لطيفيات

شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس

ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس“ جو لکيڪ ناميارو شاعر، ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر شير مهراڻي آهي. تاج بلوچ لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي نئين انداز سان ايڪسپلور ڪيو آهي، خاص طور تي عالمي نظرين کي ڀٽائيءَ جي شاعري مان ثابت ڪرڻ پنهنجي جاءِ تي ڏکيو آهي، پر آئون جيئن چئي آيو آهيان ته شير مهراڻي ڀٽائيءَ جي پنجين موسم کي سمجهي ورتو آهي، ۽ عالمي نظرين تي به کيس سٺي گرفت آهي انڪري هو ادب جي عالمي نظرين کي ڀٽائيءَ جي شاعري مان ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.“
Title Cover of book شاهه لطيف جي شاعريءَ  جو جديد اڀياس

پنهنجي پاران

تخليقي توڙي تحقيقي ادب جي هڪ اهم خوبي ان جو نتيجه خيز ۽ سونهن سان گڏ سمجهه لائق هجڻ پڻ آهي، ان ۾ سونهن جو عنصر شرط اول سمجهيو وڃي ٿو. ان اصول موجب اهو ضروري آهي ته دنيا ۾ موجود شين کي جمالياتي نقطئه نظر سان ڏٺو وڃي. جيڪڏهن ڪو مصنف دنيا ۾ موجود شين کي جيئن جو تيئن پيش ڪندو ته يقينن ادب جو بنيادي پهلو جنهن ۾ جمالياتي تخيل ۽ تصور شامل هوندو؛ اهو متاثر ٿيندو ۽ ادب پنهنجي حيثيت بنيادي وڃائي ويهندو. ۽ عالمي منظر نامي ۾ جڏهن ته ثانوي حيثيت جي ڪا خاص حيثيت ناهي. امڪان آهي ته اهڙو ادب تفريحي ادب ٿي وڃي، جنهن ۾ ڪنهن به صورت ۾ زمان ۽ مڪان جون سرحدون اورانگهڻ جي سگهه ناهي ٿيندي. ڇاڪاڻ ته تفريحي ادب صرف حاضر لمحي کي جهٽي سگهڻ جي سگهه رکي ٿو، حاضر لمحو ختم، تفريحي ادب ختم. ٻي پاسي تخليقي ۽ تحقيقي ادب پنهنجي آفاقي سچائي ۽ تخيلاتي سونهن ۽ جماليات جي طفيل صدين ضروري تائين پاڻ موکڻ ۽ ملهائڻ جي سگهه سان نروار رهي ٿو.
شاھ جو رسالو اهڙي ئي آفاقي ۽ عالمي تخليقيت ۽ سچائي سان گڏ ڀرپور جمالياتي رنگ ۽ آهنگ سان وقت ۽ هنڌ جون سرحدون لتاڙيندو رهي ٿو. شاھ جو ڪلام اڄ به ايترو ئي ترو تازه ۽ توانو آهي، جيترو اڄ کان لڳ ڀڳ ٽي سو سال اڳ هو. اها شاھ جي شاعري جي آفاقي سچائي ۽ سونهن ئي آهي جنهن جي طفيل اها شاعري وقت، حالتن ۽ هنڌ جي ڦيري سان ذرو برابر به جهيڻي ٿيڻ بدران، چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪي نروار ۽ نشانبر ٿي رهي آهي. منهنجو هيءُ ڪتاب “شاھ جي شاعري جو جديد اڀياس” اهڙي ئي منظر نامي جي تصويرآهي، جنهن ۾ دنيا جي جديد کان جديد ادبي، سماجي توڙي فيلسوفياڻين تحريڪن پٽاندڙ شاھ جي شاعري ۾ موجود انهن جي عڪسن، اشارن ۽ رنگن جي نشاندهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. شاھ سائين جي ڪلام ۾ موجود جمالياتي عنصر تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ کانپوءِ شاھ سائين جي شاعري سان جيڪا انسيت هئي اها اڃا وڌيڪ پختي ٿي ۽ ور ور شاھ جي شاعري جو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ مون محسوس ڪيو ته مقامي توڙي عالمي سطح تي ادبي، سماجي توڙي فيلسوفياڻين تحريڪن جا عڪس شاھ جي شاعري مان لياڪا پائيندي نظر اچن ٿا. ڪوشش ڪري پنهنجي اڀياس ۽ ان مان اخذ ٿيل نتيجن کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي.
شاھ لطيف سان انسيت، محبت ۽ پنهنجائپ جون ڪيتريون ئي وجهون ۽ سبب آهن. شاھ جو ڪلام پڙهڻ کانپوءِ هر ڀيري مون کي سهڻو لطيف اهڙو سونهون، ڄاڻو، ڏاهو، فيلسوف ۽ اڪابر لڳندو آهي، جنهن وٽ پوري ڪائنات جهڙوڪر سندس تيءَ تي رکيل آهي.پنهنجي ذهني ائپروچ آهر گذريل ٿوري وقت ۾ جيڪو ڪجهه شاھ سائينءَ جي شاعري مان ميڙي سگهيو آهيان، اهو ڪجهه هن ڪتاب ۾ حاضر آهي. امڪان آهي ته جماليات جي حوالي سان لکيل ڪجهه شين ۾ رپيٽيشن اچي وئي هجي، پر انهن شين جو ڪٿي نه ڪٿي ذڪر ڪرڻ ضروري هيو. شاھ سائين جي حوالي سان اڃا گهڻي تحقيق ڪرڻ جو ارادو آهي، وقت ساٿ ڏنو ته شاھ سائين ءَ جي فيلسوفياڻي ائپروچ کي مغرب جي ڏاهن جي فڪر سان برميچي اڃا وڌيڪ شيون ڊسڪور ڪري وٺبيون. ڇاڪاڻ ته شاھ سائين جي شاعري سنڌ کي ڏنل اڻکٽ خزانو آهي، جنهن مان هر ڪو پنهنجي عقل، علم ۽ ڏاهپ آهر موتي ميڙي سگهي ٿو. اهو ئي هن عظيم شاعر جو ڪمال آهي ۽ شايد اهوئي سبب آهي، جو وقت ۽ حالتون تبديل ٿيڻ جي باوجود شاھ سائينءَ جي شاعريءَ تي ان جو زري برابر به اثر نه پيو ٿئي. ۽ شاھ سائينءَ جو آفاقي ڪلام جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ روشن ۽ منور ٿيندو پيو وڃي، ۽ ان مان ڏاهپ جون نيون ڏسائون لياڪا پائيندي نظر اچن ٿيون. اهو ڀٽائيءَ جي ئي شاعري جو ڪمال آهي جو هن سمنڊ مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي حصي جون سوکڙيون کڻندو پيو وڃي. شاھ سائينءَ جو آفاقي ڪلام هڪ گس آهي، هڪ رستو آهي، هڪ پيچرو آهي، جيڪو سڀني کي پنهنجن پرين ڏانهن وٺي وڃي ٿو.
هڪڙي ڳالهه جي وضاحت ڪندو هلان ته هن ڪتاب ۾ جماليات تي لکيل هڪ مضمون ٿيسز واري ڪتاب مان ورتل آهي. جنهن کي دوستن جي اسرار تي شامل ڪيو آهي.
پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارن مرحلن کان ويندي هيءُ ڪتاب لکڻ دوران جن مهربانن، محسنن، استادن ۽ ساٿين ساٿ ڏنو؛ انهن جا ٿورا نه مڃڻ پنهنجو وڙ نٿو سمجهان. ڇاڪاڻ ته آئون لطيف جو پوئلڳ آهيان، جنهن چيو، ”ايءَ نه مارن ريت...“ آئون ٿورائتو آهيان، پنهنجي محسن تاج بلوچ جو جنهن کي آئون پنهنجو ادبي استاد سمجهندو آهيان، ٿورائتو آهيان پنهنجي محترم استاد ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جو، جنهن فلسفي جي نون رنگن ۽ علم جي نئين دنيا کان روشناس ڪرايو، فڪر ۽ فلسفي سان ڪرايل سندس واقفيت مونکي هر قدم تي نئين روشني سان همڪنار ڪيو آهي. احسان مند آهيان ڀٽائيءَ جي پارکو ميڊم ج ع منگهاڻي جو جنهن سان ٿيل بحث ۽ انهن بحثن جي نتيجي ۾ مليل معنوي موتي منهنجي لاءِ سچن موتين/ هيرن جيترا اهم آهن. محترم سائين اڪبر لغاري، ڊاڪٽر سيد عالم شاھ، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، ڊاڪٽر عنايت لغاري، ڊاڪٽر عابد مظهر، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، مختيار ابڙي، مصطفيٰ انڙ، شاهنواز راڄپر، زاهد ڄامڙي، عامر سيال (جنهن جي مشوري تي هن ڪتاب کي لطيفيات لاءِ مخصوص ڪيم)، قدير ڪانڌڙي، سرفراز پنهور، سبب راڄپر، منظور شاهاڻي، آمنه سومرو، ساجده پروين، حفيظ جاگيراڻي ايڊووڪيٽ، فريده شفيع (ايڊووڪيٽ) جن جا پڻ وڙ آهن، جو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سندن سهڪار مون لاءِ اتساھ جو ڪارڻ بڻيو آهي.
پنهنجي جيجل امان سان گڏ ڀائرن جمشير علي، نياز حسين، عرض محمد، محمد بچل، لعل بخش، بيگ علي مهراڻي، ٻارڙن لطيف، سنڌو ۽ سورٺ ۽ جيون ساٿياڻي کي پڻ هن وقت ياد ڪيان پيو، جن ڪڏهن به مونسان وقت ۽ منهنجي ڪوتاهين جو ليکو ناهي ڪيو. جن جو مون کي احساس ضرور ٿيندو آهي.

جُه سي سَنڀِرِ جَنِ، سَهَ تنين سين اورِيان؛
لُنؤ لُنؤ ھيٺِ وَڄَنِ، رَڳُون رَبابَنِ جِئَن.
(شاھ)

ڊاڪٽر شير مهراڻي
ڪراچي
8 ڊسمبر 2014ع