لطيف جو پيغام
شاھ سائين جو سمورو رسالو سون ورنين سٽن سان سٿيو پيو آهي. رسالي جا ٽيهه ئي سر روشنين، رهنماين ۽ خوشبوئن سان ڀريا پيا آهن. رسالي مان سوين روشن سج نڪرندي محسوس ٿين ٿا. اها سندس خيال جي بلندي ۽ پاڪائي آهي جو ورهين پڄاڻان به سندس پيغام جيئن جو تيئن اثر انگيز ۽ دل آويز آهي. اهڙي ريت شاھ سائين جي رسالي سان لنو لائيندڙ لطيف شناس جهڙوڪر دنيا شناس ٿي پون ٿا. هو پڻ کري ۽ کوٽي جي پرک ڪرڻ لڳن ٿا. ڇاڪاڻ ته مٿن ڀٽائيءَ جي عظيم ڏاهپ جو هٿ رهي ٿو. اها سندس ڪلام جي خوبي آهي جو اڄ هر سنڌي، هرعلم ۽ ادب دوست وٽائنس محبت ۽ ميٺ سان گڏ سونهن ۽ سڃاڻ جو سبق وٺي ٿو. هو ڏس ۽ گس ڏسيندڙ ڏاهو آهي، جنهن جي ڏاهپ جو ڪو ڇيهه ئي ناهي. اسان جيڪڏهن درست معنيٰ ۾ وٽائنس جدوجهد، جستجو ۽ ڳولها جون ڳالهيون سکيون ته اسان ڪڏهن به ڪنهن موڙ تي نه ڀٽڪنداسين، بلڪه پاڻ سونهان ٿي ٻين کي انهن گسن ۽ رستن جو ڏس ڏينداسين جي منزل مقصود آخر ڪاميابي ۽ صرف ڪاميابي آهي.
هونئن ته سمورو رسالو رهنما ۽ سونهون آهي پر هتي ڪوشش ڪري ڪجهه پهلوئن تي روشني وجهنداسين. سر آسا جي شروعات هن بيت سان ٿئي ٿي.
لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، هادِيءَ لَهان نَه حَدُّ؛
سُپيرِيان جي سُونهَن جو، نَڪو قَدُ نَه مَدُّ؛
هِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُّ، هُتِ پِرِينءَ پَرِوا ناهِ ڪو.
لطيف سائين جو نماڻو لهجو سنجيدگي سان پڙهڻ کانپوءِ سچ ته اکين ۾ لڙڪ آڻي ٿو ڇڏي. ڪيڏي معصوميت سان فرد جي ڳولها ۽ نڪتل نتيجن جي ڳالهه ڪري ٿو، ”آئون لامڪان ۾ ته ڳولهيان ٿو، پر سندس ته ڪا حد ئي ناهي“ جيڪا هستي لاحد کان به لنگهيل آهي. ان جي جستجو ۽ ڳولها ڪيڏي اوکي هوندي؟ پر سهڻو لطيف ائين پيو ڀائنجي ته ان هستي جي سونهن ۽ جلوي جو ديدار ڪري بيٺو آهي تڏهن ته چوي پيو، ”سپيريان جي سونهن جو نه ڪو قد نه مد“ اهڙي دعويٰ ڪو بي خبر ته ڪري ئي نٿو سگهي. ان دعويٰ جي مٿان وري ائين چوڻ ته،
اُڀِرَنۡدي ئِي سِجِ، پِرِين جي نه پَسَندِيُون؛
ڪَڍِي ٻيئِي ڏِجِ، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کي.
يا وري مٿان شاھ سائين فرمائي ٿو،
جان جان پَسِين پاڻَ کي، تان تان ناهِ سُجُودُ؛
وِڃائي وُجُودُ، تِهان پوءِ تَڪبِيرَ چَئو.
يعني جي پاڻ کي پسين ٿو، ڏسين ٿو، محسوس ڪري ٿو ته پوءِ ته سجدو ئي ناهي، تنهنجو سجدو ۽ عبادت تڏهن ڪارگر آهي، جڏهن تون پنهنجي وجود ئي ختم ڪري ڇڏيندين. جيئن حضرت علي عليه السلام جو قول آهي ته،
”جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو، تنهن ڄڻ ته خدا کي سڃاتو“
پر سهڻي لطيف وٽ ان رنگ سان گڏ پاڻ سڃاڻڻ واري رسم ٿوري مختلف پڻ آهي. هو چوي ٿو،
نابُودِيءَ نيئِي، عَبۡدَ کي اَعلىٰ ڪَيو؛
مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِيا، صُورَتَ پِڻُ سيئِي؛
ڪَبِي اِتِ ڪيهِي؟ ڳالِھه پِرِيان جي ڳُجَھ جِي.
عبد کي ان جي نابوي اعليٰ درجي تي پهچايو آهي. ڪيڏي نه اهم ۽ عميق ڳالهه ڪري ٿو ڀٽ جو بادشاھ!
اها شاھ سائين جي شاعري جي خوبي آهي ته پاڻ ئي مفروضو ڏسي ٿو ، پاڻ ئي تحقيق ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي نتيجو ڪڍي ٿو، جيئن پاڻ چوي ٿو،
مُون کي مُون پِرِيَنِ، ٻَڌِي وِڌو ٻارِ ۾؛
اُڀا اِيئَن چَوَنِ، مَڇُڻ پاندُ پُسائِيين.
يعني محبوبن چئو کنڀو ٻڌي تارون تار پاڻي ۾ اڇلايو آهي، ۽ مٿان وري جهڙوڪر نادري فرمان به آهي ته متان ڪو پلئو به ان پاڻي ۾ پسايو اٿئي، شاھ سائين چوي ٿو جيڪو پاتال ۾ پيو آهي، اهو ڀلا پسڻ کان ڪيئن بچندو؟ پر اي ڌڻي، اي سالڪ، اي سونهان ڪو رستو ڪڍ ته جيئن پسڻ کان بچان.
پِيو جو پاتارِ، سو ڪِئَن پُسَڻَ کان پالِهو رَهي؟
سالِڪَ! مُون سيکارِ، ڪو پَھُ اِنَهِين پاندَ جو.
نيٺ پاڻ ئي سالڪ بڻجي پسڻ کان پالهو رهڻ يعني بچڻ جو دڳ ڏسي ٿو.
ڪَرِ طَرِيقَت تَڪِيو، شَرِيعَتَ سُڃاڻُ؛
هِنئون حَقِيقَتَ هيرِ تُون، ماڳُ مَعرفَتَ ڄاڻُ؛
هوءِ ثابُوتِيءَ ساڻُ، ته پُسڻان پالِهو رَهين.
اهڙي طرح شاھ سائين جي شاعري ۾ تضاد آهن، پر اهڙا تضاد جيڪي خوبصورتين ۽ کوجنائن جو دڳ ڏسين ٿا، هو هڪ پاسي چوي ٿو، آئون لاحد ٿو ڳولهيان پر پرينءَ جي حد ئي ناهي ته ٻي پاسي چوي ٿو،
جن وِڃايو وُجُود کي، سي فانِي ٿِيا ”فِي اللهَ“ ۾؛
نه تِنِ قِيامُ نَه قُـعُودُ ۾، نه ڪو ڪَنِ سُجُودُ؛
جيلان ٿِيا نابُودُ، تيلان گَڏِيا بُودُ کي.
پاڻ سڃاڻڻ جو اهڙو سچو درس ۽ سچي تصوير شايد ئي دنيا جي ڪنهن فلسفي ۾ ملي سگهي.
اکِـيُون عَلَي الصَّباح، دوستُ ديکَڻَ آئِيُون؛
اُڀِيندِيُون اَرِداسَ ۾، ٻِي نه ڪَندِيُون ڪاءِ؛
رَچَندِيُون رِءَ پاهَ، پَرِچَندِيُون پِرِينءَ سين.
انساني بناوٽ اهڙي آهي جو هر عضوي جي پنهنجي ضرورت ۽ اهميت آهي، ضرورت ۽ اهميت پٽاندڙ هر عضوي کي پنهنجي جستجو ۽ جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي، ڪنن جي جستجو ٻڌڻ آهي، نڪ جي جستجو ۽ ڳولها توڙي ڪارج سنگهڻ آهي، ۽ اکين جي جستجو ڏسڻ آهي. سهڻو لطيف فرمائي ٿو، صبح سان ئي اکيون پنهنجي جستجو ۾ رڌل آهن ۽ هو دوست کي ڏسڻ آيون آهن. ڏسڻ انهن اکين لاءِ عبات آهي. هو ان ۾ ڪنهن به طرح جي ملاوٽ نٿيون ڪن.
مُلھ مَهانگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَهادت؛
اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پِريَنِ جو.
جيڪي اکيون محبوب جي ديدار کي عبادت سمجهن ٿيون انهن جي سچائي ۽ الفت ڪيڏي به اهم ۽ معنيٰ خيز هوندي.
شاھ سائين جي ڪلام جون اتانهيون ۽ گهرايون انساني دماغ جي لاءِ عجيب مشق جو ڪم جو ڪم ڏين ٿيون، ۽ رسالي کي پڙهندڙ هر ماڻهو اهو چوي ٿو ته شاھ سائين جا بيت وري وري پڙهڻ کانپوءِ به هر ڀيري نئين معنيٰ کان روشناس ڪرائين ٿا. اهو ان مشق جو نتيجو آهي، جنهن تحت اسان پنهنجي دماغ کي ڀٽائي جي بيتن ۾ موجود معنيٰ ۽ فڪر سان هم آهنگ ڪرڻ تي هيرايون ٿا. نتيجي طور سهڻو لطيف اسانکي هرڀيري نئين جهان کان آشنا ٿو ڪرائي. ۽ اسانجي جستجو کي نئون نتيجو ٿو فراهم ڪري، جيڪو نه صرف اهم آهي بلڪه پنهنجي انداز ۾ مڪمل آهي ۽ نئين جستجو جو شاخسانو بڻجي ٿو.
اُونچو اُتاھون گَھڻو، جِئَڻَ کي جَبَلُ؛
مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تهَ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
حيران ڪندڙ ڪلام آهي شاھ سائين جو. اهڙيون گهرايون، اونهايون ۽ اوچايون شايد ئي دنيا جي ڪنهن شاعر وٽ هجن، جهڙيون اونهايون توڙي اوچايون لطيف وٽ هڪيون تڪيون موجود آهن. هو عظيم شاعري خلقيندڙ عظيم فنڪار آهي. سندس ڪلام جو اصل محور ۽ مرڪز سچايون آهن. هو منافقت کي ننديندڙ۽ سچاين سان پيار ڪندڙ هستي آهي. هو هڪ پاسي مسلمان کي سنئون دڳ ڏسيندي چوي ٿو،
اِنَ پَرِ نه اِيمانُ، جِئَن ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين؛
دَغا تُنهِنجي دِلِ ۾، شِرۡڪ ۽ شَيطانُ؛
مُنهَن ۾ مُسَلمانُ، اَندَرِ آذَرُ آهِئين.
يعني اي قلمي گو (مسلمان) ايمان ائين ناهي جيئن تو سمجهيو آهي، تنهنجي دل ۾ دغا، شرڪ ۽ شيطان آهي، تون صرف ظاهري مسلمان آهين تنهنجي اندر ۾ آذر(بت فروش) موجود آهي. مسلمان کي اهڙي تلقين ڪري ٿو ته ٻي پاسي سهڻو لطيف ڪافر کي چوي ٿو،
ڪُوڙو تُون ڪُفرَ سين، ڪافَرُ مَ ڪوٺاءِ؛
هِندُو هَڏِ نه آهِئين، جَڻِيو تو نه جُڳاء؛
تِلۡڪُ تِنِين کي لاءِ، سَچا جي شِرۡڪَ سين.
يعني تون ڪفر سان به ڪوڙو آهين، تون ڪافر نه سڏاءِ، توکي جڻيو نه ٿو ٺهي اهو ڪفر جو تلڪ ان کي لڳاءِ جيڪو شرڪ سان ته سچو هجي. سهڻو لطيف منهن کي اجرو رکندڙ ۽ قلب کي ڪارو ڪندڙ منافق ماڻهو کي جهڙوڪر رحم جي نگاھ سان ڏسي ٿو، ۽ ائين چوندي محسوس ٿئي ٿو ته اهڙي ماڻهو جي حالت ڄڻ ته رحم جهڙي آهي. ڇاڪاڻ ته پنهنجن ڪڌن ڪمن سبب هو اصلي منزل تي نٿو رسي سگهي.
مُنهُن ته آهيرِيان ئِي اَجِرو، قَلۡبَ ۾ ڪارو؛
ٻَهَران زيبُ زِبانَ سين، دِلِ ۾ هَچارو؛
اِنَ پَر ويچارو، ويجھو ناهِ وِصالَ سين.
شاھ سائين جي ڪلام جي هڪ ڇرڪائيندڙ خوبي اها به آهي ته هو پهريان منظرنامو پيش ڪري ٿو، پوءِ صورتحال ۽ آخر ۾ مشورو يا صلاح ڏئي رهنمائي ڪري ٿو. اها خوبي شايد ئي دنيا جي ٻي ڪنهن شاعر ۾ هجي. ها البته فلسفي جو جديد موضوع ان پٽاندڙ ضرور آهي ته پهريان شين جي ٿيسز ٿئي ٿي پوءِ انهن جي اينٽي ٿيسز ٿئي ٿي ۽ آخر ۾ سينٿيسز سامهون اچي ٿي ۽ اهڙي ريت جدلياتي ماديت پنهنجو سفر اڳتي وڌائي ٿي. شاھ سائين فرمائي ٿو،
بَندَرِ جان ڀَــئِي، ته سُکاڻِيا مَ سُمهو؛
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جِئن ماٽي منجھ مَهِي؛
ايڏو سُورُ سَهِي، ننڊ نه ڪجي، ناکُـئا!
يعني شاھ سائين منظرنامو ڏيکاري ٿو ۽ صورتحال ٻڌائي ٿو ته درياھ جو وهڪرو تمام خوفناڪ آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ننڊ نه ڪرڻ گهرجي، پر اڳتي هلي ڀٽائي رهنمائي ڪندي چوي ٿو ته،
سُتا سَڀِ پَـئِي، سَندي مُعۡلِمَ آسري؛
اَئِين پڻ سُمهو، ناکُـئا! بَندَرِ ناه ڀَــئِي؛
جن جِي سَيدَ لَڄَ کَنئِي، سي سڀ لَنگھيندا لَڪيُون.
يعني هرڪو پنهنجي رهبر جي آسري سمهي ٿو رهي، توهان به ڀلي سمهي رهو، ڇاڪاڻ ته جن جا رهبر ڪامل آهن اهي سڀني ڏکيائن ۽ مشڪلاتن مان پار پئجي ويندا_کين فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ڇاڪاڻ ته،
سُونهان سَڌِيون ڏِينِ، هِنَ ديواني درياهَ جون؛
ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ؛
عِجِزَ جي اَڌَ راتِ کي، وَکـَرُ وِهائِين؛
ساٿُ نِباهِيو نِينِ، ثابِتُ اِنهِيءَ سِيرَ مان.
اسلام سميت تقريبن سڀني آخرت ۽ ٻي جنم ۾ يقين رکندڙ مذهبن جو اهو خيال آهي ته جيڪو فرد هن جهان ۾ جنهن سان رغبت رکندو انهيءَ کي آخرت ۾ ان سان اٿاري ويندو. اهڙي صورتحال لاءِ سهڻو لطيف فرمائي ٿو،
جَڙَ جِئري جن سين، مُئي پڻ سين تَنِ؛
جي هِتِ نه هوتُ پَسَنِ، سي ڪَنهن پَرِ ڪيـچِ پَسَندِيُون؟
لطيف جو پيغام اصل ۾ سچاين جو پيغام آهي. هو سهڻي صورت بدران سهڻي سيرت جي حق ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ فرمائي ٿو، منهن ڀلي کڻي آئيني وانگر اجرو هجي، پر جي قلب ڪارو آهي، سست ۽ ڪاهل آهي ته اهڙو ماڻهو منزل مقصود تي نٿو پهچي سگهي.
سُمَهَڻان ساڙو، جيڏِيُون! جيڏو ئِي ٿِيو؛
پِرِين سين پاڙو، مُنهِنجو نِنڊَ نِبيرِيو.