڳالهيون ۽ وري آريسر صاحب جهڙي ليکڪ جو قلم. تنهن ته صفا مست ڪري ڇڏيو. عليم فقير جو هڪ شعر هي آهي ته:
هلي قُبي ۾، اک جُبي ۾،
هٿ ببي ۾، پُٽ چنبي ۾.
’کــڻــيـو کــلــنــدي آءُ‘،
اهي آهن مرشدن جا ٺاهه.
عليم فقير جي خيال ۾ مُلو ۽ پير انسانيت لاءِ تباهه ڪُن آهن. چوي ٿو:
مُلن ۽ پيرن پاڻ ۾ ڪئي صلاح
اوهان وجهو خرابا ختمن ۾ اسان سڏايون الله
*
اڌ خلق الله جي، مُلن منجهائي،
جيڪا راهه رسول جي، سُڃن لڪائي،
قرآن پڙهندا وڏي سڏ، ڪافيءَ جي ڳائي،
مولو ڏيندن ڦاهي، مهندا ڏينهن محشر جي.
80-9-18
صبح جو سڀڪو پنهنجي کولين ۾ مطالعي ۾ مشغول رهيو ۽ شام جو گڏجي ٻاهر ميدان تي اچي ويٺاسين ۽ هڪٻئي کي لطيفا ٻڌائڻ ويٺاسين. قمر ڀٽيءَ لطيفو ٻڌايو ته سندس ڳوٺ باڊهه شهر ۾ ٻن بروهين شرط هنئي ته جيڪو به جيئرو گدڙ پڪڙي ايندو، ان کي پنج سؤ روپيه انعام ڏنو ويندو. هڪ ڇا ڪيو ته ڍنڍ جي ڪناري تي سُمهي مٿان سارين جو پلال وجهي، پلال جي مٿان مئل مڇي رکي سمهي پيو. پهريائين ته ڇرڪيو، پر پوءِ پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ بروهيءَ جي پير ۾ چڪ هنيائين. بروهيءَ کي ايذاءُ ته ڏاڍو آيو، پر خاموش رهيو. گدڙ اڃا به پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ هن جي ناسُنِ ۾ ناسون وجهي سنگهيائين. جڏهن هن کي يقين ٿي ويو ته هيءُ مُردو آهي ته پوءِ بروهيءَ جي سيني مٿان چڙهي بيٺو ۽ ڇاتيءَ تي ڊُهي کوڙي اُوناڙ ڪرڻ لڳو. بروهيءَ جهڙپ ڏئي کڻي ڳچيءَ مان ورتس ته گدڙ جو هانءُ ڦاٽي پيو ۽ مري ويو. جڏهن گدڙ جو لاش کڻي ڳوٺ پهتو ته شرط واري ٻئي بروهيءَ چيس ته هيءُ گدڙ ته مئل آهي. ان تي کيس چيائين ته جيئن مون ڇاهَر ڪئي هئي، اهڙي ريت گدڙ به مِکُر ڪيو آهي. ٻيو لطيفو صمد ڪانڌڙي ٻڌايو ته هڪ ميمڻ جو مکڻ روزانو ڪانءُ کائي ويندو هو. اُن کي سزا ڏيڻ لاءِ ميمڻ مکڻ جو آنو وات ۾ وجهي سُمهي پيو ۽ ڪانءُ به ڊُڪندو اچي وات مان چهنب وجهي مکڻ کائڻ لڳو ته ميمڻ کڻي وات بند ڪيو. ڪانءَ سياڻپ ڪئي ته هن جو واتُ کولرائجي. کيس چيائين ته ڪهڙي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو اٿئي؟ ميمڻ به سياڻو هو، تنهن ڏندن ۾ منڍي زور سان جهلي صرف چپن سان ڪانءَ کي چيائين ته مان به ميمڻ آهيان. ڏندن تي زور ڏيڻ جي ڪري ڪانوَ جي منڍي ڪپجي وئي ۽ ميمڻ جي جان ڇُٽي پئي. ڏاڍو کلياسين. مجيب ۽ آريسر به لطيفا ٻڌايا.
80-9-19
ڪلاڪ کن مطالعو ڪيم، باقي سڄو ڏينهن تاس ۽ ڪيرم بورڊ راند کيڏندي گذاريم.
80-9-20
رسول بخش، شيخ مجيب ۽ قمر شنوائيءَ تي ويا. مون ڪتاب ”سنڌ جي درٻار“ جو مطالعو ڪيو.
80-9-22
ڪتاب ”سنڌ جا مير“ پڙهيم ماضيء جو چڱو مواد اٿس. آريسر صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي مون واري شعبي ”بين الاقوامي تعلقات“ بابت ۽ استادن بابت پڇيو. مون کيس ٻڌايو ته مُنهنجا استاد محترم عبدالله ڦلپوٽو، عبدالحڪيم لاکو، مهتاب چنه، عبدالخالق چاچڙ، پرويز مرزا، مهتاب شاهه آهن. شعبي جي چيئرمين ميڊم مهتاب چنه آهي. ڪجهه وقت لاءِ ذهن وري ماضي جي يادن ۾ گم ٿي ويو. استادن جا ليڪچر، پنهنجي ڪلاس فيلو مؤنس اياز، مختيار چنو، علي گوهر ٻگهيو، سبحان ميمڻ، مختيار ميمڻ، علي ڏنو شاهه، نادر شاهه سان ڪيل ڪچهريون ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ساٿين سان آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ اُڀ ڏاريندڙ ٽهڪ، فيڪلٽيءَ جي ڪينٽن ۾ ميرجت جا سموسا، مٿي ورانڊي ۾ ڀتين تي ويٺل راجڪماريون، هٿن ۾ سيون اپ ۽ ببل اپ جون بوتلون ۽ هيٺ پارڪ ۾ ويٺل جوڙا هڪٻئي کي ڪِتڪِتايون رڙيون، ڪُوڪون ۽ ڇرڪ ۽ ڄام شورو جون شام واريون هوائون هينئر به جبل جي اوچين ديوارن پٺيان ساهه سان سانڍيو ويٺو آهيان.
صمند ڪانڌڙو کي هلڪو بخار ٿي پيو آهي. سپاهي کي چيم ته ڊاڪٽر يا ڪمپائونڊر کي وٺي اچ. پر نه ڊاڪٽر نه ڪمپائونڊر، صرف اي.پي.سي جون گوريون سپاهي کڻي آيو. ڪيڏي نه عجب جهڙي ڳالهه آهي ته مرضي جي خبر ئي ڪانهي ته ڪهڙي بيماري آهي ۽ گوريون ڌڪي تي موڪلي ڏنيون اٿس.
80-9-23
آريسر صاحب، خليفي نبي بخش لغاري جي رسالي مان شعر پڙهي ٻڌائيا ۽ انهن جي معنيٰ سمجهايائين. اخبار ۾ پڙهيم ته عراق ۽ ايران جي سخت جنگ لڳي پئي آهي. حقيقت ۾ ايراني قوم ڌوڙ مان ته جان ڇڏائي پر وري عراق ساهه ئي ڪونه کڻڻ ڏنس ۽ جنگ مسلط ڪيائينس. ڏسون ته آيت الله خميني ڪيئن ٿو جنگ کڻي. منهنجو اندازو آهي ته عرب قومپرستي ڪري عراق جي صدام حسين جي مدد ڪندا ۽ ايران کي آخر ٺاهه لاءِ هٿ وڌائڻو پوندو.
80-9-24
آريسر صاحب کي سندس هڪ دوست طرفان ڪتاب ”سيرت رسول“ مولانا سليمان ندويءَ جو لکيل اردو مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي. آريسر صاحب جي دوست جو خيال آهي ته ڪتاب سنڌيءَ ۾ ڇپرائبو ته اسلام – اسلام لڳو پيو آهي، ڪجهه چار ڪوڏيون ملي وينديون. آريسر صاحب صرف هن جي حال تي رحم کائي ڪتاب جو ترجمو شروع ڪيو.
80-9-26
صبح جو لاکيڻي لطيف جي رسالي جو دور ڪيم. آريسر ۽ مون استاد منظور علي خان تي مقالو لکڻ ۾ سڄو ڏينهن گذاريو.
80-10-11
اڄ شنوائي تي شيخ مجيب، رسول بخش ٿيٻو ۽ مان گڏجي وياسين. ڪاراٽين وارڊ مان رحمت الله هيسباڻي، عنايت هيسباڻي ۽ سليم جهانگير گڏجي هليا. اتي فتح علي شاهه، فرمان علي شاهه، سٺ ميل کان ذوالفقار مري، محمد صالح راهپوٽو، بشير شاهاڻي، قادر بخش عباسي، برڪت علي حيدري، دستي عبدالحق ڪانڌڙو، محمد قاسم لغاري، محترم علڻ خان ٿيٻو، وڏيرو بوبڪ خان ٿيٻو، نور احمد پنهور، شيخ حبيب الرحمٰن ملاقات لاءِ آيا. ڏاڍي ڪچهري ٿي. فرمان علي شاهه ٻڌايو ته قربان علي شاهه کي ڇوڪرڙو ڄائو آهي، توهان ڏي مٺائي موڪلي اٿس. مون کي 10-27 جي تاريخ ۽ رسول بخش، مجيب کي 10-25 تاريخ ملي.
80-10-12
قمر ڀٽي ٻڌايو ته ڄام ساقي بک هڙتال ڪئي آهي، ان ڪري چيو اٿس ته مون کي رات جي ماني ڏيندا ڪريو. اسان پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ڄام ساقي جي حمايت ۾ اسان به بک هڙتال ڪريون، پر دوستن جو اڪثريتي فيصلو ٿيو ته جيڪو ماڻهو پاڻ بک هڙتال جي اصولن جي خلاف ورزي ٿو ڪري، ان کي اسان جي بک هڙتال جو ڪهڙو قدر ٿيندو؟ رات جي ماني ڏني سون، جيڪا پاڻ ڀت وٽان چڙهي ورتائين.
80-10-13
رسول بخش، قمر ڀٽي کي چيو ته تون روزانه ڀت ٽپي وڃي ڄام ساقي سان ڪچهري ٿو ڪرين، ان جو اثر اسان سڀني وارڊن وارن ۽ ڄام ساقي تي به پوندو. ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته ڄام کي ان وارڊ مان ڪڍي ٻئي پاسي وڃي رکن، يا اسان کي ٻئي وارڊ ۾ رکن ته اها ٿوري گهڻي جيڪا ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪريون ٿا، اها به نه ڪري سگهنداسون. صمد ڪانڌڙي روزانه ڄام ساقي ڏي ڀت ٽپڻ ڪري قمر ڀٽيءَ جو نالو ”ڪميونسٽ ٻڪر“ رکيو.
آل انڊيا جي ريڊيو تان سنڌي پروگرام ۾ ”سندري اتم چنداڻي“ ڪهاڻي ”سنڌي ٿي ويا داڻو داڻو“ پڙهي ٻڌائي. سندس ڪهاڻي ٻڌي مان اٿي بيٺس ۽ جيل ۾ هڪ سنڌي غلام قيديءَ جي حيثيت سان اوڀر ڏانهن منهن ڪري سندس عزم، حوصلي ۽ محبت کي سلام ڪيم. ڪيڏا نه پيارا انسان آهن، جيڪي بقول لطيف سائين جي:
سُڃو جي ساڻيهه، ته به ونيهان ئي وترو،
گهوريو سو پرڏيهه، توڻي ڦُلن ڇانئيو.
80-10-14
اخبار ۾ پڙهيوسون ته مفتي محمود گذاري ويو. ڊاڪٽر نور عباسي آيو، جنهن آريسر صاحب جي پيشاب جي رپورٽ ڏني ۽ چيو ته ڪجهه به نه آهي.
80-10-15
ڦاسي گهاٽ مان چانڊيو مقدم ٽن سزائي موت وارن جون لکيل ڪهاڻيون مون کي ڏئي ويو.
80-10-16
صمد ڪانڌڙو، رسول بخش، مجيب ۽ مان، عبدالواحد آريسر سان مختلف مسئلن تي بحث ڪيو ۽ چريا وارڊ ۾ هڪ قيدي صحيح علاج نه ملڻ ڪري وفات ڪري ويو.
80-10-19
صمد ڪانڌڙي چيو ته جيڪڏهن اڄ عيد جي ڪري ڇڏيائين ته مان رڪشا ڪري پنهنجي ڳوٺ دڙو ويندس. ان تان سڀ دوست ڏاڍا کليا. صمد ڪانڌڙي چيو ته اسان جي وارڊ ۾ هڪڙو دوست جنهن مهل هيٺان هوا خارج ڪندو آهي ته اها سندس نشاني آهي ته انهيءَ مهل ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريندو آهي ۽ اسان سڀني صرف قمر ڀٽيءَ ڏانهن نهاريو.
80-10-20
اڄ ذوالحج جي عيد آهي، ان ڪري نيرن ڪري ڪاراٽين ۾ عيد نماز پڙهڻ وياسين. نماز اسان کان اڳ پڙهي ڇڏيائون. دوست مليا ۽ نماز جي حوالي سان ڏاڍي ڪچهري ٿي. ڪچهريءَ ۾ علي حيدر شاهه، قادر بخش جتوئي، فاضل راهُو، ڄام ساقي، نعيم الغني، ساغر سميجو، رحمت الله هيسباڻي، عنايت هيسباڻي، پيارو اقبال نظاماڻي، نذر مينيجر، محمد حسين ڌنجي، سميع مڱريون، شميم واسطي، ابوبڪر زرداري، قمر راڄپر، متارو ڏاهري، ظفر راڄپر ۽ ٻيا ڪافي دوست هئا. منجهند جي ماني سڀني گڏجي کاڌي. ماني کائڻ کان پوءِ ڪجهه دوستن راڳ ڳايو، جنهن ۾ ساغر سميجو، رحمت الله هيسباڻي، متارو ڏاهري ۽ آخر ۾ ڄام ساقيءَ محمد رفيع جو ڳايل هڪ ڪلام ان جي ئي طرز ۾ ٻڌايو. مون کيس چيو ته جيڪڏهن محمد رفيع هن محفل ۾ هجي ها، ته سڄو باجو تنهنجي مٿي تي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏي ها. سڀني دوستن ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. اسان سڄي سنگت کي شام جو چانهه پارٽيءَ جي دعوت ڏئي پنهنجي وارڊ ۾ موٽي آياسين. اڇي چڪر مان خدا بخش جيسر ۽ دوست محمد ڪلهوڙي کي گهرائي منجهند جي ماني کارايم ۽ ڪچهري ڪئي سون. دوسو ڪلهوڙي چيو ته ارڙهين تاريخ تي سائين محمد شاهه ۽ فرمان علي شاهه ملاقات تي آيا هئا ۽ مون کي ٻڌايو هئائون ته علي محمد شاهه جي والد جي طبيعت تمام نازڪ آهي، پر مون کي منع ڪئي هئائون ته کيس نه ٻڌائجانءِ. خبر ناهي ته ڪيتري قدر ڳالهه سچي آهي. ڀلا مان هتي جيل ۾ ڇا ٿو ڪري سگهان؟ زندگي هوندس ته وڃي پيرين پوندو سانس.
80-10-21
ناشتي تي ويٺا هئاسون ته فاضل راهو، قمر راڄپر آيا ۽ ان کان پوءِ سڀ دوست آيا ۽ منجهند جي ماني اسان کين کارائي. سڄو ڏينهن مختلف وارڊن ۾ چڪر هنياسون. ”اي ڪلاس وارڊ“، ”ڪاراٽين وارڊ ۽ ”اسپيشل وارڊ“. ڪالهه عيد جي ڏينهن ۽ اڄ به سلامون عرف ڇانگا بدمعاش جو وارڊ بند رهيو. کيس عيد جي نماز به پڙهڻ نه ڏنائون. ڪچهري دوران عبدالواحد آريسر خليفي نبي بخش جو هڪ شعر پڙهي ٻڌايو ته ڄام ساقي کيس چيو ته اهو ڪنهن جو بيت آهي؟ آريسر کيس چيو ته خليفي جو آهي. ڄام چيو ته خليفو ڪٿان جو رهاڪو آهي؟ ۽ شعر ته چڱو ٿو لڳي. ان تي ئي کيس صمد ڪانڌڙي چيو ته توهان رڳو لينن ۽ مائوزيتنگ جا ڪتاب پڙهندا، باقي خليفي جي توهان کي ڪهڙي خبر؟ ان ڪري بهتر آهي ته توهان ان بابت معلومات حاصل نه ڪئي.
80-10-24
سڄو ڏينهن تاس راند ۽ ڪيرم بورڊ کيڏندي گذري ويو. آريسر صاحب جا سگريٽ ختم ٿي ويا آهن، ان ڪري سخت پريشان آهي، ڪوشش ڪئي سون، پر ڪٿان به ملي نه سگهيا.
80-10-25
رسول بخش، مجيب ۽ قمر ڀٽي حاضريءَ تي ويا. صمد ڪانڌڙي جي اڄ پهريون دفعو جيل تي ملاقات ٿي. گذريل نون مهينن ۾ هي پهريون دفعو آهي جو پنهنجي ڪنهن مائٽ سان ملاقات ٿي اٿس. جيل انتظاميه چيو ته اڄ کان نائين بجي رات جو بند ٿيو ۽ اسان بند ٿياسون.
80-10-26
سپريڊنٽ نور الاهي، ڊپٽي نواز حسين بخش، نور عباسي، آغا جيلر، قريشي جيلر، شيرازي جيلر، حيدر زمان جيلر ۽ صوبيدار وارڊ جو چڪر هڻڻ آيا. اسان کيس شڪايت ڪئي ته ڪرسيون ڀڳيون پيون آهن، ٺهرائي نٿا ڏين ۽ ٿانوَ به نٿا ملن. ڪرسيون، چيائين ته ٺهرائي ٿو ڏيان، باقي پليٽون ان وقت ئي موڪليائين.
امير حسين ملباري بورچيءَ کان پڇيائين ته سزا گهڻي اٿئي؟ ورندي ڏنائينس ته ”صاحب (صاحب!) مين باورچي هون.“
80-10-27
شنوائي تي ويس. مون سان ڊيوٽي تي هڪ سيد سپاهي دادوءَ جو هو. مون کان پڇيائين ته تون ڪير آهين؟ مون کيس چيو ته سيد آهيان. هڪدم چيائين ته: ”بابل سائين! ڀنگ جو چڪڙو پيئو ته گهرائي وٺون.“ مون ساڻس معذرت ڪئي. ان تي کِلي چيائين: ”سيد آهين ۽ ڀنگ نٿو پيئين، عجب جهڙي ڳالهه آهي.“
ملاقات تي برادرم ارباب علي شاهه، ماسات حاجن شاهه، عزيزم قربان علي شاهه، فرمان علي شاهه، پورڻ مان نصر الله کوکر، قادر بخش عباسي ۽ سٺ ميل تان ذوالفقار مري آيا. ڏاڍي ڪچهري ٿي.
80-10-28
سڄو ڏينهن ڪتابن پڙهڻ ۾ مشغول رهيس. رات کان سخت برسات پئجي رهي آهي. برسات سان گڏ ڳڙا به وسن پيا.
80-10-29
عبدالواحد آريسر صاحب کي مارشل لا ڪورٽ جي طرفان چارج شيٽ ملي آهي، جنهن ۾ مٿس الزام آهي ته: ”توهان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شهيد شيخ مجيب الرحمٰن جي ورسي ملهائي آهي ۽ ان ۾ توهان صدارتي تقرير ۾ چيو آهي ته جهڙيءَ ريت شيخ مجيب الرحمٰن بنگله ديش آزاد ڪرايو آهي، اهڙيءَ ريت اسان به سنڌ کي آزاد ڪرائينداسون ۽ توهان فوجين تي لعنتون وڌيون آهن.“ صمد ڪانڌڙي جي چارج شيٽ ۾ لکيل آهي ته: ”توهان انٽرنيشنل هاسٽل سنڌ يونيورسٽي جا ڪمرا زبردستي ڀڳا آهن.“ بهرحال، آريسر صاحب ۽ صمد ڪانڌڙو ٻئي ذهني طرح سان سزا لاءِ مطمئن آهن، ڇاڪاڻ ته کين يقين آهي ته سزا ضرور لڳندي.
هڪ قيدي نالي آفتاب پنجابي، بي ڪلاس ٿيڻ ڪري اسان جي وارڊ ۾ بدلي ٿي آيو آهي. کيس چرس اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪيس ۾ ٻارهن مهينا سزا ۽ ڏيڍ ڪروڙ روپيا ڏنڊ لڳو آهي.
80-11-1
اڄ عبدالواحد آريسر صاحب کي سمري ملٽري ڪورٽ ۾ وٺي ويا، پر فريادي ۽ شاهدن جي نه اچڻ ڪري ٽين تاريخ جي شنوائي ملي. ڪبير شاهه ٻڌايو ته مارشل لا وارن جي طرفان فون تي پڇا ڪئي وئي آهي ته آريسر کي جيل ۾ گهڻو وقت ٿيو آهي؟ خبر ناهي ته ڇو پڇيو اٿن.
80-11-2
عبدالصمد ڪانڌڙو شنوائي تي ويو، پر ان کي به 11-6 جي تاريخ ڏئي واپس ڪيائون. زڪام ۽ بخار جي ڪري طبيعت ۾ بيقراري آهي. بدين ٿاڻي جو سڄو عملو گرفتار ٿي آيو آهي.
80-11-3
عبدالواحد آريسر شنوائي تي ويو. مٿس فريادي راهو صوبيدار ۽ پوليس جي سپاهين شاهدي ڏني. وري تاريخ پنج، يارنهن مليس.
80-11-4
بدين ٿاڻي جي سڄي عملي جي گرفتار ٿي اچڻ ڪري ڊي.آءِ.جي پوليس، ايس.پي ۽ ڊپٽي ڪمشنر جيل تي آيا. خبر نه ٿي پئي ته معاملو ڇا آهي؟ اخبار وغيره ۾ به ڪونه آيو آهي ته ڪهڙي ڏوهه ۾ گرفتار ٿي آيا آهن؟
80-11-5
آريسر صاحب شنوائي تي ويو. کيس هڪ سال سخت پورهئي سان قيد ۽ ڏهه ڪوڙا هڻڻ جي سزا ٻڌائي وئي. واپس موٽي آيو. ڪابه پريشاني يا اهڙا تاثرات بلڪل نه هئس. منهنجي پڇڻ ته ٻڌايائين ته ڏهه هزار روپيه ڏنڊ به وڌو هئائون، پر جڏهن ميجر مون کان ملڪيت جي پڇا ڪئي ته مون کيس ٻڌايو ته مون وٽ ڪابه ملڪيت يا جائداد وغيره ڪانهي. بعد ۾ ڏنڊ جا ڏهه هزار روپيه ڪٽي ڇڏيائون.
اڄ ائين اُڏندي خبر پئي ته بدين ٿاڻي جي عملي، پئسا وٺي ڪنهن ڳوٺ ۾ قتل جي ملزمن کي ڇڏي ڏنائون ۽ ڪيس کي رڪارڊ تان گم ڪري ڇڏيائون. ان ڪيس ۾ آيا آهن. وري به سچي خبر نه پئجي سگهي آهي.
80-11-6
عبدالواحد آريسر کي ڊسٽرڪٽ نارا جيل تي بدلي ڪري ڇڏيائون. ڏک ڏاڍو آهي، پر ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ جيل وارا ٻيو ته ٺهيو پر اسان چئن کي گڏ ڏسڻ به پسند ڪونه ٿا ڪن. سڄو ڏينهن من اُداس رهيو آهي. ڀائو راشد جو خط ۽ مٺل حيدريءَ جا ٻه خط آيا.
80-11-7
سچل سرمست جو رسالو پڙهيم.
80-11-8
اڄ غلام قادر جمالي ۽ اشرف پنهور جي پاڻ ۾ ملباري بورچيءَ تان تلخ ڪلامي ٿي پئي. اسان سڀني ڪوشش ڪئي ته ٺاهه ڪرائجي، پر اشرف اسان جو چوڻ نه ورتو. جماليءَ ڊپٽيءَ وٽ شڪايت ڪئي، جنهن اشرف کي بند وارڊ ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو، ته هڪدم اشرف، جماليءَ کان پيرين پئي معافي ورتي.
80-11-9
رسول بخش، شيخ مجيب ۽ قمر حاضريءَ تي ويا. وري کين 11-20 تي شنوائي ملي آهي. سڀني دوستن چيو ته قمر ڀٽي ميس چڱي نموني سان نٿو هلائي، ان ڪري تون هلائيندو ڪر. محرم مهيني جو چنڊ ڏٺو. پندرهين صديءَ جي شروعات ٿي وئي آهي.
80-11-10
شنوائي تي ويس. اُتي مورو مان ذوالفقار علي شاهه ۽ شبير علي شاهه، پيارا ساٿي قادر بخش عباسي، اختيار علي لغاري، محمد بچل لغاري، صاحب خان لانگاهه، عمر الدين زرداري ۽ دوڙ کان ٻه پيارا دوست رحم علي خان مدد ۽ ڏاڏو جُواڻ خان مري ملاقات تي آيا. وري به تاريخ 11-23 ملي.
80-11-11
اڄ جيل واري سڄي عرصي ۾ پهريون دفعو جيل تي ملاقات ٿي. رجب علي سيٺار ۽ محمد مٺل سيٺار ۽ سندن هڪ مڱڻهار دوست ملاقات ڪرڻ آيا.
80-11-14
قمر ڀٽي ”اي ڪلاس“ وارڊ ۽ ڪارا ٽين ”بي ڪلاس“ ۾ ويو. اسان کان پڇيائين به ڪونه ته مان وڃان ٿو. فاضل راهو اسان کي نيرن جي ماني موڪلي ۽ چورائي موڪليائين ته مان توهان کي گهرايان، پر شايد موڪل نه ملي سگهيس. سپريڊنٽ قمر ڀٽيءَ کي گهرائي چيو ته توهان ڪارا ٽين ”بي ڪلاس“ ۾ بدلي ٿي ڪري وڃي رهو. قمر موٽي اچي اسان کان پڇيو... اسان کيس چيو هتي ٺيڪ آهيون. ٻئي وارڊ ۾ بدلي ٿي ڪونه وينداسين.
80-11-16
بلڪل صبح جو جيئن ٽوٽل کليو، ”اي ڪلاس“ وارڊ جا ڇهه قيدي محمد حسين ڌنجي، نذر، ماستر حنيف، مهر ڪاڇيلوي، چرس اسمگلنگ ڪيس ۾ ڪئناڊا جو هيمي ۽ سجاد هن وارڊ ۾ بدلي ٿي آيا. ماستر حنيف جي به ويڙهائو پاليسيءَ جي ڪري اسان ٻين سڀني وارڊ جي قيدين کي ٻڌايو ته هن سان اسان جو ڪوبه لاڳاپو ڪونه آهي ۽ نه ئي رکڻ چاهيون ٿا، ان ڪري جيڪڏهن توهان اسان سان ماني وغيره گڏ کائڻ چاهيو ٿا ته ڀلي کائو ۽ ان تي سڀني گڏجي چيو ته ماستر کي اسان گهڻو سڃاڻون ٿا ۽ اسان جو به ساڻس ڪو واسطو ڪونه آهي. اسان سڀني ماني گڏجي کاڌي. رات جي ماني وقت ڪئناڊا جي هيميءَ چانورن ۾ دال گڏائي ڪڻڪ جي مانيءَ مان گرهه ڀڃي، چانور ۽ دال ان مٿان رکي کائيندو پيو وڃي. محمد حسين ڌنجيءَ سان ڪافي ڪچهري ٿي، جنهن ۾ ماضيءَ جا ڪجهه سياسي تجربا ٻڌايائين.
80-11-19
اڄ محرم شريف جي ڏهين تاريخ آهي. اڄوڪي ڏينهن تي حق جي راهه ۾ ۽ ظلم خلاف شهيد ٿيندڙ انسانيت جي علمبردار حضرت امام حسين جي شهادت جو ڏينهن آهي. حيدرآباد شهر جي لائوڊ اسپيڪرن جا آواز اسان جي کولين ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا پيا ۽ مون کي اڄ به ساڳيو يزيد ڏسڻ ۾ پيو اچي ۽ ساڳيو ئي سنڌي قوم غلام ڏسڻ ۾ پئي اچي. اُهي ئي حُر جهڙا انسان به ڏسڻ ۾ اچن ٿا ته وري عمر بن سعد به موجود آهن. شل ڌڻي تعاليٰ سنڌي ماڻهن کي سگهه ڏئي، جيڪي انهن شهيدن جي نقشِ قدم تي هلي سنڌ جي ڳچيءَ مان غلاميءَ جو ڳَٽُ لاهين.
80-11-20
رسول بخش، مجيب ۽ قمر حاضريءَ تي ويا. وري 12-4 جي تاريخ وٺي آيا. غلام قادر جماليءَ کي اڄ آزاد ٿيڻو هو ۽ جيل انتظاميه به کيس اڄ لاءِ چيو هو، ليڪن آءِ.جي جيلز جو هيڊ ڪوارٽر آفيس ۾ نه هئڻ ڪري آزاد ٿي نه سگهيو. جماليءَ پنهنجو سامان به برداشتين ۾ ورهائي ڇڏيو هو. اسان سڀني کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته جيل انتظاميه هن کي اڄ آزاد ٿيڻ جي تاريخ ٻڌائي هروڀرو ذهني پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪيو آهي.
80-11-21
اسان جي وارڊ جي برداشتي عمر سمي ۽ ٻين برداشتين مون کي ٻڌايو ته برداشتي خدا بخش شاهاڻي (جوهي ٽنڊو رحيم خان) پٺيءَ تي هٿ نٿو رکڻ ڏئي ۽ چڙي ٿو پوي. مون کانئس ان جو سبب پڇيو ته ٻڌايائين ته مرد پٺيءَ تي هٿ نه سهندو، باقي ڀاڙيو ماڻهو پُٺيءَ تي سڀ ڪجهه ڪبس ته پيو سهندو.
80-11-22
جمع پنهور (ٺارو شاهه) ۽ خدا بخش شاهاڻي ٻئي مون وٽ گڏجي ڪمري ۾ آيا ۽ شاهاڻيءَ دانهن ڏني ته مون کي پٺيءَ تي هٿ ٿا هڻن. مان پاڻ کي ماري وجهندس يا انهن کي ماري وجهندس. کيس سمجهايم ته تو سان ڀوڳ ٿا ڪن، پٺيءَ تي هٿ رکڻ سان ماڻهو ڀاڙيو ڪونه ٿو ٿئي. ڀاڪر پائڻ مهل به ٻئي هٿ وڃي پٺن سان لڳندا آهن. مس مس وڃي ٿڌو ٿيو.
80-11-23
مان ۽ صمد ڪانڌڙو شنوائي تي وياسين. اتي سرور شاهه، بابا سائين، برادرم ارباب علي شاهه، دوڙ مان ڏاڏو جواڻ خان مري، ذوالفقار علي مري، عزيزم قربان علي شاهه، فرمان علي شاهه، علي گوهر ٻگهيو، قادر بخش عباسي، برڪت علي حيدري ملاقات ڪرڻ آيا. بابا سائينءَ جي صحت بلڪل ڪمزور ٿي وئي آهي. هڪ بيماري ۽ ٻيو وري غربت! دوا به مڪمل ٿي نه ٿي سگهيس. ڪچهريءَ ۾ مون کي چيائين ته معافي نامون لکي نه ڏجانءِ، اهو مڙسن لاءِ عيب آهي. جڏهن به آزاد ٿيڻو هوندو ته ٿي ويندين... وڌيڪ چيائين ته خبر ناهي ته هاڻي پنهنجي جيئري ملاقات ٿئي الائجي نه. منهنجا پير هينئر قبر ۾ پيا آهن. ڪجهه ڳالهيون چوانءِ ٿو، انهن کي ذهن ۾ رکجانءِ. پهريون ته ڪنهن به انسان کي ويهي هٿ نه ڏجانءِ، ڪچهريءَ دوران کٽ تي سمهي ڪچهري نه ڪجانءِ ۽ ڪنهن به پاڻ کان وڌيڪ پئسي واري ماڻهوءَ سان ياري نه رکجانءِ. وڌيڪ چيائين ته حاجي ميران بخش بڙديءَ وارا (شاهه پور جهانيان) محمد خان ڪاريو (مورو)، سنهو ابڙو ۽ منهنجي مائٽن گنهور شاهه ۽ حافظ جڙيل شاهه وارن سان ڪڏهن به نه ڦٽائجانءِ. بهرحال، بابا سائين جي طبيعت خراب هئڻ ڪري برادرم ارباب علي شاهه کيس قربان علي شاهه وارن جي گهر وٺي ويو.
80-11-24
قيدي ميرل حجم جو اڄ بند خلاص ٿيو. اسان کان موڪلائڻ لاءِ آيو. ڏاڍو خوش هو. منهنجي ڪمري ۾ هيمي ۽ انجو کولي پارٽنر سجاد ڪچهري لاءِ آيا. ان وقت مون خليفي نبي بخش لغاريءَ جو رسالو پئي پڙهيو. هنن به مون کي چيو ته خليفي نبي بخش جي شعرن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌاءِ. مون کين هن شعر:
کرڙي کائي رت، ڀت نه وجهي وات ۾،
پڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پرکي پت،
جنين نيڻ نست، نينهن نه لائي تن سين.
مون ان شعر جو پس منظر ۽ ان جي معنيٰ ترجمو ڪري ٻڌائي. ان مهل هيميءَ مون کان رسالو وٺي ان کي سيني سان لڳائي چيو ته اهڙي شاعر کي منهنجو سلام آهي.
80-11-25
رسول بخش نواب شاهه سيشن ڪورٽ جي حاضريءَ تي ويو.
80-11-26
سپريڊنٽ اسان جي وارڊ ۾ آيو. اسان کي چيائين ته توهان ”اي ڪلاس“ وارڊ ۾ وڃي رهو. دل ۾ ته خوش هئاسين، پر جيل انتظاميه جي سامهون ڪجهه گهڙين لاءِ انڪار ڪرڻ کان پوءِ وڃڻ لاءِ راضي ٿياسين. اسان امير حسين ملباري بورچي، برداشتي عمر سمون، صديق خاصخيلي ۽ جمع پنهور گڏ وياسين. صمد ڪانڌڙو ۽ مان هڪ ڪمري ۾، رسول بخش ۽ مجيب ٻئي ڪمري ۾ ۽ قمر ڀٽي اڪيلو رهيو. شام جو رسول بخش به نوابشاهه مان حاضريءَ تان موٽي آيو.
80-11-27
صمد شنوائيءَ تي ويو. غلام قادر جمالي اسان وٽ ڪچهري ڪرڻ آيو ۽ منجهند جي ماني به گڏ کاڌائين. ڪاري چڪر مان الهورائي خاصخيليءَ مون ڏانهن سنڌي گيهه جو سير ڏياري موڪليو.
80-11-28
محمد حسين ڌنجي، غلام قادر جمالي ۽ ڪبير شاهه ڪچهري ڪرڻ آيا. سڀاڻي جمالي آزاد ٿي ويندو. ڊپٽي نواز حسين سان مليس. کيس گل بهار چانڊيو ۽ الهه ورايو خاصخيلي سان ملڻ لاءِ چيم. گل بهار ان وقت ئي گهرائي ڏنائين. الهه ورائي لاءِ سڀاڻي جو واعدو ڪيائين. گل بهار هڪ سنڌي ٽوپي منهنجي لاءِ کنيو آيو.
80-11-29
غلام قادر جمالي اسان وٽ آيو. اسان کان موڪلائي ويو. اڄ آزاد ٿيندو. مون کان سنڌي ٽوپي گهريائين، جيڪا مون کيس ڏني. الهه ورايو خاصخيلي ڪچهريءَ تي آيو ۽ شام جو چئين وڳي واپس ڪاري چڪر ويو.
80-11-30
سڄو ڏينهن مطالعي ۾ گذاريم.
80-12-1
محمد حسين ڌنجي آيو. سڄو ڏينهن ڪچهري ڪري شام جو واپس ويو. شيخ مجيب ريڊيو سجاد کي ڏئي آيو هو، جيڪو سپاهي نذر کي چئي گهرايوسين. رات صمد ڪانڌڙي پنهنجي ماضيءَ جو هڪ واقعو ٻڌايو. ان تي سڀني دوستن چرچا ڪيس. نيٺ صمد ڪاوڙجي پيو.
80-12-3
سگريٽ نه هئڻ جي ڪري اسان جا ساٿي ڏاڍا پريشان رهيا. مجبورًا برداشتين کان ستون نمبر ۽ پولو سگريٽ وٺي پيئندا رهيا. ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي ته هڪ انقلابي تنظيم جا ڪارڪن، سگريٽن نه هئڻ ڪري ڪيڏا مجبور آهن.
80-12-4
رسول بخش، مجيب، صمد حاضريءَ تي ويا. صمد کي يارهين تاريخ ۽ باقي دوستن کي ارڙهين تاريخ ملي.
80-12-5
محمد حسين ڌنجي اسان جي وارڊ ۾ آيو ۽ اسان کي ”بي ڪلاس“ وارڊ نمبر ون ۾ وٺي ويو. ڪچهري ڪري موٽياسين ته صمد ۽ قمر ٻئي ڪاراٽين ”بي ڪلاس“ وارن سان ڪچهريءَ تي ويا. باقي اسان ”اي ڪلاس“ وارڊ ۾ موٽي آياسين.
80-12-6
حاضريءَ تي ويس. اُتي عزيزم فرمان علي شاهه، برادرم ارباب علي شاهه، جعفر سهتو، ذوالفقار علي مري ملاقات تي آيا. وري ارڙهين تاريخ جي شنوائي ملي. عبدالواحد آريسر کي خط لکيم.
80-12-7
آءِ.جي جيلز جي سالياني انسپيڪشن تي اچڻ ڪري جيل ۾ ڏاڍي صفائي پئي ٿئي ۽ وارڊن کي رنگ پيا ڏيارين.
80-12-8
آءِ.جي جيلز مسٽر منظور احمد پنهور سالياني چڪاس دوران اسان جي وارڊ ۾ آيو. تمام سهڻي نموني سان پيش آيو. قمر ڀٽيءَ ۽ مون کانئس جيل ۾ ريڊيو رکڻ جي اجازت گهري ۽ کيس درخواست ڏني. چيائين ته هوم سيڪريٽريءَ کي لکندس، اهو اجازت ڏيندو. اهو ڪم به نه ٿيو.
80-12-9
محمد حسين ڌنجي ڪچهريءَ تي آيو. ڏاڍيون مزيدار ڳالهيون ٻڌايائين. اسان هن جي مزيدار ڳالهين تي کلندا رهياسين.
80-12-11
صمد ڪانڌڙو حاضريءَ تي ويو. وري به 12-13 جي تاريخ وٺي موٽي آيو.
80-12-12
محمد حسين ڌنجي ڪچهري ڪرڻ آيو. اڄ سڀني جا هٿ ڏسي پامسٽري جي ذريعي ماضي ۽ مستقبل جي لاءِ ڌُڪا هنيائين. شام جو رسول بخش پليجو ڪچهريءَ تي آيو. انهيءَ جي فرمائش تي برداشتي محمد صديق خاصخيلي ڪلام ٻڌايا.
80-12-13
صمد حاضريءَ تي ويو. کيس ملٽري ڪورٽ طرفان ٻارنهن مهينا سخت پورهئي سان سزا ۽ ڏهه هزار روپيه ڏنڊ ٻڌايا ويا. ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو ڪچهريءَ تي آيو.
80-12-14
سڄو ڏينهن ڪچهريءَ ۾ وقت گذريو. اڄ هڪ نئون برداشتي ماتليءَ جو موڪليو اٿن. اسان جيل انتظاميه کي چيو ته سهتو برداشتي ڏيو. سڀاڻي لاءِ واعدو ڪيائون.
80-12-17
قمر ڀٽيءَ جي مسلسل غلطين ڪري سڀ دوست کانئس بدظن ٿي پيا آهن، ڇو ته هن جو پنهنجو اصول آهي ته جن کي اسان جي منهن تي ڪچيون گاريون ڏيندو آهي، ٻئي ڏينهن وري انهن سان ويهي ڪچهريون ڪندو آهي. خبر نٿي پوي ته هن جي ڪهڙي ذهنيت آهي؟
80-12-18
رسول بخش ٿيٻو، شيخ مجيب، قمر ڀٽي ۽ مان گڏجي شنوائيءَ تي وياسين. اُتي ڳوٺان مامون نبن شاهه، مامون اسماعيل شاهه، ماسات حاجن شاهه، قربان علي شاهه، فرمان علي شاهه، آچر ڪانُهه، گل حسن ڪانُهه، زوار ديدار حسين لوهاچ، قادر بخش عباسي، صيفل جکراڻي، بشير شاهاڻي ملاقات تي آيا. اڄ خبر پئي ته غلام نبي سومرو کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڏاڍو ڏک ٿيو.
80-12-19
پاليٽيڪنڪ ڪاليج حيدرآباد جا ٻه شاگرد گرفتار ٿي جيل جي ڪاري چڪر ۾ آيا آهن. اڄ اسان کين پاڻ وٽ گهرائي ڪچهري ڪئي ۽ ماني کارائي. سميع مڱريو به ملڻ آيو.
80-12-20
رسول بخش کي سخت بخار ٿي پيو آهي. ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو آيو. طبيعت ڏسي دوا ڏنائين.
80-12-21
اڄ سڄو ڏينهن سخت سردي ۽ وقفي وقفي سان برسات پئي ٿي وسي. اٺ جمع پنهور شڪايت ڪئي ته قمر ڀٽي مون سان سٺو نٿو هلي، ان ڪري کيس سمجهايو ته گهٽ ۾ گهٽ اسان سان سٺي زبان ۾ ڳالهائي. رسول بخش منهنجي کوليءَ ۾ رات جو بند ٿيو ۽ مان وري سندس کوليءَ ۾.
80-12-22
رسول بخش جي نوابشاهه شنوائي هئي، پر شاهه لطيف جي عرس مبارڪ ڪري پوليس نه اچي سگهي. شايد شاهه لطيف جي عرس جي ڪري پوليس واندي ناهي. منهنجي مهربان ۽ شفيق استاد ۽ مهراڻ ڪاليج مورو جي پرنسپال سيد علي بخش شاهه جي وڏي ڀاءُ سائين باقر علي شاهه جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جي خبر اخبار ۾ پڙهيم. سڄو ڏينهن بيقراريءَ ۾ گذاريو.
80-12-23
قمر ڀٽيءَ جي اڍنگي ڳالهائڻ جي ڪري مجيب ۽ مان ساڻس ناراض ٿي پياسين. بعد ۾ قمر اسان کي پرچايو ۽ آئنده رويو درست رکڻ جو واعدو ڪيائين. سائين علي بخش شاهه، مهدي شاهه، ذوالفقار علي شاهه ۽ اطهر علي شاهه کي تعزيتي خط موري لکيم.
80-12-24
غلام نبي سومرو سٽي لاڪ اپ مان بدلي ٿي جيل پهتو آهي. کيس ڪاراٽين واري ”بي ڪلاس“ وارڊ ۾ رکيو اٿن.
80-12-25
غلام نبي سومرو، محمد حسين ڌنجي، ڀٽ شاهه جو ناز لطيفي اسان سان ڪچهري ڪرڻ آيا. اڄ ڪمشنر حيدرآباد مسٽر عبدالله ميمڻ قيدين ۾ فروٽ ورهائڻ آيو. ٻئي سڄي جيل جي وارڊن ۾ ويو، صرف اسان جي وارڊ ۾ نه آيو.
80-12-26
شاهه محمد شاهه، قمر راڄپر، علي حيدر شاهه، رسول بخش پليجو، عزيز ميمڻ، غلام نبي سومرو، محمد حسين ڌنجي، ڪبير شاهه اسان جي وارڊ ۾ ڪچهري ڪرڻ آيا. مهمانن جي اچڻ ڪري اسان وٽان کنڊ ختم ٿي ويئي، ان ڪري ڪبير شاهه کنڊ موڪلي ڏني. ناز لطيفيءَ جو ”بي ڪلاس“ ٿي ويو آهي. ان ڪري سندس ماني اسان وٽان پچرائي موڪلڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته ساڻس گڏ جيڪي ٻيا ساٿي آهن، انهن کان ڌار ٿيڻ پسند ڪونه ٿو ڪري.
80-12-27
ياسين جتوئي ۽ عبدالواحد آريسر کي خط لکيم. ناز لطيفي ڀٽ ڌڻيءَ جي ميلي جي مٺائي ڏياري موڪلي.
80-12-28
برداشتي عمر سمون ٻڌايو ته ڪاراٽين واري ”بي ڪلاس“ جي مقدم ميوي چيو آهي ته ناز لطيفيءَ جو راشن مان کڻي ويندس. شاهه محمد شاهه چيو آهي. پر مون کيس ڪونه ڏنو. اسان سمجهيو ته شايد ناز لطيفي انهن کي چيو آهي، پر پڇا ڪرڻ تي ٻڌايائين ته مون انهن کي چيو ته ڪونه آهي، باقي ڪالهه ڀٽائيءَ جي ميلي جي مٺائي موڪلي هئم، شايد ان جي ڪرامت آهي، نه ته هيترا ڏينهن ڪاڏي ويا هئا؟ اڄ مان پنهنجي وارڊ ۾ بيٺل ٻير جي وڻ تي چڙهي ويس ۽ ناز لطيفيءَ سان پري کان دُعا سلام ٿي.
80-12-29
محمد حسين ڌنجي ڪچهريءَ تي آيو. عبادالله شيرازي جيلر کي ڊپٽي موڪليو ته اسان کان پڇي ته ڪهڙو ڪم آهي؟ اسان کيس ٻڌايو ته برداشتي حاجي ماڇيءَ کي بدلي ڪريو. کيس بدلي ڪري ڌڻي بخش سهتو (ڀٽ شاهه جو ويٺل) موڪلي ڏنائون. اڄ امامن سڳورن جو چهلم آهي. پاسي واري اڇي چڪر جي بيرڪ ۾ ناز لطيفي ۽ سندس ٻيا ساٿي سڄو ڏينهن ماتم ڪندا رهيا.
80-12-30
رسول بخش ٿيٻو، شيخ مجيب، قمر ۽ مان گڏجي حاضري تي وياسون. اُتي شفيع محمد سرڪي، علي محمد سرڪي، الهه بخش سولنگي، قاسم لغاري، شفيع چانڊيو، خالق سرڪي، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو، ڊاڪٽر مولا بخش ٿيٻو، قادر بخش عباسي، ستار موريو، لال بخش چانڊيو، محترم علڻ خان ٿيٻو، قادر منصور جوڻيجو ۽ ٻيا دوست ملاقات تي آيا. ڊپٽيءَ کي چيوسون ته محمد حسين ڌنجيءَ کي اسان جي وارڊ ۾ بدلي ڪري ڏيو. سڀاڻي جو واعدو ڪيائين.
80-12-31
محمد حسين ڌنجيءَ کي اسان جي وارڊ ۾ بدلي ڪري موڪليائون. جمع پنهور برداشتيءَ جو ڪم ٻاهر چين ٻيڙيءَ ۾ لکي موڪليائون. اسان کيس نه ڇڏيو. اڄ ڪبير شاهه موڪلائڻ لاءِ آيو ۽ آزاد ٿي ويو. مٿس اٺ لک روپيه ڏنڊ هو. سواءِ ڏنڊ ڀرڻ جي آزاد ٿي ويو.