جيل ڊائري

ڪايا مَنجَهه ڪَڙَن

” ڪَايا مَنجهه ڪَڙن “ محترم علي محمد شاهه لڪياري جي جيل ڊائري آهي. هن جيل ڊائريءَ ۾ 1980ع جي ڏهاڪي واري دور جي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ قوم پرست شاگرد سياست ۾ علي محمد شاهه جي شاگردي واري زماني ۾ هم آهنگي ۽ اُن سياست جي سفر ۾ آيل ڀوڳنائن ۾ جيل ياترا جو دور ۽ قيد وبند جون يادگيريون تحرير ٿيل آهن.
Title Cover of book ڪايا مَنجَهه ڪَڙَن

فيبروري 1980ع کان جون 1980ع

80-2-21
سڄو ڏينهن کوليءَ ۾ ڪچهري ڪندا رهياسون. شام جو ايس.ڊي.ايم ڪوٽڙي ڪي بي رند آيو، جنهن ايس.ايڇ.او جي آفيس ۾ اسان کي گهرائي ڪچهري ڪئي ۽ چانهه بسڪوٽ کارايا.

80-2-22
ڄامشورو ٿاڻي جو ايس.ايڇ.او محمد موسيٰ سپاهه سميت پهچي ويو ۽ اسان کي ڪوٽڙي جي ايس.ڊي.ايم آفيس رمانڊ لاءِ وٺي هليو، پر ان جي غير حاضر هئڻ ڪري اي.ڊي.ايم ڪوٽڙيءَ وٽ پيش ڪيائين، جنهن اسان جون هٿڪڙيون کولائي ڪرسين تي ويهاريو ۽ اسان کي چانهه پياريائين. پوليس رمانڊ تي وٺي اسان کي حيدرآباد جي سٽي لاڪ اپ ۾ بند ڪيو. اتي ٻيا به اخلاقي ڏوهاري قيدي کولين ۾ بند هئا، جن سان ڪچهري ٿي. انهن ٻڌايو ته توهان ماني ڍؤ ڪري نه کائيندا ڪجو، ڇاڪاڻ ته پوليس تشدد ڪندي آهي. پيٽ ڀريل هوندو ته وڌيڪ تڪليف محسوس ٿيندي ۽ جيڪڏهن پيٽ خالي هوندو ته گهٽ تڪليف محسوس ٿيندي.

80-2-23
سٽي لاڪ اپ تي رهياسون. ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو، رسول بخش جو وڏو ڀاءُ ماني کڻائي آيو. گڏجي کاڌيسون. منهنجو ننڍو ڀاءُ ارباب علي شاهه به اخبار ۾ گرفتاريءَ جو پڙهي ملاقات ڪرڻ آيو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جا به ڪافي شاگرد ساٿي ملاقات ڪرڻ آيا. سڀڪو پيو دلاسا ڏئي ته مڙس ٿجو، دل نه لاهجو، اسان توهان سان گڏ آهيون. مشهور قول آهي ته: ”جڏهن توهان ٽهڪ ڏيو ٿا ته جڳ توهان سان ٽهڪ ڏئي ٿو، جڏهن توهان لڙڪ وهايو ٿا ته اڪيلا آهيو.“

80-2-24
سٽي لاڪ اپ ۾ رهياسون. مختلف ايجنسين جا ڪارندا سڄو ڏينهن ايندا رهيا ۽ مختلف قسم جا سوال پڇندا رهيا. پڇڻ جو طريقو انتهائي تحڪمانه ۽ رعب تاب وارو هو. شايد صرف نفسياتي اثر وجهڻ ٿي چاهيائون ته ڏسون ته ڪيترو دم اٿن.

80-2-25
سڄو ڏينهن ساٿين ۽ سنگتين جي ملاقات جو سلسلو جاري رهيو. فروٽ وغيره ته ايترو ٿي پيو هو جو ڀرپاسي وارين کولين ۾ رهندڙ قيدين کي ورهائي ڏنوسون ۽ ڊيوٽي تي موجود پوليس گارڊ به گهر کڻي ويو.

80-2-26
صبح جو ڄامشورو ٿاڻي جي ايس.ايڇ.او محمد موسيٰ اچي اسان کي هٿڪڙيون پارايون ۽ لاڪ اپ مان ٻاهر ڪڍيو. ڪافي ساٿي آيل هئا. ستار موريو، آءٌ ۽ عبدالصمد ڪانڌڙو صوبيدار سان گڏ جيپ ۾ ويٺاسون. باقي متارو ڏاهري، ظفر راڄپر ۽ منظور پنهور ڪار ۾ چڙهيا ۽ مڊ وي هوٽل تي اچي لٿاسون. ماني کاڌيسون، جيڪا ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو کارائي.
اتان سڌا سينٽرل جيل حيدرآباد جي ماڙيءَ ۾ داخل ٿياسون. جيل سپرنٽنڊنٽ چيو ته مارشل لا وارن جو حڪم آهي ته ٽي قيدي نارا جيل تي وڃن ۽ ٽي قيدي سينٽرل جيل تي رهن. ان ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ متارو ڏاهري، عبدالصمد لانڌڙو ۽ ظفر راڄپر تڪڙ ۾ اٿي بيٺا ته اسان هتي سينٽر ۾ وينداسون. هنن جا ڪاغذات ڏئي وٺي، صوبيدار محمد موسيٰ نارا جيل تي کڻي آيو. ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو به اسان سان گڏ هو ۽ نارا جيل تان موڪلائي واپس ٿيو. اسان کي جيل سپرنٽنڊنٽ پنهنجي آفيس ۾ گهرايو ۽ چيو ته هوش سنڀالي هلجو. هيءَ يونيورسٽي ڪانهي، جيل آهي. اجايا مطالبا نه ڪجو ۽ نه وري اسان کي پريشان ڪجو. ٻي صورت ۾ توهان ڏکيا ٿيندا. صوبيدار محمد موسيٰ کي جيل انتظاميه ڏي ڪوبه ليٽر ڪونه هو. جيل سپرنٽنڊنٽ مارشل لا وارن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جي حڪم تي بنا ڪاغذي ڪارروائي جي اسان کي جيل ۾ رکيائين. نالي پڇڻ تي خبر پئي ته سپرنٽنڊنٽ سيد محبوب آهي. اسان جي اتي بيٺي بيٺي چار دفعا مين پڙي کاڌائين ۽ اٺ دفعا اوجهراڻيون کاڌائين. مون کي تعجب پيو لڳي ته هي ڪهڙو سپرنٽنڊنٽ آهي. ليڪن پوءِ خبر پئي ته روزانو آفيم جو روڙو کائيندو آهي، ان ڪري اها حالت اٿس. جيل جا سپاهي اسان کي اسپيشل وارڊ ۾ وٺي آيا. هر هڪ کي ٽي ٽي ڪمبل، ٻه پلاسٽڪ جون پليٽون، پاڻي پيئڻ لاءِ هڪ مٽ ۽ هڪ جمني ڏنائون ۽ جدا جدا کولين ۾ بند ڪري هليا ويا. کولين ۾ ايترا ته مڇر ۽ منگهڻ هئا جو اک اک سان مس لڳي ته مڇرن جي يلغار شروع ٿي پئي وڃي ۽ سڄي رات سورن ۾ گذري.

80-2-27
صبح جو سيٽي وڳي. اٿي ويهي رهيس. ننڊ ته ڪانه هئي. هڪ سپاهي ۽ جمعدار نالي چراغ آيا. دروازو کوليائون ۽ اسان کي چيائون ته پنهنجا کٿا ٻاهر ڪڍو ۽ کولين جي صفائي ڪيو. ان تي ستار موريو چيس ته اسان سياسي قيدي آهيون، کٿا توهان ٻاهر ڪڍو ۽ کولين جي به صفائي ڪرائي ڏيو. ان تان جمعدار سوسٽ ڪندو وارڊ کان ٻاهر نڪري ويو. اسان سوچيو ته ڦشري شروع ٿي وئي. پر پوءِ جمعدار ڇوڪرا پارٽي وٺي آيو، جنهن وارڊ جي به صفائي ڪرائي ۽ کولين جي به صفائي ڪئي.
اسان صفائي ٿي وڃڻ کان پوءِ کٿو وڇائي ڪچهري ويٺي ڪئي ته جيل جو منشي آيو، جنهن چيو ته علي محمد شاهه کي ماڙيءَ تي گهرايو اٿن. اسان پڇيس ته ڇا ڳالهه آهي؟ ٻڌايائين ته ڪجهه به نه. مان جيئن ماڙيءَ ۾ داخل ٿيس ته اُتي فوجي سپاهي بيٺل ڏٺم، جن کي منهنجي اچڻ جو ٻڌايو ويو. انهن سڀ کان پهريائين منهنجا هٿ پويان ڪري هٿڪڙي هنيائون ۽ پوءِ اکين تي ڪاري پٽي زور سان ٻڌي ڇڏيائون. ماڙيءَ مان ٻاهر ڪڍي، خبر ناهي ته ڪهڙي گاڏيءَ ۾ ويهاريائون. اڌ ڪلاڪ کن گذرڻ کان پوءِ مون کي گاڏيءَ مان هيٺ لاٿائون. چند قدمن هلڻ کان پوءِ پَٽ تي ويهاريائون. منهنجي هٿڪڙي ۽ اکين تان پٽي لاٿي وئي. منهنجي سامهون هڪ ٿلهو متارو شهپر وٽيل بلڪل ٺيٺ پنجابي پئي لڳو، فوجي وردي پاتل بيٺو هو ۽ آءٌ هڪ ننڍڙيءَ کوليءَ ۾ هيٺ پٽ تي ويٺل هوس. مون کي ان فوجي سپاهي حڪم ڏنو ته: ”الٽا هوجائو.“ مون کي ذهن ۾ مختلف سوال اڀرندا رهيا ته اُلٽو ڇو ٿيان. هن مون کي ٻه چار چڪر چيو، پر مان صرف تجسس، خوف گاڏڙ نظرن سان هن کي ڏسان پيو، ڳالهايان ڪجهه به نه پيو. هي ٻاهر نڪري ويو ۽ چند منٽن کان پوءِ ٻه فوجي سپاهي ساڻ ڪري آيو ۽ اچي مون کي دسيائون. منهنجو مٿو فرش تي ۽ ڄنگهون ڀت سان اُڀيون صرف پيرن جي آڱرين جو ڀت تي سهارو ڏنائون. گهڙي کن کان پوءِ محسوس ڪيم ته سڄي جان ٿڙڪي ٿي پئي ۽ نڪ تي ڏاڍو بار اچي پيو، جو نه ڪي وات کان ساهه پيو کڻي سگهان ۽ نه وري نڪ کان ساهه پيو کڄي. کونگهرا پيا لڳن. خبر ناهي ته ڪيڏي مهل بيهوش ٿيس. مون کي صرف ان وقت خبر پئي، جڏهن فوجي لانگ بوٽ منهنجي جسم تي سانوڻي جي برسات وانگر وڏڦڙي جيان وسي رهيا هئا ۽ هوش ۾ اچڻ کان پوءِ وري ”الٽا هوجائو“ جو حڪم ٿيو. مان وري به چپ، خاموش. ليڪن هن دفعي مون کي ٺونشا ۽ لتون هڻي وري ساڳي حالت ۾ اونڌو ڪيو ويو. هاڻي منهنجي حالت اها هجي جو ننهن کان چوٽي تائين پگهر سان شل هجان. منهن ۽ مٿي تي جيڪي فوجي لانگ بوٽ لڳا هئا، ان ڪري منهنجو سَنڌُ سَنڌُ چڪنا چور ۽ رڳ رڳ مان ريشو ۽ رت گاڏئون پاڻي پئي وهيو. اهڙي صورتحال ۾ خود مان، پنهنجو پاڻ کي به سڃاڻي نه ٿي سگهيس، ڇو ته ننهن کان چوٽيءَ تائين بدن تي سوڄ هئي. حڪم ڏنائون ته: ”کڙي هوجائو.“ اٿي بيٺس. منهنجا ڪپڙا لٽا رت ٻڏل فوجي سپاهي پيا صاف ڪن ۽ مون کي عرضدارانه انداز ۾ چون پيا ته: ”صاحب نے آپ کو بلایا ہے۔ ہماری شکایت مت کرنا۔“ دل ۾ ڏاڍو کليس ته جهان خان وارو معاملو آهي. مون کي سڌو هڪ ڪمري ۾ وٺي آيا، جن ۾ ٻه ماڻهو فوجي ورديءَ ۾ هئا ۽ باقي ٻه ڄڻا سِوِل ڪپڙن ۾ هئا. مون کي ڏاڍي عزت سان مليا ۽ ڪرسيءَ تي ويهاريائون. چانهه پيئڻ لاءِ پڇيائون. مون معذرت ڪئي. ان کان پوءِ مختلف سوال واري واري سان پڇندا رهيا:

1. ڄامشوري جي ٻنهي يونيورسٽين جا ڪهڙا استاد ۽ نوڪري وارا ماڻهو توهان جي پارٽي جا آهن ۽ مالي مدد ڪندا آهن؟
2. توهان وٽ اسلحو ڪهڙو آهي ۽ ڪٿان وٺندا آهيو؟
3. توهان ڏوڪڙ ڪٿان آڻيندا آهيو؟
4. هندستان مان ڪيترا گوريلا ٽريننگ وٺي آيا آهن؟ انهن جا نالا ٻڌاءِ. هندستان جا سنڌي هندو ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ موهن ڪلپنا وارن سان تون ڪيترا دفعا مليو آهين؟
5. پمفليٽ ۽ لٽريچر ڪهڙي پريس مان ڇپرائيندا آهيو؟
6. سنڌ جا ڪهڙا ماڻهو توهان جي مالي مدد ڪندا آهن ۽ توهان کي اسلحو ڏيندا آهن؟
7. جي.ايم سيد توهان کي ڪهڙا حڪم ڏيندو آهي؟
8. مڪمل بايو ڊيٽا (Biodeta)؟

سوال پڇندا رهيا، آءٌ جواب ڏيندو رهيس. ان دوران هڪ سادن ڪپڙن ۾ مٿي تي جناح ٽوپي، شڪل شباهت ۾ پٺاڻ ٿي لڳي، پر وارن جي ڪٽائي وغيره مان فوجي محسوس پئي ٿيو، اندر داخل ٿيو ۽ اچي ڪرسيءَ تي ويٺو. گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ مون کي چيائون ته اسان تنهنجي جوابن مان مطمئن ناهيون ۽ مون کي هڪ بال پين، اڇا پنا ڏنائون ته مٿين سوالن جا جواب لکي ڏي. ان نئين آيل پٺاڻ کي چيائون ته ”خوب گرم ڪرو“ ۽ پاڻ هليا ويا. مون کي کوليءَ ۾ بند ڪيائون ۽ مان سوالن جا جواب لکيا. شام جو ساڍا ڇهه ٿيا هوندا ته اهو ساڳيو پٺاڻ نمودار ٿيو. منهنجي کوليءَ جو دروازو کلي ويو ۽ حڪم ڪيائون ته: ”ڪپڙي اتار دو.“ مان صرف چپ ڪيو بيٺو هوس. گهڙي پلڪ ۾ بلڪل ننگو بيٺو هوس. ائين ڪپڙا لهي ويا، جيئن شڪاري، تتر جي کل لاهيندو آهي. دير ئي نه ٿي. سياري جي رات، هڪدم مون کي اونڌو فرش تي ليٽايو ويو. ٻه فوجي ٽنگن تي ۽ ٻه فوجي ٻانهن تي چڙهي بيٺا ۽ هڪ فوجي اچي چتڙن تي چمڙي جي ٺهيل ڦڙڪي سان وسڪارا لاتا. شروع ۾ پهرين ڌڪن سان ڏاڍو عذاب آيو ۽ دل ۾ سوچيم ته رڙيون ڪيان. پر پوءِ وري خيال آيم ته هڪ انقلابي ڪارڪن لاءِ اهو ڪارنهن جو ٽِڪو آهي جو هڪ ڌارئين دشمن جي اڳيان ڌڪن جي سور کان دانهون ۽ رڙيون ڪري ۽ دشمن خوش ٿئي. اهو سوچي چپ کي ڏندن هيٺان ڏئي ڌڪ سهندو رهيس. ڪجهه گهڙيون ڌڪ لڳڻ کان پوءِ عذاب گهٽ محسوس ٿيڻ لڳو، پر وري چتڙن جي مٿان ٿڌو پاڻي هاري، ڌڪ هڻڻ شروع ڪيائون ته وري سور وڌيڪ ٿيڻ لڳو. بهرحال، ڌڪ هڻدا پاڻي وجهندا، ڪٽيندا رهيا. اڍائي ڪلاڪ اها ڪارروائي هلندي رهي. جڏهن اُٿيس ته چتڙن جي کل هنڌان هنڌان اُڊڙي پئي هئي ۽ ريش ڳڙندو وڃي پيرن جون کُڙيون کنيون. مون کي هڪ ننڍڙو گرائونڊ هو، ان تي آهستي آهستي گهمائن پيا. سخت اڃ لڳڻ ڪري کانئن پاڻي پيئڻ لاءِ گهريم. گلاس ڀري ڏنائون. ٻه ڍُڪ مس پيتا هوندم ته هڪ فوجي جهڙپ ڏئي گلاس چپن تان کسي ورتو. مون کي هر هڪ ٻانهن ۾ جدا جدا هٿڪڙيون هڻي، اگهاڙو ولهه تي هٿ مٿي ڪري بيهاري ڇڏيائون ۽ هٿڪڙيون هيٺ لڙڪن پيون ۽ فوجي سپاهي، جيڪي چار ڄڻا هئا، رائفلون هٿن ۾ هئن، ٻه ڄڻا ڪرسين تي ويهي رهيا ۽ ٻه ڄڻا بيٺا رهيا. منهنجي ٿوري ٻانهن هيٺ ٿئي ته رائيفل جو ڪنداڪ ڦهڪو ٿي وڃي. ائين سڄي رات ڪنداڪن جي ڦهڪن، سٽڪن ۽ چتڙن جي ڦٽن ٿڌ تي سور ڪيو، تنهن ته زخمن تي تُوتِئي جو ڪم ڏنو. شهر ۾ اسر جي نماز جون ٻانگون آيون ته مون کي ڪپڙا پارائي کوليءَ ۾ بند ڪيو ويو. هڪ ڳالهه جو خاص خيال رکيائون ته کوليءَ ۾ آءٌ ننڊ نه ڪريان. ننڊ ته هونئن به ڪانه پئي اچي، ڇاڪاڻ ته هڪ کولي ننڍڙي، ٻيو وري ان ۾ پنج سؤ وولٽ جو بلب پيو ٻري. بس! مان ته سمجهان پيو ته اکين مان نور به هليو ويو، جو ڏسي نه ٿي سگهيس.

80-2-28
اڃان ڀنڀراڪو هئو ته منهنجي اکين کي ڪاري پٽي ٻڌي، ٻاهر ڪڍي ويا. پٽي کوليائون. ڏٺم ته ڪاڪوس جي در تي بيٺو آهيان. ٻه فوجي رائيفلون سڌيون ڪيو بيٺا هئا ۽ مون کي چيائون ته: ”اندر جاڪي ٽٽي ڪرو.“ اندر ويس، گهڙي کن بيهي رهيس، ڇاڪاڻ ته پيٽ ۾ ڪجهه به نه هئو جو ٻاهر ڪڍان ۽ نه وري ڪاڪوس واري چُلهي تي ويهي پيو سگهان جو چتڙن جا ڦٽ چِڪي پيا هئا ۽ ڏاڍو سور پيا ڪن. ٻاهر نڪرڻ سان وري اکين کي پٽي ٻڌي اچي کوليءَ ۾ بند ڪيائون. ناشتو کڻي آيا، جنهن ۾ سيرو، ٻه ننڍا اوڦراٽا ۽ چانهه هئي. مون کائڻ کان انڪار ڪيو. بس پوءِ ته مان جهڙو هنن فوجين جو ويجهڙو عزيز هجان. ناشتو کائڻ لاءِ ڏاڍيون منٿون ۽ ايلاز ڪرڻ لڳا. مون کي وري به تشدد سجهيو پئي ته اجهو ٿا وري مانگرمڇ اچي ڀاڱا ڪن. چانهه مان صرف ٻه ڍڪ ڀري ناشتو واپس ڪيم.
صبح جو نائين بجي ڌاري مون کي کوليءَ مان ڪڍي ساڳئي ڪمري ۾ ساڳين ماڻهن جي سامهون پيش ڪيائون. ڪرسيءَ تي ويهاري ساڳيا سوال پڇندا رهيا ۽ جيڪي سوالن جا جواب مون لکي ڏنا هئا، انهن تي چيائون ته اسان مطمئن نه آهيون. مثال طور: مون کي چيائون ته تون مهراڻ ڪاليج مورو جو شاگرد يونين جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ جنرل سيڪريٽري رهيو آهين ۽ راشد مورائي ۽ تون درس روڊ مورو تي گڏ رهندا هئا ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ حلف برداري جي تقريب ۾ ڊاڪٽر دودو مهيري ۽ تون پمفليٽ ورهايا هئا ۽ آمريڪا جو پتلو وغيره به ساڙيو هو. اهي ڳالهيون تون نه لکيون آهن. ان لاءِ ثبوت طور مون کي ان فنڪشن ۾ آمريڪا جو جهنڊو ساڙڻ وارين تقريبن جا فوٽو ڏيکاريائون.
بهرحال، آءٌ انهن ڳالهين کان انڪار ڪندو رهيس ۽ هي سوال پڇندا رهيا. اٽڪل ڏيڍ بجي ڌاري ان ساڳئي پٺاڻ کي ٿورو سخت لهجي ۾ چيائون ته: ”ٽيڙا هي، اس ڪو سيڌا ڪريو.“ ۽ پاڻ ٻاهر نڪري هليا ويا. مون کي اتان وٺي هڪ فوجي بيرڪ جي ڀرسان، جتي پاڻي ڀرڻ جو نَلُ ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جا مٽ ڀريل هئا، اتي ڪپڙا لاهي، هڪ سڪل وڻ سان چو کنڀو ٻڌي ڇڏيائون. ان جاءِ تي هر هر فوجي سپاهي پاڻي پيئڻ يا ڀرڻ لاءِ اچن وڃن پيا. گهڙي به نه گذري ته اهڙو اچي ڦِرڪو ڦريو جو جيڪي به سپاهي پاڻي ڀرڻ يا پيئڻ اچن پيا ته مون سان هتڪ آميز سلوڪ ڪرڻ لڳا، جنهن ۾ گند، بدبوءِ دار پاڻي ۽ ويندي ڪرفتي ۽ ڇيڻا به هڻندا هئا، يا لت هنيون وڃن، مُڪ هنيون وڃن، ڀونڊو ڏيو وڃن. هڪ لت بُڪيءَ ۾ اهڙي لڳي جو بيهوش ٿي ويس. جڏهن هوش ۾ آيس ته ساڳئي ڪارروائي چالو هئي. اهو ڌنڌو شام جو ڇهين بجي تائين هلندو رهيو. اتان مون کي ڇوڙي کوليءَ جي سامهون ميدان تي آڻي بيهاريو ويو ۽ وري اونڌو فرش تي ليٽائي چتڙن تي ساڳئي نموني سان ڪٽڻ لڳا. اهڙي ريت پيا ڪٽين جيئن کٽي ڪپڙا سَٽيندو آهي. ٻه ڪلاڪ کن ڪٽيندا رهيا. اٿاري، ڪپڙا پارائي ميدان تي ٿورو گهمايائون ۽ اچي ڪرسيءَ تي ويهاريائون ۽ ماني اڳيان رکيائون. صرف ٻه گرهه کائي بس کڻي ڪيم. وڌيڪ ماني کائڻ لاءِ ڏاڍيون منٿون ڪيائون. ايتريون منٿون شايد ماءُ پنهنجي ٻچي کي به نه ڪندي آهي. ٿوري دير کان پوءِ سادن ڪپڙن ۾ هڪ نوجوان شڪل شبيهه ۾ ٺاهوڪو ۽ هلڻ جي ڍنگ مان محسوس ڪيم ته آفيسر آهي، آيو، جنهن ماني کائڻ لاءِ ڏاڍيون منٿون ڪيون، پر مون ماني نه کاڌي. هن جي وڃڻ کان پوءِ ٻنهي هٿن ۾ جدا جدا هٿڪڙيون هڻي، ڪپڙا لاهي، اگهاڙو وِلهه تي هٿ مٿي ڪري بيهاري ڇڏيو. هٿ ٿورو به هيٺ ٿين ته ڪنداڪ سٽڪو ٿي وڃي. آخر مان ٿڪجي بيزار ٿي هيٺ پٽ تي ويهي رهيس. بس پوءِ ته رائيفلن جي ڪنداڪن جو وسڪارو لائي ڏنو. مون کي زوري مٿي اٿاري بيهارن ته مان پنهنجو پاڻ کڻي هيٺ ڦٽو ڪيان. مطلب ته سڄي رات ننڊ به نه ڪرڻ ڏنائون ۽ سٽڪن ڦٽڪن ۾ ڏينهن ٿي ويو.

80-3-1
صبح جو ڪپڙا پارائي، اکين کي پٽي ٻڌي، پهري ۾ ڪاڪوس ڏي وٺي ويا. پيشاب ڪيم، باقي ٿيو مڙوئي خير. موٽي اچي کوليءَ ۾ بند ڪيائون. ساڳي روشني، ساڳيو عذاب. ٿورو هلڻ ڪري چتڙن تان رت وهڻ شروع ٿي ويو، جنهن اچي کُڙيون کنيون. مون ان رت مان آڱر ٻوڙي کوليءَ جي ڀت تي ”جيئي سنڌ“ ۽ پنهنجو نالو لکي ڇڏيو. کوليءَ ۾ ويهي به نه پيو سگهان. جيڪا به گهڙي ويهان، اها يا اونڌو يا پاسيرو هجان. ناشتو کڻي آيا. صرف چانهه پيتم ۽ بس.
صبح جو نائين بجي پڇا ڳاڇا واري ڪمري ۾ پيش ڪيائون. اڄ ڪرسي تي نه ويهاريائون ۽ نه وري وڌيڪ ڪرسي رکيل هئي. مون کان وري به ساڳيا سوال پڇندا رهيا. هاڻي هنن کي ڇا ٻڌايان؟ اسان وٽ ڪهڙو اسلحو آهي، ڪهڙا ساٿي آهن يا آءٌ ڪيرت ٻاٻاڻي سان ڪچهري ڪري آيو آهيان. مان گهڻو ئي چوان ته اسان جو رهبر سائين جي.ايم سيد عدم تشدد جو حامي آهي ۽ اسان کي به هر وقت، هر مجلس ۾ اها ئي تلقين ڪندو رهندو آهي ۽ اسان سنڌي ماڻهن سان ڏاڍ، ظلم، جبر ۽ تشدد جي ڳالهه ڪريون ٿا ۽ انهن جي سياسي، سماجي، اقتصادي آزادي جي ڳالهه ڪريون ٿا، پر هي چون ته توهان سنڌو ديش جا حامي آهيو، پاڪستان کي ٽوڙڻ ٿا چاهيو، راجا ڏاهر جو اولاد آهيو، توهان جيئي سنڌ جي ماءُ ڀيڻ کي... سنڌي سڀ حرامي آهن، اسلام جا دشمن آهن، انهن کي اسان سڌو ڪنداسين، وغيره وغيره.
هڪ اوجاڳو، ٻيو وري اُڀئين پيرين بيهڻ. ان ته مون کي نستو ڪري ڇڏيو هو. هڪ بجي ڌارا روانا ٿيا ۽ ان پٺاڻ کي چيائون ته ”ڪجهه به حاصل نه ٿيو.“ مون کي اتان وٺي سڌو هڪ وڏي ڪمري ۾ اچي بيهاريائون. ڪپڙا لهرائي ٻانهون پويان ٻڌي، پيرن ۾ رسو مضبوط ٻڌي، ڪمري جي ڇت ۾ هڪ ڪنڊو لڳل هو، ان ۾ منهنجي پيرن وارو رسو ٻڌي مون کي اونڌو لٽڪائي ڇڏيائون ۽ منهنجي منهن جي بلڪل هيٺان ٻن انچن جي فاصلي تي هڪ ننڍو پاءُ ڏيڍ جو دٻو ڳاڙهن مرچن سان ڀريل ۽ ان جي وچ ۾ ٽانڊو پيل هجي، اچي رکيائون. هاڻي جيڪي مرچ سڙن پيا ته انهن جو دونهون بلڪل منهنجي نڪ ۽ وات ۾ سڌو پيو داخل ٿئي. بس مون کي صرف هڪ ڳالهه ذهن ۾ هئي ته هن طرح جي هر هڪ ذلت، زخم، ويندي موت سڀ ڪجهه قبول ڪري سگهان ٿو، ايتري قدر جو مئل ڀاءُ جو گوشت ته کائي سگهان ٿو، ليڪن دشمن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي نٿو سگهان. جيڪو عذاب انهن مرچن جي دونهين مون کي ڏنو، انهيءَ کي لفظن ۾ ته ڇا، پر زباني به بيان ڪري نٿو سگهان.
ان دونهين منهنجي ڦڦڙن تي به ڏاڍو اثر ڪيو. وات مان گِگُون، اکين مان پاڻي، مطلب ته هڪ دوزخ جو دونهون هو ۽ ان دونهين ۾ مان بيهوش ٿي ويس. جڏهن هوش سنڀاليم ڏٺم ته کوليءَ ۾ اونڌو پيو آهيان. خبر ناهي ته ڪهڙي وقت مون کي کوليءَ مان ٻاهر ڪڍي، هٿن ۾ ڌار ڌار هٿڪڙيون هڻي، اگهاڙو ڪري، هٿ مٿي ڪري بيهاري ڇڏيو. مانيءَ لاءِ ڏاڍيون منٿون ڪيائون، پر ڳاڙهن مرچن جي دونهي ڍؤ ڏئي ڇڏيو هو. اڄ بيٺي بيٺي ڪري پيس، ڇاڪاڻ ته هڪ بُک، ٻيو وري مرچن جي دونهين سَنڌ ساڻا ڪري وڌا هئا. پوءِ به گهڙي کن ٿڌي فرش تي ويهاري وري اٿاري هٿ مٿي ڪري بيهاري ڇڏيائون.
صبح جو اکين تي پٽي ٻڌي ڪاڪوس لاءِ وٺي ويا، ليڪن اڄ منهنجي طبيعت بلڪل ڪمزور هئي. واپس اچي کوليءَ ۾ بند ڪيائون. هڪ اوجاڳو، ٻيو بُک، بلڪل هلي به نه پيو سگهان. نائين بجي ڌاري ساڳئي پڇا ڳاڇا واري ڪمري ۾ پيش ڪيائون. ساڳيا سوال جواب ڪندا رهيا. منهنجي ڪمزوري ۽ نستائي ڏسي ميجر چيو ته هيٺ ويهي رهه. سوال ڪري هڪ ٻئي کي چون ته پارٽنر اٽ از رانگ. (Partner it is wrong) ۽ هر هر ٻوٿ بڇڙو ڪري مون ڏي ائين پيا نهارين، جي وس پڄين ته ڪچو کائي ڇڏين. گهڻي مٿا ڪُٽ کان پوءِ مون کي هڪ ٽيپ رڪارڊر چالو ڪري ٻڌايائون، جنهن ۾ انسانن جون آهون ۽ دانهون، سسڪيون ۽ سڏڪا ٽيپ ٿيل هئا. مون کي چيائون ته ٻڌ! توسان به هاڻي اهو ئي حشر ڪنداسون. مان بلڪل خاموش، اطمينان سان سڀڪجهه ٻڌندو رهيس ۽ سوچيم ته هيءُ دشمن جو هڪ نفسياتي حربو آهي. باقي وڙهڻ کان ڪير جهلي سگهندن. منهنجي خاموشي جي ڪري هنن جي منهن تي ڪوفت، چڙ، نفرت بلڪل ظاهر ڏٺم.
منهنجي سامهون هڪ ماڻهو وٺي آيا، جنهن سان هنن جيڪي ڪجهه ڳالهايو، ان مان محسوس ڪيم ته هي سرحد تي فوجي محافظ آهي ۽ سمگلرن سان ساز باز ڪري، هندستاني چاندي عمرڪوٽ واري پاسي کان کڻي پئي آيا ته هيءُ وردي سوڌو چانديءَ واري گاڏيءَ ۾ پڪڙجي پيو. ذات جو نومڙيو ۽ عمرڪوٽ جو رهاڪو هو. هن کي منهنجي سامهون بلڪل اگهاڙو ڪري، هڪ فوٽ کن جيترو رول هو، جنهن کي تيل مکي، مٿان ڳاڙها مرچ هڻي ان نومڙيو فوجي جي مقعد ۾ اندر لنگهايائون. پوءِ ته ان مسڪين ٿريءَ جون آهون ۽ رڙيون عرش عظيم وارن کي به جاڳائي چڪيون هونديون. ان جي اها حالت ڏسي منهنجا به تارا ساوا ٿي ويا ۽ مون کي چيائون ته سچي ڪر، نه ته هاڻي توسان به ساڳيو حشر ٿا ڪيون. مان خاموش رهيس. سوچيم ته جيڪڏهن ائين ڪندا ته هنن کي ڪير ٿو روڪي سگهي؟ اتان ٻاهر ڪڍي، سڌو مرچن واري ڪمري ۾ وٺي آيا. منهنجا ته ڳچ ئي ڳري پيا. هڪدم منهنجا ڪپڙا لاهي اگهاڙو ڪري ڇت ۾ لڳل ڪنڊي جي هيٺان مون کي سڌو سمهاريائون ۽ منهنجون ٽنگون ٻانهون ڌار ڌار ڇڪي پري ٻڌي ڇڏيائون ۽ مٿو به اهڙيءَ ريت ٻڌائون جو ڪاڏي به تر جيترو چِسي نه سگهان. ان ڇت واري ڪنڊي ۾ پاڻيءَ جو ڀريل ٽين ٽنگيائون ۽ ان ٽين کي بلڪل هيٺان وچ تان ننڍڙو سوراخ هو، جيڪو سيڪنڊ سيڪنڊ ۾ هڪ ڦڙو پاڻيءَ جو هيٺ پيو ڪيرائي ۽ اهو پاڻيءَ جو ڦڙو بلڪل منهنجي نرڙ تي پيو ڪري. شروع ۾ ته مون کي ڪجهه محسوس نه ٿيو، ليڪن ڪجهه گهڙين کان پوءِ اهو پاڻي جو ڦڙو ائين پيو محسوس ٿئي ته پنج ڪلو جو وزني وڏاڻ منهنجي مٿي تي لڳي ٿو. ڏاڍو عذاب ۽ تڪليف پيو محسوس ڪريان، پر ڇا ڪجي؟ ڌاريو آخر ڌاريو آهي. ان مان ڪهڙي توقع رکي سگهجي ٿي.
پاڻيءَ جو ٽين ختم ٿيو ته ڪپڙا پارائي، اچي کوليءَ ۾ بند ڪيائون. مان پاسيرو لڳو ليٽيو پيو هوس ته هڪ فوجي سپاهي آيو ۽ ڏاڍي همدردانه انداز ۾ مون کي چيائين ته: ”سگريٽ پيئندين؟“ مون کي ٻه چار ڏينهن ٿي ويا هئا، سوچيم ته ڦوڪ ڀرجي. ان ڪري تڪڙ ۾ اٿي کڙو ٿيس. هن سگريٽ دکائي مون ڏي وڌايو. مون جيئن سگريٽ وٺڻ لاءِ هٿ اڳتي ڪيو ته فوجي سگريٽ وارو هٿ پوئتي هٽائي ڇڏيو ۽ ٻئي هٿ سان هڪ زبردست چماٽ ڳَل تي وهائي ڪڍي، جنهن ڪنن مان دونهان ڪڍي ڇڏيا ۽ ان وقت مون کي مهاتما گانڌي جو هڪ قول ياد آيو ته، ”انسان ۾ ڪابه اهڙي عادت نه هجي، جيڪا هن کي هٿ ٽنگڻ تي مجبور ڪري.“
رات جو کوليءَ مان ڪڍي اگهاڙو ڪري هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي ٻانهون مٿي ڪري بيهاري ڇڏيائون. سڄي رات ڪِرندي اٿندي، رائيفلن جا ڪنداڪ کائيندي گذري وئي. رات به ماني بلڪل نه برابر کاڌيم.
پڇيائون ته ڪاڪوس ڏي هلندين؟ مون انڪار ڪيو. ناشتو کڻي آيا. سواءِ چانهه جي ٻي ڪنهن به شيءِ کي هٿ نه لاتم. نائين بجي ڌاري کوليءَ مان ڪڍي، پڇا ڳاڇا واري هال ۾ وٺي آيا ۽ ساڳيا ماڻهو ويٺا هئا. چيائون ته تون سچي ڪونه ٿو ڪرين، هاڻي توکي ڪراچي ايف.آءِ.يو جي تشدد واري جاءِ تي موڪلينداسون، جتي توکي بجليءَ واري ڪرسيءَ تي ويهاري ڪرنٽ لڳايو ويندو ۽ پوءِ تون پاڻهي ٻڌائيندين. سٺو اٿئي ته اسان کي هتي سچي ڳالهه ٻڌاءِ، نه ته ڪراچيءَ جا فوجي ڏاڍا ڏنگا اٿئي، برو حشر ڪندئي. دل ۾ سوچيم ته سڄي سنڌي قوم فوجي لانگ بوٽن سان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان چيڀاٽجي رهي آهي. مان هڪڙو يا اسان جي جيئي سنڌ جا ساٿي جيڪڏهن هن عذاب ۾ گذارين ٿا ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي. شل اسان جي هيءَ جدوجهد سنڌي قوم جي ذهنن ۾ ڪا لهر پيدا ڪري. ڪنهن ڍنڍ جي بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائبو ته لهرون پيدا ٿينديون، ان وانگر ڪا لهر، ڪا اٿل، ڪائي ولوڙ پيدا ٿئي ۽ پنهنجو پاڻ سڃاڻين.
ڪجهه دير کان پوءِ مون کي هڪ انگريزيءَ ۾ لکيل ڪاغذ اچي هٿ ۾ ڏنائون ۽ چيائون ته ان تي صحيح ڪر. پني تي لکيل هو ته آءٌ علي محمد شاهه جيڪو به عرصو ايف.آءِ.يو (فيلڊ انوسٽيگيشن يونٽ) ۾ رهيو آهيان، ڪابه جسماني اذيت نه ڏني وئي آهي ۽ نه وڙهيا آهن ۽ نه وري منهنجي ڪا به شيءِ شڪل لڪائي رکي اٿن. ڏٺو وائٺو ظلم هو. ان وقت به چتڙن تان رت ۽ پونءِ گڏيل وهن پيا ۽ پني تي صحيح پيا وٺن. پني تي صحيح ڏنم. جيئن ٻاهر نڪتس ته سنڌ پوليس جا سپاهي تيار بيٺا هئا. منهنجيون اکيون ٻڌي، ايس.ايم.ايل.اي برگيڊيئر سيد مسعود الحسن جي آفيس وٺي ويا، جتان جيل انتظاميه ڏي ليٽر ورتائون. وري اکيون ٻڌي، اچي پوليس لائين ۾ لاٿائون. اتي مون کي سنڌي سپاهين چانهه بسڪوٽ کارايا ۽ توبهه توبهه پيا ڪن، ڇاڪاڻ ته پويان سلوار ۽ قميص تي رت لڳڻ ڪري مکين جا ميڙ لڳا پيا هئا. اتان کڻي نارا جيل تي ڇڏڻ پئي آيا ته واٽ تي پنهنجن پيارن ساٿين شفيع چانڊيو ۽ خالق سرڪيءَ سان پري کان پوليس ٽرڪ مان عليڪ سليڪ ٿي ۽ وڃي نارا جيل تي لٿاسون. جيل سپرنٽنڊنٽ مون کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي، شڪل ۽ طبيعت ڏسي سپاهين کي چيائين ته هن قيديءَ کي مان جيل ۾ نه رکندس. خدا نخواسته مري پوي ته مان ڏچي ۾ پئجي ويندس. آخر گهڻي ڇڪ ڇڪان کان پوءِ مون کيس چيو ته مان بلڪل ڪونه مرندس. جي مري ويس ته توکي ڪجهه به نه ٿيندو. ان کان پوءِ مون کي جيل ۾ رکيائون. اسپيشل وارڊ ۾ پهتس. گهڙي کن ستار موريو ۽ منظور پنهور سان ڪچهري ڪيم ته ٻنهي کي ماڙيءَ تي سڏ ٿيو ۽ خبر پئي ته فوجي وٺي ويا اٿن. رات جو ڪافي دير تائين جاڳندو رهيس. خبر ناهي ته ڪيڏي مهل ننڊ آئي.

80-3-5
ستار موريو موٽي آيو. حالت تمام خراب هُيس. هلي به نٿو سگهي. ڏاڍو وڙهيا اٿس ۽ تشدد ڪيو اٿنس. مون کي ٻڌايائين ته اتي فوجي سپاهي چون پيا ته شاهه جي ڏاڍي مار کاڌي آهي پر جوان آهي. منظور پنهور، صمد ڪانڌڙو ۽ ظفر راڄپر وارا اڃا اتي آهن.

80-3-6
اڄ اسان کي سمري ملٽري ڪورٽ نمبر 18 ۾ پيش ڪيائون. ستار ۽ آءٌ اسپيشل پوليس جي ٽرڪ ۾ چڙهي پهتاسين. پوليس ٽرڪ جو پويون دروازو بلڪل ڪورٽ جي دروازي سان لڳائي بيهاريائون ۽ پوليس وارا ٻنهي طرفن کان پوزيشن سنڀالي بيٺا. اتي اندر ڪورٽ ۾ غلام شبير لاکو سنڌ يونيورسٽي شاگرد يونين جو صدر، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو، قربان علي شاهه وڪيل، برادرم ارباب علي شاهه، قيس ابڙو، آرٽسٽ سميع خان ۽ ٻيا آيل هئا. دوستن سامان وٺي ڏنو. صرف هٿ ڏيڻ جي پوليس اجازت ڏني.

ڪامريڊ حسين بخش پري کان پڇيو ته طبيعت ٺيڪ آهي؟ وقت کي مڙس ٿي منهن ڏجو. ان تي مون کيس سچل سرمست جو شعر ٻڌايو:
صورت ۾ جاءِ دم جي، دم ريءَ نه صورت ڪم جي
دم ۾ جا لذت غم جي، وهه واهه ڳالهه خاصي

80-3-8
منظور پنهور ايف.آئي.يو فوجي ڇانوڻي مان موٽي آيو، جنهن ٻڌايو ته عبدالصمد ڪانڌڙو اڃا تائين فوجين جو مهمان آهي. هن ٻڌايو ته اسان تي چڱو موچارو تشدد ڪيو ويو آهي. هن جي حالت به رحم جوڳي هئي.
80-3-9
پوليس جي اسپيشل گاڏي آئي، جنهن ۾ اسان کي سخت پهري هيٺ ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيائون. اڌ ڪلاڪ جي اندر اسان کي 16.3.80 جي شنوائي ملي. ملاقات لاءِ آيل دوستن يا مائٽن سان ملاقات ڪرڻ نه ڏنائون ۽ انهيءَ گاڏيءَ ۾ واپس نارا جيل تي ڇڏي ويا.
80-3-16
سمري ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. سينٽرل جيل حيدرآباد کان سميع مڱريو شاگرد سنڌ يونيورسٽي ۽ هيرا لال شاگرد سنڌ يونيورسٽي به شنوائيءَ تي آيل هئا، پر پوليس اسان کي انهن سان به ملڻ نه ڏنو ۽ نه وري ملاقات تي آيل لطف عباسي حيدرآباد ۽ ٻين دوستن سان هٿ ملائڻ ڏنو. وري شنوائي 29.3.80 تي ملي.
80-3-19
اڄ منظور پنهور آزاد ٿي جيل جي گُهٽَ ۽ ٻُوسٽ واري ماحول مان نڪري ٻاهرين کُليل هوا جو هڳاءُ ورتو.
80-3-29
اڄ اسان کي عام قيدين سان گڏ پوليس جي گاڏيءَ ۾ سمري ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيائون. اُتي منهنجو ننڍو ڀاءُ ارباب علي شاهه ۽ منهنجو عزيز قربان علي شاهه لڪياري، وڪيل ۽ ٻيا ساٿي بابر جوڻيجو، ادل سومرو شاعر، فضل حق سولنگي ميمبر جساف، قادر بخش عباسي ميمبر سپاف ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا هئا. اڄ منهنجو ماروٽ غلام سرور شاهه ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو ۽ چيائين ته بابي مون کي موڪليو آهي ته اسان توهان جي ننڍي ڀيڻ جو مڱڻو ڪرڻ چاهيون ٿا، توهان اجازت ڏيو. ان ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ مون کي سخت پيڙا محسوس ٿي ۽ مون کيس چيو ته بابو ۽ امان زنده آهن، مان ڪجهه به نٿو چئي سگهان. شنوائي وري 12.4.80 تي ملي.
80-4-5
سپاف ۽ مهراڻ يونيورسٽي جو سپاف شاگرد قيدي مظهر بلوچ چڪر جمعدار کان اجازت وٺي ستار موريو ۽ مون سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ اسپيشل وارڊ ۾ آيو. ساڻس ماضيءَ ۾ يونيورسٽيءَ جي شاگرد سياست تي بحث ٿيو، جنهن ۾ هن تسليم ڪيو ته سپاف جا شاگرد صرف جذباتي آهن، نظرياتي طرح سان هنن وٽ ڪوبه مواد ڪونه آهي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا شاگرد نظرياتي آهن ۽ انهن ۾ قربانيءَ جو مادو تمام گهڻو آهي. شام جو موڪلائي چڪر ڏي ويو.
80-4-6
جيل سپريٽنڊنٽ ستار ۽ مون کي ماڙيءَ تي گهرايو ۽ چيائين ته توهان جيل جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري خط لکو ٿا ۽ خط اسان کي ڪڍي ڏيکاريائين، جيڪو مون سپاهي علي شير مستوريءَ جي هٿان پنهنجي عزيز قربان علي شاهه لڪياري وڪيل کي خير صلح جي حال احوال لاءِ لکيو هو، ڇاڪاڻ ته جيل ۾ اسان جي ملاقات بند هوندي هئي. انهن ڳالهين دوران ڊپٽي سپريٽنڊنٽ لعل محمد سومرو خاموش ويٺو هو، ليڪن اُن ڏاڍي هلڪڙائيءَ واري انداز سان چيو ته اسان توهان کي سينٽرل جيل حيدرآباد بدلي ٿا ڪيون. ان تي اسان کيس چيو ته هتي به جيل آهي ۽ هُتي به جيل آهي. سينٽرل جيل تي اسان جو ساهه ڪونه ڪڍي ڇڏيندا، ڀلي موڪليو. بعد ۾ جيل سپريٽنڊنٽ وچ ۾ ڳالهائي اسان کي ٿڌو ڪيو ۽ ٻين موضوعن تي ڪچهري ڪيائين ۽ ٿڌو به پياريائين.
80-4-10
اڄ جيل تي نئون ڊاڪٽر هادي بخش لغاري بدلي ٿي آيو آهي. اسان جي وارڊ ۾ چڪر ڏيڻ آيو ۽ اسان کان صحت بابت پڇا ڳاڇا ڪيائين. اسان کيس چيو ته مانيءَ ۾ اڌ تي مٽي مليل آهي ۽ دال اهڙي آهي جو صرف ڌپ دال جي هوندي اٿس. باقي گرهه ٻوڙي کائڻ مهل پاڻياٺ بغل وڃي کڻندو آهي ۽ جيل جا کٿا اهڙا آهن جو هر هڪ ۾ مڻ مٽيءَ جو ۽ لاتعداد جُون اٿس. ان ڪري بدن ۾ هر وقت خارش رهي ٿي ۽ وارڊ ۾ صفائيءَ جو بندوبست به اڻپورو آهي. ان تي ڊاڪٽر چيو ته مون وٽ صرف هاضمي جون ٽڪيون آهن، باقي مون وٽ بجيٽ ئي ڪانه آهي جو توهان کي خارش جي دوا يا کير وغيره لکي ڏيان ۽ ائين کلندو وارڊ مان ٻاهر نڪري ويو. نظام الدين پنهور شنوائيءَ تي دادو ويل هو، اتي کيس منهنجي هاسٽل جي روم پارٽنر ۽ پياري ساٿي شيخ مجيب الرحمٰن اسان ڏي خط لکي ڏنس، جيڪو اسان کي اچي ڏنائين.
80-4-12
اڄ ستار موريو ۽ مون کي عام قيدين سان گڏ پوليس ٽرڪ ۾ ملٽري ڪورٽ ۾ وٺي آيا. اتي سينٽرل جيل تان قيدي آفتاب دائودي، فاضل راهو، عالم شاهه بخاري به شنوائيءَ تي آيا، جن سان دُعا سلام ٿي ۽ سڀ ڪو پنهنجي واسطيدار مائٽن ۽ دوستن سان ڪچهريءَ ۾ ويهي رهيو. اڄ ملاقات تي برادرم ارباب علي شاهه، عزيزم قربان علي شاهه، شهر سٺ ميل کان حاجي ٻيڙو مير جت ۽ يونيورسٽيءَ مان امير علي قريشي، فضل حق سولنگي ۽ گل محمد دَل آيا.
80-4-18
قيدي امان الله شاهاڻي اسان جي وارڊ ۾ آيو ۽ ٻڌايائين ته سندس مير فيض محمد چُکيءَ واري قتل جو ڪيس هاڻي مير علي احمد ٽالپر جي ڪوشش سان اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ هلندو. پاڻ ڏاڍو پريشان هو ۽ ٻڌايائين ته اسان جو صوبيدار غلام رسول لاشاري ۽ ٻيا سپاهي نظام پنهور، مشتاق عباسي، علي محمد، محمد ايوب شورو عرف جان من (جيڪي پڻ قيدي آهن) سڀ سخت پريشان آهن، ڇاڪاڻ ته اسپيشل ملٽري ڪورٽ مان ڪنهن به قيديءَ جو آزاد ٿيڻ ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي به ان ڪورٽ مان سواءِ عمر قيد ۽ سزائي موت جي، ٻيو ڪجهه به نه مليو آهي. ستار ۽ مان پڻ ساڳئي ئي مرض جا مريض، سواءِ زباني همدرديءَ جي ٻيو ڪجهه به نٿي ڪري سگهياسين.
80-4-19
صبح جو ورزش ڪري آرام ڪيوسين ۽ سڄو ڏينهن سستيءَ ۾ گذاريوسين.
80-4-20
اڄ اسان کي نالي اڪبر عرف پَوو برداشتي ڏنو اٿن. ڏسڻ ۾ ته صفا بشني ٿو اچي ۽ جيل جي ڪاري ٽوپي آهي. (ڪاري ٽوپي يعني اهو قيدي جيڪو بار بار سزا وٺي جيل ۾ ايندو رهي ۽ آزاد ٿيندو رهي) بهرحال، وقت پاس ڪرڻو آهي. اڄ ڀتي ۾ دال گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ بلڪل کائڻ جهڙي نه هئي. اسان ڀتو واپس ڪيو. بعد ۾ دال کي ڪجهه نه ڪجهه ٺاهي کڻي آيا. اسان ان دال کي بصر جو داڳ ڏئي کائڻ جهڙي ڪئي. اسان ته سياسي قيدي آهيون. اسان کي به اهڙي دال ملي ٿي ته عام قيدين کي ڪهڙي دال ملندي هوندي.
80-4-21
اڄ اسان جي وارڊ جي ڏکڻ پاسي وارين کولين ۾ هڪ قيدي نالي حاجي يار محمد راڄپر ڪنڊرياري جي کي کوليءَ ۾ اچي بند ڪيو اٿن. سڄي رات رڙيون ڪري ۽ نعرا هڻي رهيو آهي. رات واري سپاهي کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته چريو آهي. سمجهه ۾ ڳالهه نٿي اچي ته هڪ چريو، ٻيو بند کوليءَ ۾، يعني ته کائڻ، پيئڻ، هنگڻ، مٽڻ ان ئي کوليءَ ۾ ته ان ماڻهوءَ جو ته اڳيون دماغي توازن به بگڙي ويندو. بجاءِ سڌرڻ جي اهو انسان وڌيڪ پاڳل ٿي ٿو وڃي.
80-4-22
اڄ امان الله شاهاڻي وارن جي ”بي“ ڪلاس وارڊ مان هڪ برداشتي نالي پٺاڻ بادشاهه خان صوبي سرحد جي دِير شهر جو آهي، آزاد ٿي ويو. کانئس جيلر عبدالرشيد چار سؤ روپيه رشوت ورتا، جيڪي سندس ماڙيءَ ۾ جمع ٿيل هئا. اها حقيقت اسان کي ميرپور خاص جي قيدي منشي محمد صالح سمون ٻڌائي.
80-4-23
منشي محمد صالح سمون جيڪو ميرپور خاص جو شاگرد (قيدي) آهي، منهنجو ”قيدي سڃاڻپ ڪارڊ“ کڻي آيو ۽ مون کي اڄ خبر پئي ته مون تي مارشل لا ريگيوليٽس هڪ، پنج، نَوَ، ٽي، ويهه وري وري لڳل هئا ۽ ٽي سؤ ست، سؤ ستيتاليهه، سؤ اٺيتاليهه، سؤ اڻونجاهه پي.پي.سي لڳل آهن. اڄ ڪاٺيون ڪونه مليون. ڇا ڪجي؟ هڪ ته ”سي“ ڪلاس جا قيدي، ٻيو وري جيڪا ٿوري گهڻي سهوليت ملي آهي، سا به هلي ويندي. ان ڪري کڻي ماٺ ڪئي سون. ٿوريون گهڻيون جيڪي بچيل ڪاٺيون هيون، انهن تي دال کي تڙڪو ڏئي اندر جي باهه اجهائي سون. ”بي“ ڪلاس جي امان الله شاهاڻيءَ کي چيم ته ”اسان توکي پئسه ڏيون ٿا، سائي ڀاڄي اسان کي گهرائي ڏي.“ جنهن تي چيائين ته مان داد شير سپاهي کي چوان ٿو. توهان ان کي پئسه ڏيندؤ ته ڀاڄي وٺي ايندو.
80-4-24
صبح جو داد شير سپاهي کي ڏهه روپيه ڏنم، جيڪو توريون، بصر ۽ ٽماٽا وٺي آيو. اڄ ٻهاري پارٽيءَ جي اڳواڻ قيدي ڪيشيءَ ٻڌايو ته هتي جيل ۾ ڪم لاءِ مختلف پارٽيون ٺهيل آهن، جن ۾ ٻهاري پارٽي، ليپا پارٽي، کڏا پارٽي، چئن ٻيڙي پارٽي، بورچي پارٽي، هر هڪ پارٽيءَ جو مختلف ڪم آهي. اڪبر پوي ٻئي ويلا ڀاڄي تيار ڪري ڏني. رات جو ڪافي دير تائين حاجي يار محمد راڄپر چريو جا بند وارڊ مان نعرا پئي ٻڌا ۽ اهو دروازي کي زور سان کڙڪائيندو رهيو.
80-4-25
چرئي راڄپر جي بکن جي دانهن تي پنهنجي مانيءَ مان ڪجهه حصو ۽ چانهه کيس ڏنم. ڏاڍو خوش ٿيو ۽ آئنده جي لاءِ به اهڙي فرمائش ڪيائين. حقيقت ۾ هن جو ڏوهه به ناهي. قد اٽڪل ساڍا ڇهه فوٽ ۽ ماني ويلي تي ٻه ڊڳڙيون ملنس ته ان جو ڪهڙو حشر هوندو. ان کان پوءِ ليپا پارٽي لاءِ اڪثر پاڻي هن چرئي کان ڀرائيندا آهن. رڳو هُشي ڏئي ڇڏيندا اٿس ته چار دٻا پاڻيءَ جا هڪ ئي چڪر ۾ کنيو ايندو آهي ۽ مست اُٺ وانگر گجندو ۽ گڙندو ايندو آهي.
80-4-26
معمول مطابق ورزش ۽ ناشتو ڪري شنوائيءَ لاءِ تيار ٿي ملٽري ڪورٽ پهتاسين. اُتي سينٽرل جيل حيدرآباد کان آفتاب دائودي ۽ ساغر سميجو به آيل هئا. برادرم ارباب علي شاهه ڪُڪڙ جي ڀاڄي پچرائي کڻي آيو هو. سنگت سان گڏجي ماني کاڌي سون. ملاقات لاءِ مامون اسماعيل شاهه، مامون فيضل شاهه، ماسات حاجن شاهه، ماروٽ علي انور شاهه، رجب علي سيٺار، مُلو الهندو ڪانُهه آيا. ڪالهه جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي باڊي جي اليڪشن ٿي گذري، پر ڪوبه اهڙو تنظيمي دوست ملاقات لاءِ نه آيو، جو خبر پئجي سگهي ته ڪهڙا عهديدار چونڊجي آيا؟ شام جو نارا جيل تي پهتاسين ته عبدالرشيد جيلر، ستار موريو ۽ مون کي چيو ته پنهنجون مڪمل ائڊريسون لکرايو، ڇاڪاڻ ته مارشل لا وارن گهرايون آهن. اسان کيس ائڊريسون لکرايون.
80-4-27
داد شير سپاهيءَ کي ڀاڄيءَ لاءِ پئسه ڏنم، جنهن ڀاڄي وٺي آڻي ڏني.
80-4-28
اڄ جيل جي مانيءَ سان گڏ ڊيزل آڻي ڏنائون. (جيل جي زبان ۾ گوشت واري ڀاڄيءَ کي ڊيزل يا گهوڙو سڏيندا آهن) حقيقت ۾ ان گوشت واري ڀاڄيءَ ۾ ڪجهه هڏا هئا، جيڪي خبر ناهي ته ڇا جا آهن؟ انهن ۾ بيٽ، ڀينڊيون، واڱڻ، ٽماٽا، لُلُر، واهو، بصر ۽ سائو گاهه لوسڻ وغيره به گڏيل هوندو اٿس. حقيقت ۾ گوشت جنهن مهل ٺيڪيدار جي ماڙيءَ ۾ کڻي پهچندو آهي ته ان وقت جيل سپرينڊنٽ جي ڀاڄيءَ لاءِ، ڊپٽيءَ لاءِ، جيلرن لاءِ ۽ جيڪي جيل سپرينڊنٽ جا منظورِ نظر سپاهي هوندا آهن، انهن لاءِ سٺو سٺو گوشت ڪڍيو ويندو آهي. رهيل ڪسر وري بورچي خاني جا پڪا قيدي پنهنجي لاءِ ڌار ڀاڄي تيار ڪري پوري ڪندا آهن. باقي عام قيدين لاءِ سواءِ هڏن جي ڇا بچندو؟ ستار پنهنجي ڏاڏي حڪيم سراج الدين کي لاڙڪاڻي خط لکيو.
80-4-29
امان الله شاهاڻي اڄ شنوائيءَ تي ٿي ويو. اسان کيس خط لکي ڏنا ته ٻاهران لفافا وٺي روانا ڪري. غلام رسول لاشاريءَ ٻڌايو ته سندن قتل ڪيس خصوصي ملٽري ڪورٽ ۾ نه هلندو، ڇاڪاڻ ته اهڙو منع نامون سنڌ هاءِ ڪورٽ جاري ڪيو آهي. ساڻس گڏ مشتاق عباسي، ايوب شورو به گڏجي آيا ۽ ڏاڍا خوش هئا. اڄ جيل مان هڪ چين ٻيڙي پارٽيءَ جو قيدي ٻاهران ڪم تان ڀڄي ويو. اسان جي هتي هئڻ ۾ هي ٻيو قيدي ڀڳو آهي. خبر ناهي ته پئسه وٺي ڇڏين ٿا يا سچي پچي ڀڳو آهي؟
80-4-30
صبح جو خبر پئي ته ڀڄي ويل قيدي رات ساڍي يارهين بجي گرفتار ٿيو ۽ ان کي جيل ۾ وٺي آيا اٿس. کيس اگهاڙو ڪري، ڪارو منهن ڪري، گڏهه تي چاڙهي جيل ۾ سرگس گهمايائونس ۽ آخر ۾ ڏاڍي آڍ سوٽ ڪري بند وارڊ جي کوليءَ ۾ وجهي ڇڏيائونس.
اسان جي برداشتي اڪبر پوو ٻڌايو ته چڪر جمعدار علي نواز چانڊيو کيس ڏاڍي مار ڪڍي آهي. اڪثر قيدي چڪر جمعدار جي ظلم جي ڏاڍ جي شڪايت ڪندا آهن، پر جيل سپريٽنڊنٽ جو ”کاٽو پٽ“ آهي، ان ڪري ويٺو مستيون ڪري.
اڄ شام جو چريو راڄپر جنهن کي جيل جا قيدي اُٺ فقير سڏيندا هئا، اسان جي وارڊ ۾ آيو. ستار ۽ مون کيس منٿ ڪئي ته رات جو دروازو نه کڙڪائيندو ڪر، جنهن تي مطالبو ڪيائين ته پنج سگريٽ ڏيو ته سڄي رات کوليءَ جو دروازو ڪونه کڙڪائيندس. اسان کيس سگريٽ ڏنا.
رات جو اٽڪل يارهين بجي کان پوءِ اُٺ فقير وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي چئي پيو ته سائين علي محمد شاهه! سپاهيءَ هٿان سگريٽ موڪل، نه ته مان دروازو کڙڪايانءِ ٿو. سگريٽ مون ڪونه موڪليا ۽ اُٺ فقير سڄي رات دروازي کي زور سان کڙڪائيندو رهيو.
80-5-1
اڄ سڄي دنيا ۾ مزدورن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، پر افسوس ان ڳالهه جو اٿم ته اسان جي سنڌي مزدور يا سنڌي هاريءَ جي ڪابه عزت ڪانه آهي. جڏهن ديرو بٽئي لاءِ تيار ٿيندو ته وڏيرو يا رئيس جو ڪمدار اَنُ ميڙي چونڊي کڻي ويندا ۽ هاري ويچارو ساڳيو پوتي ڪُلهي تي رکي، رئيس يا وڏيري جي اوطاق تي پٽ تي ويهي اَن جي مڻ لاءِ ويٺو منٿون آزيون ڪندو. ساڳي جاءِ تي غير سنڌي مزدور يا هاري خوش پيو وقت گذاري. شايد هن ڪائنات ۾ اسان جي پيڙهيل سنڌي مزدور يا هاريءَ جو ڪير به ڀرجهلو نه آهي جو اسان جي غريب ماروئڙن، سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن جا ڏکيا ڏينهن ختم ڪرائي. هتي جيل ۾ وڏيرن ۽ رئيسن جا ستايل ڪيترا ئي سنڌي هاري آهن، جيڪي پنهنجي درد جا داستان ٻڌائي سڏڪي سڏڪي روئي ڏيندا آهن ۽ ٻڌائيندا آهن ته اسان پنهنجن ٻچن جي چپن تان کير جو وٽو لاهي، مينهن يا ڳئون کپائي يا پنهنجي عورتن جا ڳَهَه گروي رکائي يا کپائي وڏيرن جا قرض ڀريندا آهيون يا هن جيل مان پنهنجي جان آزاد ڪرائيندا آهيون. سڄو ڏينهن درد، پيڙا ۽ ذهني عذاب ۾ گذريو. خبر ناهي ته اسان جا سنڌي ماڻهو ڪڏهن متحد ٿيندا ۽ هن ڪوڙ جي ڪاڪ محل کي ڊاهي پٽ تي هڻي پرزا پرزا ڪندا.
80-5-2
ڪوٽڙيءَ جا ٻه شاگرد عبدالستار ميمڻ ۽ محمد ايوب پٺاڻ خون جي ڪيس ۾ گرفتار ٿي آيا آهن. چڪر جمعدار علي نواز چانڊيو کي گهرائي چيم ته انهن شاگردن جي اسان سان ڪچهري ڪراءِ. منجهند جو انهن سان گڏ ڪيشي، پپو، پوو ملڻ آيا. صرف ٽي منٽ مس ويٺا ته چڪر جمعدار ڊڪندو آيو، چيائين ته صاحب ٿو اچي، مهرباني ڪري هلو.
بورچي خاني جي هڪ سنڌي بورچي اسان کي ڪچي پالڪ ڏياري موڪلي. داد شير سپاهي اسان جي لاءِ سائي ڀاڄي شهر مان وٺي آيو. هر وقت اسان کي انديشو رهي ٿو ته اسپيشل وارڊ ۾ ڀاڄي رڌڻ جي ڳالهه ظاهر نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته اسان کي جيڪي ڪاٺيون ملن ٿيون، ان لاءِ جيل سپريڊنٽ جو حڪم آهي ته ڀاڄيءَ کي تڙڪو ڏيارڻو يا رڌڻو آهي ته ”بي“ ڪلاس وارڊ مان ٺهرايو. اڄ ستار ۽ مون يونيورسٽيءَ ۾ گذريل وقت جي پوليس ڇاپن ۽ گرفتارين تي بحث ڪيو ته اُهي ڪهڙا سبب آهن جو گهڻو ڪري پوليس جا ڇاپا ڪامياب ٿا وڃن. گهڻي بحث کان پوءِ ان ڳالهه تي متفق ٿياسون ته يونيورسٽي جا شاگرد مخبري ڪن ٿا.
80-5-3
صبح جو پنهنجي وارڊ ۾ رهياسين. شام جو ڊپٽي سپرينڊنٽ لعل محمد سومرو آيو. ڪلاڪ کن ڪچهري ڪيائين. ڪالهه کان ”چڪر“ جا ٽي قيدي اسان جي ڏاکڻئين پاسي وارين کولين ۾ بند ڪيا اٿن. کين ڏنڊا ٻيڙيون لڳل آهن ۽ سندن ڪانچن جا اڳٺ به نڪتل آهن. صبح، شام ڏهه ڏهه ڏنڊا پيرن جي تِرين تي هڻندا اٿن. هنن جو ڏوهه صرف اهو آهي ته دال کائڻ جهڙي نه هوندي آهي، ان ڪري اندر چڪر ۾ هڪڙي زبون، پراڻي بيرڪ ۾ پيل آفيس جي ڀڳل دروازي مان ڪاٺيون ڪڍي دال کي تڙڪو ڏئي کاڌائون.
80-5-4
ڪالهه ڊپٽي سپريدنٽ اسان سان واعدو ڪيو هو ته توهان کي شام جو دير سان بند ڪيو ويندو، ان ڪري داد شير سپاهيءَ کي موڪليوسين ته ڊپٽيءَ کان پڇي اچي ته ڪهڙي ٽائيم تي بند ڪجين؟ ڊپٽيءَ کيس چيو ته معمول مطابق، جيئن ڇهين بجي بند ڪندو آهين، تيئن بند ڪري ڇڏين. حقيقت ۾ مون کي ڪالهه ڊپٽيءَ جي گهڻي ڳالهائڻ ۽ هر ننڍي وڏي ڳالهه تي قسم پيو کڻي، ان ڪري مون کي شڪ ٿي پيو هو ته هن مان غذا ڪانه ٿيندي ۽ ٿيو به ائين.
غلام عباس عرف ڪيشيءَ ٻڌايو ته علي نواز چانڊيو چڪر عملدار چيو آهي ته ڪوٽڙيءَ جي ٻن شاگردن ستار ۽ ايوب کان ڇهه سؤ روپيه رشوت جا وٺي ڏي، ڇاڪاڻ ته سپريڊنٽ صاحب گهري ٿو ۽ هنن کان ڪم به ڪونه ڪرائبو ۽ ماني به ڀلي گهر جي کائن.
بهرحال، ستار ۽ ايوب پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. نتيجي ۾ کين ڇوڪرا وارڊ مان ڪڍي چڪر ۾ موڪلي ڇڏيائون ته جيئن اتي هنن تي سختي ڪئي وڃي. پئسه نه ڏنائون، ان ڪري گهر جي ماني به بند ڪري ڇڏيائون.
80-5-5
اڄ پٺاڻ سپاهي داد شير جي ڊيوٽي تبديل ڪري ان جي جاءِ تي عبدالستار شاهه پٺاڻ سپاهي کي رکيو اٿن.
ستار موريو شنوائيءَ تي ويو. وارڊ ۾ اڪيلو هئڻ ڪري اڪبر پوو شام تائين مون وٽ هو. اڍائي بجي ڌاري ستار موٽي آيو ۽ ٻڌايائين ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سيمسٽر بريڪ هئڻ ڪري پندرنهن ڏينهن يونيورسٽيءَ کي بند ڪري ڇڏيو اٿن، جنهن ڪري ڪوبه يونيورسٽي جو ساٿي ملاقات تي ڪونه آيو. رات جو ڊيوٽيءَ تي نئون سنڌي سپاهي ڇلگري آيو آهي ۽ پنجابي سپاهي محمد حسين جي ڊيوٽي بُرجيءَ تي لڳي آهي.
80-5-6
شنوائيءَ تي ملٽري ڪورٽ ۾ ويس. اُتي راشد مورائي، دادن ڏاهري، فرمان علي شاهه، عزيزم قربان علي شاهه ۽ برادرم ارباب علي شاهه ملاقات لاءِ آيا. راشد مورائي منهنجي هٿڪڙين کي چميون ڏنيون ۽ چيائين ته: ”سنڌڙيءَ جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ هڪ قومي ڪارڪن جي هٿن ۾ هٿڪڙين کي منهنجو سلام آهي.“
80-5-19
صبح جو امان الله شاهاڻي، سليم جانگير، نديم ۽ پرويز پٺاڻ وارا ڪچهري ڪرڻ آيا. چانهه گڏجي پيتي سون. سنگت کان موڪلائي اسان پوليس ٽرڪ ۾ چڙهي ملٽري ڪورٽ ۾ شنوائيءَ تي آياسين. ڪورٽ ۾ ڊيوٽيءَ تي اي.ايس.آءِ سان کوليءَ ۾ بند ٿيڻ تان تلخ ڪلامي ٿي پئي. ستار ۽ مون کي زبردستي پوليس ٽرڪ ۾ بند ڪيائون، پر بعد ۾ اسان جي ملاقات تي آيل مائٽن ۽ ساٿين طرفان ڪتن کي سڻڀو گرهه ڏنو ويو ۽ اسان کي پوليس ٽرڪ مان لاهي ملاقات ڪرايائون. اتي عزيزم قربان علي شاهه، فرمان علي شاهه، فتح علي شاهه، سنڌ يونيورسٽي مان نواز کوسو ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان اسحاق تنيو ملاقات تي آيا. ستار موريو جو ڏاڏو حڪيم سراج الدين ۽ سندس وڏو ڀاءُ محمد عمر ملاقات لاءِ آيا. سندس ڀاءُ سان مون ڪچهري ڪرڻ چاهي، ليڪن سندس مغرور ذهنيت ۽ سخت مزاج هئڻ جي ڪري ساڻس وڌيڪ ڪچهري ڪرڻ مناسب نه سمجهيم.
دل ۾ ڏاڍو ڏک ٿيم. اڪثر ڪري لاڙڪاڻي جي جيترن به دوستن سان ڪچهري ڪئي اٿم يا مليو آهيان ته انهن ۾ احساس برتريءَ وارو جذبو نمايان ڏسڻ ۾ آيو آهي.
نارا جيل تي واپس پهتاسين. جيل سپريڊنٽ سان ڪورٽ پوليس جي غلط ورتاءَ جي شڪايت ڪئي سون، جنهن ان جي آئنده شڪايت نه ٿيڻ جي يقين دهاني ڪرائي.
80-5-20
اڄ ورزش ڪانه ڪيم.
غلام رسول لاشاري ۽ امان الله شاهاڻي وارن جو ڪيس هاءِ ڪورٽ جي منع نامي جي باوجود کين اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ اڄ گهرايو اٿن. عجب ٿو لڳي، هاءِ ڪورٽ جي اختيارن جو ۽ ملٽري ڪورٽ جي طاقت جو. خبر نٿي پئي ته ڪهڙي طرح حڪومت جو نظام آهي.
سليم جهانگير، پرويز پٺاڻ ۽ مظهر بلوچ وارڊ ۾ ڪچهري ڪرڻ آيا. امين سپاهيءَ کي ضروري سامان وٺي اچڻ لاءِ چيم، پر شام جو واعدو ڪري نه آيو.
80-5-21
سامان لاءِ نظام الدين پنهور کي ستار پئسا ڏنا. سامان سپاهيءَ هٿان گهرائي ڏنائين، پر اڻپورو. يعني ته پئسه وچان سپاهي کائي ويو. ڊپٽي سپريڊنٽ قرب ڪري برف ۽ اخبار موڪلي.
80-5-22
اڄ امان الله شاهاڻي آيو ۽ چيائين ته توهان جي برداشتي پوو ۽ اُٺ فقير جو ملاکڙو ٿئي. هاڻي اُٺ فقير جو قد ساڍا ڇهه فوٽ ۽ اڪبر پوي جو قد ساڍا چار فوٽ. ملاکڙو شروع ٿي ويو ۽ اڪبر پوو اُٺ فقير کي دسي ويو، پر اسان اُٺ فقير کي خوش رکڻ لاءِ چيوسون ته تون دسي ويو آهين. پوءِ رڳو ٽپا، ناچ ۽ نعرا پيو هڻي. سليم جانگير ۽ پرويز پٺاڻ ڪچهري ڪرڻ لاءِ آيا پئي ته واٽ تان کين پنجابي جمعدار چراغ موٽائي ڇڏيو. سچ پچ اسان لاءِ ته جيل ۾ به ٻيو جيل آهي. ڪوبه ملڻ لاءِ وارڊ ۾ اچي ٿو ته ان کي تنگ ڪيو ٿو وڃي. اڄ اُٺ فقير کي بند وارڊ جي کوليءَ مان ڪڍي چڪر ۾ اماڻيائون. کيس اسان کان جدائيءَ جو ڏاڍو ڏُک هو.
80-5-23
ستار موريو، امان الله شاهاڻي ۽ مان اسپيشل وارڊ جي ٻاهران کٿو وڇائي ويٺا هئاسون ته ايوب شورو عرف جانِ مَن آيو. ستار ۽ مون کي منجهند جي مانيءَ جي ”بي“ ڪلاس وارڊ ۾ دعوت ڏنائين. پڇڻ تي ٻڌايائين ته سندس معشوق نديم مهاجر ڇوڪرو آزاد ٿئي ٿو، ان جي خوشيءَ ۾ دعوت ڪئي اٿم.
هن جي وڃڻ کان پوءِ امان الله ٻڌايو ته عاشقيءَ جو ناجائز فائدو وٺي اسان نديم سان صلاح ڪري کيس آزاديءَ جي ڪوڙي خبر ٻڌائي ماني کارائڻ لاءِ تيار ڪيو آهي.
منجهند جي ماني سڀني گڏجي کاڌي. بعد ۾ نديم اردوءَ ۾ غزل ڏاڍي سُريلي آواز ۾ ٻڌايا ۽ جانِ مَنِ مٿانئس اور گهور پئي ٿيو. قيدي گلبهار چانڊئي مون کي سنڌي ٽوپي، سنڌ جي نقشن سان ٺهيل ڏني. ٽوپيءَ تي ڏاڍي سٺي محنت ڪيل اٿس.
80-5-24
اڄ اُٺ فقير چڪر مان زوريءَ ڀڄي اسان جي وارڊ ۾ اچي پهتو. اسان کيس ماني کارائي ۽ سگريٽ پياريو.
ستار موريي اڪبر پَوي کي چيو ته اُٺ فقير کي چيڙاءِ ۽ هن اُٺ فقير جا چيٻارا ڪڍيا ۽ هُو چڙي پيو ۽ پاڻ ۾ وڙهي پيا. وڙهڻ دوران اُٺ فقير کان هيٺان ڌماڪي سان آواز نڪري ويو ۽ پوءِ اهڙو ته اچي مڇريو جو موراڳي پوي کي اُڦٽ پئي ماريائين. چي تون مون کان ٽِٽ ڪڍيو آ، مان توکي جيئرو نه ڇڏيندس. سُورن سان اڪبر جي جان ڇڏائي سون ۽ اُٺ فقير پوي کي گاريون ڏيندو چڪر ڏانهن هليو ويو. شام جو امان الله شاهاڻي، مظهر بلوچ ۽ ڪوٽڙيءَ جو ميمڻ نوجوان ڪچهريءَ تي آيا. امان الله جنگ ۽ عبرت اخبار پڙهڻ لاءِ ۽ ننڍڙو ريڊيو پاڪيٽ سائيز ٻڌڻ لاءِ ڏئي ويو. گرفتار ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين ريڊيو ڪونه ٻڌو اٿئون، سو ڏاڍو ٻڌڻ ۾ لطف پيو ڏئي. رات جو بي.بي.سي تان خبرون ٻڌيون سون، خاص طرح جيڏي مهل سيربين جو پروگرام آيو ته مان کلڻ لڳس. ستار کلڻ جو سبب پڇيو ته مون کيس ٻڌايو ته منهنجو مامون اسماعيل شاهه سيربين کي ”خير دين“ چوندو آهي.
80-5-25
امان الله ريڊيو کڻي ويو. سليم جهانگير، نديم ۽ پرويز پٺاڻ گڏجي اسان جي وارڊ ۾ ڪچهريءَ تي آيا. ايوب شورو عرف جانِ من به نديم جو پيرو کڻي اچي اسان وٽ پهتو. بس پوءِ ته نديم کي ڏسيو باغ و بهار پيو ٿئي. مان جيئن وارڊ جي دروازي جي ٻاهران بيٺو هئس ته هڪ نئون قيدي نالي عبدالسليم پٺاڻ مون سان اچي مليو ۽ مون کي ٻڌايائين ته حيدرآباد شهر کان ٻاهر قومي شاهراهه تي هوٽل اٿس. ناجائز طريقي سان کنڊ جي ٻوري ورتي هئائين، جنهن تي گرفتار ٿي جيل پهتو آهي. گهڻي پاڻي ڀرڻ ۽ ليپي وارو ڏنڊو زمين تي هلائڻ جي ڪري سندس هٿن مان رت پيو وهي. مون کي منٿ ڪيائين ته منهنجي هن ڪم مان جان ڇڏاءِ. مون کيس چيو ته مان پاڻ تو وانگر قيدي آهيان، منهنجي ڪير ٻڌندو؟ بعد ۾ جيل جي پنجابي صوبيدار ولي محمد سان وڃي مليو ۽ کيس ڏيڍ سؤ روپين جي آڇ ڪيائين ۽ ڪم ڪرڻ مان جان ڇُٽي ويس. شام جو امان الله وري ريڊيو ڏئي ويو. سپاهي هاشم ڇلگريءَ رات جو بي سري آواز ۾ ڪلام ٻڌايا. قيدي آهيون، ان ڪري مجبورًا ڪلام ٻڌڻا پيا ۽ واهه واهه ڪرڻي پئي.
80-5-26
شنوائيءَ تي وياسين. برادرم راشد علي شاهه ”راشد“ مورائي، برادرم ارباب علي شاهه ۽ ٻيا ساٿي حفيظ قريشي جونيئر، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو، رسول بخش ٿيٻو، عبدالحق ڪانڌڙو، حبيب الله ناريجو، فضل حق سولنگي، پيارو شيخ مجيب الرحمٰن، قادر بخش عباسي، شفيع محمد ڪرناڻي ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا. هونئن ته سڀني ساٿين جا لک قرب، پر خاص طرح سان راشد مورائي جو ڏاڍو ٿورائتو آهيان جو غريبي حال آهر به ملاقات تي ايندو رهي ٿو ۽ پنهنجي علمي درياهه مان ڪچهريءَ ۾ ٻه ٽي ڍُڪ ڀرائي وڃي ٿو. شيخ مجيب الرحمٰن ڪپڙن جو وڳو ڏئي ويو.
80-5-27
اڄ اخبار ۾ مارشل لاء جا سخت احڪامات جاري ڪيا اٿن، جن جي پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جو ڄڻ وجود ئي ختم ڪيو ويو آهي. ان ۾ چيف مارشل لاء ايڊمنسٽيٽر جي ”مارشل لاء آرڊيننس“ ۽ مارشل لاء ڪورٽن جي فيصلن کي چيلنج نٿو ڪري سگهجي ۽ مارشل لاء ڪورٽن کي اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته ڪهڙي به قسم جو ڪيس جيڪو سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ هجي، ان کي اتان آرڊر ڏئي گهرائي پنهنجي ڪورٽ ۾ هلائي سگهن ٿيون. غلام رسول لاشاري ۽ امان الله شاهاڻي ڪچهري تي آيا ۽ اڄوڪي فيصلي جي ڪري سخت پريشان آهن.
80-5-28
مارشل لاء انتظاميه طرفان جيل سپريڊنٽ کي حڪم ڏنو ويو ته اوڻٽيهين تاريخ تي امان الله شاهاڻي ۽ غلام رسول لاشاريءَ وارن کي اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. اها خبر جڏهن دوستن کي پئي ته ڏاڍا پريشان ٿي ويا. اڄڪلهه اسان جي وارڊ ڏانهن جيڪي به قيدي ڪچهريءَ لاءِ اچن ٿا ته انهن تي اڳي جيتري سختي ڪانه ٿي ڪئي وڃي، انهيءَ جو سبب اهو آهي ته جمعدار ۽ صوبيدار جو کيسو گرم ڪيو ٿو وڃي. مظهر بلوچ ۽ سليم جهانگير ڪچهري ڪرڻ آيا. برداشتي اڪبر پوي گهڻو نشو پيئڻ جي ڪري ڀاڄيءَ ۾ ايترو ته لوڻ ۽ مرچ وڌائين جو کائڻ جهڙي ئي نه هئي. رکي ماني کائي، پاڻي پي سمهي پياسين.
80-5-29
امان الله وارا شنوائيءَ تي ويا. ڪيس هلڻ شروع ٿيو اٿن. هاڻي ڏسون ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي؟ منشي صالح سمون ۽ سليم جهانگير آيا. پندرهن روپيه اوڌارا ۽ پنج روپيه هڪ غريب قيديءَ جي آزاد ٿيڻ تي کيس ڀاڙي لاءِ گهربل هئا. مون کين ويهه روپيه ڏنا.
هتي جيل ۾ قيدين جا به پنهنجا اصول ۽ ضابطا آهن. مثال طور: جيڪڏهن ڪو قيدي ٻئي قيديءَ وٽ بنا ڪنهن ڪم جي ويو ۽ سندس پاٿاريءَ تي سيرانديءَ کان ويٺو ته ان قيديءَ کي ”لُوسي“ سمجهندا آهن. خون واري ڪيس ۾ ڦاٿل قيديءَ جي عزت ڪندا آهن. جيل ۾ ٻهاري ڏيڻ بي عزتي سمجهندا آهن، پوءِ ڀلي ان کي خوب موچڙا لڳن، پر ان قيديءَ کي ”مڙس“ ماڻهو ۽ پٽيل سمجهندا آهن. جنهن قيديءَ ٻهاري ڏني، ان کي ڀاڙيو سمجهندا آهن. هتي جيل ۾ جيڪا خاص ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي اٿم ته اڪثر قيدي پنج ئي وقت نماز پڙهندا آهن ۽ قرآن شريف جو دور ڪندا آهن. جڏهن مان پڇندو آهيان ته ٻاهر به نماز ۽ قرآن شريف پڙهندا آهيو؟ چوندا آهن ته سائين! جيل ۾ اچي ڦاٿا آهيون، نه ته ٻاهر اسان کي ايتري واندڪائي ڪاٿي آهي جو وڏيرن ۽ رئيسن جون بيگرون وهون، مال متاع لاءِ گاهه ڪيون، هَر ڪاهيون ۽ وري نمازون به پڙهون! ڪجهه قيدين جو چوڻ آهي ته اسان نماز هتي جيل ۾ اچي سکيا آهيون.
جيل ۾ نشو به عام جام آهي، جيڪو جيل وارن جي رضامنديءَ سان هلي ٿو. مثال طور: آفيم، چرس، ڀنگ، هيروئن ۽ مئڊريڪس جون گوريون اڪثر قيدي کائين ٿا. هڪ اهڙو قيدي به مون سان ملايائون، جنهن ٻڌايو ته نشو ڪري وڃي مُصَلي تي نماز پڙهيم. جڏهن سجدي ۾ ويس ته ننڊ کڄي وئي ۽ اتي ئي نماز واري جاءِ تي سُمهي پيس.
80-5-30
ڀاءُ راشد مورائي جا ڏنل سمورا ڪتاب پڙهي ڇڏيا اٿم، پر وري به مهراڻ رسالي ۾ تاريخي مواد هئڻ ڪري پڙهي رهيو آهيان. اڄ ستار موريو کي امان الله نماڻي سائي ٻوٽي (ڀنگ) پياري آهي ۽ سوير ئي گهري ننڊ ۾ ستو پيو آهي.
80-5-31
اڄ ميمن علي جمعدار هڪ ملاقات تي آيل ڀٽي ڇوڪري کي گرفتار ڪرايو، جيڪو پنهنجي دوست نديم سان ملاقات ڪرڻ آيو هو. هُو پنهنجي دوست لاءِ جيل ۾ وڪڻڻ لاءِ چرس ۽ آفيم کڻي آيو هو، پر نديم سان جمعدار جي ڏيتي ليتيءَ جي حساب تان نه ٺهڻ ڪري ان جي دوست کي گرفتار ڪرايائين. باقي هونئن ته جيل ۾ نشو عام جام هلي ٿو.
80-6- 1
صبح جو اٽڪل ساڍي اٺين بجي انسپيڪٽر جنرل آف جيلز مسٽر منظور احمد پنهور جيل جو اوچتو معائنو ڪيو ۽ اسان جي وارڊ ۾ به آيو. پندرنهن منٽ کن ڪچهري ڪيائين، جنهن مان مون اندازو لڳايو ته سخت مذهبي قسم جو ماڻهو آهي ۽ موجوده ٽيهتر واري آئين ۾ ترميم هئڻ ڪري ”مردِ مؤمن“ صدر پاڪستان ۽ چيف مارشل لاء ايڊمنسٽيٽر ضياء الحق لاءِ چڱي راءِ ڪونه اٿس. ماڙيءَ جو منشي ڪيشي، ستار موريي ۽ مون کي وٺڻ آيو ته ملاقات لاءِ هلو. اسان کي تعجب لڳو ته جيل تي اسان جي ملاقات بند آهي ۽ ڪير ملاقات لاءِ آيو آهي؟ وڃڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته حبيب الله ناريجو ۽ دادؤ جو علي احمد پنهور ملاقات لاءِ آيا آهن. ٻڌايائون ته اسان توهان کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ لڳا پيا آهيون.
ڪالهوڪي ڀٽي ڇوڪري جو ڪيس ڪورٽ ۾ چالان ڪري نارا جيل ۾ ڇڏي ويس. اسان جي وارڊ جي پٺئين پاسي بند وارڊ جي کوليءَ ۾ کيس بند ڪيو اٿن. مان ساڻس مليس ۽ ڪالهه واري حقيقت پڇيم. ٻڌايائين ته ميمن علي جمعدار مون کان پنجاهه روپيه گهريا ۽ مون کيس ويهه روپيه ڏنا. ان ڏيڻ وٺڻ جي حساب ڪتاب تان ڪونه ٺهياسين ۽ هن مون کي گرفتار ڪرايو.
80-6- 2
اختر سپاهيءَ چيو ته وارڊ جو دروازو ٻاهران بند ڪري ڇڏيندس. ان تان ساڻس تلخ ڪلامي ٿي پئي. بعد ۾ پنجابي صوبيدار ولي محمد سان ڳالهايوسون، جنهن سپاهيءَ کي منع ڪري ڇڏي.
نذير احمد ساٽي حيدرآباد جي سٽي لاڪ اپ ۾ اسان سان گڏ رهيو هو. اڄ هتي جيل ۾ آيو آهي. جيل جي قيدي اصولن موجب کيس شربت پياريم ۽ ڳچ وقت لاءِ ساڻس ڪچهري ڪيم. سليم جهانگير ۽ پرويز پٺاڻ ڪچهريءَ تي آيا ۽ مون کي چيائون ته ڪرشن چندر جي ڪهاڻي ”جب کيت جاگي“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏي. مون کين چيو ته ڪوشش ڪندس. شام جو امان الله شاهاڻي ڪراچي تي آيو. اڄ ڪچهريءَ جو موضوع ”ٻهراڙيءَ جي زندگي“ هو. مزيدار بحث ٿيو. ٽئي ڄڻا انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿياسين ته حقيقي سونهن، سوڀيا، محبت ۽ سنڌ سان سچي محبت ڪرڻ وارن اڪثر ڪري ٻهراڙيءَ ۾ جنم ورتو آهي.
80-6-3
چراغ جمعدار آيو، جنهن چيو ته وارڊ جو دروازو ٻاهران بند ڪندس، توهان اندر وڃي ويهي رهو. ان تان ساڻس تلخ ڪلامي ٿي پئي. ايوب شورو عرف جانِ من سان نديم ڪاوڙجي پيو هو، جنهن کي اڄ پرچائي خوشيءَ مان ٽپا ڏيندو اچي اسان کي ٻڌايائين ته نديم پرچي ويو آهي، پر طارق پرويز ۽ نديم جا لکيل خط ۽ تاثرات چوري ڪري کڻي آيو آهيان، جيڪي مون کي اچي ڏنائين. نديم جو هڪ خط پڙهيم، جنهن ۾ لکيو اٿس ته، جيلر عبدالرشيد کي مون سرخ انقلاب لاءِ متفق ڪري ڇڏيو آهي، ”پر سندس عمر جي تقاضا کيس اجازت نٿي ڏئي.“ مون کي ته هن جي خطن پڙهڻ کان پوءِ تعجب ٿو لڳي ته پاڻ ”سستي اگهه واري دوڪان“ (يوٽيلٽي اسٽور) تي ملازم هو ۽ اتان دوڪان جا پئسه هضم ڪري ان ڪيس ۾ جيل جي هوا پيو کائي ۽ وري ٻڌائيندو آهي ته مان سياسي باندي آهيان. ڇهن ستن مهينن اندر پنج عاشق تبديل ڪيا اٿس ۽ حالت اها آهي ته جيڪو ٻانهن ۾ ٿو هٿ وجهيس، ان کي ٽنگ کڻي ٿو ڏئي. شام جو امان الله شاهاڻي حبيب الله ناريجي جا سلام ڏنا.
80-6- 4
اڄ وري به وارڊ جي دروازي بند ڪرڻ تان چراغ جمعدار سان مُنهن ماري ٿي پئي. اسان سپريڊنٽ سان ملي ساڻس اهڙي شڪايت ڪئي، جنهن چراغ جمعدار کي منع ڪري ڇڏي. مون هنن جي ڳالهائڻ مان محسوس ڪيو ته هي ”نورا ڪشتي“ آهي. اسان کيس رات جو نائين بجي کوليءَ ۾ بند ٿيڻ لاءِ چيو ۽ ”بي“ ڪلاس ڏي وڃڻ جي به اجازت گهري، جيڪا ڏنائين ۽ وارڊ جي صفائيءَ لاءِ هڪ فنائل جو ڊٻو به موڪلي ڏنائين.
80-6-5
امان الله شاهاڻي ۽ ايوب شورو عرف جانِ مَن اسان سان ڪچهري ويٺي ڪئي ته ماڙيءَ تان منشي اچي امان الله شاهاڻي ۽ جانِ من کي چيو ته نديم جي ماءُ ساڻس ملاقات لاءِ آئي آهي ۽ چيو اٿس ته توهان ٻئي اچي ملاقات ڪريو. امان الله ته ڪونه ويو، باقي جانِ من وٺي جو ڊوڙ پاتي، سو ساهه وڃي ماڙيءَ ۾ پٽيائين.
ملاقات تان موٽي اچي جانِ من ٻڌايو ته نديم جي ماءُ مون کان پنج سؤ روپيه گهريا آهن ته جيئن نديم جو ضامن ڪرائي سگهي ۽ سندس جاگرافي به اچي ٻڌايائين. مون کي تعجب ٿو لڳي ته هي مهاجر ڪهڙي ذهنيت جا آهن. جمع جمع اٺ ڏينهن مس گذريا آهن، جن ۾ هڪ ٻئي جي ذهنيت به پرکي نٿي سگهجي ۽ هڪ عورت جو پئسه گهرڻ ڇا ٿو معنيٰ رکي؟ اسان جانِ مَن کي سختيءَ سان منع ڪئي ته متان بيوقوف ٿي پنج سؤ روپيه ڏئي ڇڏين.
80-6- 6
پير ۾ سور هئڻ ڪري ورزش ڪانه ڪيم ۽ بي ڪلاس وارڊ ۾ غلام رسول لاشاري ۽ امان الله شاهاڻي سان ڪچهري ڪيم. ڊاڪٽر چڪر تي آيو. کيس خارش جي دوا لاءِ چيم، جيڪا هن واعدي ڪرڻ جي باوجود به ڏياري ڪانه موڪلي. اڄ مظهر بلوچ اسان وٽ وارڊ ۾ ڪچهريءَ لاءِ آيو. تمام گهڻي نشي پيئڻ جي ڪري اسان وٽ ڏاڍي اُلٽي ڪيائين. اسان سندس بدن کي زور ڏنا ۽ مٿي کي مالش وغيره ڪئي، تڏهن وڃي ڪجهه ڳالهائڻ جهڙو ٿيو. سڀاڻي شنوائي آهي، ڊائريءَ جا پنا به ٻاهر کڻي وڃڻا آهن، شل خير سان ڪنهن جي هٿن تائين پهچايان.
80-6-7
شنوائيءَ تي ويس. اتي عزيزم فرمان علي شاهه، سردار علي شاهه، سيتا روڊ جو علي گوهر ٻگهيو، سن مان شبير سولنگي ۽ مورو مان حسين ڪاريو ۽ سڪندر علي وسطڙو ملاقات ڪرڻ آيو. راشد ڪجهه ڪتاب ۽ سامان موڪليو آهي. برادرم ارباب علي شاهه جو ملاقات تي نه اچڻ ڪري سخت اُلڪو ٿي پيو آهي. بابا سائين جن جي طبيعت به ٺيڪ ڪانه هئي. خبر ناهي ته ڇا ٿيو؟ شنوائي پنجويهين تاريخ جي ملي. ماڙيءَ تي ڊپٽي سپريڊنٽ لعل محمد سومرو کان ڪتاب چيڪ ڪرائي اچي وارڊ ڀيڙا ٿياسين. اڄ نظام الدين راڄپر کي چريو هئڻ ڪري کوليءَ ۾ اچي بند ڪيو اٿن. هن سان پنهنجي يونيورسٽيءَ جي دوستن دوکو ڪري ڀنگ ۾ چريو ڌاتورو گهوٽي پياريو اٿن.
80-6- 18
ستار موريو شنوائيءَ تي ويو ۽ پنجويهين تاريخ منهنجي شنوائيءَ سان گڏ تاريخ وٺي آيو. ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو جا سلام ڏنائين.
دنيا ۾ ڪيترا ئي ڏتڙيل آهن. مون جهڙي مسڪين ۽ ڪمزور جي وس نه آهي جو انهن جي ڏُکن ۽ سُورن ۾ ڪم اچي سگهان. هائو! گهٽ ۾ گهٽ ايترو ڪري سگهان ٿو جو انهن جي آڏو هي ڳوڙها ڳاڙيان، جيئن منهنجا هي لڙڪ انهن لاءِ آٿت ٿي سگهن (المنقلوطي)
80-6- 19
”تاريخ جا ورق قبرون آهن، جن ۾ قومن جون عظمتون دفن آهن. توهان ڪيستائين انهن قبرن تي مجاور بڻيا ويٺا هوندؤ؟ ان ڪري جو قبرن جي مُجاورن ڪڏهن به نئين تاريخ مرتب ڪونه ڪئي آهي.“ (آزاد)
صبح جو اسان ڪچهري ويٺي ڪئي ته وارڊ جي ٻاهران سپاهيءَ جي دانهن تي تڪڙا ٻاهر نڪتاسين. ڏسئون ته نظام راڄپر بند وارڊ جي ڇتَ تي بيٺو آهي. سپاهي کان پڇيوسين، جنهن ٻڌايو ته معمول مطابق کوليءَ جي صفائيءَ لاءِ در کوليم ته هي پائيپ ذريعي تڪڙو تڪڙو ڇت تي مٿي چڙهي ويو آهي. اسان کي اچي ڊپ ٿيو ته وارڊ جي مٿان بجليءَ جون تارون لڳل آهن، انهن ۾ هٿ نه وجهي. ستار ۽ مون کيس هيٺ لهي اچڻ لاءِ ڏاڍيون منٿون ڪيون، پر اسان کي ڏاڍي مزي سان گاريون ڏيندو رهيو ۽ مٿان ٿُڪون هڻندو رهيو. آخر ۾ اُٺ فقير چرئي کي وٺي آياسين، جنهن حڪم ڪيس ته هيٺ لهي اچ ۽ نظام بنا دير هيٺ لهي آيو. اسان سندس حال سارو ڏاڍي خدمت ڪيون ٿا، شل طبيعت ٺيڪ ٿئيس.
شام جو جيل سپريڊنٽ سيد محبوب الحق اسان جي وارڊ ۾ آيو ۽ گڏجي ”بي ڪلاس“ وارڊ ۾ ڪچهري ڪئي سون. اسلامي تاريخ تي بحث ٿيو، جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته حجاج بن يوسف بهترين حاڪم هو ۽ بهترين مسلمان هو. مون کيس ٻڌايو ته هڪ اُموي خليفي عمر بن عبدالعزيز چيو هو ته: ”دنيا جا گناهه تارازيءَ جي هڪ پاسي ۾ وڌا وڃن ۽ حجاج بن يوسف جا گناهه تارازيءَ جي ٻئي پُڙ ۾ وڌا وڃن ته، حجاج بن يوسف جي گناهن جو پُڙ ڳورو هوندو.“ ۽ کيس ٻڌايم ته ديبل بندر تي هڪ عورت جي عربستان ۾ دانهن ٻڌي حجاج بن يوسف ابن قاسم کي حملي لاءِ سنڌ تي موڪليو. ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي جو اهڙي بدڪردار ۽ ظالم انسان کي توهان چڱو ٿا چئو. بهرحال، آفيم جو روڙو کاڌل هئس سو نه مڃيائين، سو نه مڃيائين، مس مس وڃي جان ڇُٽي.
80-6-20
طارق ۽ نديم پاڻ ۾ گڏجي نظام راڄپر سان ملڻ آيا. ڏاڍيون گاريون، ٿُڪون هڻندو رهين.
اڄ اُٺ فقير کي خبر ناهي ته ڪٿان بليڊ هٿ اچي ويو، جنهن نظام کي ڪلين شيو ڪيو آهي ۽ بغل ڪوڙيائين ۽ انڊر شيو به ڪيائين. اسان هن جي خدمت ڪندا رهون ٿا، پر هن جي صحت ڏينهون ڏينهن ڪِرندي پئي وڃي.
80-6-21
ٻهاري پارٽي جا ڇوڪرا نظام راڄپر کي ڇيڙڻ ۽ مسخري ڪرڻ لڳا. مون کين ۽ سپاهي کي سختي سان منع ڪئي ته هن سان ڪير به ڇيڙ ڇاڙ نه ڪري، ڇاڪاڻ ته گهڻي ڳالهائڻ کان پوءِ هي بيحال ٿي وڃي ٿو ۽ ڪپڙا به لاهي ٿو ڇڏي.
80-6-22
صبح جو ستار، اشرف، پرويز ۽ امان الله پاڻ ۾ لوڊو رانڊ کيڏي. ستار ۽ پرويز راند هارائي ۽ پنجاهه پنجاهه دفعا اُٿ ويهه ڪئي. داد شير سپاهي پنهنجي ڳوٺ پشاور مان سينڊل وٺي آيو آهي. مون کي پسند ڪونه آيو، باقي ستار بعد ۾ پئسا ڏئي کڻندس.
80-6-23
سڄو ڏينهن سخت گرمي، گُهٽ ۽ ٻوسٽ کان پوءِ شام جو اتر پار کان ڪڪرن ڪَر موڙيا آهن، کنوڻين کيل کڻي شروع ڪيا آهن. ڏسندي ڏسندي برسات وسڻ شروع ٿي وئي ۽ جيل جي ڪلراٺي زمين ٿڌي ٿي پئي. برسات پوڻ جي ڪري رات ڏاڍي مزي سان آرام اچي ويو.
80-6- 24
اشرف عرف ”اڇي“ جيڪو چڪلي جو چڱو مڙس آهي، اسان کي ٻڌايائين ته چڪر جمعدار زرداد مون کان کيسي مان اڍائي پوا چرس جا ڪڍي وڃي جيل جي سپريڊنٽ کي ڏنائين ۽ مون کي پيش ڪيائين، جنهن تي مون کي بند وارڊ ڪيو اٿن. وڌيڪ ٻڌايائين ته چڪر جمعدار کي ٽئين چوٿين ڏينهن پندرهه، ويهه روپيه ڏيندو آهيان ۽ شربت جا ٻه شيشا به وٺي ڏنا اٿمانس ۽ ڊپٽي کي پنج پاڪيٽ گولڊ ليف جا وٺي ڏنا اٿم. پر جيل ۾ چرس کپائيندڙ ٻين قيدين ڌنڌي جي رقابت ڪري، رشوت ڏئي مون کي بند وارڊ ڪيو اٿن. شام جو نظام پنهور هن جي ڏنڊا ٻيڙي به ڪڍرائي ۽ بند وارڊ جي کوليءَ مان آزاد ڪرايو ۽ چڪر ڏي وٺي ويس.
مشتاق، امان الله ۽ پرويز وارن گڏجي لوڊو راند ڪئي. اڄ هنن پاڻ ۾ صلاح ڪري پرويز کي ٻه سؤ پنجاهه دفعا اٿ ويهه ڪرائي. اٿ ويهه ڪري هلي به نٿو سگهي.
80-6-25
اڄ شنوائي تي ستار ۽ مون سان گڏ غلام رسول لاشاري، امان الله شاهاڻي، ايوب شورو ۽ سندن سڀ ساٿي گڏ هئا. ڪورٽ جو سفر ڏاڍو کِل ڀوڳ ۾ گذري ويو. ملاقات تي برادرم ارباب علي شاهه، عزيزم فرمان علي شاهه، ساٿي آفتاب دائودي (ڏيپارجا – مورو)، مان امام علي شاهه، پيارو مهربان دوست محمد مٺل حيدري، عزيزم قربان علي شاهه ۽ سردار علي شاهه ۽ ستار موريو جو پڦاٽ مظفر آيا. ڏاڍي مزيدار ڪچهري ٿي. شنوائيءَ تان موٽي جيل تي پهتاسين. کوليءَ ۾ ويٺا هئاسين ته معلوم ٿيو ته رسول بخش ٿيٻو ۽ قمر ڀٽي قيد ٿي پهتا آهن. هنن کي ”بي ڪلاس“ هئڻ ڪري اسان کان جدا ”بي ڪلاس“ وارڊ ۾ رکيائون. هڪ ٻئي سان ملياسون. ڏاڍي ڪچهري ٿي. سچ پچ ته اهڙا پيارا ساٿي جيل ۾ گڏ هجن ته جيل، جيل ئي نٿو لڳي. سپريڊنٽ اسان جي وارڊ ۾ هڪ نئون قيدي رکيو آهي، جيڪو آءِ.جي جيلز جي آفيس ۾ آفيس سپريڊنٽ محمد شفيع جو ڀاڻج آهي، ان ڪري اسان وٽ رکيو اٿن، جڏهن ته اسان کي چيو ويو هو ته مارشل لاء وارن جو حڪم آهي ته توهان کي اڪيلو رکيو وڃي، پر جيل وارا ”شينهن شير خدا جا آهن.“
80-6-26
اڄ جيئن کوليءَ جو دروازو کليو، ٻاهر نڪرڻ تي مٿان ڪڪرن مان هلڪي بوندا باندي پئجي رهي هئي. موسم ڏاڍي محبوب هئي. اختر سپاهي چيو ته ڊپٽيءَ جو حڪم آهي ته وارڊ جو دروازو بند ڪري ڇڏ. ستار ۽ قمر ڀٽي جيل سپريڊنٽ سان ملي اهو حڪم نامون منسوخ ڪرايو.
ورزش دوران ڏاڙهيءَ مان پگهر پيو ٽمندو هيو، ان ڪري ڏاڙهي ۽ شهپر ڪوڙي ڇڏيم.
80-6-27
ورزش ڪري ”بي ڪلاس“ ۾ مجيب وارن سان وڃي ڪچهري ڪيم. سڄو ڏينهن آسمان تي ڪڪر ڊوڙندا رهيا. شام جو ڇهين بجي سخت برسات پئي، ان ڪري اسان جي وارڊ جو آڳر سڄو پاڻيءَ سان ٽمٽار ٿي ويو. ان ڪري نائين بجي کان اڳ ئي کوليءَ جو تالو بند ڪرائي سمهي پياسين.
80-6-28
سپاهيءَ کوليءَ جو تالو کوليو ۽ وارڊ جو دروازو ٻاهران بند ڪرائي ڇڏيائين. پڇڻ تي ٻڌايائين ته رات ”بي ڪلاس“ جا شاگرد ٻاهر ستا هئا، ان ڪري سپريڊنٽ چيو آهي ته ٻنهي وارڊن جا دروازا بند رکو. جيئن نيرن جي ماني آئي ۽ وارڊ جو دروازو کليو، ستار ۽ مان ٻاهر نڪري بيهي رهياسين ۽ سپاهيءَ کي چيوسين ته سپريڊنٽ کي وڃي ٻڌاءِ ته وارڊ جو تالو بند ڪرڻ نٿا ڏين. بعد ۾ ”بي ڪلاس“ وارڊ جو دروازو به پاڻهين کولي ڇڏيائين. رسول بخش ٿيٻو ۽ مون کان سواءِ، ٻي سڄيءَ سنگت ڀنگ پيتي. شام جو ”بي ڪلاس“ وارڊ ۾ سپريڊنٽ آيو ۽ رات ٻاهر سمهڻ جي ڪري رسول بخش ٿيٻي ۽ شيخ مجيب سان ڳالهايائين. جڏهن رسول بخش سخت لهجي ۾ ڳالهايس ته ٿڌو ٿي ويو. اسان هاڻي نيرن ۽ منجهند جي ماني رسول بخش وارن سان گڏجي کائيندا آهيون. پرويز پٺاڻ کي سينٽرل جيل حيدرآباد بدلي ڪري ڇڏيائون ۽ کيس چيائون ته تنهنجو امتحان آهي.
80-6-29
اختر سپاهيءَ کي سائي ڀاڄي آڻڻ لاءِ پئسه ڏنم. بعد ۾ پئسه واپس ڏنائين ۽ چيائين ته ڊپٽي لعل محمد سومرو اجازت نٿو ڏئي. ستار، مجيب ۽ مون سپريڊنٽ سان ڳالهايو، جنهن چيو ته ڊپٽيءَ جو مٿو خراب ٿي پيو آهي جو ”بي ڪلاس“ وارن جي ڪچي ڀاڄي ٿو روڪي.
80-6-30
حسب معمول ورزش ڪيم، پر بدن ۾ سخت سور آهي ۽ جان سڙي پئي. مشتاق عباسي (جيڪو اسپتال ۾ ڪمپائونڊر آهي) آيو، جنهن طبيعت ڏسي انجيڪشن لڳائي. مون کيس نياپو ڏنو ته جانِ مَن کي چوي ته اڌارا ورتل پنجاهه روپيه ڏئي وڃي.